پاڪستاني سياست جو مستقبل
نذير ناجي
افغان صدر اشرف غنيءَ جي پاڪستاني دوري ۽ فوجي سربراهه جنرل راحيل شريف جي آمريڪي دوري جا نتيجا گهڻي دير تائين سامهون ايندا رهندا. آئون به انشاءَ الله ان تي تفصيل سان لکندس. پاڪستان ۾ اڄڪلهه جيڪو موضوع هر هنڌ بحث هيٺ آهي، آئون به ان تي اظهار خيال ڪندس ۽ اُهو موضوع آهي عمران خان جو لاڙڪاڻي وارو جلسو. پاڪستاني سياست گهڻي ڀاڱي قومي نه پر قوميتي رهي آهي. هتي وزيراعظم ته تمام گهڻا بڻيا، پر ڀٽو ۽سندس نياڻي کانسواءِ، انهن ۾ ڪوبه قومي اڳواڻ نه هو، جنهن چئني صوبن مان وڏي انگ ۾ ووٽ حاصل ڪيا هجن، انهن کانسواءِ جيڪي به وزيراعظم آيا، تن مان ڪير به چئني صوبن مان ذڪر جوڳا ووٽ حاصل ڪري نه سگهيو. محمد خان جوڻيجو، پاڪستان ته ڇا سنڌ جو اڳواڻ به نه هو. هو صرف پنهنجي تڪ ۾ مصروف هو، بينظير ڀٽو کانپوءِ جيڪا شخصيت انهيءَ رتُبي تي فائض ٿي، سا نواز شريف هو. هو ٽي ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم بڻيو آهي، پر هڪ ڀيرو به هن سنڌ مان اڪثريت ته ڇا ذڪر جوڳا ووٽ نه به کنيا آهن ۽ جيستائين مون کي ياد ٿو اچي ته هن پاڪستان جي واحد عوامي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽي جي علائقي ۾ وڃي، ڪڏهن جلسو نه ڪيو آهي ۽ مجموعي طرح باقي سڄي سنڌ ۾ به مون کي سندس ڪو جلسو ياد نه ٿو اچي. سکر هو گهڻو ويندو رهيو آهي پر عوامي جلسي کي سندس خطاب مون کي ياد ناهي. ظفرالله خان جمالي، چوڌري شجاعت حسين ۽ شوڪت عزيز پاڪستان جاوزيراعظم هيا، انهن مان ڪير به قومي اڳواڻ نه هو. جمالي صاحب جو تعلق بلوچستان، چوڌري شجاعت جو پنجاب ۽ شوڪت عزيز جو وري سڄي پاڪستان مان ڪنهن سان به ڪو تعلق نه هو. عمران خان واحد عوامي اڳواڻ آهي. جيڪو عوامي رابطا مهم هلائيندي هلائيندي پنجاب، خيبرپختونخواهه کانپوءِ هاڻي سنڌ پهتو آهي. گذريل چونڊن ۾ هن ڄاڻايل ٽنهي صوبن مان ذڪر جوڳا ووٽ کنيا ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ته صوبائي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو.پنجاب ۾ هن تمام گهڻا ووٽ حاصل ڪيا ۽ ڪراچيءَ ۾ کيس مليل ووٽ به گهٽ ناهن. مجموعي طور هن عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ جماعتن ۾ ٻئي نمبر تي ووٽ کنيا. پنهنجي 18 سالن جي سياسي زندگيءَ ۾ هو پهريون ڀيرو اندروني سنڌ وڃي سڌيءَ طرح عوام سان مليو آهي. انهن جي ڳالهه ٻڌي آهي مسئلن کي سمجھيو آهي ۽ تعريف جوڳي ڳالهه هيءَ هن ڪنهن به معاملي ۾ نه کان ڪم نه ورتو، جيئن سندس لاءِمشهور آهي. عمران جي لاڙڪاڻي جي تازي دوري دوران هن جو قديم سنڌين سان اجتماعي رابطي جو پهريون موقعو هو. جلسي خاطر هن چند ڏينهن ۾ هن سنڌين سان جيڪي رابطا ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ان جي نتيجي ۾ سندس ڪجهه بنيادي خيال حيرت جي حد تائين تبديل ٿيا. جيستائين اڳواڻ عوام جي وچ ۾ وڃي خيالن جي ڏي وٺ نه ٿو ڪري، کيس زميني حقيقتن جي پروڙ پئجي نه ٿي سگهي. اندروني سنڌ پنهنجي پهرين جلسي ۾ عمران خان کي سنڌين جي سوچ جي جيڪا آگاهي ٿي، ان جو اظهار به پهريون ڀيرو ٿيو. ان معاملي ۾ سنڌي عوام کان علاوه مخالفن به فراخدلي سان سندس رهنمائي ڪئي. عمران ٻنهي مان گهڻو ڪجهه سکيو، مثال طور ڪالاباغ ڊيم ۽ سنڌ ۾ نئين صوبي جي سوال تي، عمران جلسي ۾ پنهنجو موقف ظاهر ڪيو. اهو انهيءَرابطي جو نتيجو هو، سندس پارٽي منشور ۾ ڪالاباغ ڊيم جي تعمير جو ارادو ظاهر ڪيو ويو هو، پر اندروني سنڌ پهرين جلسي ۾ ئي کيس اندازو ٿي چڪو هو ته سنڌي ماڻهو هن منصوبي جا شديد مخالف آهن. عمران خان جلسي ۾ شرڪت ڪندڙن جي جذبن جو احترام ڪندي پنهنجي موقف ۾ تبديلي آندي ۽ جلسي ۾ چيو ته ”توهان جي مرضيءَ کانسواءِ نه سنڌ ورهائڻ ڏني ويندي، نه ئي ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ ڏنو ويندو“.منهنجو خيال هو ته انهن ٻنهي معاملن تي اندروني سنڌ ۾ عمران خان کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي، پر هن حيرت جي حد تائين لچڪ جو مظاهرو ڪندي عوام جي مرضيءَ اڳيان پنهنجو ڪنڌ نوايو ۽ ثابت ٿي ويو ته جمهوريت ۾ ڪنهن جو زور ناهي هلندو پر عوام جي مرضي هلندي آهي. عمران لچڪ جو مظاهروڪندي ثابت ڪيو ته اهو عوامي جذبن سان ٽڪرائڻ کانسواءِ ان جو احترام ڪرڻ سکي چڪو آهي. لچڪ جي ان مظاهري انهن خدشن جو ازالو ڪري ڇڏيو آهي ته جن ۾ چيو ويندو رهيو آهي ته هو هڪ ضدي ماڻهو آهي ۽ رياستي مامرن ۾ ڪنهن به اعليٰ عهديدارن جو به ملڪ ۽ عوام لاءِ نقصان جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو. لاڙڪاڻي واري جلسي ۾ ثابت ٿي ويو ته عوامي خواهش اڳيان عمران ڪنڌ نِوائي سگهي ٿو. نوازشريف سياست ۾، عمران کان گهڻو سينيئر آهي، پر هو سنڌ جي سياست کي سمجھڻ ۾ اهڙو عقلي مظاهرو نه ڪري سگهيو، جيڪو عمران خان ڪيو. سنڌ ۾ شهري سياست جون گهر جون الڳ آهن ۽ ٻهراڙيءَ واري سنڌ جون الڳ، جيتري قدر شهري سنڌ جو تعلق آهن ته عمران خان سڌيءَ طرح عوام جي مسئلن کي سمجھيو، ان جي مزاج ۽ طور طريقن کي پرکيو، ۽ ان مطابق اتي پنهنجي سياست شروع ڪئي ۽ ڪنهن به غير سنڌيءَ جي مقابلي ۾ گهڻو ڪامياب ويو. گذريل چونڊن ۾ هن جيڪي ووٽ کنيا، ڪنهن به غير سنڌي سياستدان کي هي اعزاز نه مليو هو ۽ هينئر عمران خان اندروني سنڌ ويو آهي ته قديم سنڌين جي حڪمران ڪلب ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي. هن جي ميزباني ۽ جلسي جا انتظام شفقت انڙ حوالي هئا. انڙ قبيلو سنڌ جي سياست ۾ هڪ وزن رکي ٿو، ۽ افرادي قوت ۾ به ان جي پوزيشن پهرين پنجن قبيلن ۾ ٻڌائي پئي وڃي. مون کي ياد آهي ته ڀٽو صاحب، جيڪو پاڻ قديم سنڌي هو. کي ان وقت پنهنجي ڪاميابيءَ تي وڌيڪ اعتماد ٿيو، جڏهن چانڊيو قبيلي سندس حمايت جو اعلان ڪيو. عمران خان ته پهرين ئي مرحلي ۾ انڙ قبيلي جي حمايت سان لاڙڪاڻي پهچي جلسو ڪري وڌو. منهنجي معلومات موجب، عمران سنڌي سياست جي مزاج کي سمجھي ٿو. سوچي سمجھي قدم وڌائي رهيو آهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڪيترائي سنڌي سياستدان تحريڪ انصاف ۾ شموليت لاءِ راضي آهن. پر تحريڪ انصاف مقامي سياست جي گهرجن کي سمجھندي پنهنجا دروازا کوليندي، مثال طور هو ته اهڙي صورتحال ۾ مبتلا ٿيڻ نه ٿي چاهي ته هڪٻئي جا مخالف پارٽيءَ ۾ شامل ٿي وڃن ۽ بعد ۾ سندن وچ ۾ ڄنڊا پٽ پارٽيءَ لاءِ ڏکيائين جو ڪارڻ بڻجي. عمران خان گذريل چونڊن ۾ ٽڪيٽن جي ورڇ واري عمل دوران اهڙي مرحلي مان اڳ ئي گذري چڪو آهي، هاڻي هو اندروني سنڌ ۾ پارٽيءَ جي تنظيم ڪاري ئي اهڙي نموني ڪري رهيو آهي جو جيڪي بااثر شخص يا قبيلا تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿين سي ضرورت تحت پنهنجي تڪرارن تي ضابطو آڻي سگهن. ڀٽي خاندان سنڌ سان گڏوگڏ باقي ٻنهي صوبن کي به پسنديده سياسي قيادت فراهم ڪئي. عمران خان ٻن صوبن ۾ اها حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي، سنڌ ۾ هن قدم رکي ڇڏيو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هُو بلوچستان وڃڻ جو ارادو رکي ٿو. سنڌ ۾ کيس زبردست پذيرائي ملي، بلوچستان ۾ به کيس اهڙي ئي اميد آهي. ڀٽو خاندان کانپوءِ عمران خان اهڙو اڳواڻ آهي جيڪو چئني صوبن جي عوام جي پسنديده ليڊر طور سامهون ايندو. جيڪڏهن حالتن ۾ ڪا انقلابي تبديلي نه آئي ته پاڪستاني سياست جو مستقبل اميد ڀريو نظر ٿو اچي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو