لاهوري تخت کي للڪار
۽ بينظير جو بدلجندڙ پروفائيل
تازو هڪ ذاتي نوعيت جي دعوت ۾ محترمه بينظير ڀٽو چيو ته هي دور ليڊرز جو نه پر مئنيجرز جو آهي. مون کي سندس واتان اهو جملو ٻڌي حيرت به ٿي ۽ مزو به آيو، ڇاڪاڻ ته اهو جملو ڪو ٻيو نه پر بينظير ڀٽو چئي رهي هئي، جنهن جي سڄي سياسي حياتي بابت تصور ئي personality Charisma (شخصيت جي سحر انگيزي) واري سياست جو اڀري ٿو، اهو ساڳيو جملو لڳ ڀڳ ساڳين ئي لفظن ۾ سال کن اڳ هنن ئي ڪالمن ۾ لکيو هئم، ظاهر آهي ته سال اڳ به اها ڪا نئين ڳالهه نه هئي ۽ نه ئي اڄ آهي، ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان سڄي دنيا ۾ اها ڳالهه سياسي فلاسفر ڪري رهيا آهن ته ان تي گهڻي ڀاڱي اتفاق به ٿيل آهي ته ”هي دور مئنيجرز جو آهي“ پر جڏهن اها ڳالهه بينظير ڀٽو ڪئي ته يڪدم ذهن تي اهو خيال تري آيو ته دور گذري رهيو آهي ته ڪالهه تائين جيڪا سياستدان (بينظير) خالص شخصيتي سحر کي عوامي سياست ۾ مک فيڪٽر طور ڪتب آڻيندي هئي سان تبديل ٿيندڙ دنيا جي تقاضائن آڌار پنهنجا خيال تبديل ڪري رهي آهي يا گهٽ ۾ گهٽ انهن خيالن جو اظهار ڪري رهي آهي، جيڪي سندس سياسي پروفائيل جي حوالي سان مختلف آهن پر ٻئي پاسي ڪالهه تائين جنهن سياستدان (نواز شريف) جو تعارف بلڪ ميرٽ ئي اهو سمجهيو ويندو هو ته هو هڪ سٺو مئنيجر آهي سو اوچتو ئي اوچتو ليڊر ٿيڻ جي ڪوشش ۾ مصروف ٿي ويو آهي، اهي ڪوششون کيس ليڊر ته خدا ڄاڻي بڻائي سگهنديون يا نه پر سندس مئنيجر وارو اميج ضرور خراب ڪن پيون، سندس ليڊر بڻجڻ وارين ڪوششن/ خواهشن کي اسين سندس ڪيترن ئي تڪراري فيصلن جي روشني ۾ ڏسي سگهون ٿا پر ان ڊيگهه ۾ وڃڻ بدران پاڻ جيڪڏهن رڳو اڄڪلهه ميڊيا ۾ هلندڙ مهم تي ئي نظر وجهون ته معلوم ٿيندو ته اها مهم ImageBuliding (تاثر ٺاهڻ) کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ۽ اهو Image (تاثر) به بطور ليڊر، ماضي ۾ به ميان نواز شريف لاءِ مهمون هلنديون رهيون آهن پر انهن ۾ ۽ هاڻوڪي مهم ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، ماضي ۾ ميان نواز شريف جو اهو اميج ٺاهيو ويندو هو جيڪو هڪ سٺي مئنيجر جو هجڻ گهرجي، مثال طور اشتهارن ۾ ڏيکاريو ويندو هو ته هو پيليون ٽيڪسيون ورهائي پيو يا صنعتڪاري ۽ سيڙپڪاري لاءِ ماحول پيو سازگار ڪري وغيره مطلب ته هڪ اهڙي ماڻهوءَ جو اميج Who mean’s business (جيڪو ڪم ڪرڻ چاهي ٿو) پر اڄڪلهه سندس فوٽو ۽ نالي سان گڏ ستارون سي آگي جهان اور ڀي هين جهڙا شعر يا سياسي طرح Out dated (مدي خارج) ٿيل نعرا نظر اچن ٿا، شايد ميان صاحب کي اهڙو خيال ملڪ جي عوام پاران ڏيڍ سال اڳ کيس ڏنل مينڊيٽ کانپوءِ آيو هجي پر منهنجي خيال ۾ ماڻهن کيس ووٽن جي صورت ۾ پٺڀرائي ۽ سندس حمايت ڪنهن جذباتي تقرير ۽ نعرا هڻندڙ ليڊر طور نه پر هڪ اهڙي سياستدان طور ڪئي جنهن ۾ اها اميد هئي ته هو ملڪ جي مئنيجمينٽ ائين ئي حقيقت پسندي ۽ سهڻي نموني هلائيندو جيئن هو پنهنجو ذاتي ڪاروبار ٿو هلائي، ملڪ جي دانشمند ۽ سجاڳ حلقن ميان صاحب جي حمايت سندس ڪي نظريا ۽ فلسفا يا تقريرون ٻڌي نه پئي ڪئي بلڪه هو ميان صاحب کي ڪارپورٽ سيڪٽر جو نمائندو سمجهندي ۽ اهو سمجهندي ته هي دور ليڊرز جو نه پر مئنيجرز جو آهي، ساڻس گڏ ٿيا هئا بهرحال جيڪڏهن وزيراعظم يا سندس ٽيم جو خيال آهي ته نواز شريف جو اميج بطور ليڊر کيس سياسي مستقبل ۾ وڌيڪ فائدو ڏيندو، ته کين اهو سوچڻ ۽ سمجهڻ جو يقينن پورو حق آهي
بينظير ڀٽو ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي پهچڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هڪ ٻيو اهڙو جملو چيو جيڪو آهي ته تمام پراڻو پر بينظير واتان اهو جملو ٻڌي ڪيترائي ماڻهو دنگ رهجي ويا هوندا. محترمه چيو ته ”قومن جي تقدير فرد نه پر نظام بدلائيندا آهن“ سندس اهو جملو به ظاهر ڪري ٿو ته محترمه اسان جي سياسي ڪلچر ۾ موجود شخصيت پرستي واري ٽرينڊ ۾ هاڻي تبديلي چاهي ٿي. پاڪستان جي سياست ۾”ڀٽوز پاليٽڪس“ جي ننڍڙي شاگرد هجڻ جي ناتي مون کي بينظير ڀٽو جا اهي خيال نه صرف حيرت ۾ وجهڻ تائين مختلف نظر اچن ٿا بلڪه تبديل ٿيل دنيا جي حوالي سان مثبت به لڳن ٿا پر سوال اهو آهي ته بينظير ڀٽو ڇا واقعي انهن ڳالهين تي ويساهه به ڪري ورتو آهي؟ ڇاڪاڻ ته آمريڪا جي هارورڊ يا برڪلي يونيورسٽي ۾ ليڪچر دوران اهڙا خيال پيش ڪرڻ ٻي ڳالهه آهي پر پاڪستان ۾ جتي هوءَ پاڻ عوامي سياست ڪري رهي آهي ۽ جتي سندس پورو سياسي ماضي آهي، جنهن ۾ سندس اميج هميشه هڪ عوامي ليڊر وارو رهيو آهي، اتي ماڻهو کيس ان ڪري ووٽ ڏيندا رهيا آهن ته هوءَ بينظير آهي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڌيءَ آهي، نه ڪي سندس ڪنهن پروگرام جي ڪري. سندس اميدوارن کي به ان ڪري ووٽ ڏيندا رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي بينظير پاران نامزد ڪيل هئا نه ڪي انهن اميدوارن جي ڪا ڪارڪردگي ڏسي هنن کي ووٽ ڏنائون سو اوچتو اهڙي سياسي پروفائيل کي ڇا محترمه تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي؟ ان ۾ شڪ نه هجڻ کپي ته سٺو رانديگر يا بزنس مين يا سياستدان يا ڪو ٻيو پروفيشنل ماڻهو جيڪڏهن حالتن ۽ وقت جي تبديلي کي محسوس ڪندي پاڻ کي ان حساب سان تبديل نه ٿو ڪري ته وقت وڏي بي رحم شيءِ هوندي آهي سو جيڪڏهن محترمه سياسي ٽرينڊ ۾ ايندڙ تبديلي کي محسوس ڪندي پنهنجي سياسي حڪمت عملي ۾ تبديليون آڻي پئي ته اها سندس دانشمندي چئبي پر گڏوگڏ سوالن جي هڪ ڊگهي لسٽ به سامهون اچي ويندي جنهن جا جواب محترمه يا سندس ٽيم کي سوچڻا پوندا، جن مان بنيادي نوعيت جا ٻه سوال آهن، هڪ اهو ته ڇا سندس پارٽي ايتري سگهاري ۽ منظم آهي جو هو پنهنجي شخصيت جي Shadow (پاڇي) کانسواءِ به ڪا Independent (آزاد) حيثيت ٺاهي سگهي، ان ڳالهه کي چٽن لفظن ۾ ائين به چئي سگهجي ٿو ته مثال طور جيڪڏهن سڀاڻي بينظير پ پ ڇڏي ”بينظير ڀٽو پارٽي“ جي نالي سان نئين پارٽي ٺاهي ته ڇا ووٽر ۽ عوام پ پ سان گڏ بيهندا؟ يقينن نه ڇاڪاڻ ته ووٽ عام ماڻهو اڄ به اهو چئي ٿو ته هو بينظير جي پارٽي کي ووٽ ڏئي ٿو نه ڪي پيپلزپارٽي کي. اها ڳالهه ان ڪري اهم ۽ Relevant (لاڳاپيل) آهي ڇاڪاڻ ته جڏهن هو مئنيجمينٽ ۽ مئنيجرز جي ڳالهه ڪري ٿي ته مئنيجرز هميشه Sound Footing (مضبوط بنيادن) تي بيٺل ڪمپنين يا فرمز ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري سگهندا آهن ۽ فرم يا ڪمپني جو اسٽرڪچر ٺيڪ نه هجي ته هڪ سٺومئنيجر ايندي شرط بنيادي نوعيت جاريفارمز ۽ تبديليون آڻي ٿو، سو ساڳيءَ ريت محترمه جيستائين پارٽي اندر Radical (بنيادي) قسم جو تبديليون نه ٿي آڻي تيستائين Managemental Skills (انتظامي قابليتون) ڪي گهڻا نتيجا شايد ڏئي نه سگهن. ساڳيءَ ريت ٻيو سوال ٽيم جو به آهي ڇاڪاڻ ته ڪو به مئنيجر ڀلي ڪيترو به باصلاحيت ۽ ذهين ڇو نه هجي پر وٽس جيڪڏهن ٽيم سٺي ناهي ته هو اڪيلو ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي، هتي وري وضاحت ڪندو هلان ته ليڊر اڪيلو به ڪجهه وقت ڪم ڪڍي وڃي ٿو پر مئنيجمينٽ پوءِ اها پوليٽيڪل مئنيجمينٽ هجي يا ڪاروباري نوعيت جي سٺي ٽيم کانسواءِ هلائڻ تقريبن ناممڪن آهي
مٿيان سوال اهو فرض ڪندي اٿاريان پيو ته محترمه جڏهن هاڻوڪي دورکي مئنيجرز جو دور قرار ڏئي پئي ته سندس مطلب صرف اهو نه هوندو ته حڪومتي معاملا سٺا مئنيجرز هلائي سگهن ٿا بلڪ سندس مراد سموري سياسي ڪاروهنوار سان هوندي، جنهن ۾ حڪومت توڙي اپوزيشن ٻئي اچيو وڃن
محترمه بينظير ڀٽو گذريل ڪجهه عرصي کان اها شڪايت اخبارن ۽ ذاتي ڪچهرين ۾ ڪندي رهي آهي ته واڳ ڌڻي کيس سنڌ تائين محدود ڪرڻ چاهين ٿا. سندس چوڻ رهيو آهي ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته اهو ملڪ ۽ نظام لاءِ سٺو نه ٿيندو، بينظير جو اهڙو اظهار سياسي حلقن ۾ بحث هيٺ رهندو پيو اچي پر ٻه ڏينهن اڳ بينظير پاران پنجاب جي سرحد تي ڌرڻي جي اڳواڻي واري اعلان کانپوءِ ته لڳي ٿو ته بينظير واڳ ڌڻين کي اهو سڌو نياپو موڪلي ڇڏيو آهي ته ”جيڪڏهن ائين چاهيو ٿا ته ائين به ڪري گذرينديس“ ملڪ جي سياسي تاريخ جي شاگردن لاءِ اڄوڪو دور انتهائي اهميت ۽ دلچسپي وٽان هوندو، ڇاڪاڻ ته اها ڪالهه جي ڳالهه لڳي ٿي جڏهن نواز شريف پنجاب جو وڏو وزير هو ۽ بينظير پنهنجي جلاوطني ختم ڪري لاهور پهتي هئي ته سڄو لاهور ۽ پنجاب سندس استقبال لاءِ اٿلي پيو هو ۽ اڄ ساڳي بينظير چوي پئي ته لاهور جي غلامي قبول نه ڪبي، اسان جا اقتداري سياست جا گڙنگ وڏيرا پڻ بينظير سان گڏ هجڻ يا نه هجڻ جو فيصلو ڊگهي عرصي تائين ان فارمولي هيٺ ڪندا هئا ته بينظير کي پنجاب ۾ مقبوليت ڪيتري آهي، ڇاڪاڻ ته اهي بينظير جي لاڙڪاڻي يا دادو ۾ ٿيل جلسي جي ڀيٽ ۾ سندس لاهور يا فيصل آباد ۾ ٿيندڙ وڏن جلسن کان وڌيڪ متاثر ٿيندا هئا، ڇاڪاڻ ته هو هميشه اهو اندازو هڻندا هئا ته حڪومت بينظير کي تڏهن ئي ملندي جڏهن پنجاب ۾ به بينظير کي حمايت ملندي. ساڳئي فارمولي هيٺ اڳتي هلي اسان جا ڀوتار نواز ليگ جي به ويجهو آيا پر اهي فارمولا هئا، اليڪشني سياست يا اقتداري سياست جا جڏهن ته اڄوڪي صورتحال بلڪل تبديل ٿيل نظر اچي پئي،هڪ ته ويجهي مستقبل ۾ جيڪڏهن حڪومت ختم به ٿي ته فوري طور اليڪشن ٿيندي نظر نٿي اچي. ٻي ڳالهه اها ته ڪالاباغ ڊيم ۽ آدمشماري جهڙن اشوز صوبائي سياست کي ملڪي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عروج تي آڻي بيهاريو آهي، جنهن کانپوءِ لڳي ٿو ته جيڪڏهن فوري طور چونڊن ۾ به ڪا اهڙي ڌر يا پارٽي اڳتي اچي جيڪا نالي ماتر ئي سهي پر چئني صوبن مان نمائندگي حاصل ڪري سگهي، وفاقي پارٽيون سڏائيندڙ جماعتون 1997ع واري اليڪشن ۾ ته وري به ٽوڪن نمائندگي سڀني صوبن مان حاصل ڪري ويون هيون پر اڄوڪو عوامي موڊ ڏسي نه ٿو لڳي ته لاهور جو ليڊر لاڙڪاڻي مان ۽ لاڙڪاڻي جو ليڊر لاهور مان ووٽ حاصل ڪري سگهندو. ان صورتحال ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چئني صوبن کي ڪنهن هڪ سياسي ڌارا ۾ ڳنڍجندي محسوس نه پيو ڪيو وڃي، جيڪو 1970ع کانپوءِ واري ملڪي سياست ۾ هڪ نئون ٽرينڊ آهي، نيٺ ائين ئي ٿيڻو هو ۽ اهڙي ٽرينڊ جي هر ڪنهن پيشنگوئي ڪئي پئي پر اڄ جڏهن حقيقت ۾ اهو ٿيندي ڏسون پيا ته بظاهر عجيب به لڳي پيو ۽ ان مان ڪجهه خدشا ۽ خطرا به محسوس ٿين پيا، اهي خدشا ۽ خطرا شايد ان ڪري وڌيڪ محسوس ٿين ٿا ته جو اسان وٽ ڪو ميچوئر سياسي ڪلچر ناهي، تنهن ڪري جڏهن صوبائي سياست جي ڳالهه ٿئي ٿي يڪدم اسٽيبلشمينٽ توڙي محب وطن سڏائيندڙ ماڻهو ڇرڪي ٿا پون ۽ کين اچي ڊپ ٿو لڳي ته ان سان ملڪ ٽٽي پوندو، وري خود صوبائي سياست ڪندڙ همراهه (هڪ ٻن کي ڇڏي ڪري) جڏهن صوبائي سياست جي ڳالهه ڪن ٿا ته لڳي ٿو ته ڄاڻ صوبن وچ ۾ جهيڙو ٿو شروع ٿئي، سو ميچوئر سياسي ڪلچر جي اڻاٺ جي ڪري صوبائي سياست جي ٽرينڊ کان هرو ڀرو به محب وطن قوتن ۽ ماڻهن کي ڊپ ورايو وڃي
اسان وٽ اقتداري سياست ۾ جيري لاءِ ٻڪري ڪهڻ واري روش ڪا نئين ڪانهي ۽ اهڙا کوڙ سارا مثال اسان کي ملڪي تاريخ ۾ ملي ويندا، جڏهن ته ڪن ننڍي مدي وارن مفادن خاطر حڪمرانن ملڪ ۽ قوم کي اهڙا هاڃا رسايا هوندا جيڪي اڄ تائين قوم ڀوڳي پئي، اڄ جيڪو ڪلاشنڪوف ڪلچر، بنياد پرستي، نسل پرستي، دهشتگردي، منشيات جو زهر، مالي بحران وغيره جهڙا عذاب اسين ڀوڳيون پيا اهي ڪنهن نه ڪنهن دور ۾ اسٽيبلشمينٽ توڙي حڪمرانن پاران وقتي فائدا ماڻهن لاءِ هٿ وٺي پيدا ڪيا ويا جن جو مقصد ڪڏهن حڪومتن کي ڊاهڻ ته ڪڏهن پنهنجي آمريت برقرار رکڻ ته ڪڏهن مخالفن کي نقصان پهچائڻ هو پر اهي جن جڏهن بوتل مان ٻاهر اچيو وڃن ته پوءِ انهن کي همٿائڻ وارن لاءِ پڻ انهن کي ختم ڪرڻ ڏچو بڻجيو وڃي. ساڳيءَ ريت هن وقت به اقتداري دنيا ۾ ڪيتريون ئي Moves (تدبيرون) ۽Counter Moves (جوابي تدبيرون) هلي رهيون آهن، حڪومت اسٽيبلشمينٽ، اپوزيشن ۽ هر ڪو پنهنجي حڪمت عملي جو تير هلائي رهيو آهي ۽ ٻئي جي تير کان بچڻ ۾ رڌل آهي، ڪڏهن مالياتي بحران، ڪڏهن عدالتي فيصلا، ڪڏهن ائٽمي ڌماڪا، ڪڏهن احتساب، ڪڏهن اتحادي جي ناراضگي، ڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ۽ آدمشماري ۽ ڪڏهن صوبائي خودمختياري جي تحريڪ مطلب ته چو طرف تير پيا هلن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڌريون اهڙا اڏامندڙ تير جيڪو انهن خلاف نه به اڇلايو ويو هجي تنهن جي سامهون به گهٽ عقل سبب ڇاتي کولي بيٺل نظر اچن ٿيون، ڄاڻو ماڻهو ان سڄي صورتحال کي ”آڪٽوبر گيم پلان“ جو نالو ڏين ٿا، جنهن ۾ انهن موجب حڪومتي رڌڻي ۾ رولي کان معاملو اڳتي وڌي ويندو، ڇاڪاڻ ته ايندڙ وقت ۾ معاشي صورتحال جي بهتري جي اميد هرو ڀرو ڪنهن کي ڪونهي وري گڏو گڏ ڪالاباغ ڊيم کانپوءِ ننڍن صوبن ۽ پنجاب جي وچ ۾ جيڪا صورتحال ٿئي پئي ۽ جنهن ۾ اڃا شدت اچڻ جو امڪان آهي، اهڙي صورتحال ۾ عملي طرح ڪڏهن به ماضي ۾ ناهي رهي جنهن جو مطلب اهو ڪڍيو ويندو يا ٻين لفظن ۾ چيو ويندو ته ”ملڪ جي سالميت خطري ۾ پئجي وئي آهي“
صوبائي سطح جي سياست يا مقامي اشوز جي سياست اڄ جي دنيا جو ٽرينڊ آهي ۽ بقول هڪ صحافي جي ته بينظير ۽ نواز شريف پنهنجي سياسي اثر هيٺ دائري جي down Sizing به ان ٽرينڊ آڌار ڪئي آهي پر سنڌ ۾ جيڪڏهن بينظير سنڌ جي اشوز تي ايترو بولڊ ٿي رهي آهي ته پوءِ انهن جو ڇا ٿيندو جيڪي ان Pitch (ميدان) تي ورهين کان سياست ڪري رهيا هئا؟ ڇاڪاڻ ته هاڻ جو ملڪي سياست وفاقي اشوز کان نڪري صوبائي معاملن تي ٿيڻ شروع ٿي آهي ۽ پنجاب ۾ نواز شريف ۽ سنڌ ۾ بينظير ان تي حاوي ٿي ويا آهن ته پوءِ شير پنجاب ۽ سنڌ جي انيڪ شينهن جو ڇا ٿيندو؟
ڪنهن سياستدان ڪچهري دوران چيو ته ”خدا نواز شريف کي سياسي بصيرت ڏئي نه ته جيڪڏهن هن پنجاب ۾ بينظير جا سياسي بنياد مرڳو ختم ڪرڻ لاءِ سندس (بينظير جي) ڌرڻي واري اعلان جي خلاف پنجاب ۾ جلسا ۽ ريليون ڪڍرائڻ شروع ڪري ڏنيون ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنجاب ۽ سنڌ ۾ عوامي سطح تي هڪ ٻئي خلاف جن جذبن جو مظاهرو ٿيندو ان جا اثر پوءِ شايد مشڪل مٽجن!“ ان همراهه جي ڳالهه ايتري عربي يا فارسي ڪانهي جيڪا سڀني کي سمجهه ۾ نه اچي پر اقتداري دنيا جون ترجيحون ئي ٻيون ٿينديون آهن ۽ ان دنيا جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته 1970ع کانپوءِ واري دورن ۾ اسان وٽ هر حڪومت جي ڊاهڻ جا الڳ جواز ٺاهيا ويا آهن. ڀٽي مرحوم کي هٽائڻ جو جواز عوامي تحريڪ ڄاڻايو ويو هو، ضياءُ الحق ته پاڻ هڪ جواز هو تنهن ڪري ان جي جڏهن ضرورت پرڏيهي بادشاهن وٽ ختم ٿي ته کيس رخصت ڪيو ويو. بينظير ڀٽو لاءِ ڪرپشن واري چارج شيٽ ٺاهي وئي ۽ پوئين ڀيري نواز شريف کي هٽائڻ جو مک سبب رياستي ادارن وچ ۾ تڪرار ڄاڻايو ويو هو پر هن دفعي ڪو نئون ۽ سگهارو جواز کپي ڇاڪاڻ ته هن ڀيري اسلام آباد ۾ ڳالهيون صرف حڪومتي تبديلي نه پر نظام جي تبديلي جون ٿين پيون تنهن ڪري چارج شيٽ جا نقطا مضبوط ۽ مختلف گهربل آهن ۽ جيڪڏهن اڄ پاڻ ڏسون ته نظر اچي پيو ته ائٽمي ڌماڪي کان ڌڻين جي پنهنجي مالياتي بدنظمي سبب پيدا ٿيل بحران ۽ صوبن وچ ۾ پيدا ٿيندڙ حد درجي جي ڇڪتاڻ اهڙن جوازن طور اڀري سامهون اچن پيا جن کي ٽي وي تي قوم آڏو پڙهڻ ۾ ڪو به هٻڪ شايد محسوس نه ڪري!!! اقتداري دنيا ۾ ٽيڪنو ڪريٽس تي ٻڌل حڪومت جي قيام جون ڳالهيون هاڻ ڪي راز ناهن رهيون، اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪير اهو نه ٿو سمجهائي ته آئين ۾ اهڙي ڪنهن سيٽ اپ جي گنجائش نه هجڻ سبب آئين جو ڇا ڪيو ويندو ۽ ڪير ڪندو؟
ميان نواز شريف پنجاب مان ئي پنهنجي سياسي سفر جو آغاز ڪيو ۽ سڄي ملڪ ۾ پنهنجا حامي حلقا ٺاهيا پر اڄ هو واپس پنجاب تائين محدود ٿيل نظر اچي ٿو جنهن جا ٻه سبب ٿي پيا سگهن، هڪ سندس سياسي حڪمت عملي جي ڪامياب نه ٿيڻ آهي يا پوءِ ائين به ٿي سگهي ٿو ته هاڻي هو پاڻ به پنجاب تائين محدود رهڻ چاهيندو هجي، سنڌي دانشورن جي اڪثريت ٻئي سبب سان وڌيڪ متفق نظر اچي ٿي ۽ انهن جو خيال آهي ته ڪو به سياستدان ايتري غلط Calculation (ڪٿ) نه ٿو ڪري سگهي، تنهن ڪري سندس فيصلن جو ڪارڻ اهو ئي آهي ته هو پاڻ ائين چاهي ٿو ته هو پنجاب جو Unchallangeable(ناقابل مقابلا) ليڊر بڻجي وڃي، پوءِ ٻين صوبن جي ماڻهن جو کڻي ڪهڙو به رد عمل هجي، سنڌي دانشورن جو اهو خيال ڪيترو صحيح يا ڪيترو غلط آهي اهو پڙهندڙن جي سوچڻ تي ڇڏي ڪري اهو ڏسون ٿا ته ويجهي ماضي تائين ملڪ ۾ ٻه اهڙا سياستدان هئا، جيڪي ملڪي سطح جا ليڊر تسليم ڪيا ويندا هئا، هڪ بينظير ۽ ٻيو نواز شريف، اسٽيبلشمينٽ يا ٻين قوتن جي ڪيترين ئي ڪوششن ۽ خواهشن باوجود ڪو به ٿرڊ آپشن پيدا نه ٿي سگهيو پر اڄ حالتون ٻنهي کي ان جاءِ تي آڻي بيهاري رهيون آهن، جتي ٻئي ليڊر صوبن جي سرحدن جي اندرين سياست ڪرڻ تي مجبور آهن
10 اگسٽ جو ڏينهن ملڪ جي اقتداري توڙي عوامي سياست تي اڻ مٽ اثر ڇڏيندو، جڏهن ”پورب ڄائي“ جو لقب رکندڙ بينظير ڀٽو سنڌ جي ٻرندڙ اشو ڪالاباغ ڊيم تي پنجاب جي سرحد تي ڌرڻو هڻي ڏيهه پرڏيهه اهو نياپو موڪلڻ ۾ ڪامياب ويندي ته هوءَ ”پورب ڄائي“ بعد ۾ آهي پر پهرين ”سنڌ ڄائي“ آهي. سندس ان عمل بابت اقتداري سياست ۾ 1993ع واري سندس اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جهڙا اثر نڪرڻ جون اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن پر ان جا عوامي سياست تي جيڪي اثر پوندا سي اڃا ٻيا هوندا ۽ شايد ماضي وانگر هن دفعي به ”واڳ ڌڻي“ انهن اثرن جي ڏور رس نتيجن کي سمجهڻ جي موڊ ۾ ناهن
|
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو