Thursday, 27 November 2014

علي قاضي

پاور پاليٽڪس ۽ ايمانداريءَ جا رستا
ڌار ڌار ڇو آهن؟
خميس 5 مارچ 1998ع


اخبار جو ايڊيٽر جڏهن صبح جو اخبارون (ڏهه کان پندرنهن مختلف اخبارون) ڏسڻ شروع ڪري ٿو ته ايتريون اخبارون پڙهڻ جا ٻه سبب هجن ٿا. هڪ معلومات حاصل ڪرڻ ۽ ٻيو مکيه سبب اهو ڏسڻ ته ٻين اخبارن ۾ ڪهڙي واڌو خبر آهي جيڪا سندس اخبار کان رهجي وئي آهي ۽ هڪ سٺي ايڊيٽر جي صبح جو چانهه جي ڪوپ سان اخبارون پڙهڻ شرط ڊيوٽي شروع ٿي وڃي ٿي ۽ ڪنهن خبر جي گهٽ يا وڌ هجڻ جي صورت ۾ايڊيٽر جو رت صبح کان سڙڻ شروع ٿئي ٿو ۽ جيستائين هو لاڳاپيل ذميوار ماڻهو سان رابطي ۾ اچي پنهنجا ”جذبات“ ان تائين پهچائي نه ڇڏي ۽ ان غلطي يا ڪوتاهي جي سدباب لاءِ ڪي اپاءَ نه وٺي تيستائين سندس بلڊ پريشر هيٺ نٿو ٿئي. اهو ته ٿيو صبح جي وقت هڪ ايڊيٽر جي اخبار پڙهڻ جو انداز، پر اچو ته تصور ڪريون ته ڪو سياستدان صبح جو اخبارون ڪيئن پڙهندو هوندو. الف ليڊر صبح جو اٿيو، اخبارون کڻي پڙهڻ شروع ڪيائين ۽ اخبار ۾ ملڪي يا غير ملڪي خبرن کان اڳ سندس نظرون اخبار جي پهرئين صفحي تي پنهنجي بيان کي ڳولهي رهيون هيون پر آخري صفحي تي به جڏهن کيس پنهنجو بيان نظر نه آيو ته سندس رت سڙڻ شروع ٿيو ۽ هو اکيون بند ڪري سوچڻ لڳو ته ”اخبار ۾ وڌ ۾ وڌ ڪوريج لاءِ ڪهڙو فارمولا استعمال ڪجي؟“ هڪ ڪامورو جيڪو اهم عهدي تي فائز هجي اخبار ۾ جڏهن ببليءَ سان گڏ محفل ۾ پنهنجي موجودگيءَ واري خبر پڙهي ٿو ته سڙي چوي ٿو ته ”انهن اخبار وارن کي هر ڳالهه جي خبر ڪيئن ٿي پئجي وڃي؟“ پر هڪ عام اخبار پڙهندڙ (جنهن جي اڪثريت آهي) جڏهن صبح جو اٿي اخبار ۾ هٿ وجهي ٿو ته هو اخبار کي صرف خبرن يا تبصرن ۽ معلومات لاءِ پڙهي ٿو. اهو ئي سبب آهي. جو اخبار ڪڍندڙن جو سڄو زور ان ڳالهه تي هجي ٿو ته بيانن جي ڀرمار واري ماحول ۾ ڪٽ شٽ ڪري اخبار ۾ عام دلچسپي ۽ معلومات وارين خبرن کي ترجيح ڏجي، جنهن ۾ پڙهندڙن جي اڪثريت جي دلچسپي هجي ٿي. اهو مسئلو خاص ڪري ٿورن صفحن وارين اخبارن سان هجي ٿو ۽ ٿورا صفحا رکڻ جو سبب اهو هجي ٿو ته اخبار جي قيمت گهٽ رهي، گهٽ قيمت تي اڄڪلهه سڄي ملڪ مان تمام گهڻيون اخبارون نڪرن پيون ۽ اڃا ٻيون به پيون نڪرنديون، پر لاهور جي اخباري دنيا ۾ ته ان Price war (قيمتن جي جنگ) سڄي پرنٽ ميڊيا انڊسٽري ۾ ڀونچال آڻي ڇڏيو آهي، جو هڪ اخبار روزاني ”دن“ جيڪا ٽن رپين ۾ وڪرو  ٿي رهي آهي، تنهن جي سرڪيوليشن لاهور جي سڀني اخبارن کان وڌي ويئي، جنهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ روزاني جنگ، نوائي وقت، پاڪستان ۽ خبرين کي پڻ پنهنجون قيمتون هيٺ آڻڻيون پيون ۽ جنگ اخبار ڏهن رپين مان گهٽائي قيمت پنج رپيا ڪئي آهي، صحافت جي موضوع جي شاگردن لاءِ لاهور ۾ ٿيندڙ Price war (قيمتن جي جنگ) انتهائي معلوماتي ۽ دلچسپ آهي. ڇاڪاڻ ته پاڪستاني پرنٽ ميڊيا جي انڊسٽري ۾ اهو پهريون موقعو آهي جو اخباري ادارا اهڙي ڪنهن خالص Commercial (تجارتي) مقابلي ۾ هڪ ٻئي جي سامهون آيا هجن پر دنيا جي پرنٽ ميڊيا ۾ اها ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. تازو ٻه سال اڳ جڏهن دنيا ۾ اخباري پنو (نيوز پرنٽ) مهانگو ٿي ويو ۽ سڄي دنيا جي اخبارن پنهنجون قيمتون وڌائي ڇڏيون، تڏهن آسٽريلوي ميڊيا ميگنيٽ رابرٽ مرڊوڪ لنڊن ۾ پنهنجي اخبار جي قيمت گهٽائي ڇڏي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سندس مقابلي وارين اخبارن کي به مجبوري هيٺ پنهنجين اخبارن جون قيمتون گهٽائڻيون پيون ۽ ائين سڄي دنيا ۾ مهانگائيءَ جي ڪري اخبارن جون قيمتون وڌيون پئي پر لنڊن ۾ مقابلي واري صورتحال جي ڪري اخبارن جون قيمتون گهٽيون پئي. پر لنڊن ۾ رابرٽ مرڊوڪ تي ڪنهن به تنقيد نه پئي ڪئي ته هو ائين ڇو پيو ڪري، ڇاڪاڻ ته اوپن مارڪيٽ ۾ هر ماڻهو جي مرضي هوندي آهي ته هو پنهنجي Product (تيار ڪيل شيءِ) کي ڪهڙي نموني (ظاهر آهي غير قانوني ۽ غير اخلاقي طرح نه) ٿو وڌائي، سو اڄ جڏهن پاڪستان ۾ گهٽ قيمت ۾ اخبار رنگين ڪرڻ وارا مارڪيٽنگ وارا فارمولا ڏسجن ٿا ته اهو ياد ڪري مزو ٿو اچي ته رڳو سنڌ ئي نه پر پاڪستان ۾ ”ڪاوش“ اهو پهريون ادارو آهي، جنهن 1990ع ۾ گهٽ قيمت ۾ رنگين اخبار جي شروعات ڪئي، جنهن جي ڪاميابي کانپوءِ ڪيتريون سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارون ان فارمولي تي نڪتيون ۽ اڃا نڪرنديون پر ملڪي پرنٽ ميڊيا ۾ Low price coloured, vocal pro people and professional approach.(سستي، رنگين، بيباڪ، عوام جي ترجمان ۽ پيشيوراڻي اخلاقيات) واري اخبار جو ٽرينڊ سنڌي اخبار (ڪاوش) ڏنو ۽ پنجاهه سالن کانپوءِ جيڪڏهن پرنٽ ميڊيا جي تاريخ تي ڪڏهن لکيو ويو ته اها ڳالهه ضرور ڄاڻائي ويندي ته پاڪستان ۾ ان نئين ٽرينڊ جي Pioneer (خالق) ڪاوش آهي. گهٽ قيمت ۽ ڀرپور خبرن واري فارمولي جي ڪري نه صرف پڙهندڙن ۽ اخبار خريد ڪندڙن جو تعداد وڌيو پر نيون اخبارون به نڪتيون ۽ انهن پراجيڪٽن جي پويان سياستدانن، ٺيڪيدارن ۽ ڪامورن جا لکين. ڪروڙين رپيا ٻڏي ويا ۽ اڃا اهو سلسلو جاري آهي. هاڻ اها ڳالهه مذاق ۾ چئبي آهي ته ”هر سال يا ٻئي سال نين سنڌي اخبارن جو هڪ ريلو سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي هيٺيان لنگهي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿو ڪري ۽ پاڻيءَ جو اهو وهڪرو تيستائين ماڻهن جي بحث هيٺ رهي ٿو جيستائين اهو وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ڪري.“ ساڳيءَ ريت نيون اخبارون به مهينو يا ٻه صحافتي دنيا ۾ بحث هيٺ رهن ٿيون، جيستائين اهي وڃي پنهنجي پنهنجي حقيقي جاءِ تي بيهن. بهرحال اها سٺي ڳالهه آهي ته اخباري مارڪيٽ ۾ مقابلي جو رجحان برقرار رهي پر مسئلو اهو آهي ته جڏهن اخبار ڪڍڻ جي پويان اپروچ پروفيشنل نه هجي، مقصد خالص ڪاروباري پراجيڪٽ نه هجي، مقصد هڪ صنعت جيان اخبار کي سمجهڻ نه هجي ته پوءِ ڏوڪڙ به ٻڏيو وڃن ۽ مجموعي طرح ميڊيا جي دنيا کي به فائدو نٿو ٿئي. هڪ صحافي دوست  چواڻي  ته اخبار ڪڍڻ جي پويان مقصد وڃي بيٺو آهي، ”لئه ڪرڻ، سياست ۾ داخل ٿيڻ، ٺيڪو وٺڻ يا سڻڀي سرڪاري پوسٽنگ وٺڻ وغيره“. هاڻ واقعي به جيڪڏهن سوچ اها هوندي ته پوءِ ڪم ڪيئن هلندو؟ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪروڙين رپيا خرچ ڪري هڪ ٽيڪسٽائيل مل لڳائي پر سندس اصل خواهش پاڻ کي صنعتڪار سڏائي چيمبر آف ڪامرس جو عهديدار ٿيڻ ۽ پوءِ وزيراعظم يا وزيراعليٰ سان ملاقاتون ڪرڻ هجي ته پوءِ پڪ سمجهجي ته سندس ٽيڪسٽائيل مل ڪا نه هلندي. ساڳيءَ ريت جيڪڏهن ڪو وڏيرو ڪراچيءَ ۾ هڪ فائيواسٽار هوٽل صرف ان خيال سان ٺهرائي ته هوٽل ۾ وڏن ماڻهن سان ڪچهريون ڪبيون، لئه ڪبي، تعلقات ٺاهبا ته پوءِ اها هوٽل هلڻ جو به آسرو گهٽ رکجي. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪنهن فيڪٽريءَ کان ويندي ريزڪيءَ جي دڪان کولڻ تائين ڪنهن به ڪاروبار کي شروع ڪرڻ مهل اپروچ خالص ڪاروباري پروفيشنل نه رکبي بلڪه ان ڪاروبار جي پويان ٻيا ايجنڊا رکبا ته ان ڪاروبار جي هلڻ جا امڪان تمام گهٽ هجن ٿا.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو