ڇا پ پ قومپرستن جي محنت جو
کٽيو کائي ٿي؟
رسول بخش پليجي ڪاوش ۾ ڇپيل هڪ مضمون ۾لکيو هو ته ”کٽيو کائي فقير، لٺيون جهلي ڀولڙو واري ڳالهه وانگر لٺيون جهلن ٿا قومپرست ۽ کٽيو کائين ٿا پ پ وارا.“ پليجي صاحب ڪا نئين ڳالهه ڪانهي چئي بلڪ اها تمام پراڻي ٿيوري آهي ته قومپرست يا ترقي پسند جاکوڙ ڪري ماحول ٺاهين ٿا پر آخر ۾ پ پ اچي اهو ماحول پنهنجي حق ۾ ڪيش ڪرايو وڃي، پر ان ٿيوري جو اعتراف نئين ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه اڳ ۾ آن دي رڪارڊ نه ڪوئي قومپرست مڃيندو هو ۽ نه ئي ترقي پسند، سو اچو ته جائزو وٺون ته اها ٿيوري ڪيتري صحيح آهي ته ڪو قومپرست يا ترقي پسند قوتن جو کٽيو پ پ کائي ٿي وڃي.
دنيا ۾ قومپرستي بابت عام طرح اهو سمجهيو ويندو آهي ته Nationalism is basically a middle class complex (قومپرستي بنيادي طرح وچولي طبقي جو خاص ذهني رجحان آهي) جيڪڏهن قومپرستي بابت اهو تاثر درست سمجهجي ته پوءِ سنڌ ۾ اڄ تائين ٿيندڙ قومپرست سياست بابت مونجهارا پيدا ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي قومپرست سياست جي Pioneer (باني) سائين جي ايم سيد جو تعلق مڊل ڪلاس سان نه هو. ساڳيءَ ريت هن وقت به قومپرست سياست جي اڳواڻي ڪندڙن مان ڪجهه همراهن کي ڇڏي ڪري باقي معاشي طرح يا ذهني طرح فيوڊل يا اپر ڪلاس جا آهن، تنهن ڪري اڪيڊمڪ طور اهو سوال اٿي ٿو ته بنيادي طرح مڊل ڪلاس ۾ پروان چڙهندڙ ان فلسفي يعني قومپرستي جي اڳواڻي ئي جيڪڏهن مڊل ڪلاسين جي هٿ ۾ ناهي ته پوءِ اهو ڪيئن تصور ڪجي ته سنڌ ۾ قومپرست سياست جا بنياد مضبوط آهن يا رهيا آهن. گڏوگڏ هتي ٻيو سوال اهو به اڀري ٿو ته ڇا سنڌين وٽ ڪو ڳڻپ جوڳو مڊل ڪلاس هو، يا آهي به سهي، جنهن ۾ قومپرستي پروان چڙهي ها ۽ جيڪو ڪلاس قومپرست اڳواڻن جي Constituency(اثر هيٺ حلقو) بڻجي ها؟ ان سان لاڳاپيل ٻيو سوال اهو آهي ته ٿورو يا گهڻو جهيڙو به مڊل ڪلاس سنڌين جو آهي اهو ڇا 40 سيڪڙو ۽ شايد ان کان به وڌيڪ انهن ماڻهن تي ٻڌل ناهي جيڪي هيٺئين طبقي مان وچولي طبقي تائين ڪرپشن ۽ غير قانوني طريقن سان هٿ ڪيل وسيلن ذريعي پهتا آهن. جيڪڏهن ان سوال جو جواب ها ۾ آهي ته پوءِ سنڌي قومپرستيءَ جي سياست جي حال ۽ مستقبل بابت همدردي کانسواءِ ٻيو ڇا پيو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته جيستائين سوسائٽي ۾ Process (عمل) ذريعي Geniune (نج) مڊل ڪلاس نه اڀرندو تيستائين هو اهو ڪردار نڀائي نه سگهندو جيڪو ان جو بطور ڪلاس ڪردار بڻجي ٿو. هتي مقصد اهو ناهي ته ڪو سڄو مڊل ڪلاس ايماندار ماڻهن تي مشتمل ٿي سگهندو پر انتظار ان وقت جو ڪرڻو پوندو جڏهن ان طبقي جي اڪثريت Genuine (نج) عمل ذريعي وچولي طبقي ۾ آيل ماڻهن جي ٿي وڃي، نڪي اڄوڪي صورتحال وانگر جو سرڪاري کاتي ۾ سڻڀي پوسٽنگ ذريعي مال ميڙڻ کانپوءِ يا ڪنهن وزير يا مشير جو ”پنٽر“ ٿي ”کانچا“ ڪري يا سياست جي نالي ۾ پيداگيري ڪري هيٺئين طبقي مان ٽپ ڏئي وچولي طبقي تائين پهچي وڃجي ۽ پوءِ چئجي ته اسين مڊل ڪلاس جا ماڻهو آهيون“ته اهو سمجهڻ ضروري آهي ته جيڪو ماڻهو فطري عمل مان گذرڻ کانسواءِ يعني پنهنجي ميرٽ ۽ پورهئي کانسواءِ ڪنهن کانچي وسيلي جڏهن معاشي طرح وچولي طبقي جو ٿيو ٿو وڃي ته پوءِ سندس هميشه اها خواهش ٿي رهي ته جيڪڏهن ڪي به ٻه يا ٽي ٻيا سريلا ڌڪ ٿي وڃن ته هو پاڙي واري وڏيري وانگر لينڊ ڪروزر يا پيجارو جيپ وٺي ڇڏي. مطلب اهو ته کانچائي مڊل ڪلاسي پوءِ وڏيري ٿيڻ جي ڊڪ ڊوڙ ۾ لڳي ٿو وڃي ۽ جڏهن هو معاشي طرح وڏيرڪي ڪلاس ۾ اچي وڃي ٿو ته هو سوسائٽي لاءِ روايتي وڏيري کان وڌيڪ هاڃيڪار ثابت ٿئي ٿو. ان صورتحال تي اسان جا ڪجهه اڌ پڪل دانشور راءِ ظاهر ڪن ٿا ته ”سائين ڌاريا پيا کائين، فلاڻو ته وري به سنڌي آهي ۽ اڳتي ٿو وڌي تنهن ڪري هرو ڀرو اعتراض نه ڪرڻ گهرجي.“ ان راءِ تي ٻيو ڇا چئجي سوءِ ان جي ته ” بابا سائين اسان جو ڪم ڌارين کي ڦرلٽ کان روڪڻ هجڻ کپي يا اهوته اسين به پنهنجي ئي مال تي ٿيندڙ ڦرلٽ واري مقابلي ۾ شريڪ ٿي وڃون؟“ اهو الائي ڪهڙو منطق آهي! پڙهندڙن اڪثر اخبارن ۾ پڙهيو هوندو ته فلاڻي کاتي ۾ غير سنڌي ڪامورا آهن ۽ سنڌي ڪامورن کي اهم عهدن تان هٽايو ويو آهي ۽ سنڌي ڪامورن سان وڏي زيادتي آهي. هاڻ ان خبر کي پڙهي ڪو ٻار به سمجهي سگهي ٿو ته سنڌي ڪامورن سان ”زيادتي“ اها آهي ته کين ”ڪمائو“ پوسٽن تان هٽايو ٿو وڃي ۽ اتي غير سنڌي ڪامورا ڪمائڻ لڳن ٿا. سو ڪامورن (هتي اشارو هر ڪنهن سنڌي ڪاموري ڏانهن نه پر انهن جي گهڻائيءَ ڏانهن آهي) جي قومپرستي جاڳي ٿي ۽ هو دانهين ٿا ته سنڌين سان وڏي ناانصافي آهي. مطلب اهو ٿيو ته جيستائين سنڌ جي ناڻي ۾ ڦرلٽ يعني ڪرپشن ۾ کين به حصو پتي ملندو رهي تيستائين نه ٺيڪ آهي نه ته سنڌين سان زيادتي آهي. جيستائين سيڪريٽريءَ جو عهدو موجود آهي ته تعليم وارو وزير ڪجهه به ڪندو رهي، اسان جو سنڌي سيڪريٽري خالص بيورو ڪريٽ هجڻ جو مظاهرو ڪندي خاموش رهندو پر جيڪڏهن سڀاڻي اتان سندس بدلي ٿي ويئي ته سندس قومپرستيءَ جي رڳ جاڳي پوندي. مزو ته تڏهن آهي، جڏهن ڪامورا سڻڀين پوسٽنگس تي رهندي به سنڌ جي مفادن خلاف ٿيندڙ فيصلن خلاف بيهن، پوءِ ڀلي اهي ٽرانسفر ٿي وڃن. پر ائين ڪرڻ وارا سنڌي ڪامورا ٿورائيءَ ۾ آهن ۽ ٻين جي قومپرستي سندن ٽرانسفر ۽ پوسٽنگس سان مشروط آهي. آئون سمجهان ٿو ته اهي ڳالهيون شايد انهن ماڻهن کي نه وڻنديون هونديون، جن جا مفاد ان سان متاثر ٿيندا هوندا پر اڄ جڏهن اسين چئون ٿا ته Realisation (گهاٽين واڌين جي احساس ڪرڻ) جو دور آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ڳالهيون ضرور ٿيڻ گهرجن.
سو ڳالهه هلي پئي ته اسان جي مڊل ڪلاس ۾ اڪثريت انهن ماڻهن جي ناهي جيڪي پورهيو ڪري پنهنجي هنر ۽ عقل جي بنياد تي ايمانداري سان هڪ عمل وسيلي وچولي طبقي ۾ آيا هجن، بلڪه اڪثريت نه به ته اڌو اڌ موقعي پرستي ذريعي اڳتي وڌيا آهن ۽ ان ڪري قومپرستي کي به يا ته اپر ڪلاس جي ڪجهه ماڻهن اڳتي وڌايو يا پوءِ مڊل ڪلاس ۾ به اهو فلسفو اچي گهڻي ڀاڱي انهن مڊل ڪلاسي جي ور چڙهيو جيڪي Due course (مناسب عمل) ذريعي مڊل ڪلاس ۾ ناهن آيا تنهن ڪري ان فلسفي جو گهڻي ڀاڱي استعمال سرڪاري پلاٽ وٺڻ، قرض وٺڻ، پوسٽنگس وٺڻ، ٺيڪو وٺڻ، ميرٽ کانسواءِ داخلاوٺڻ، وزارت يا منسٽري وٺڻ وغيره رهجي ويو آهي. ان صورتحال منظرنامو ڪجهه هن ريت بيهاريو آهي جو صفا هيٺين يا صفا مٿين طبقن جي اڪثريت هونئن ئي قومپرستي واري سياست سان عملي طرح گڏ نه هئي باقي نه هجڻ جيترو Genuine (حقيقي) مڊل ڪلاس به قومپرست سياست ۾ مجموعي طرح ٿيندڙ لقاءَ ڏسي پاسيرو رهيو. هي ڪهڙا لقاءَ يا منظر هئا انهن جي سڀني کي خبر آهي پر مثال طور ٻه ڳالهيون عرض رکجن ٿيون: هڪ ته جڏهن هڪڙو ماڻهو محنت ڪري، پڙهي لکي، حق حلال سان لوئر مڊل ڪلاس يا مڊل ڪلاس ۾ پهچي ٿو ته هو چاهي ٿو ته سندس پٽ يا نياڻيون به سٺي طرح پڙهي لائق ٿين، ڇاڪاڻ ته سندس ڪل اثاثو سندس ٿوري ملڪيت ۽ اولاد هوندا آهن، پر جڏهن کيس خبر پئي ٿي ته جنهن ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ تعليم ڏيارڻ لاءِ ٻار کي موڪلي پيو اتي روزانو جهيڙا ۽ بائيڪاٽ پيا ڪرايا وڃن، شاگرد ڌريون بندوقون پيون هلائين ته سوچيو اهو مڊل ڪلاسي ڇا ڪري؟ يا ته ٻار جي پڙهائيءَ تان هٿ کڻي يا پوءِ تعليمي اداري مان پنهنجي ٻار جي واپسيءَ تائين نفل پڙهندو رهي؟ ساڳيءَ ريت جيڪڏهن ڪو مڊل ڪلاسي چار پيسا گڏ ڪري چار پئسا قرض وٺي ڪو دڪان کولي يا اٽي جي چڪي هڻي يا ٻيو ڪو ڌنڌو ڪري ته سندس ڪاروبار واري هنڌ تي ٻئي ڏينهن انڪم ٽيڪس کاتي وارن کان اڳ اچڻ وارا اچي ويندا ۽ ”چندو“ گهرندا (چندو اصل ۾ ڀتي جو مهذب نالو آهي، ڇاڪاڻ ته چندو ڏيڻ يا نه ڏيڻ ماڻهوءَ جي مرضي هوندي آهي پر هتي چندي لفظ جي اڳيان ڏنگين ۾ ڀتو لکيل هوندو آهي) مٿيون بيان ڪيل ڳالهيون ۽ ٻيون انيڪ ڳالهيون هڪ ايماندار مڊل ڪلاسي کي سڄي صورتحال مان Frustrate (مايوس) ڪن ٿيون.
عام طرح اهو مڃيو وڃي ٿو ته 1980ع واري ڏهاڪي تائين فطري عمل ذريعي جيڪو سنڌي مڊل ڪلاس اڀري آيو هو تنهن جي 1983ع کانپوءِ رائج ٿيندڙ ڌاڙيل راڄ چيلهه ڀڃي ڇڏي ۽ سنڌ ۾ پراسيس ۾ اڳتي ايندڙ واپاري، ننڍو پر پروگريسو زميندار ۽ ٻيا ڪاروباري ماڻهو ڌاڙيلن جو ٽارگيٽ هئا پر 1992ع ۾ فوجي آپريشن کانپوءِ ڌاڙيلن جو ڪارروايون ڪجهه جهڪيون ٿيون. مڊل ڪلاس وري پير ڄمائڻ شروع ڪيا ته انهن لاءِ ”ڀتا گروپس“ آزار ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ننڍي شهر جي دڪاندار جو اڃا مس دڪان هلڻ شروع ٿئي ٿو ته مختلف ٽولن ۾ ڀتا وٺندڙ اچيو پهچن ٿا. ظاهري طرح اهو معاملو ڀلي ڌاڙيل فيڪٽر جي معاملي کان ننڍو لڳي پر اها ڳالهه انهن سڀني ماڻهن کي انتهائي اهم لڳندي هوندي، جيڪي سرڪاري رنڊڪن، مهانگائي ۽ مقابلي واري ماحول جهڙي صورتحال ۾ ڪاروبار ڪري رهيا آهن يا زمينداري ڪري رهيا آهن، يا ايمانداري سان نوڪري ڪري رهيا آهن، اهي سڀ سمجهي سگهن ٿا ته ”ڀتا ڪلچر“ ڪيڏو وڏو عذاب آهي.
ان سڄي پس منظر کي ذهن ۾ رکندي جڏهن پاڻ واپس ان ٿيوريءَ تي اچون ٿا جيڪا پليجي صاحب ڏني ته لٺيون قومپرست کائين ٿا ۽ کٽيو کائين ٿا پ پ وارا، ته پليجي صاحب سان معذرت ڪندي آئون ان ٿيوريءَ سان متفق ناهيان. ڇاڪاڻ ته اول ته قومپرست يا ترقي پسند Grass root (بنيادي عوامي سطح) قوتن تي پهچي هيٺئين وچولي طبقي جا عام ماڻهو (جيڪي اڪثريت ۾ آهن) تي اثر انداز نه ٿي سگهيا آهن، جو چئجي ته انهن ماڻهن ۾ شعور ۽ سجاڳي قومپرست ٿا پيدا ڪن ۽ ووٽ پ پ وارا وٺيو ٿا وڃن، باقي رهي ٿي مڊل ڪلاس جي ڳالهه ته اهو پهرين ته ووٽن جي لحاظ کان ڪا فيصلائتي قوت نٿو رکي ۽ ٻي ڳالهه ته اهو به قومپرستن سان اجتماعي طور تي گڏ ناهي.
پليجي صاحب پاران لٺيون جهلڻ مان هڪڙي مراد اها به سمجهه ۾ اچي ٿي ته جڏهن به سنڌين (پ پ ) کي اسلام آباد مان نيڪالي ملي ٿي يا سنڌ تي اقتداري سياست جي حوالي سان ڏکيا ڏينهن اچن ٿا ته پ پ کان وڌيڪ حڪمرانن سان جهيڙو ترقي پسند يا قومپرست ٿا ڪن پر آخر ۾ اقتدار وري پ پ کي ٿو مليو وڃي. اها ٿيوري به ٿورو Exaggerated (وڌاءَ) ٿيل محسوس ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پاڻ 1983ع جي جدوجهد جو به مثال وٺون ته ان تحريڪ ۾ عوامي تحريڪ، جمعيت علماءِ اسلام ۽ ٻيون پارٽيون هيون پر ڪنهن کي وڻي يا نه پر اها حقيقت آهي ته اها تحريڪ شروعاتي طور زور ئي نه وٺي ها جيڪڏهن سنڌي وڏيرو ان جي شروعات نه ڪري ها ۽ ان مهل بااثر سنڌي وڏيرن جي اڪثريت پ پ سان هئي، تنهن ڪري اهو چوڻ ته پ پ پنهنجي حصي جون لٺيون سهڻ کانسواءِ ئي اقتدار ۾ اچي وئي صحيح ڪو نه هوندو. ٻي ڳالهه اها ته جيڪڏهن شڪايت اها آهي ته پ پ سان گڏ جن ٻين لٺيون سٺيون انهن کي اقتدار نه مليو ته ان ڏس ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته اهي ڌريون پنهنجي Political credibility (سياسي ساک) جو جائزو وٺن ته لٺين کائڻ جو صلو صرف پ پ کي ئي ڇو ٿو ملي وڃي؟ ۽ اقتدار ڏيندڙ (عوام توڙي اسلام آباد) لٺيون کائيندڙ ٻين ڌرين کي ”صلو“ ڇو نه ٿا ڏين؟ پ پ اسان جي سوسائٽيءَ ۾ وڏيري ۽ هيٺئين طبقي جي ماڻهن جي سنگم جو نالو آهي، ڇاڪاڻ ته وڏيري کي پ پ ذريعي اقتدار ٿو ملي ۽ هيٺئين طبقي جي ماڻهن کي پ پ ذريعي پنهنجا سنها ٿلها ڪم ٿيڻ جو آسرو ٿو ملي. اها حقيقت ڪنهن کي سٺي لڳي يا خراب پر مجبورين ۽ مسئلن ۾ وڪوڙيل اسان جي عام ماڻهن کي علائقي جي پوليس ۽ تپيدار مان فوري رليف ٿو کپي ۽ هو سمجهي ٿو (شايد کيس ائين سمجهڻ جو عادي به ڪيو ويو آهي) ته کيس فوري طور رليف ڪو فلسفو يا نظريو نه پر چونڊيل عيوضي ڏياري سگهي ٿو. اها ڳالهه پڻ سمجهه جوڳي آهي ته معاشي طرح بدحال ماڻهو کي معاشي نعرو ڪنهن جذباتي نعري کان وڌيڪ اپيل ڪندو آهي ۽ ا هو ئي سبب آهي ته عام ماڻهوءَ کي اڃا به ذوالفقار علي ڀُٽي جو ”روٽي، ڪپڙا اور مڪان“ جو نعرو نٿو وسري. ان ڏس ۾ ڀٽو يا پ پ ته ٺهيو پر يوسف لغاري مون کي پاڻ ٻڌايو ته تازين چونڊن ۾ ميرپورخاص مان ايم ڪيو ايم جي اميدوار کي ڪافي تعداد ۾ سنڌي ووٽ پڻ مليا، پوءِ ڀلي اهي ووٽ ماڻهن ڪنهن وڏيري جي چوڻ تي ايم ڪيو ايم کي ڏنا هجن پر Fact (حقيقت) پنهنجيءَ جاءِ تي رهي ٿو ته سڄي ”سجاڳي تحريڪ“ اڃا عوامي سطح تي ڪو وڏو ٻوٽو ناهي ٻاري سگهي جو چئجي ته ان جو فائدو پ پ وٺيو ٿي وڃي. بلڪه ڳالهه هيئن ٿي سمجهه ۾ اچي ته ڀُٽي ئي هيٺئين سطح جي ماڻهن سان پهريون ڀيرو رابطو ڪري انهن سان پنهنجو سياسي رشتو جوڙيو هو جنهن جو کٽيو اڄ به پ پ پيئي کائي.
سهيل سانگي ٻڌائي ٿو ته ٿر ۾ سياري واري موسم ۾ لومڙ ٽن پيرن تي هلندو آهي جو سندس خيال هوندو آهي ته جيڪڏهن هن چوٿون پير ڌرتيءَ تي رکيو ته ڌرتي ڦاٽي پوندي! ان ”ٿري لومڙ“ جيان اسين به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پاڻ کي Overestimate (وڌاءَ وارو ليکو) ڪندا آهيون ۽ ان خوش فهمي ۽ غلط فهمي جي گڏيل ڪيفيت ۾ اسين پاڻ به غلطان هوندا آهيون ۽ ٻين کي به منجهائي ڇڏيندا آهيون. اڪثر ٻڌندا آهيون ته ڪو هڪ پريشر گروپ اها دعويٰ ڪري ٿو ته ”اسلام آباد فلاڻو فيصلو نه بدلايو ته ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏينداسين.“ ايڏي وڏي دعويٰ ڪرڻ کانپوءِ پنج يا ڏهه ماڻهو پريس ڪلب اچي بک هڙتال تي ويهن ٿا يا وري پنج يا ڇهه سئو ماڻهن تي ٻڌل مظاهرو ڪجي ٿو ۽ پوءِ سڄو زور اخبارن تي هوندو آهي ته اخبارون سندن ان ”عوامي هلچل“ کي وڌائي چڙهائي پيش ڪن. اخبارون جيڪڏهن ائين ڪن به ٿيون تڏهن به ان ڪوريج سان هاڻ نه عوام ۽ نه ئي اسلام آباد متاثر ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته اسلام آباد کي سندس ”ذريعا“ حقيقت ٻڌايو ٿا ڇڏين ته ”عوامي هلچل“ ڪيتري زوردار آهي باقي عوام کي ته خبر ئي هوندي آهي ته ان ”فلاڻي هلچل“ ۾ عوام ڪيترو آهي. باقي اهو سوچڻ ۽ سمجهڻ هر ڪنهن جو حق آهي ته سندن مسلسل جدوجهد نيٺ نتيجا آڻيندي ۽ عوام سندن ساٿ ڏيندو ۽ اسلام آباد سندن پريشر قبول ڪندو! خدا سندن دلي مراد قبولي پر احتياط طور مرزا غالب جو هيٺيون شعر لکي ڇڏجي ته حرج ناهي.
آهه ڪو چاهئي اڪ عمر اثر هوني تڪ
ڪون جيتا هي تيري زلف ڪي سر هوني تڪ
هم ني مانا ڪه تغافل نه ڪروگي ليڪن
خاڪ هوجائين گي هم تم ڪو خبر هوني تڪ
اڪيڊمڪ قسم جو بحث پنهنجيءَ جاءِ تي پر راڄوڻي حساب ۾ پريشر گروپس جي ميار پ پ تي بڻجي ٿي جو انهن گروپس جي گهڻائي ماضي ۾ پ پ سان اتحاد جي صورت ۾ يا تعلق نه هجڻ باوجود پ پ جو هٿ ضرور ونڊايو آهي. اهو هيئن جو جڏهن به سنڌ جي سورن ۽ اتي موجود محرومي جي ڳالهه پ پ سان ”همنوا“ طور ٻين به گڏجي سڏجي چوڻ شروع ڪئي ته اسلام آباد مٿان ان جو اثر مڙئي سوائي ٿيو پر پ پ اقتدار ۾ پهچي انهن سان راڄوڻي حساب ۾ گهڻو نڀايو ڪونه. شايد ٻنهي کي اقتداري دور ۾ گڏ رهڻ جو فارمولو نٿو سمجهه ۾ اچي، بلڪل ائين جيئن ڪنهن ملڪ جي بادشاهه ڪنهن ماڻهو تي خوش ٿي کيس آڇ ڪئي ته کيس جيڪو وڻي سو گهري. همراهه چيو ته ”هڪ سئو رپيا ڏيو“. بادشاهه چيس ته ”ايتري ٿوري گهر پوري ڪرڻ منهنجي حيثيت ۽ شان جي خلاف آهي“ ته همراهه وراڻيو ته ”بادشاهه پوءِ پنهنجي بادشاهت مون کي ڏي“ بادشاهه جواب ڏنس ته ” اها تنهنجي شان ۽ حيثيت کان وڌيڪ آهي.“ سو ڪڏهن ڪڏهن ڏيڻ ۽ وٺڻ واري معاملي ۾ ڌريون هڪ ٻئي جي حيثيت ۽ سگهه جو صحيح اندازو نه لڳائي سگهڻ سبب ڪنهن ٺاهه تي نه ٿيون پهچي سگهن.
|
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو