ڪاوش جا پڙهندڙ
سومر 3 آگسٽ 2009ع
سومر 3 آگسٽ 2009ع
ڪجهه ڏينهن اڳ مون سنڌ جي ڪيترن ئي اديبن، دانشورن، فنڪارن کان ڪاوش جي باري ۾ سندن رايا ورتا...هنن جيڪي ڪوڙ ڳالهايا، اهي هيٺ پيش ڪجن ٿا. اديبن کي دعوتون ڪرائي ادب ۾ نمايان حيثيت حاصل ڪندڙ نامياري ڪهاڻيڪار ريٽائرسنڌيءَ چيو ته، پهرين ته ڪاوش جي سالگرهه تي کوڙ ساريون واڌايون. ان کان پوءِ مان اهو چوندس ته اسان جي پوري فيملي ڪاوش جي پڙهندڙ آهي. اسان وٽ ته ماسِي ڪم واري به پهرئين ڪاوش پڙهندي آهي ۽ پوءِ ٿانون ۾ هٿ وجھندي آهي. آئون وري جنهن ڏينهن ڪاوش نه پڙهندو آهيان، انهي ڏينهن مونتي غشيءَ جا دورا پوندا آهن. ڪاوش مون کي ايتري ته وڻندي آهي جو آئون ته ماني به اخبار تي رکي پوءِ کائيندو آهيان. جيئن هڪڙي دفعي اخبار جي ايڊيٽوريل پيج مٿان ٻوڙ هارجي پيو....ڏٺم ته اسان جو هڪڙو ڪالم نگار سڄو ڍڪجي ويو هو...۽ انهي جي نڪ مٿان ٻوٽي وڃي ڪري هئي...مون به ڏاڍي پيار سان ٻوڙ اگھي ڇڏيو. هڪڙي دفعي مڇي کائي منهنجي پٽ ڪنڊو اڇليو ته اهو هڪڙي سياستدان جي مُڇن مٿان وڃي ڪريو...انهي ڏينهن کانپوءِ مون اخبار وڇائي ماني کائڻ واري ڪم خلاف هڪڙو خط به لکيو جيڪو ڪونه ڇپيو...ڇوته ايڊيٽر جو خيال هو ته انهي سان ملڪ مان ٻوڙ هارڻ وارو رجحان ختم ٿي ويندو!نامياري ڊرامانگار قادر جوڻيجي چيو ته، ڪاوش جڏهن نئين نئيننڪتي هئي ته ماڻهو انهي کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندا هئا...جيئن منهنجا ساهرا مون کي شڪي نگاهن سان ڏسندا آهن. ان مهل جنهن مهل آئون شڪي حالت ۾ هوندو آهيان. اخبار نيٽ تي اچڻ کانپوءِ ان کي نائيجريا جا شيدي به پڙهندا آهن، چاهي انهن کي سنڌي سمجھه ۾ اچي يا نه....پر ويب سائيٽ ضرور کولي ڏسندا آهن. هاڻي سنڌي ٻوليءَ کي ڪو به خطرو نه آهي، ڇو ته اها هاڻي نائيجيريا ۽ يوگنڊا جي شيدين جي ڊرائنگ رومن تائين به وڃي پهتي آهي...۽ اهو ڪاوش جو سنڌي ٻوليءَ تي احسان آهي! سنڌي ٻولي جي بي اختيار اداري واري جهونيءَ چيو ته، ڪاوش اديبن ۾ وڌ کان وڌ پڙهي ويندڙ اخبار آهي، جيڪا هنن ڪڏهن به پنهنجن پئسن سان وٺي ڪانه پڙهي آهي. هميشه ڪنهن نه ڪنهن کان وٺي پوءِ پڙهندا آهن. آئون ڪاوش جي شروعاتي پڙهندڙن مان آهيان...يعني اڃا ڪاوش ايجاد به ڪانه ٿي هئي، آئون تڏهن کان پڙهي رهي آهيان!....ڪجھه ماڻهو ڪاوش جي ٻوليءَ تي سر عام تنقيد ڪندا آهن، جيڪو صحيح ناهي. آئون خود به تنقيد ڪندي آهيان پر ان مهل، جنهن مهل منهنجي سامهون ڪيربه نه هجي!
سنڌي ٻوليءَ جي صفا جهوني دانشور ۽ برک اديب (اصل ۾ بک اديب) ڦوڪڻي ٽونگڙائيءَ چيو ته ڪاوش اخبار سنڌي ماڻهن ۾ سجاڳي آندي آهي....يعني جيڪي ستا پيا هوندا آهن، انهن لاءِ اهڙيون خبرون لڳايون وينديون آهن جو انهن جي ننڊ غائب ٿي وڃي...پوءِ جن سنڌين کي صبح جو سوير آفيس لاءِ اٿڻو هوندو آهي....اهي رات جو ڀر ۾ اخبار رکي سمهندا آهن ته جيئن صبح جو سوير سجاڳي ٿئي ... ائين ڪاوش سنڌي ماڻهن ۾ سجاڳي آندي، جيڪا اسان لاءِ فخر لائق آهي. سنڌي اجائي سنگت جي ميجر جنرل سيڪريٽري نان سنڌيءَ چيو ته، سالگرهه واري موقعي تي مان ڪاوش سٿ کي دل جي ...جيتوڻيڪ منهنجو اندر سڙي ٿو ڇو ته منهنجا ڪالم ڇاپيا نٿا وڃن...انڪري دل جي ساڙ منجهان واڌايون ڏيان ٿو. منهنجا اهي سڀ ڪالم ڪاوش وارن رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلي ڇڏيا، جن کي ذري گھٽ ايوارڊ ملڻ جو ڊپ هو. جيئن منهنجا ٽي مشهور ڪالم هئا، ’’لوڊ شيڊنگ جي گرمين ۾ عشق‘‘، ’’سنڌي ڪهاڻيءَ کي ٻيهر جيئرو ڪندڙ نجوميءَ جي تلاش‘‘ ۽ ’’سنڌي شاعريءَ مان اديبائن جي گمشدگي‘‘.ڪي ٽي اين جي ڊائريڪٽر فيوز محترم ڪنفيوز چيو ته، ڪاوش ۾ ڪم ڪندي نون ماڻهن سان ملاقات ٿي. موٽ ۾ مون کي گهڻو ڪجهه مليو ۽ جيڪو به مليو، هميشه کلئي عام ورتوسين. ڪاوش منهنجي جان آهي. مونکي ته اداڪارا نجمه ڪاوش به رڳو ان ڪري وڻندي آهي ڇو ته انهي جي نالي پٺيان ڪاوش آهي! ڪي ٽي اين جي نيوز ڪاسٽرياڻي عاملا پگھر چيو ته، جڏهن به ڪاوش جي سالگرهه ايندي آهي ته خوشي ٿيندي آهي ته اڄ وري هڪ ڪيڪ کائڻ لاءِ ملندو...ڇو ته سالگرهه ۾ مهمان گھرائجن يا نه، پر ڪيڪ کي ضرور گھرائڻو پوندو آهي. ڪي ٽي اين نيٽ ورڪ جون سالگراهون ايتريون ٿيون ٿين جو اسان هاڻي سالگرهه جي ڪيڪ تي لڳل ميڻ بتيون وسائڻ لاءِ به هڪ ماڻهو رکيو آهي. باقائدا هڪ ٿلهو متارو حبشي اسٽائيل جو همراهه آهي جنهن جي هڪڙي ئي ڦوڪ جهڙي اسرافيل جي ڦوڪ هوندي آهي...اهڙي ته زور سان ڦوڪ ڏيندو آهي، جو اهي ميڻ بتيون وري مهينن تائين ٻري نه سگھنديون آهن! ڪي ٽي اين جي گھوسٽ خاليءَ چيو ته، صبح جو اک کلڻ سان منهنجي اک ٻن شين تي پوندي آهي...هڪڙي مائيءَ تي ۽ ٻي ڪاوش تي ...پوءِ آئون يڪدم ڪاوش پڙهڻ لڳندو آهيان ته هوءَ دانهون ڪري چوندي آهي ته، مون کان وڌيڪ توکي انهي جو خيال آهي....اها روز صبح جو اچيو ٺڪا ڪري...ٻارن کي اسڪول به ڪونه ٿو ڇڏيو اچين...سو منهنجا ادا، ڪاوش اهڙو نشو آهي جو چئن دفعا اسانجي طلاق ٿيندي ٿيندي بچي آهي!
شاعر ۽ گلوڪار واحد تڪڙي چيو ته، مان ان وقت کان ڪاوش اخبار پڙهندو پيو اچان جڏهن هڪ روپئي ۾ ملندي هئي ۽ اڄ ڏهين روپين جي ٿي وئي آهي پوءِ به پڙهان پيو. ۽ توهان سوچيو ته مون ڪاوش جي پٺيان ڪيترو خرچ ڪيو آهي...ايترو خرچ جيڪڏهن آئون پنهنجي محبوبا جي پٺيان ڪريان ها ته هينئر ڇهن ستن ٻارن جو پيءُ هجان ها....! اداڪارا خُفيه گُل چيو ته، شوبز جي باري ۾ سڀ کان پهرئين ڪاوش ئي خبر ڏيندي آهي ته ڪهڙو فنڪار ڪهڙي فنڪارڻ سان، ڪيتري فنڪاريءَ سان، پيچ پيو اڙائي ۽ ڪنهن ڪنهن کي آسرن ۾ پيو رکي....جيستائين مان ڪاوش کي نه پڙهندي آهيان ، پاڻيءَ مان نڪتل مڇيءَ وانگر ڦٿڪندي رهندي آهيان...پوءِ جيئن ئي ڪاوش ملندي آهي ته اهڙو سڪون اچي ويندو آهي ڄڻ ڪنهن ڊائريڪٽر ڇهن مهينن جا روڪيل پئسا مَس مَس ڏنا هجن! گلوڪارا گجريلا ڪاليءَ چيو ته، جڏهن مون کي منهنجي پهرئين مڙس طلاق ڏني ته اها ڪاوش ئي هئي جنهن سڀ کان پهرئين خبر ڏني....خود مون کي به اخبار مان ئي خبر پئي ته انهي نڀاڳي مڙس مون کي طلاق ڏيئي زندگيءَ ۾ ڪو پهريون سٺو ڪم ڪيو آهي...انهي کانپوءِ اها ڪاوش ئي هئي جنهن سڀ کان پهرئين منهنجو افيئر فاش ڪيو ته آئون اداڪار انب باغائيءَ سان لڪي لڪي ڪالا باغ ۾ ملڻ وڃان ٿي.نيٺِ سَلهجي پوڻ جي ڊپ کان مون کي ٻي شادي به ڪرڻي پئي...سچ ته ڪاوش فنڪارن جي وڏي مدد ڪئي آهي!
گلوڪارا گلابي گُل چيو ته، مان انهن ڏينهنِ کان ڪاوش جي هائيڊ پارڪ جا خط پڙهي رهي آهيان، جڏهن اڃا مون کي پڙهڻ ئي رڳو پرايا خط ايندا هئا...ننڍپڻ کان ڪاوش ۾ لکيل خط پڙهڻ جو اهو فائدو ٿيو جو پوءِ جيڪي ’’لو ليٽر‘‘ مونکي ايندا هئا، اهي به مان آسانيءَ سان پڙهي ويندي هئس...نه صرف پنهنجا پر مميءَ جا، ’’لو ليٽر‘‘ به ان کي پڙهي ٻڌائيندي هئس...سچ ته ڪاوش جو اسان فنڪارن تي وڏو احسان آهي. اسپتال ۾ بيماريءَ جي بستري تي پيل صفا جهوني اداڪار غريب محمد ماکي چيو ته، پوڙهو آهيان، اخبار جا اکر ايترا ته ننڍڙا هوندا آهن جو نرسن کان اخبار پڙهائي ٻڌندو آهيان...نرسون سُوئي هڻڻ اينديون آهن ته انهن کي چوندو آهيان، پهرئين اخبار ٻڌايو پوءِ سوئي هڻائيندس....جيڪڏهن ڪاوش وارا منهنجي بيماريءَ جي خبر شايع نه ڪن ها ته اڄ مان مري چڪو هجان ها.آئون ته رڳو جيئرو ئي انڪري آهيان ته جيئن ڪاوش ۾ پنهنجي وفات جي خبر پڙهي پوءِ مران...هونئن آئون لهان ته ٽَڪو به ڪونه، پر پنهنجي بيماريءَ جي باري ۾ وڏا وڏا آرٽيڪل ڏسي في الحال مون مرڻ جو پروگرام ئي ملتوي ڪري ڇڏيو آهي...۽ قسم کنيو آهي ته جيستائين ثقافت کاتي جي خزاني کي اڌ خالي نه ڪندس ...تيستائين مرڻ ته ڇا ڪوڙو بيهوش به ڪونه ٿيندس!
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو