Tuesday, 25 November 2014

امتياز ابڙو

                            ٻڪرا  پڙي
                        ڇنڇر 28 نومبر 2009ع

اڄڪلهه ٻڪريون ايتريون مهانگيون آهن جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪا ٻڪري خريد ڪري گهر پيو موٽندو ته هام اهڙي پيو هڻندو ڄڻ  اين آر او معاف ڪرايو پيو اچي...ائين ئي ٻڪرا پڙيءَ ۾ هڪڙو ٻڪرو ۽ هڪ ٻڪري پاڻ ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئا، جيڪا ڪجهه هن طرح هئي:
ٻڪرو:  ٻڌاءِ ، اڄ توکي ڪير ڪير خريد ڪرڻ آيا ؟
ٻڪري: صبح هڪڙو همراهه آيو...ان هڪ هزار روپين جيترو ٻڪرو گهريو ته منهنجي مالڪ چيس، ”هڪ هزار ۾ ته تون رڳو ٻڪر جي سـڱن تي چڙهي ويهي سگهين ٿو!‘‘
ٻڪرو: اڇا، تنهنجو مالڪ ڳالهائڻ جو شينهن لڳو پيو آهي!
ٻڪري: ها، همراهه به يڪدم چيس، ”مون توهان کان سستو ٻڪرو پڇيو آهي پر توهان ڪاوڙ ۾ ائين پيا ڳالهايو ڄڻ مون توهان کي کنڊ جو اگهه گهٽ ڪرڻ لاءِ چيو هجي!“
ٻڪرو: ۽ ڪر خبر چا ر...هُو  واپاري، جنهن توتي هٿ پئي ڦيرايا...انهي ۾ ته ٽڪي
جو به شرم نه هو!
ٻڪري: ها...مئو...رڳو هٿ ڦيرائي هليو ويو!
ٻڪرو: هي انسان ڪهڙي قسم جا آهن، ڪنهن پرائي نياڻي سياڻيءَ جو خيال ڪونه ٿا ڪن!
ٻڪري: ها، پورا ڏهه منٽ منهنجي پٺيءَ تي هٿ ڦيرائيندو رهيو...پر خريد ڪونه ڪيائين!
ٻڪرو: بلڪل پاڻ واري هن جهنگلي ٻڪر وانگر پئي لڳو، جيڪو توکي آسرن ۾ رکي وري هڪ ٻي ڀوري ٻڪريءَ سان ڀڄي ويو هو!
ٻڪري: ها...هن منهنجا ڏند به ائين پئي ڏٺا ڄڻ آئون سگريٽ پيئندي هجان!
ٻڪرو: اوهه...نو.....شِٽِ!
ٻڪري: هڪڙو دڪاندار آيو، انهي اچڻ شرط پڇيو ته ٻڪريون مهانگيون يا ٻڪرا...؟پر منهنجي مالڪ چيس، ”اسان وٽ ٻڪرن جا به ايترا ئي پئسا آهن جيترا ٻڪرين جا...بس، ٻڪرين جي مئڪپ جو خرچ رڳو ٿورو وڌيڪ ٿيو وڃي.‘‘
ٻڪرو:  واهه.....پوءِ؟
 ٻڪري: پوءِ وري هوءَ پوڙهي ٻڪري ڏيکاريائينس، جنهن جا ٻه  پير قبر ۾ آهن ...ته همراهه چيو ته هيءَ مري پوندي ...مون واري مالڪ به چيس، ”عيد جي رات مري وڃي ته صبح جو سوير ڪُهي ڇڏجوس....ڪهڙو هن جو پوسٽ مارٽم ٿيندو!“ همراهه  ٻڪريءَ جي خوبين جي باري ۾ پڇيو ته چيائينس، ”هن کي توهان عورتن واري سيٽ تي بيهاريندئو  ته ڪنهن کي خبر به ڪانه پوندي!“
ٻڪرو: خبر اٿئي مونکي وري هڪڙو سنڌي اديب  ڏسڻ آيو هو!
ٻڪري: پر سنڌي اديبن تي ته قرباني جائز ئي ڪانهي!
ٻڪرو: خبر ناهي...پر منهنجي مالڪ هن کي چيو ته، ”توهان کي اهڙو ٻڪرو ٿو ڏيکاريان جو توهان کي پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي ويندو!“ ائين چئي هن  کي منهنجي اڳيان بيهاري چيائين، ”هي ڏسو...هي هڪ  تاريخي ٻڪرو آهي!“ اديب حيران ٿي پڇيو، ”ڇا، هن جنگِ آزاديءَ ۾ حصو ورتو هو ؟“ مون واري مالڪ چيس، ”توهان کي خبر ناهي...پر بهادر شاهه ظفر جي  چاليهي جي ڀَت ۾، هن ٻڪري جي مائيٽن جو گوشت هو...۽ ان کانسواءِ مرزا  غالب ته هن جي ابن ڏاڏن جا پاوا کائي پوءِ غزل لکندو هو!“  اديب  کي ڳالهه ڪانه وڻي ته منهنجي مالڪ منهنجي نازڪ ڪن کي زور سان پڪڙي چيو، ”هيءُ کڻو...ٻه جِي بِي جو ڪارڊ ، رات جو ٽارچ وانگر ٻرندو....ايم پي ٿري  آواز ٿو ڪڍي ....۽ ايف ايم فري !“ اديب به منهنجي بي عزتي ڪندي چيو، ”ڀلا هن جا ڏند اصلي آهن يا اسان جي هڪڙي پوڙهي دانشور وانگر ٻٽيهو لڳايو اٿس!“ مالڪ به ٺهه پهه چيس، ”توهان  ٻڪرو  قربانيءَ لاءِ پيا خريد ڪريو يا ٻڪري کان اکڙوٽ ڀڃائيندئو؟“
ٻڪري : توکي خبر آهي ٻنپهرن مهل مون کي هڪڙو ڊاڪٽر ڏسڻ آيو هو. 
ٻڪرو : ڇو تنهجي طبيعت خراب هئي ڇا؟
ٻڪري :نه نه...مون کي خريد ڪرڻ آيو هو....ڇا ته ڊيشنگ ڊاڪٽر هو....منهنجي پٺيءَ تي هٿ لاٿائين ته راتوڪي آيل کنگهه به لهي ويئي!
ٻڪرو :  پوءِ خريد ڇو نه ڪيائين؟
ٻڪري : نڀاڳو... ڪنجوس هو...منهجي مالڪ کي چيائين، ’’ دراصل اسانکي پئسا ڏيئي سامان وٺڻ جي عادت ئي ڪانهي....انهي ڪري اها ڪميشن ۾ ڏي....پئسا آئون هڪڙي دوائن جي ڪمپنيءَ کي چوندس...اها ڏيئي ويندئي!“
ٻڪرو : ۽ توکي خبر آهي....مونکي به هڪڙو پروفيسر ڏسڻ آيو هو!
ٻڪري: ٽيوشن پڙهائڻ لاءِ....؟
ٻڪرو:  نه....خريد ڪرڻ لاءِ....
ٻڪري:  اڇا....!
ٻڪرو:  ها...ڪلاڪ کن ته منهنجا ڏند پئي ڏٺائين، جيتوڻيڪ خود  سندس ٻه اڳيان ڏند ڀڳل هئا!...۽ توڀان....منهنجين پاسراٽين کي ته ائين جانچي پئي ڏٺائين ڄڻ مونکي ڪا خود ڪش جيڪٽ پاتل هجي!
ٻڪري: اوهه نو....!
ٻڪرو: ها، منهنجي مالڪ کان سوال ايترا پڇيائين، جو نيٺ منهنجي مالڪ ڪاوڙ ۾ چيس، ”توهان کي ٻڪرو قربانيءَ لاءِ کپي يا انهي کي سپلا جو صدر بنائيندئو؟“
ٻڪري: انهن ڳالهين جي ڪري ته منهنجي مالڪ آغا خان مان منهنجيون ٽيسٽون ڪرائي رکيون آهن.....۽ جيڪو سوال پڇندو آهي انهيءَ کي رپورٽون ڏيکاريندو آهي!
ٻڪرو:  انهي کان ته پاڻ به انسان هجون ها!
ٻڪري: شڪر جو ڪونه آهيون...
ٻڪرو: ڇو؟
ٻڪري: ڏس، پاڻ کي گهٽ ۾ گهٽ  اٽو وٺڻ لاءِ  قطار ۾ ته بيهڻو ڪونه ٿو پوي!
ٻڪرو: پوءِ اي ڪاش ...آئون اٺ هجان ها!
ٻڪري: اهو به صحيح ناهي...اٺ وري اهو جانور آهي جنهن کي ٻارَ به اُٺ چوندا آهن! 
ٻڪرو: پوءِ اُٺڙيون پنهنجن مڙسن کي ڪيئن ڪري سڏينديون هونديون؟
ٻڪري: شايد هن طرح ته، ”آ، اُٺ....صبح جا ٿيا اٿئي اَٺَ....ڇا، آفيس ڪونه اٿئي وڃڻو؟ مونکي ياد آهي، هڪ اٺڙيءَ پنهنجي مڙس کي چيو، ”هيڏو سارو اٺ ٿيو آهين...گٽر ۾ ڌڪو کائي آيو آهين؟“
 ٻڪرو: ڇا،تنهنجو مالڪ عيد جي ڏينهن گوشت پنڻ ويندو آهي؟
ٻڪري: ها، منهنجو مالڪ ته عيد جي ڏينهن ڄڻ گوشت گڏ ڪرڻ واري مقابلي لاءِ نڪري پوندو آهي...جيرانڊين کي ته ائين گڏ ڪندو ڄڻ انهي مان ڪڊني سينٽر کوليندو!
ان ئي مهل هڪڙو سياستدان اچي ٿو ۽ مالڪ سان ڳالهائي ٿو. مالڪ هن کي ٻڪرو ڏيکاريندي چوي ٿو:
مالڪ: سائين، پوري هڪ سال جو آهي، اڃا ڪالهه هن جي برٿ ڊي ملهائي اٿئون!
سياستدان:  چڱو، سالگرهه جي ڪيڪ جي قيمت سميت ٻڌاءِ ته هن جو گهڻو وٺندين...؟
مالڪ:  صرف سٺ هزار رپيا!
سياستدان: ايترو مهانگو...مونکي هيءُ  قربانيءَ لاءِکپي..مونکي هن کان  حڪومت خلافت ريلي ڪانهي ڪڍائڻي...!
مالڪ: سائين، هن ۾ وڏيون خوبيون آهن؟
سياستدان: ڪهڙيون؟
مالڪ: هن تي نيب جو هڪڙو به ڪيس ڪونهي!
سياستدان: ٻي خوبي؟
مالڪ:  هي هڪڙي ئي رنڀ ۾ ايترو آواز ٿو ڪڍي ڄڻ اسيمبليءَ ۾ پنجاهه ميمبر گڏجي ڊيسڪون وڄائي رهيا هجن! 
سياستدان: ٻي ڪهڙي خوبي آهي؟
مالڪ:  هن جي قرباني ڪرڻ کانپوءِ توهان اهو به چئي سگهو ٿا ته توهان پارٽيءَ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن!
سياستدان:  ٺيڪ آهي...هيءُ ٻڪرو ٿيو منهنجو!
 مالڪ:  پر مهرباني ڪري ٻڪري کي ائين زوريءَ ڪن کان نه ڇڪيو...!
سياستدان: ٻيو...ٻڪري کي آئون درخواست لکان ته بخدمت ۾ جناب ٻڪرا صاحب...سائين جن کي نيڪ روشن هجي ته مون توهان کي خريد ڪيو آهي انڪري مهرباني ڪري مونسان گڏ هلو!
مالڪ:  جي نه ...دراصل ائين ٻڪرو احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿيندو!
سياستدان:  ٺيڪ آهي، هيءُ ٻڪرو ٿيو منهنجو...آئون هن کي دهل ۽ توتارين سان ائين ٿو وٺي وڃان ڄڻ مون پنجاهه هزارن جي لِيڊ تان اليڪشن کٽي هجي! 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو