Thursday, 27 November 2014

علي قاضي

ذڪر ڪامورن جي ”قومپرست لابي“ ۽ عوام تي ٿيندڙ مهربانين جو
جمع 26 فيبروري 1999ع

خبرون آيون آهن ته مسلم ليگي ايم پي ايز وزيراعظم ۽ گورنر سنڌ آڏو دانهيو آهي ته سندن چونڊ تڪن ۾ ڪامورن جي مقرريءَ لاءِ سندن (ايم پي ايز جي) صلاح شامل نٿي ڪئي وڃي، ٻين لفظن ۾ انهن ميمبر صاحبان ڄڻ ته اها گهر ڪئي آهي ته سندن تڪ ۾ سندن مرضي جا آفيسر مقرر ڪيا وڃن، ”پنهنجا آفيسر“ مقرر ڪرائڻ جي روايت هر دور ۾ سمورا حڪمران برقرار رکندا آيا آهن، تنهن ڪري هاڻوڪن ليگي ميمبرن جي فرمائش ڪا ايتري به غير روايتي ڪانهي، جيڪڏهن سنڌ ۾ سياسي سيٽ اپ، جهڙو لياقت جتوئي دور ۾ هو، هجي ها ته ليگي ميمبرن کي ”پنهنجا آفيسر“ مقرر ڪرائڻ لاءِ دانهن ڪرڻ جي به ضرورت نه رهي ها، ڇو ته اهو هڪ مروج اصول اسان وٽ رهندو آيو آهي، جنهن جي حڪومت هجي، سيڪريٽري، ڊي سي، ايس پي وغيره پڻ ان جا پنهنجا ماڻهو ئي هوندا آهن پر سياستدانن جي بدقسمتي ۽ ڪامورن جي خوش قسمتي چئجي جو صوبي ۾ هن وقت گورنر راڄ آهي، تنهن ڪري صوبي ۾ مڪمل راڄ بيورو ڪريسي جو آهي.

لياقت جتوئي دور ۾ ته سي ايم هائوس جي ٽوٽل سياست ئي مقررين ۽ بدلين تي هلندي هئي، اتحادي ايم پي ايز جو حڪومت سان ٺهڻ ۽ ناراض ٿيڻ جو 95 سيڪڙو سبب سندس مرضي جي عملدار جي بدلي ۽ مقرري هوندي هئي، لياقت دور ۾ هڪ ايم پي اي دانهيندي چيو ته ”ظلم اهو آهي جو وڏن عملدارن جي ته ٺهيو پر تپيدار ۽ صوبيدار جي بدليءَ لاءِ به سي ايم هائوس وڃڻو ٿو پوي جتي پهرين سي ايم (لياقت جتوئي) کي منٿ ٿي ڪرڻي پوي پوءِ سندن سيڪريٽري (شاهد نذير، هاڻوڪي چيف سيڪريٽري سالڪ نذير جو ننڍو ڀاءُ) جي آڏو فريادي ٿي ڪلاڪن جا ڪلاڪ آرڊر وٺڻ لاءِ بيهڻو ٿو پوي ۽ اڪثر ڪري پوءِ به تپيدار يا صوبيدار جهڙن عملدارن جي به بدلي نٿا ڪرائي سگهون“ اهڙيون دانهون ان زماني ۾ عام طور ٻڌيون وينديون هيون. هڪ دفعي لياقت جتوئيءَ جي هڪ ويجهي حامي کي چيم ته ”توهان معمولي بدلين جا اختيار به سي ايم هائوس آڻي ڇڏيا آهن، جنهن سان هروڀرو ميمبرن کي ناراض ٿا ڪريو، آخر ان جو سبب ڪهڙو آهي؟“ ته ان همراهه وراڻيو ته ”حڪومت وٽ ميمبرن کي ڏيڻ لاءِ ۽ کين راضي رکڻ لاءِ هاڻ ڪي گهڻا وسيلا بچيا ئي ڪونه آهن تنهن ڪري انهن کي پاڻ وٽ ”قابو“ رکڻ لاءِ ڪامورن جون بدليون سي ايم هائوس مان ڪريون ٿا ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهي بدليون هيٺئين سطح تي ئي ٿي ويون ته هي ميمبر پوءِ سي ايم هائوس وڏا ڪم کڻي ايندا جيڪي هاڻ ٿيڻ ڏکيا آهن ان ڪري کين صوبيدار ۽ تپيدار جي بدلين تي راضي رکيو اچون“ هن همراهه جي ڳالهه پنهنجيءَ جاءِ تي پر هڪڙي نالي واري اقليتي ايم پي اي کي مون پاڻ سندس مرضي جي ايڪسائز کاتي جي اي ٽي او جي بدلي لاءِ سي ايم هائوس ۾ ذري گهٽ روئندي ڏٺو ۽ ان اي ٽي او جي بدلي ٿيڻ جي صورت ۾ هن حڪومت ڇڏڻ جو اعلان ڪيو!! ان مان ظاهر آهي ته ڪامورن جون بدليون ۽ مقرريون اسان جي سياست ۾ تمام اهم فيڪٽر جي حيثيت رکن ٿيون.

گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ کان ترت پوءِ هڪ کاتي جي سيڪريٽري مون کي چيو ته ”سائين، سياستدانن تمام گهڻو کائي ورتو هاڻ ڪجهه عرصو صوبي جي جان ڇڏين“ سندس ان جملي کي ٻڌي ائين لڳو ڄڻ چوندو هجي ته ”سياستدانن گهڻو کائي ورتو هاڻ ڇڏين ته ڪجهه اسان به ”پيٽ گذر“ ڪري وٺون!!“ اها ڳالهه هروڀرو ڪرڻ جي ضرورت ناهي ته سياسي سيٽ اپ ۾ سياسي سفارش تي مقرر ڪيل ڪامورا هجن يا گورنر راڄ ۾ Called So (نام نهاد) ميرٽ تي مقرر ٿيل هجن، ٻنهي صورتن ۾ گهمي ڦري ساڳيا ڪامورا عوام مٿان اچي ڪڙڪن ٿا، فرق صرف ايترو ٿو ٿئي ته سياسي سفارش تي مقرر ٿيل ڪاموري کان ڪم ڪرائڻ لاءِ سياستدان جي پرچي ڪم ٿي اچي ۽ هاڻوڪي صورت ۾ هڪڙي ڪاموري کان ڪم وٺڻ لاءِ ٻئي ڪاموري کان پرچي ٿي وٺڻي پوي، ٻنهي صورتن ۾ عوام ساڳئي ئي ويل ۾ آهي. اڄڪلهه صوبي جي ڪاروهنوار ۾ سياستدان ۽ ڪامورا هڪٻئي سان ڳنڍيا پيا آهن، هن وقت گورنر سنڌ معين الدين حيدر جنهن کي حڪومت هلائڻ جو ماضي ۾ ڪو به تجربو ناهي رهيو، اهو مڪمل طرح بيورو ڪريسي جي صلاحن ۽ (معذرت سان) رحم ۽ ڪرم تي آهي جو کيس جيئن سيڪريٽري صاحبان سمري ٺاهي ٿا ڏين يا جيڪا صلاح ڏين ٿا ان تي گورنر صاحب وٽ عمل ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ئي نه هجي ٿي ۽ ان طرح هر سيڪريٽري پنهنجي کاتي جو بي تاج بادشاهه بڻيل آهي، ظاهر آهي ته ڪجهه کاتن جي ڪارڪردگي اتي مقرر ٿيل سٺن سيڪريٽريز جي ڪري بهتر به ٿي آهي پر کاتن جي گهڻائي جو اڳيون سوجهرو به چٽ ٿي ويو آهي ڇو ته انهن ڪامورن ذهني طور تي عوام ڏانهن پاڻ کي ڪڏهن به ذميوار ته سمجهيو ئي ناهي ۽ هاڻ جڏهن سياستدانن جو کانئن جيڪو به انڌو منڊو پڇاڻو هو اهو به ختم ٿي چڪو آهي، ان صورتحال ۾ اهي کاتا عوام لاءِ ”نوگو ايريا“ بڻيل نظر اچن ٿا، مٿئين سطح جي ڪامورن جي اڪثريت ان خيال/خواهش جي نظر اچي ٿي ته ڪنهن طريقي سان گورنر راڄ سڄي زندگي صوبي ۾ قائم ۽ دائم رهي ته جيئن کين پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا ڪرائڻ، مقرريون ۽ بدليون ڪرائڻ لاءِ ڪنهن ”ڄٽ وزير“ کي منٿون ڪرڻ بدران پنهنجي برادري جي چيف سيڪريٽري ۽ بيورو ڪريسي جي سياست کان بي خبر گورنر کي رجوع ڪرڻو پوي، جيڪو ڪرڻ انهن لاءِ کاٻي هٿ نه پر هٿ جي ننڍي چيچ جو ڪم آهي 

سنڌي بيورو ڪريٽس جي هڪ لابي هاڻوڪي سيٽ اپ کان ناراض به آهي، ظاهر آهي ته سندن ناراضگي جو اصل ڪارڻ ته کين پوسٽنگ نه ملڻ يا سڻڀي پوسٽنگ نه ملڻ آهي پر هو پنهنجي ناراضگي جو ڪارڻ اهو نٿا ٻڌائين بلڪه سندن شڪايت اها آهي ته سموريون اهم پوسٽون غير سنڌي ڪامورن حوالي آهن، اها لابي هر دور ۾ موجودهوندي آهي فرق اهو هجي ٿو ته ان لابي جا ميمبر مٽبا رهندا آهن، جيئن ئي ڪنهن کي سڻڀي پوسٽنگ مليو وڃي ته هو ”قومپرست بيورو ڪريٽس“ واري لابي يا گروپ کي خيرآباد ڪري اهو چئي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏي ٿو ته ”ادا، اسين ته سرڪاري ملازم آهيون ۽ اسان کي ته بس نوڪري ڪرڻي آهي“ پر جيستائين هو پوسٽنگ کان سواءِ هجي ٿو تيستائين ان سان ڳالهائڻ مان محسوس ٿيندو آهي ته ان کان وڏو قومپرست ۽ سنڌين جو هڏ ڏوکي شايد ئي ڪو ٻيو هجي، هاڻوڪي صورتحال ۾ به بيورو ڪريٽس جي اها قومپرست لابي موجود آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته صوبي جو چيف سيڪريٽري، هوم سيڪريٽري، سيڪريٽري ٽو گورنر، آءِ جي پوليس، ڪمشنر ڪراچي، ڊي آءِ جي ڪراچي سوڌو ٻين اهم عهدن تي غير سنڌي ڪامورا مقرر ٿيل آهن ۽ گورنر راڄ جي ڪري سنڌي ڪامورا پاسيرا ٿي ويا آهن ڇو ته پوسٽنگون ڪندڙ گورنر هائوس ۾ ڪو به سنڌي ناهي! ان ”قومپرست لابي“ پاران ڏنل انگ اکر درست آهن پر ڇا کين وسري ويو آهي ته ٿورا مهينا اڳ جڏهن صوبي مٿان ”سنڌي چيف منسٽر“ حاڪم هو ته ان مهل به چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس، هوم سيڪريٽري، چيف منسٽر جو سيڪريٽري (شاهد نذير) ۽ ٻين اهم عهدن تي غير سنڌي ڪامورا ئي ويٺل هئا، اتي اهو ياد ڏيارڻ جو مقصد اهو نه آهي ته جيڪڏهن ان مهل ائين هو ته هاڻ ٿيڻ ڪا برائي ناهي، ظاهر آهي ته ائين ٿيڻ ئي نه کپي پر... پر ”قومپرست لابي“ جا بيوروڪريٽس ڇا ان ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ جي زحمت فرمائيندا ته جڏهن هو ”سنڌي ڪوٽا“ تي سٺي پوسٽنگ پنهنجو حق سمجهن ٿا ته ڇا هو اهو چاهين ٿا ته سنڌي ماڻهو يا سنڌي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو سندس حمايت ڪري؟ جيڪڏهن هو سمجهن ٿا ته سندس حمايت ٿيڻ کپي ته ڇا هو اهو اسان ناقص عقل وارن کي سمجهائيندا ته جيڪڏهن کين سڻڀي پوسٽنگ ملي به وئي ته ان سان سنڌ يا اتي رهندڙن کي ڪيترو فائدو ٿيندو؟ ڇا هو سنڌ سان ٿيندڙ ويڌن کي روڪڻ لاءِ ڪو عملي قدم کڻندا يا انهن ڪڏهن سنڌ جي خلاف ٿيندڙ ڪنهن فيصلي تي ماضي ۾ پنهنجي نوڪري يا پوسٽنگ جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ سخت Stand ورتو آهي؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ ماڻهن کي ڪهڙو لاچار پيو آهي ته ”موسمي“ بلڪه پوسٽنگ سان مشروط قومپرست ڪامورن لاءِ پريشان ٿين؟ هڪ سنڌي بيورو ڪريٽ ذاتي ڪچهري ڪندي مٿئين موضوع تي بحث دوران عجيب و غريب قسم جي منطق ڏيندي چيو ته ”ادا، صوبي جو مال ڌاريا کائين پيا ۽ اسين سنڌي پوسٽنگ کانسواءِ ٻاهر ويٺا سندن منهن پيا ڏسون!“ سندس ڳالهه جي سولي سنڌي ۾ سمجهاڻي اها به ٿي سگهي ٿي ته ”ڌاريا پيا لٽين ۽ صوبي جي ”اصل وارثن“ کي موقعو ئي نه پيو ملي جو لٽ جي مال ۾ پنهنجو حصو ڪڍن!“ اتي اها ڳالهه چوڻ جو قطعي مقصد اهو ناهي ته سئو سيڪڙو ڪامورا اهڙي سوچ يا روش رکن ٿا پر هاڻوڪي سيٽ اپ ۾ جيڪڏهن پاڻ ٻن سنڌي سيڪريٽريز مهتاب اڪبر راشدي (سيڪريٽري تعليم) ۽ شريف بلوچ (سيڪريٽري صحت) جي گورنر راڄ دوران ان ڪارڪردگي جو جائزو وٺون ته اها ڳالهه تاريخ جي رڪارڊ تي رهندي ته انهن ٻنهي ”سنڌي“ آفيسرن هزارين سنڌي ملازم بيروزگار ڪري ڇڏيا. ان لاءِ جيڪڏهن سندن دليل اهو آهي ته اها سندن نه پر حڪومت جي پاليسي هئي ته ڇا هو بيورو ڪريسي ۾ سالن کان هلندڙ ان بحث ته ”حڪومت سيڪريٽري هجي ٿو يا وزير“ کان دستبردار ٿين پيا؟ ۽ هن وقت ته ڪوبه وزير ڪونهي ۽ ”حڪومت“ يا ته گورنر آهي يا سيڪريٽري ۽ جيڪڏهن هڪڙي منٽ لاءِ تسليم به ڪري وٺجي ته هزارين ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ جو فيصلو گورنر جو هو انهن آفيسرن جو نه هو، ته به سوال اٿي ٿو ته ڇا انهن هزارين گهرن کي فاقاڪشيءَ ڏانهن ڌڪيندڙ اهڙي فيصلي تي عملدرآمد ڪندي انهن سيڪريٽري صاحبان پنهنجي ضمير تي ڪو به بار محسوس نه ڪيو؟ جيڪڏهن سندن چوڻ آهي ته هو سرڪاري ملازم آهن، تنهن ڪري ”نوڪريءَ جي مجبوري“ هئي ان لاءِ ”مٿئين“ جو حڪم مڃڻو پيو، ته سندن اهو ”دليل“ اسان جي اکين تي پر ايتري گذارش ضرور ڪبي ته سڀاڻي جيڪڏهن پوسٽنگ نه رهي ته مهرباني ڪري وري ”قومپرست“ ٿيندي سنڌين جي ڏک ۽ سور بابت ”پريشان“ ٿيڻ کان پاسو ڪن ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه هاڻي عوام به ڄاڻي ويو آهي ته سندن پريشاني، سنڌي ماڻهن لاءِ درد ۽ قومپرستيءَ جون ڳالهيون صرف ايستائين ئي هونديون آهن جيستائين کين وري پوسٽنگ نه ملي وڃي!

ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه دوستن جو خيال هجي ته ميرٽ کانسواءِ ڀرتي ٿيلن کي ڪڍڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي پر ڇا ڪو ماڻهو اهو مونکي سمجهائيندو ته ڪنهن ماڻهو وٽ ايم بي بي ايس جي ڊگري هجڻ کانپوءِ ڊاڪٽري ڪرڻ لاءِ وٽس ٻي ڪهڙي ميرٽ هجڻ کپي؟ جيڪڏهن سيڪريٽري صحت اهڙو ماڻهو ٿي پيو سگهي جنهن وٽ ايم بي بي ايس واري بنيادي ڊگري به نه آهي (هاڻوڪو سيڪريٽري صحت شريف بلوچ) ته پوءِ ڪنهن هيلٿ سينٽر ۾ ملازمت لاءِ ايم بي بي ايس جي ڊگري رکندڙ ڊاڪٽر ڪيئن ميرٽ تي نٿو لهي؟ هيلٿ کاتي مان ڊاڪٽرن کي ڪڍڻ لاءِ ميرٽ يا ڪميشن پاس نه هجڻ وارا اعتراض بيورو ڪريٽڪ ڊرامي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهن، ساڳيءَ ريت ميڊم مهتاب راشدي ڀلي گوسڙو استادن جي نالي ۾ هزارين ملازمن کي ڪڍي ڇڏي پر ڇا کيس خبر آهي ته سندس ان ”آپريشن“ ۾ سوين اهي استاد به بيروزگار ٿي ويا آهن جيڪي گوسڙو نه هئا! ميڊم مهتاب سنڌ جي ماڻهن ۾ تڏهن عزت ۽ احترام ماڻيو هو، جڏهن هن سرڪاري پاليسيءَ جي باوجود ٽي ويءَ تي رئو مٿي تي رکڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن سبب مٿس ٽي وي تي اچڻ تي بندش لڳي وئي هئي پر اڄ ساڳيءَ خاتون جڏهن سرڪاري پاليسي جي نالي ۾ هزارين ماڻهن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي ته ان Logic کانسواءِ ٻي ڪا ڳالهه نٿي سمجهه ۾ اچي ته ٽي وي انائونسر ننڍڙي نوڪري هئي جيڪا اصولن خاطر قربان ڪري پئي سگهجي پر سيڪريٽري شپ جو وڏو ۽ اهم عهدو ڇڏڻ آسان ناهي!!

ميڊم مهتاب راشدي جڏهن تازو هڪ سيمينار دوران سنڌي عورتن کي غيرت جي نالي ۾ مارڻ کي بي غيرتي قرار ڏنو هو ته سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن ۾ سندس عزت اڃا وڌي وئي هئي ۽ اخبارن اداريا لکي کيس اهڙي بولڊ موقف تي مبارڪون ڏنيون هيون پر اڄ جڏهن سنڌي نياڻين کي مهتاب صاحبا پنهنجي قلم وسيلي بيروزگار ڪري روڊن رستن تي هڙتالون ۽ مظاهرا ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي ته نهچاهيندي به سنڌ واسي اهو ئي سمجهڻ لاءِ مجبور آهن ته ”نوڪري جي مصلحتن آڏو اصول هر دور ۾ نيلام ٿيندا رهيا آهن“ ۽ ڪنهن سيمينار ۾ بيهي سٺي تقرير ڪرڻ ۽ مهل اچڻ تي عملي Stand وٺڻ ۾ زمين آسمان جو فرق ٿئي ٿو. ڪنهن همراهه ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ڪم ڪندڙ تعليم کاتي جي ملازمن تي ايترو ڏمر ناهي جيترو حيدرآباد ۽ ٻهراڙي تي خاص ”مهرباني“ ٿي رهي آهي، پر مون کي ذاتي طرح ان ڳالهه تي شڪايت ناهي ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۽ اتي رهندڙ به اسان جا پنهنجا آهن پر ميڊم راشدي کي شايد وسري ويو آهي ته سنڌ واسين ڪڏهن کيس پنهنجو مڃيو هو ۽ پنهنجي ان نياڻي لاءِ مان هو

هم تم ڀي ٿي ڪڀي آشنا، تمهين ياد هو ڪي نه ياد هو

بهر حال گورنر راڄ لڳڻ کانپوءِ سنڌي هجن يا غير سنڌي ڪامورا، انهن ليگي ميمبرن کي گهڻي لفٽ ڪرائڻ ڇڏي ڏني آهي پر باخبر ليگي اڳواڻ ان صورتحال کان مايوس ناهن ۽ انهن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ هاڻوڪو ”غير جانبدار“ سيٽ اپ هاڻ موڪلائڻ وارو آهي ۽ سياسي سيٽ اپ اچڻ ۾ مهينن جي نه پر هفتن جي دير آهي. هڪ ليگي ميمبر ڪاوڙيل انداز ۾ چيو ته ”هينئر اسين برادشت ڪيون پيا پر ڄاڻ سنڌ ۾ سياسي سيٽ اپ ايندو، جنهن کانپوءِ انهن ڪامورن کي ”ڏسي وٺبو“ جيڪي اڄ اسان کي گاهه ئي نٿا وجهن!“ بيورو ڪريسي ۽ سياستدانن جي وچ ۾ تعلقات ۽ واسطن بابت ڄاڻ رکندڙن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سيد غوث علي شاهه سنڌ جو گورنر ٿيو ته شايد صوبي جي هاڻوڪي بيورو ڪريٽڪ سيٽ اپ ۾ تبديليون گهٽ ٿين جو سالڪ نذير کي چيف سيڪريٽري طور غوث علي شاهه برقرار رکڻ چاهيندو پر جيڪڏهن حليم صديقي گورنر ٿيو ته پوءِ چيف سيڪريٽري سوڌو صوبي جي هر کاتي ۾ ڪامورن جي وڏي پئماني تي اٿل پٿل ٿيندي، بهر حال وزيراعظم تازو ڪراچي جي دوري دوران ليگي ميمبرن جي دانهن تي چيف سيڪريٽري سالڪ نذير کي سختي سان هدايت ڪري ويو آهي ته هو ليگي ميمبرن جو خيال ڪري پر وزيراعظم کي ياد هجي نه هجي پر ليگي ميمبرن کي چڱي ريت ياد آهي ته سالڪ نذير، انهي شاهد نذير جو وڏو ڀاءُ آهي، جنهن شاهد نذير لياقت دور ۾ ليگي ميمبرن کي رت جا ڳوڙها هارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو، سو ليگي ميمبرن سالڪ نذير کي مليل هدايت تي گهڻو خوش ٿيڻ بدران اسلام آباد کان ايندڙ انهن اطلاعن بابت پراميد آهن ته صوبي ۾ سياسي سيٽ اپ ڄاڻ اچڻ وارو آهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو