Tuesday, 25 November 2014

امتياز ابڙو

                      !  عيد عجيب
                     سومر 21 سيپٽمبر 2009ع

عيد اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن ٻه ڄڻا پاڻ ۾ ملي وري ٻي عيد تي ملڻ جي ڌمڪي ڏيندا آهن. اڃا ته اسان وٽ ايتري جهموريت به ناهي آئي جو جنهن اسٽائيل ۾ ٻه مرد عيد ملندا آهن انهي اسٽائيل ۾ جيڪڏهن عورت ۽ مرد عيد ملن ته ٻنهي کي اتي جو اتي ڪارو ڪاري ڪري مارين...اسان وٽ ته ويچارا زال مڙس به کُلي نموني عيد نه ملي سگهندا آهن، سدائين انتظار پيا ڪندا ته هاڻي ماڻهو ٽرن  ته عيد ملون!    
عيد اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن توهان کي انهن ماڻهن سان به ملڻو پوندو آهي جن جي لاءِ توهان سڄو سال حزبِ مخالفت ۾ هوندا آهيو...يا جن سان ملي پوءِ  ڪنهن سان به ملڻ تي دل نه چوندي آهي...ڪجهه ماڻهو عيد ملندا ڪونه آهن پر عيد وڙهندا آهن، ڀاڪر ائين پائيندا ڄڻ  يڪو انهن ويهن پنجويهن عيدن جو به ڀاڪر پائي ڇڏيندا، جن عيدن تي اسين هنن کي لڀجي نه سگهيا هئاسين....ڪي مسلمان ڀائر وري ايترو وڏو ڀاڪر پائيندا ڄڻ سڀني کان وڏي ڀاڪر پائڻ واري کي عيد جو فلم وارو شو مفت ڏيکاريو ويندو...نوجوان  ويچارا ته ڀاڪر پائڻ سکندا ئي عيد عيد جي ڏينهن تي آهن!
عيد ٿيندي آهي ته وڏي عمر وارا پوڙها ٻار ٿي پوندا آهن ۽ ٻار پاڻ کي وڏو سمجھڻ شروع ڪندا آهن....جن جا وارَ اڇا هوندا آهن، اهي ويهين ويهين رپين ۾ پنهنجا ويهه سال گھٽائڻ لاءِ حجامن جي دڪان تي پهچي ويندا آهن. جن روڊن تي بيوٽي پارلر هوندا آهن، اتان ته گس ئي ڪو نه ملندو آهي...چوندا آهن ته ٻئي پاسي کان ڦري وڃو!...بيشڪ، بيوٽي پارلر اهو ’’جادو ئي گھر‘‘ آهي ، جنهن ۾ جيڪا مائي اندر ويندي آهي،گھٽ ۾ گھٽ اها ساڳي مائي ته اسان ڪڏهن به ٻاهر نڪرندي نه ڏٺيون...اسان ته جڏهن به ڏٺو هميشه نيون نيون مايون نڪرندي ڏٺيون...خبر ناهي ايتريون مايون اندر وڃن ٿيون ته ڪيڏانهن غائب ٿيو وڃن؟ پوءِ اهي مڙس وري اجايو پيا خوش ٿيندا آهن ته هلو جيڪا ٿلهي ۽ پوڙهي بيوٽي پارلر ۾ ڏيئي آيو هوس، انهي جي بدران هيءَ ڪيڏي نه سهڻي عورت ملي آهي....پر خبر تڏهن پوندي  اٿن، جڏهن سندن ڀر ۾ بيٺل ٻار، انهي عورت کي ”اَمِي اَمِي“ ڪري سڏڻ لڳندا آهن!
عيد جو ڏينهن کائڻ جو ڏينهن هوندو آهي (هڪٻئي کي کائڻ جو نه)....مٺائيءَ جي دڪان تي اهي ماڻهو به چڙهي ويندا آهن جن کي سڄو سال کنڊ مهانگي هئڻ جي شڪايت رهندي آهي...عورتون ته عيد تي به ڊائيٽنگ ڪنديون، مٺائي ايتري ٿوري کائينديون جو خود مٺائيءَ کي به خبر نه پوندي ته آئون کاڌي پئي وڃان يا نه...؟ باقي مرد ته اهو جانور آهي جو جيڪڏهن ڪسٽرڊکائڻ ويهندو ته پهرين اهو ئي چاهيندو ته هڪڙي چمچي ۾ به ٻن چمچن جيترو مال وجھي کائجي...شگر جي مريضن کي به ڏسبو ته عيد جي ڏينهن رڳو مٺيون مٺيون شيون پيا کائيندا...بلڊ پريشر وارا به عيد جي ڏينهن ڳولي ڳولي اهڙيوين شيون پيا کائيندا، جن کي کائڻ کانپوءِ وري الائي ڪيترا ڏينهن دوائون پيا کائيندا...!
جيڪڏهن ٻه ٿلها همراهه عيد ملي رهيا هجن ته سنهڙن کي التماس  آهي ته انهن جي وچ مان لنگھڻ کان پاسو ڪن، نه ته پوءِ  انهن جا پاسا ڪو نه هوندا...جيڪڏهن توهان خود ٿلها آهيو ته پوءِ سنهڙن دوستن سان ملڻ کان پرهيز ڪريو...يا ته عيد کان اڳ هلڪا هلڪا ڀاڪر پائڻ جو ڇهن ڏينهن جو ڪورس ڪريو....جيتوڻيڪ اسان ڪڏهن به ڪنهن ٿلهي جي ڀاڪر هٿان ڪو سنهڙو مرندي نه ڏٺو آهي، پر اسين خود به مرڻ جي ڳالهه ڪونه پيا ڪريون....اسين چاهيون ٿا ته هن ويچاري سنهڙي جيڪو کاڌو آهي اهو هن جي پيٽ ۾ ئي رهي...ٻاهر نه نڪري اچي!
جيڪڏهن توهان پاڻ سنهڙا آهيو ته عيد جي ڏينهن الرٽ رهو، پري کان ڪو ٿلهو ايندي ڏسو ته گس ئي ٻيو وٺو....اهو مشورو اسين توهان کي انڪري پيا ڏيون جو توهان کي به ننڍڙا ننڍڙا ٻچا هوندا...يا وڏيون وڏيون زالون هونديون...يا جيڪڏهن هروڀرو توهان ضد ڪري ڪنهن ٿلهي سان عيد ٿا ملو ته پوءِ پهرئين توهان پنهنجيون پاسراٽيون ڳڻي ڇڏيو ۽ پوءِ ملو....هاڻي وري توهان پاسراٽيون ڳڻيو....جيڪڏهن پوريون آهن ته ٺيڪ آهي، جيڪڏهن هڪ ٻه کٽل آهن ته ٿلهي کان ڀرائي وٺو!
غريب  ته  اها عظيم شئي آهي جو عيد جي ڏينهن وري اهڙو سهڻو  ٿيو پيو هلندو جو باقي سڄو سال اهڙي شڪل کڻي هلي ته ماڻهو انهيءَ کي وزير سمجھي نوڪريءَ جون درخواستون ڏين. سڄو سال اٽي جي قطارن ۾ بيهي بيهي پاڻ به جهڙو اٽو ٿيو پيو هوندو آهي، پر عيد جي ڏينهن نئون نڪورو خوش خوش....بازارن  ۾ پنهنجي اندر جو درد لڪايو ائين مسڪرائي پيو هلندو ڄڻ ڪنهن منسٽر وٽان کنڊ جي ٻوري تحفي ۾ ملي هجيس!
شاعر وري اها قوم آهي جو ڪير هنن سان انهي ڊپ ۾ ڪونه پيو ملندو متان ڪو ڳاٽي وارو غزل  نه ٺڪاءُ ڪرائي  وجهي...ڊاڪٽر ته عيد جي ڏينهن به خاموش نه هوندا آهن...ڪنهن سان ڀاڪر پائي ملندا ته ڇاتيءَ تي هٿ رکي ائين ملندا ڄڻ انفيڪشن ڏسي رهيا هجن...ماسترن جون هونئن به ٻه ڪيٽيگريون آهن....هڪڙا اهي جيڪي عيد ملهائيندا آهن ۽ ٻيا اهي جن کي عيد ملهائيندي آهي...عيد جو ڏينهن شادي شدهه مڙسن لاءِ وڌيڪ خوشيءَ وارو هوندو آهي، ڇوته هن ڏينهن تي اڪثر زالون پنهنجن مائيٽن ۾ هليون وينديون آهن!
پوليس وارا، حجام ۽ فقير هن ڏينهن کي ٻين ماڻهن جي مقابلي ۾ وڌيڪ برڪت وارو سمجھندا آهن...ٻارن ۽ پوليس وارن ۾ ته اها ئي هڪجهڙائي آهي ته اهي رڳو عيدي وٺندا آهن...بازار ۾ به ڏسبو ته ٻيا مرد عيد جا بُوٽ پيا جانچيندا، پر گنجو رڳو ٽوپين جا اگھه پيو پڇندو!...جيئن هڪ ٻار کان ماستر پڇيو، ”سمنڊ، چنڊ ۽ گنجي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“ ته چيائين، ”سمنڊ ڇوليون هڻندو آهي، چنڊ چمڪندو آهي‘‘
هن عيد تي ته حڪومت آرڊيننس ڪڍيو آهي ته ڪنهن به گنجي کي عيد جي رات ڪنهن به گھر جي ڇت تي چڙهڻ کان منع ڪجي ٿي ڇو ته پوءِ ”ڪميٽيءَ“ کي چنڊ ڏسڻ واري عمل ۾ رنڊڪ ٿي پوي، ڇو ته انهن جون دوربينون انهيءَ دور جون آهن جڏهن چنڊ ڇت تان نه پر هيٺان زمين تان ئي ڏسڻ  ۾ اچي ويندا هئا...پر جڏهن کان موبائيل فون نڪتي آهي چنڊ کي الائي ڪيئن خبر پئجيو وڃي....نتيجي ۾ چنڊ ڳولبو پيو هڪڙي ڇت تي ۽ ملندو پيو وري ٻي ڇت تان....!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو