Thursday, 27 November 2014

علي قاضي

اڄوڪي سنڌ جي ايجنڊا ڇا هجڻ کپي؟
2 جون 1998ع

ڪجهه ماڻهو تاريخ جي حقيقتن جي ترتيب تبديل ڪري به ڏسن ٿا، مثال طور جيڪڏهن برطانيا جو وزيراعظم ونسٽن چرچل نيو يارڪ ۾ ساڻس پيش ايندڙ روڊ حادثي ۾ مري وڃي ها ته پوءِ سندس بدران برطانيا جوٿيندڙ ڪو ٻيو وزيراعظم به ڇا ٻي جنگ عظيم ۾ چرچل جهڙو ڪردار ادا ڪري ها يا پاڻ سوچيون ته جيڪڏهن قائد اعظم محمد علي جناح کي ٽي بي جي بيماري نه ٿئي ها ۽ هو پاڪستان ٺهڻ جي ڏهن سالن کانپوءِ به جيئرو رهي ها ته پاڪستان جو سياسي ڪلچر هاڻوڪي کان ڇا مختلف نه هجي ها، تاريخ ڏانهن اهڙي رويي کي Counter Factualism (تاريخي حقيقت جي ابتي ترتيب ڏيڻ) ڪوٺيو وڃي ٿو، جيڪڏهنCounter Factualist (تاريخ جي حقيقتن کي ابتي ترتيب ڏيندڙ) ٿي ٿوري دير لاءِ سوچجي ته جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽو فوج جي سربراهه طور جنرل ضياءُ الحق کي ترقي نه ڏئي ها ته ڇا ٿئي ها؟، جيڪڏهن ڀٽو ان غلط فهمي جو شڪار نه ٿئي ها ته ضياءُ الحق جيئن ته ڪمزور يا ڊڄڻو ماڻهو آهي تنهن ڪري ڪڏهن به سندس خلاف بغاوت جي همت نه ڪندو؟، شايد ڀٽو ستن جنرلن مٿان ترقي ڏئي ضياءُ الحق کي سي اين سي نه ٺاهي ها، مارشل لا کانپوءِ ڀٽو خواتين جيڪڏهن جتوئي ۽ ڪوثر نيازي جهڙن پارٽي اڳواڻن جي اها صلاح ته فوج سان ڀٽو جي زندگي ۽ آزادي لاءِ ڊائلاگ ڪرڻ گهرجي مڃي وٺن ها ته شايد ڀٽي جي حياتي بچي وڃي ها، ايم آر ڊي تحريڪ جيتري شدت سان سنڌ ۾ هلي هئي جيڪڏهن پنجاب ۾ به تحريڪ جو زور ايترو ئي هجي ها ته شايد سنڌ کي اسٽيبلشمينٽ مخالف قرار ڏئي سالن تائين موچڙا ۽ سور نه سهڻا پون ها، جيڪڏهن بينظير ڀٽو 1988ع ۾ چونڊون کٽڻ کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ سان ڪمزور ڊيل ڪري اقتدار نه وٺي ها ته اڄ پ پ ۽ جمهوري ادارن جي صورتحال مختلف هجي ها، اهي سمورا ”اگر“ ”جيڪڏهن“ ”شايد“ اسان جي ماضي ۽ اسان جي تاريخ جي تلخ حقيقتن کي مٽائي نه ٿا سگهن پر هڪڙي تاريخ  اسين به ٺاهيون پيا ۽ زمان حال جي حالتن ۾ به اسان وٽ ڪيترائي اگر موجود آهن، فرق صرف ايترو آهي ته ماضي ۾ گذريل حالتن ۽ واقعن ۾ اگر شامل ڪري اسين صرف افسوس ڪري پيا سگهون ته اگر هيئن ٿئي ها ته ڪيڏو سٺو ٿئي ها وغيره پر گذريل وقت موٽائي نه ٿا سگهون، اڄوڪين حالتن ۾ جڏهن ساڳيو ئي اکر اگر سامهون اچي ٿو ته افسوس کان وڌيڪ ڳڻتي ۽ فڪر اچيو ورائي ته اگر ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ٿي ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟، اگر اين ڊي پي ذريعي سڄو گندو پاڻي اچي سنڌ پهتو ۽ اتي ان پاڻي جي سمنڊ ۾ نيڪال جو ڪو به جوڳو بندوبست نه  ڪيو  ويو  ته پوءِ ڇا ٿيندو؟، اگر تعليمي ادارن جو اسان وٽ حال نه سڌريو ته نجي شعبي واري دور ۾ اسان جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ميرٽ تي ڪيئن پنهجي جاءِ ٺاهي سگهندا/ سگهنديون، اگر سياسي ڪلچر مان ڪوڙ ڪرپشن، بدمعاشي وغيره جهڙا عنصر ختم نه ٿيا يا گهٽ نه ٿيا ته سڀاڻي سياست بابت عام ماڻهو جو رويو ڇا بيهندو، اگر ڪراچي پورٽ کي فري پورٽ ڪرڻ واري رٿ ميچوئر ٿي ته اها سنڌ جي فائدي ۾ ويندي يا نقصان ۾؟ اگر هي سڄو ڌنڌو ساڳيءَ ريت هلندو رهيو ته ڇا اسان جو ايندڙ نسل به ويهي وري پنهنجي تاريخ (هاڻوڪي دور) کيCounter Factualist (تاريخي حقيقتن ۾ تسلسل کي ابتي ترتيب ڏيندڙ) ٿي ڏسندو ته اگر سياسي پارٽين فلاڻو ڪم نه ڪيو هجي ها ته ڪيترو سٺو ٿئي ها يا اسٽيبلشمينٽ اگر وڌيڪ حقيقت پسند ٿئي ها ته صورتحال مختلف هجي ها، سو اها سڄي ڀڳت ان لفظ ”اگر“ جي آهي ۽ هر ڪو ان لفظ کي پنهنجي عقل ۽ شعور آهر استعمال ڪري ٿو ۽ اگر غور سان جائزو وٺجي ته سڄي سوسائٽي ان اگر ۽ جيڪر جهڙن لفظن ۾ وڪوڙيل نظر ايندي ڇاڪاڻ ته هر باشعور ماڻهو ان سوچ ۾ ورتو پيو آهي ته نيٺ ڇا ڪيو وڃي، جو شيون بهتري ڏانهن وڌن، ان سوال جي موٽ ۾ اگر ۽ جيڪر سان شروع ٿيندڙ جواب ڏجن ٿا ته هر ڪنهن وٽ پنهنجا پنهنجا جواب هجن ٿا پر سوال گهڻي ڀاڱي هڪڙو ئي گردش ۾ آهي ته نيٺ يا هاڻ ڇا ڪجي؟.
هتي ان بحث ۾ ٻيهر انهن تي نقطه نظر پيش ڪرڻ کان اڳ ٻن ڳالهين جي وضاحت نه پر تبصرو ٿيندو هلي ته ڪو حرج نه ٿيندو، پهرين ڳالهه ته نيٺ ڇا ڪجي تي هلندڙ بحث يقينن سنجيده نوعيت جو آهي پر اهو بحث هڪ Loose Format (هلڪي ڦلڪي نموني سان) ۾ ٿئي پيو جيئن ڪنهن هنڌ مختلف سوچ جا ماڻهو گڏ ٿي ڪچهري ڪن ساڳيءَ ريت سنڌ سطح تي اها به هڪ ڪچهري لڳي پئي آهي، جنهن ۾ مختلف ماڻهو حصو وٺي رهيا آهن سو جيڪڏهن ان موضوع تي ڳالهائيندي يا لکندي ڪو ماڻهو ان ۾ مزاح يا طنز وارو پهلو کڻي ڪا مشڪري ڪري ٿو يا ٽوڪ هڻي ٿو ته ان تي چڙڻ نه گهرجي، بلڪل ائين جيئن ڪنهن ڳوٺ ۾ يا شهر ۾ سنجيده موضوع تي ڪچهري هلندي ڪو همراهه وچ ۾ ڀوڳ ڪري ڇڏيندو آهي، جيئن ڪچهري گهڻو خشڪ ۽ بور ڪندڙ نه ٿي وڃي، ساڳي ريت جيڪي دوست ليکڪ ان بحث بلڪه ڪچهري دوران ايندڙ هلڪين ڦلڪين لکڻين کي برو پيا سمجهن انهن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ڪچهري جي Format (نموني) ۾ ٿيندڙ بحث ۾ موضوع جا Lighter aspect (هلڪا پهلو) به ايندا آهن ۽ ان سان موضوع جي اهميت يا سنجيدگي گهٽجي نه ٿي بلڪه ان سان ڪچهري ۾ جان پوي ٿي. ٻي ڳالهه جيڪا ان موضوع جي حوالي سان ڪجهه دوستن کي پريشان ڪيو بيٺي آهي ته نيٺ ڇا ڪجي؟  جو بحث علي قاضي شروع ناهي ڪيو، انهن دوستن جي پريشاني اجائي آهي، ڇاڪاڻ ته علي قاضي ته ڪڏهن اهڙي دعويٰ (لکت يا زباني) به ناهي ڪئي ته ان بحث جي ابتدا هن ڪئي آهي ۽ منهنجا درويش صفت دوست خاطري رکن ته جيڪڏهن ڪنهن وقت بحث جي شروعات ڪرڻ جي کاتي ۾ ڪنهن گولڊ ميڊل جي آڇ ٿي ته آئون وصول نه ڪندس، اصل موضوع تي واپس اچڻ کان اڳ هڪڙي گذارش ڪندو هلان ته دوستن کي ڪا راءِ ٺاهڻ کان اڳ دل وڏي ڪرڻ گهرجي ۽ کين هاڻ (عقلي طرح) وڏو ٿيڻ گهرجي ڇو ته هو بنهه ٻاراڻي گفتگو ۾ ڦاسي پيا آهن!!.
نيٺ ڇا ڪجي؟ جي موٽ ۾ جيڪي جواب يا مشورا ريڊي ميڊ ڪپڙن جيان هر وقت تيار ملن ٿا اهي هن قسم جا هجن ٿا (1) ماڻهن ۾ شعور ۽ سجاڳي پيدا ڪئي وڃي (2) سياسي ڌريون پاڻ ۾ ٻڌي/اتحاد ڪري ميدان عمل ۾ نڪري اچن (3) پر تشدد تحريڪ هلائجي، (4) سياسي بدران سماجي انقلاب لاءِ جاکوڙجي (5) اديب، دانشور، صحافي ۽ شاعر ميدان عمل ۾ نڪري اچن (6) معاشي انقلاب آڻجي، اهي اهڙا ٻيا ڪجهه جواب ۽ مشورا هر ٻئي ڏينهن سامهون اچن ٿا ۽ ڪجهه ته بنهه ٻاراڻا به هجن ٿا، مثال طور هر ماڻهو ايماندار ٿي وڃي، ڄڻ ته صبح جو اخبار جي مضمون ۾ اهڙي صلاح پڙهي هر ماڻهو چوندو ته هلو ڀائي اخبار ۾ اچي ويو آهي ته ايماندار ٿيو تنهن ڪري بس اڄ کان بي ايماني نه ڪبي، ڄڻ ته مضمون کان اڳ ماڻهن کي خبر ئي نه هئي ته بي ايماني نه ڪبي آهي، سو اهڙن مشورن تي ته بحث فضول آهي باقي مٿين ڪجهه ريڊي ميڊ مشورن جا به Operative (قابل عمل) پهلو به ڪير نه ٿو سمجهائي، مثال طور ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ جي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي ان بابت پهريون سوال ته اهو ٿو اڀري ته اڄ سوسائٽي جي هر ان ماڻهو جنهن کي ٿورو به شعور آهي کي ڇا اها ڄاڻ ناهي ته ڪير ڇا پيو ڪري ۽ اوڻيهه ويهه حساب ۾ ڇا کيس خبر ناهي ته ڪير بدمعاشيون پيو ڪري، ڪير ڀتا پيو وٺي، ڪير ڪرپٽ آهي ڪير ظلم پيو ڪري منهنجو خيال آهي ته اها سجاڳي سوسائٽي ۾  سو سيڪڙو نه پر گهٽ ۾ گهٽ معاشري جي ان لڏي ۾ ضرور موجود آهي جنهن کي پاڻ معاشري جو Vocal (پنهنجي راءِ چئي ڏيندڙ) طبقو يا صورتحال تي اثر انداز ٿيندڙ طبقو چوندا آهيون سو سوال اهو آهي ته ماڻهو سجاڳ ٿي ويا ته پوءِ ڇا ٿي ويو؟ ان ڏس ۾ هڪڙو مثال ڪارو ڪاري جي نالي ۾ ٿيندڙ قتل عام جو آهي، جنهن بابت سنڌ جي سجاڳ حلقن ۾ 99.9  سيڪڙو اتفاق راءِ موجود آهي ته اهو واهيات سلسلو بند ٿيڻ گهرجي پر ڇا اها سجاڳي ڪاروڪاري بند ڪرائي سگهي آهي؟ ساڳيءَ ريت ڀتاگيري، سياسي غنڊا گردي، ڪرپشن، سفارش وغيره جا اهڙا ڪئين مثال آهن جن بابت Consensus (اتفاق راءِ) موجود آهي ته اهي معاملا سڌرڻ کپن پر اهي مسئلا سڌرڻ بدران ويتر خراب ٿيندا پيا وڃن، هتي چوڻ جو مقصد اهو قطعي ڪونهي ته ماڻهن ۾ پيدا ٿيندڙ سجاڳي سبب قائم ٿيندڙ راءِ عامه معاملن تي اثر انداز نٿي ٿئي پر مقصد اهو چوڻ جو آهي ته جيستائين ڪا ڌر ان راءِ عامه کيStream line (خاص رخ ڏئي)  ڪري ڪنهن هڪ اهڙي رخ ڏانهن نٿي وٺي وڃي جتان عملي تبديلي جو آسرو هجي تيستائين اها توقع رکڻ اجائي هوندي ته صرف سجاڳي تبديلي جو ڪارڻ بڻبي. ساڳيءَ ريت پر تشدد تحريڪ کي ته اڄ جي مخصوص بين الاقوامي حالتن ۾ ڪو آپشن سمجهڻ ئي ٻاراڻي ڳالهه آهي، باقي اديبن، دانشورن کان پنهنجي سر عملي جدوجهد جي اميد رکڻ جي پويان ان غلط فهمي جو بنياد ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڪو واقعي به سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن جي جدوجهد ئي ماٰضي ۾ ون يونٽ ٽٽڻ جو وڏو ڪارڻ هئي؟ جيڪي دوست سياست بدران سماجي انقلاب جون ڳالهيون ڪن ٿا، کين اهو سمجهڻ گهرجي  ته اسان جو سماج مڪمل طور تي سياست وٽ  يرغمال ٿي چڪو آهي يا کڻي چئجي ته سياست ۾ مثبت تبديلي کان اڳ سماجي تبديلي جي خواهش ڪا عملي Proposition (تجويز) ناهي ڇاڪاڻ ته اسان وٽ هر معاملي ۾ حڪومت ايتري گهڻي ٽنگ اڙائي ٿي جو زميندار، صنعتڪار، مزدور يا هاري يا شاگرد، مطلب ته هر ماڻهو کي روزانو جي رواجي معاملن ۾ حڪومت يا ٻين سياسي پارٽين ۽ گروپس سان واسطو پوي ٿو، ان صورت ۾ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سياسي ڪلچر ۾ بهتري آڻڻ کانسواءِ سماج ۾ تبديلي آڻي سگهجي؟ ساڳيءَ ريت معاشي انقلاب جي جڏهن رٿ سامهون اچي ٿي ته اها تمام وڻندڙ لڳي ٿي ۽ آهي به سهي، پر مسئلو اهو آهي ته معاشي انقلاب ته ٺهيو پر بهتري به تڏهن ممڪن آهي جڏهن اتي ڏوڪڙ اچن، مطلب ته سيڙپڪاري ٿئي ۽ ڪو به ماڻهو ڏوڪڙ تڏهن آڻي ٿو جڏهن Potential Market (سيڙپ لاءِ ساز گار مارڪيٽ) هجي ۽ سازگار حالتون هجن، يعني امن و امان ٺيڪ هجي، روڊ، رستا ۽ بجلي وغيره هجن، حڪومت جي مداخلت گهٽ هجي، قانون جي حاڪميت هجي، اسان وٽ (سنڌ ۾) ته حد اها آهي ته صنعتڪاري ٿئي ئي ڪانه پئي، جيڪي ٿورا گهڻا باقي بچيا آهن اهي امن و امان جي ڪري ڀڄن پيا، باقي رهجي ويل اسان جي زراعت سان به حڪومتون اهو حال پيون ڪن جيڪو شايد ”ٻار سان ٻرڙي به نه ڪيو هجي“ سو ان صورت ۾ معيشت جي بهتري لاءِ به حڪومت جو ڪردار ئي اهم هجي ٿو, تنهن ڪري وري ڳالهه اچي سياسي ڪلچر جي بهتري تي بيهي ٿي ۽ نتيجي ۾ ڳالهه وري به ڦري گهري اچي اتي ٿي بيهي ته ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ جنهن سوال کي ٻين لفظن ۾ ائين به لکي سگهجي ٿو ته ”اڄوڪي سنڌ جي ايجنڊا ڇا هجڻ کپي؟ ان ايجنڊا تي بي شمار نقطا اچيو وڃن، جنهن ۾ حقيقي معنيٰ ۾ جمهوريت، تعليم، صحت، انساني حق، معاشي خوشحالي، قانون جو نفاذ ۽ قانون جو احترام وغيره به شامل آهن پر جيئن ته پاڻ مٿي به بحث ڪري آيا آهيون ته جيستائين سياسي ڪلچر نٿو سڌري تيستائين ٻيو ڪجهه سڌرڻ جو آسرو گهٽ آهي، تنهن ڪري اڄوڪي سنڌ جي ايجنڊا ۾ پهريون نقطو سنڌ جي سياسي ڪلچر/صورتحال کي سڌارڻ ئي هجڻ گهرجي، سنڌ جي حاضر سياسي ڌرين کي ٿلهي ليکي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، هڪ اهي ڌريون آهن، جيڪي صرف اقتداري سياست ڪن ٿيون ۽ جن جي ڪل ڪائنات اقتدار جي حاصلات ئي هجي ٿي، ڇاڪاڻ ته هو سمجهن ٿيون يا ٻين کي سمجهائڻ چاهين ٿيون ته اقتدار جيستائين نٿو ملي، تيستائين هو ڪجهه نٿا ڪري سگهن، ٻئي حصي ۾ اهي ڌريون اچن ٿيون جن کي نه ماڻهو ووٽ ٿا ڏين ۽ نه ئي کين عوام جي اڪثريت جي مڃتا حاصل آهي پر پوءِ به انهن کي سنڌين جو ليڊر سڏيو ۽ چيو وڃي ٿو، اهي پنهنجي وجود جو جواز ائين ٻڌائين ٿا ته هو ئي دراصل سنڌ جا اصل هڏ ڏوکي آهن ۽ جيڪڏهن هو نه هجن ته حڪومت ۽ اقتداري پارٽيون سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏين، سنڌ جي سياسي ۽ خاص ڪري سنڌين جي سياست انهن ٻن حصن ۾ سالن کان ورهايل آهي، جيڪر اڄ سنڌ جي حالت بهتر هجي ها يا بهتري اچڻ جي اميد هجي ته شايد اڄوڪي مضمون لکڻ جو ڪو به جواز نه رهي ها پر سنڌ جي حالت سڀني جي آڏو آهي ۽ سڀني کي اها به خبر آهي ته جيڪڏهن الف جي جاءِ تي ب حڪومت ۾ اچي ويو ته صوبي يا اتي رهندڙن جي صحت تي ڪهڙو اثر پوندو، ساڳي  ريت  ننڍن  گروپس  مان  ماڻهو  ان  ڪري گهڻي اميد نٿا رکن جو انهن جا حال به ماڻهن کي ساريا پيا آهن ته انهن جي سگهه ڇا آهي ۽ سندن ”جدوجهد“ سان سنڌ جي صحت تي ڪهڙو اثر پئجي ويندو! پر ان جي باوجود معاملو ڇاڪاڻ ته سياست ۽ سياسي ڌرين وٽ ئي ڦاٿل آهي، تنهن ڪري ظاهري طرح اسان وٽ آپشنز تمام گهٽ آهن، يعني يا ته اقتداري سياست ڪندڙ ڌريون پنهنجي روش تبديل ڪن يا ننڍا گروپس واقعي به سوسائٽي ۾ پنهنجو اميج تبديل ڪندي، صحيح معنيٰ ۾ اهڙا پريشر گروپس بڻجن جيڪي عام ماڻهو يا واپاري يا شاگرد وغيره تي پنهنجو ”پريشر“ رکڻ بدران سوسائٽي ۽ سياسي ڪلچر ۾ امن، سهپ، ايمانداري ۽ جمهوري روايتن کي پروان چڙهائڻ لاءِ پنهنجو پريشر ڪتب آڻين ۽ ظاهر آهي ان لاءِ انهن مان اڪثر گروپس کي سڀني کان پهرين ته سياست ڏانهن سندن پنهنجي رويي ۾ بنيادي نوعيت جون تبديليون آڻڻيون پونديون، جنهن کانپوءِ سندن پريشر کي Legitimacy (جائز حيثيت) حاصل ٿي سگهندي، باقي ڏنڊي يا دڙڪي دهمان ذريعي پيدا ٿيندڙ پريشر کي ڪڏهن به اخلاقي طور مڃتا ناهي ملندي؟
سو ظاهري طرح ٻه آپشنز سامهون آهن، هڪ ته اقتداري سياست ڪندڙ ڌريون پنهنجن روين، سوچن ۽ حڪمت عملين ۾ بنيادي نوعيت جا Reforms (سڌرا) آڻين يا پوءِ اسان جا ٻيا ننڍا گروپس سياست ڏانهن پنهنجي Approach (رويو) وڌيڪ Rational (ڏاهپ ڀريو) ڪن پر سياسي مارڪيٽ ۾ انهن آپشنز کانسواءِ هڪ ٻي ڳالهه به زير بحث آهي، اها هي ته سنڌ ۾ ڪو Third option (ٽيون گس) به هجڻ کپي، ٿرڊ آپشن ڇا هجي ۽ اهو ڪٿان ايندو؟ بابت ڪا ٺوس راءِ سامهون ناهي آئي پر ان ڏس ۾ جيڪي ٻه ٿيوريز مارڪيٽ ۾ هلي رهيون آهن اهي  هن ريت آهن: سنڌ ۾ ڪا اهڙي پارٽي ٺهي جنهن جي قيادت پروگريسو زميندار (جنهن وٽ اليڪشني سياست جو تجربو ۽ وسيلا به هجن) ۽ مڊل ڪلاس پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن تي ٻڌل هجي، جيڪا اقتداري ۽ نظرياتي سياست گڏيل طور ڪري (2) ٻي ٿيوري اها آهي ته سنڌ جي Vocal(بااثر) طبقن جنهن ۾ آبادگار، استاد، ڪلارڪ، صحافي، اديب، شاگرد، مزدور، وڪيل وغيره اچيو وڃن، تن جا نمائندا ۽ تنظيمون گڏجي ڪو اتحاد يا پارٽي ٺاهين جيڪا ابتدائي طرح هڪ وڏي ۽ اثرائتي پريشر گروپ طور ڪم ڪري.
جيڪي حلقا يا همراهه اهو سمجهن ٿا ته سنڌ جي ايجنڊا تي ٿرڊ آپشن جو نقطو هجڻ کپي انهن پاران مٿي ڄاڻايل ٻن راين کانسواءِ ٻيون تجويزون به سامهون اچن ٿيون پر ڪيترن ئي همراهن جو خيال اهو آهي ته سياست جي منظر تي موجود ڌرين کي ئي پنهنجي ڪارڪردگي ۽ روين ۾ سڌارا آڻڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته ٿرڊ آپشن جو اختيار ٿيڻ سنڌ جي مخصوص حالتن ۾ سولو ڪونهي، ٿرڊ آپشن تي تفصيلي بحث ڪنهن ٻئي مضمون ۾ ڪبو پر هڪڙي ڳالهه هر ڪنهن کي نظر پئي اچي ۽ جيڪا ڳالهه گهٽ ۾ گهٽ عوامي سگهه رکندڙ سياسي ڌرين کي به نظر اچڻ گهرجي ته جيڪڏهن سياسي ڪلچر ۾ تبديلي نه آئي ته ٿي سگهي ٿو ته اڄ يا سڀاڻي Natural Course (فطري وهڪري) ۾ ڪا اهڙي قوت جنم وٺي جنهن کي سياسي اصطلاح طور ٿرڊ آپشن چيو وڃي پر جيڪا دراصل متبادل قوت بڻجي وڃي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو