Tuesday, 25 November 2014

امتياز ابڙو

             اونداهه جو وزير ۽ لوڊ شيڊنگ
                     ڇنڇر 20 جون 2009ع

خوشخبري اها آهي ته ملڪ جي فائدي ۽ ڀلائيءَ لاءِ لوڊ شيڊنگ ۾ اضافو ڪري هاڻي لوڊ شيڊنگ پوري جا پورا 24 ڪلاڪ ڪئي ويئي آهي...اهڙو اعلان ڪالهه اڌ رات جي وقت اونداهه جي وزير هڪڙي قبرستان جو افتتاح ڪندي ڪيو ته، ’’خدا جو شڪر آهي ته اڄ اسان ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اونداهه پهچائڻ جو واعدو پورو ڪيو آهي...۽ پنهنجي نانيءَ سان ڪيل وچن کي پاڻي ڏنو آهي....انشاءَالله هاڻي ملڪ جو ٻچو ٻچو روشنيءَ جو ننڍڙو ذرو به نه ڏسي سگهندو!“ اهو اعلان هن هڪ لالٽين ٻاريندي ڪيو. اونداهه جي وزير وڌيڪ چيو ته، ’’ملڪ ۾ غريبن جي خاتمي تائين  لوڊ شيڊنگ جاري رهندي...۽ هلندڙ مالي سال جي پڄاڻيءَ تائين ملڪ کي اونداهون ڪرڻ وارين سڀني رٿائن کي مڪمل ڪيو ويندو. قوم واپڊا ۽ پيپڪو کي دُعائون ڏي، جن ٿوري وقت ۾ ملڪ مان  روشنيءَ جهڙي لعنت ختم ڪرڻ ۾ ماڻهن جو ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو آهي...اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن اسان وٽ بلڪل انڌوڪار ڇائنجي ويندي ۽  ماڻهن کي اها به خبر نه رهندي ته هوا به ڪنهن شئي جو نالو ٿيندي هئي...!‘‘
اونداهه جي وزير اهو به چيو ته،’’هن بجيٽ ۾ ملڪ مان هوا جي کوٽ پوري  ڪرڻ لاءِ پنج هزار ونجڻين جا نوان ڪارخانا کوليا ويندا....جن ماڻهن کي اوجاڳن جي ڪري اڌ مٿي جو سور ٿي پيو آهي...انهن جي باقي اڌ مٿي جي لاءِ  لوڊ شيڊنگ جو ٽائيم چوويهن ڪلاڪن مان وڌائي اٺاويهه ڪلاڪ ڪيو ويو آهي....اسان جو هوا ۽ روشنيءَ سان مقابلو جاري آهي، فتح لوڊ شيڊنگ جي ٿيندي...اسان کي انڌن کان سکڻ گھرجي ته اهي ڪيئن ٿا روشنيءَ جي بغير زندگي گذارين!‘‘ اها ڳالهه هن اکين تي ڪارو چشمو پائيندي ڪئي. اونداهه جي وزير وڌيڪ چيو ته، ’’جن خاندانن جي گھرن  ۾  پگھر وهائڻ جي باوجود گھر جا سڀ ڀاتي اڃا جيئرا آهن...انهن ۾ في گھر جي حساب سان هڪ سئو ميڻ بتيون ۽ 8 وال پوسٽر انعام طور ڏنا ويندا...جن پوسٽرن مان هر ڪنهن تي هڪ سمنڊ جو فوٽو هوندو، جنهن ۾ ڇپيل هوندو ته هوا لڳي رهي آهي ۽ پکي اڏامي رهيا آهن...گرميءَ جي ٽائيم ۾ انهن تصويرن کي ڏسي توهان هوا جو لطف وٺي سگھو ٿا....اهڙيون تصويرون اسان ملڪ جي هر باشندي لاءِ فري مهيا ڪنداسين ته جيئن گرميءَ کان بچڻ لاءِ عوام اهي تصويرون ڏسي سمنڊ جي ٿڌي ٿڌي هوا کان لطف اندوز ٿي سگھي....متان چئو ته حڪومت اسان لاءِ ڪجهھ به نه ڪيو....‘‘
ان موقعي تي وزير صاحب هڪ روشني ميوزيم قائم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ۽ چيو ته، جن ماڻهن کي بجليءَ جا سامان  ڏٺي  مهينن جا مهينا ٿي ويا آهن اهي هن ميوزيم ۾ اچي بلب، راڊون ۽ پنکا ڏسي سگھن ٿا....ته ڪنهن وقت ۾ هتي جي ماڻهن جي استعمال ۾ هوندا هئا...توهان هن ميوزيم ۾ پنهنجي فيمليءَ سان گڏ اچي ٽيويون ، فرجون، واشنگ مشينون  نه صرف پنهنجن  ٻارن کي ڏيکاري سگھو ٿا پر انهن سامانن کي هٿ به لائي سگھو ٿا...پنهنجن ٻارن کي ٽيويون ڏيکاري اهو به ٻڌائي سگھو ٿا ته هي اهي ٽيويون آهن جن ۾ ڪنهن زماني ۾ سئو سئو چئنل هلندا هئا....هڪ صحافيءَ جي سوال ته موبائيل فون تي ڪال ۽ ايس ايم ايس اچڻ مهل جيڪا روشني نڪري ٿي، اها ڪيئن ختم ڪندئو؟...ته چيائين، انهيءَ جي لاءِ اسان ملڪ جي نامور ستن انڌن تي مشتمل هڪ ڪاميٽي جوڙي آهي....جيڪا موبائيل مان نڪتل روشنيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن کوهه جي تري ۾ ويهي ميٽنگ ڪندا ته اهڙي روشنيءَ جي خلاف ڪهڙا ”لوُلا ۽ لنگڙا“ اپاءَ ورتا وڃن. هڪ ٻئي اونڌي سوال جو جواب ڏيندي چيائين ته، اسان ملڪ ۾ موجود سڀني گرميءَ جي دشمن قوتن کي هڪڙي جاءِ تي گڏ ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي....ته جيئن سڀئي گرميءَ جون دشمن قوتون هڪ جاءِ تي گڏ ٿي روشني ۽ هوا جي خلاف جدوجهد ڪن....پڇيو ويو، ’’اهي گرميءَ جون دشمن قوتون ڪهڙيون آهن؟‘‘ ته چيائين، ’’هڪڙو ته آهي نوراني شربت....جيڪو سنڌ جي هر ميلي ملاکڙي تي گرميءَ خلاف عوامي جدوجهد ڪندي ڏٺو ويو آهي...ٻي آهي سنڌي ٿاڌل...حڪومت اهڙن عظيم مشروبات کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ جو سوچيو آهي....انهيءَ سان ملڪ جي تقريبن ٻه هزار ميگا واٽ گرمي گھٽ ٿي سگھندي.....!‘‘  هوڏانهن ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڪالهه شاهراهه فيصل تي ڪجهه اسيمبلي ميمبرن پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ لوڊشيڊنگ ۽ ان جا فائدا جي عنوان هيٺ سيمينار ۽ ورڪشاپ ڪرائڻ لاءِ  جلوس ڪڍيو...جنهن کانپوءِ ميمبرن اتفاق راءِ سان هڪ قرارداد منظور ڪندي گهر ڪئي  ته سنڌ جي هر شهر ۾ هڪڙو ميڻ بتين ۽ لالٽينن جو اسٽال مفت لڳايو وڃي...بعد ۾ ميمبرن لوڊ شيڊنگ زندهه باد جا نعرا هڻندي روڊن ۽ رستن تي لڳل بلب، راڊون ڀڃڻ شروع ڪيون، هو پاڻ سان گڏ وڏا وڏا بينر به کڻي آيا هئا، جن تي لکيل هو، ”اوندهه اڄ به زندهه آهي”....”ملڪ جي تقدير، پگهر جي زنجير‘‘ ....’’تون ڪيترا جنريٽر ٻاريندين، هر گهر ۾ اونداهه آڻينداسين!‘‘
احتجاج ۾ ايترا ته وزير هئا جو سڄو  ايم اي جناح روڊ مڪمل طور تي بند ٿي ويو ۽ ائين پئي لڳو ڄڻ اهي سڀ صدر صاحب سان گڏ ڪنهن ٻاهرين ملڪ جي دوري تي پيا وڃن....پوليس جون ساڻن چڪريون به ٿيون يعني پوليس اڳيان ۽ ميمبر  پٺيان....نيٺ ميمبرن پوليس مٿان آنسو گئس وسائڻ شروع ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سڀ پوليس وارا ڇڙ وڇڙ ٿي ويا...ائين ميمبر ’’ملڪ جي تقدير، پگهر جي زنجير“ جا نعرا هڻندا پوليس جو گهيرو ٽوڙي صفا ننڍڙي وزير هائوس پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا...جتان وري صفا ننڍڙي وزير، ننڍڙي هئڻ جو فائدو وٺندي هڪڙي وڏي دريءَ مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي...پر ٻئي پاسي ميمبرن هن کي زبردستي ڪلهي تي کڻي هڪ يادداشت نامو پيش ڪيو...جنهن کي ڏسي ننڍڙي وزير چيو ته منهنجي خود يادداشت صحيح ڪانهي...ميمبرن جو مطالبو هو ته مسلسل لوڊشيڊنگ سبب واپڊا، ڪي اي ايس سي ۽ نيپرا  ۾ گولڊ ميڊل ورهايا وڃن. انهي کان اڳ سنڌ جي اڻ رٿابندي، ڦيٽاڙي ۽ تنزليءَ واري کاتي طرفان اونداهه جي وزير جي مان ۾ هڪ آجياڻو ڏنو ويو، جنهن ۾ سڄي ملڪ کان آيل ڪامياب ۽ بهترين رشوت خور آفيسرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي...سڀ کان پهرئين لوڊ شيڊنگ جي گرميءَ هٿان شهيد ٿي ويلن جي مان ۾ ٻن منٽن جي اونداهه ڪئي ويئي...جنهن کانپوءِ اقوام متحدا کان آيل وفد اونداهه جي وزير کي ٻن ڪروڙ ڊالرن جا ڏيئا امداد طور ڏنا...ان موقعي تي بلڪه موقعي مان فائدو وٺندي اونداهه جي وزير چيو ته....هي ڏيئا رڳو اسانجي ملڪ ۾ ئي ٻري سگھن ٿا...ڇو ته هي ڏيئا دنيا جا واحد ڏيئا آهن جيڪي انساني تيل مان ٻرن ٿا.....۽ اسين واپڊا جا شڪر گذار آهيون جيڪي پنهنجي محنت ۽ جفا ڪشيءَ سان هر سال ماڻهن مان اهڙو تيل ڪڍي رهيا آهن. اونداهه جي وزير وڌيڪ چيو ته، لوڊ شيڊنگ در اصل ماڻهن ۾ سماجي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ  هڪ خوبصورت منصوبو آهي...لوڊ شيڊنگ هوندي ته ماڻهو سمهي نه سگھندا....ائين اسان ڀٽائيءَ جي پوئواري ڪنداسين ته ستا اٿي جاڳ....۽ ا ئين هن موجودهه اونداهي جمهوري دور ۾ پنهنجي عوام کي فراهم ڪيل اوجاڳي جي عادت اهڙي وجهنداسين جو هو پنهنجي عمر ۾ ننڊ جي نالي کان به سڪندا...عوام  ۾ سجاڳيءَ جي هيءَ مهم تڏهن ڪامياب ويندي جڏهن راتين جو بجلي بند ڪري ماڻهن کي هر وقت سجاڳ رکيو وڃي...لوڊ شيڊنگ سجاڳيءَ جو نالو آهي....پوءِ جيترو عوام جاڳندو، اوتري قوم جاڳندي....قوم کي جاڳائڻ اسان جي منشور ۾ شامل آهي.
تازو هڪ رسالي پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ اسان جي پياري ملڪ کي صبر جي شرح ۾ پهرئين نمبر تي ڏيکاريو آهي...رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ پاڪستانيءَ جا جنت ۾ وڃڻ جا چانسز ٻين ملڪن جي ماڻهن کان وڌيڪ آهن....ڇو ته هتي ماڻهن وٽ لوڊ شيڊنگ جي سهوليت موجود آهي...جنهن ڪري هتي جو هر مرد صبر جو  شهزادو ۽ هر عورت صبر جي ديوي آهي....مئگزين ۾ هڪ نظم به ڇاپيو ويو آهي، جنهن جو ترجمو ڪجهه هن طرح آهي ته، ”ها، توهان ڏسو.....لوڊ شيڊنگ توهان جي دلين ۾ هڪ صبر جو درياءُ ٺاهي رهي آهي، پوءِ اهو درياءُ جڏهن وهي ٿو ته، توهان کي خبر پوي ٿي ته اهو درياءُ نه پر...اهو پگھر آهي. اي منهنجا غريب هم وطنو، يقين سان اهو عظيم پگھر، توهان لاءِ هڪ نوڪريءَ جي تحفي جيان آهي. اها نوڪري، جيڪا توهان پئسا ڏيڻ جي بغير حاصل ڪئي هجي!“ اسان جي خيال ۾ ته لوڊ شيڊنگ ملڪ  کي کڻي ڪيترا به فائدا ڏنا هجن...پر هڪڙو ئي فائدو ڇا گھٽ آهي ته اونداهه جي ڪري هاڻي اسان جا نوجوان پڙهڻ جهڙي زهر کان بچي ويا آهن، جنهن جي ڪري امتحان ۾ ڪاميابي ايتري ضروري ناهي رهي، ۽ جنهن جي ڪري بي روزگاريءَ  ۾ اضافو ٿيڻ کان پيارو ملڪ بچي ويو آهي...خدا جو شڪر آهي ته لوڊ شيڊنگ ملڪ ۾ آدمشماري  جي اضافي کي به روڪي ڇڏيو آهي...اسان هڪڙي دوست کان پڇيو، ”توهان کي اولاد ڇو نٿو ٿئي؟“ چيائين، ”لوڊ شيڊنگ جي ڪري....!“ وڏي ۾ وڏي پريشاني ته رڳو  اولاد جي شادي ڪرائيندڙ مائٽن سان آهي...جيئن هڪڙي ڪنوار پنهنجي مائٽن کي چيو ته، ”يا ته شادي نه ڪرايو...جيڪڏهن  ڪرايو ٿا ته پوءِ  ان سان گڏ يو پي ايس به ڏيو!“
سرحد ۽ بلوچستان ۾ ته پٺاڻ ئي ايترا آهن جو اتي بجليءَ جي ايتري ضرورت ناهي جيتري نسوار جي ضرورت آهي....اتي ته احتجاج ئي ان ڳالهه جي ڪري ٿيندو آهي ته، صوبي مان نسوار جي کوٽ پوري ڪريو!...وڏي ۾ وڏو مسئلو ته آهي ئي باقي ٻن صوبن جو...جتي مئڪپ جي انڊسٽري گرميءَ جي ڪري تباهه ٿي ويئي آهي...مائي اڃا مئڪپ ڪرائي گهر ٿي موٽي ته ساڳي جي ساڳي...هاڻي ته بيوٽي پارلرن پگھر فري مئڪپ جي ايجاد ڪئي آهي....هڪڙي بيوٽي پارلر ٻاهران لکيل هو، ”اسان جو ڪيل فيشل ۽ ماسڪ لوڊ شيڊنگ کان پاڪ آهي....اسان وٽ ڪنوار جو مئڪپ  گرمي پروف اصولن  تحت ڪيو وڃي ٿو...ٻارنهن ڪلاڪن تائين پگھر نه نڪرڻ جي گارنٽي...مڙس سڃاڻي وڃي ته پئسا واپس!“                      

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو