Tuesday, 25 November 2014

امتياز ابڙو

                                       ! جي ناجيا
                                  جمع 17 سيپٽمبر 2010ع

* ناظرين آئون آهيان ناجيا تِير....اڄ جي بليٽن ۾سڀ کان  پهرئين هيڊ لائينز....!
* سنڌ جو ننڍڙو وزير يتيم آباد  جي بند تي ٻوڏ جو افتتاح ڪرڻ لاءِ  پهچي ويو.....سنڌ جي نقشي جي بلڪل مٿان پئسن جو شديد مينهن جاري، ڪيترن ئي آفيسرن جي پيٽن کي گهارا ...۽ ٻوڏ ۽ لڏپلاڻ جي صوبائي وزير چيو آهي ته  اسان هڪڙو اهڙو فارمولو ٺاهيو آهي، جو سنڌ جي سڄي تباهيءَ جو خرچ هڪڙي منٽ ۾ نڪري ايندو....هي هيون هيڊ لائينز....تفصيلي خبرون ٻڌندا هڪڙي ننڍڙي ٻوڏ کان پوءِ....
* ۽ ناظرين بليٽن جي شروعات هن خبر سان ته ، اڄ سنڌ جي ننڍڙي وزير کي يتيم آباد ۾ پهچي هڪڙي بند کي گهارو لڳائي ٻوڏ جو افتتاح ڪرڻو هو...اسان سان ٽيليفون لائين تي آهي....ممتاز آخري ...جي ممتاز !  
- ها ناجيا....اڄ سنڌ جي ننڍڙي وزير کي يتيم آباد  پهچي هڪڙي بند کي گهارو لڳائي ٻوڏ جو افتتاح ڪرڻو هو...پر سنڌ جو ننڍڙو وزير جنهن بتيلي ۾ چڙهيل هو، اهو ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جو هو، جنهن ۾ ايترا ته سوراخ هئا...جيئن ڪنهن انجنيئر جي نيت ۾ سوراخ هوندا آهن...انڪري بتيلي ۾ پاڻي اچي ويو...۽ ناجيا آئون توهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته  ان کانپوءِ ننڍڙو وزير اڃا به وڌيڪ ننڍڙو ٿي ويو....۽ پاڻيءَ ۾ لڙهي ايندڙ هڪ مينهن جي لاش تي ٽپ ڏيئي اچانڪ غائب ٿي ويو...
* ممتاز ...ڪجهه خبر پئجي سگهي ته صفا ننڍڙو وزير حفاظت سان آهي يا نه ؟
- جي ناجيا....هتي جي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته  ڪجهه ڪلاڪ اڳ اسان هن کي هڪڙي بيوروڪريٽ جي کيسي مان ٻاهر نڪرندي ڏٺو هو...جنهن  جي اڃا تصديق نه ٿي سگهي آهي ته هو انهي کيسي ۾ ڪيئن وڃي لڪو هو...!
* ڇا، توهانجي ساڻس ملاقات ٿي؟
 -جي ناجيا....ان کان اڳ ۾ منهنجي ساڻس ملاقات ٿي هئي ته مون کانئس پڇيو هو ته، ’’ڇا بند ڪمزور آهن؟‘‘ ته چيائون، ’’ها، ڏند ڪمزور آهن...اها پيريءَ جي نشاني آهي!‘‘ مون وري کانئس زور ڏيئي پڇيو ته ، ’’ڇا سنڌ جو هر بند کاڌل آهي؟‘‘ ته چيائون، ’’ها،  سنڌ  جو هر بند ٿاڌل آهي!‘‘....جنهن کان پوءِ يڪدم سندس هڪ پي اي وچ ۾ ڳالهائيندي چيو ته، ’’سائينءَ جو اشارو امداد ڏي آهي....امداد ملندي ته سڄي سنڌ ٿاڌل وانگر سرسبز ۽ سائي ٿي ويندي!‘‘
- ۽ ناجيا آئون توهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته  سائين آهي ته ننڍڙو وزير، پر دل جو ايترو وڏو آهي جو جيڪو به صحافي انٽرويو وٺڻ ايندو آهي ته ان کي چوندو آهي...PPP...پهرئين ته مون سمجهيو ته اهو انگريزيءَ واري PP پيو چوي.....پر پوءِ ڪنهن ٻڌايو ته اهو توهان کي سنڌيءَ ۾ پيو چوي ته...پي پي پي ...۽ پوءِ مون رڳو ٿوري سَوائي پيتي ته منهنجي دماغ جو جهڙو سج ئي لهي ويو ...جي ناجيا!    
* ممتاز اوهان جي وڏي مهرباني....ناظرين، هاڻي اسين هلون ٿا سنڌ جي نقشي مٿان، جتي  پئسن جو شديد مينهن پئجي رهيو آهي...ٽيليفون لائين تي آهي  اسان جو نمائندو سرڪش اڌارو! 
* جي سرڪش، اسان کي اپ ڊيٽ ڪريو ته توهان ڪٿي آهيو؟
- جي  ناجيا...آئون هتي  سنڌ جي  نقشي جي بلڪل نرڙ مٿان چڙهيو بيٺو آهيان.....جتي  پئسن جو شديد مينهن پيو آهي! 
* سرڪش....اسان کي ٿورو سمجهايو ته انهي پئسن جي مينهن ۾ ڪير ڪير وهنجي رهيو آهي ....؟
-ناجيا....هتي منهنجي اڳيان ملڪ جون ڪافي مشهور ڳجهون آهن، جيڪي وهنجڻ لاءِ اچي رهيون آهن...۽ آئون توهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته هتي جيئن ته ڪيترن ئي سالن کانپوءِ اهو پئسن جو شاندار مينهن پيو آهي...جنهن لاءِ  اسلام آباد  کان به ڪافي جانور هتي پهچي  ويا آهن....جي ناجيا!
* سرڪش،  ڇا توهان جي ڪنهن ڳجهه سان ملاقات ٿي آهي؟
-جي ناجيا....هنن مون کي به امداد سان ڀريل هڪ ٽرڪ کارائڻ جي آفر ڪئي...۽ منهنجي دل به چيو پئي...پر ناجيا آئون جيئن ئي ٽرڪ جي ويجهو پهتس....ته خبر ناهي ڪٿان...هڪڙو وڏو ڊائنا سور آيو ۽ هڪڙي ئي ڌڪ ۾ سـڄي ٽرڪ  ڳڙڪائي ويو....
* سرڪش...اهو ڊائنا سور سرڪاري هو يا غير سرڪاري؟
- جي ناجيا ، اهو سوال مون  به انهي ڊائنا سور کان  پڇيو ته ، ’’ادا، تون ڪٿان آيو آهين؟‘‘ ته ڪاوڙجي پيو ۽ مرڳو مونکي ٿي کاڌائين!
* سرڪش، توهان اهو ٻڌائي سگهو ٿا ته هيستائين ڪيترو پئسن جو مينهن پئجي چڪو آهي؟
-جي ناجيا....هتي اسان کي جيڪي ڪوڙا انگ اکر ٻڌايا ويا آهن، انهن مطابق ، هيڊ آفيس وٽ ڏهن کان يارنهن لک ڪيوسڪ رپين جي امداد  نوٽ ڪئي ويئي آهي...۽ ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته ٻه ارب ڪيوسڪ رپين جو هڪڙو ٻيو ريلو  ٻن ڏينهن جي اندر پهچڻ وارو آهي! 
* سرڪش، انهي پئسن جي ٻوڏ کان بچڻ لاءِ  ڇا اڳواٽ اپاءَ نه ورتا ويا هئا؟ 
-جي ناجيا...جن آفيسرن جا کيسا ڦاٽل هئا، انهن پنهنجا نوان جوڙا درزين کي ڏيئي ڇڏيا هئا...جن کي هاڻي اهي وڏن کيسن وارا جوڙا ملي ويا آهن ...!
* سرڪش...هيتري پئسن جي ٻوڏ کان پوءِ ڇا  ايريگيشن ۾ ڪنهن سڌاري جو اعلان ٿيو آهي يا نه...؟
-جي ناجيا....اهو سوال مون به هتي  ايريگيشن جي آفيس ۾ دفنايل هڪڙي ڊريڪولا کان پڇيو، جنهن جو چوڻ هو ته ڊپارٽمينٽ کي بچائڻ لاءِ ٻين شهرن مان ماهر رشوت خور گهرايا آهن....جن سان ميٽنگون ڪنداسين...۽ ناجيا آئون توهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته، ڊپارٽمينٽ کي بچائڻ لاءِ ڪجهه آفيسرن جا پيٽ خالي ڪرايا ويا آهن...!
* سرڪش، ڪهڙن آفيسرن جا پيٽ خالي ڪرايا ويا آهن؟
- ناجيا....هتي جي مسڪينن جو چوڻ آهي ته  ايريگيشن جي هر آفيسر  جو پيٽ  سنڌو درياءَ جي پيٽ کان به وڏو پيٽ آهي! پر ان جي باوجود به پئسن جي مينهن ۾ ڦاٿل هڪڙي روينيو جي آفيسر جي پيٽ کي هٿ سان ڪٽ هڻايو ويو آهي، جنهن مان ٽي سامان سان ڀريل سوزوڪيون ۽ ڇهه ڪپڙن جون ٽرڪون نڪتيون آهن....ان کانسواءِ  ناجيا سنڌ  جي  هڪ وڏي اين جي او جي  مالڪ جي پيٽ کي دُ نَ وٽان ٽي گهارا لڳايا ويا آهن، ۽ آئون توهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته انهن گهارن منجهان ڌڙا ڌڙ ڊالرن جو وهڪرو  اڃا تائين جاري هو...
* سرڪش اسان کي اپ ڊيٽ ڪريو ته...توهان هينئر ڪٿي آهيو؟
-ناجيا....اسين ٻوڏ سان گڏ آهيون....ٻوڏ اسان جي اڳيان آهي، اسين ٻوڏ جي بلڪل پٺيان پٺيان پيا هلون! ۽ ناجيا...آئون توهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان….
 * سرڪش مهرباني ڪري توهان ٻڌائيندا هلو نه، پر ڪٿي ويهي رهو...!
- ها، ناجيا...آئون توهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان....
* سرڪش اوهان جي وڏي مهرباني...ته ناظرين هي هو سرڪش اڌارو...۽ هاڻي اسان سان لائين تي آهي ٻوڏ ۽ لڏپلاڻ جو صوبائي وزير جناب غلام سنڌي....جي  غلام صاحب....        
- آواز ڪونه پيو اچي....
* جي غلام صاحب...توهان پنهنجي ڪن تي فون رکو ته آواز اچي!
- جي ....هاڻي فون ڪن تي رکيم...هاڻي ٻڌڻ ۾ اچي پيو!
* غلام صاحب، پهرئين ته اهو ٻڌايو ته توهان امداد کي پهچائڻ لاءِ ڪهڙا عجيب و غريب طريقا روشناس ڪرايا آهن؟
-جي اسان ميٽنگ ڪئي آهي ...۽ سڀ انهي ڳالهه تي متفق آهن ته طريقا ايترا ته ڏکيا هجڻ گهرجن، جو اصل ماڻهو بيزار ٿي هليا وڃن ۽ پئسا بچي پون!
* حڪمت بي عملي توهان ڪهڙي طئه ڪئي آهي؟ 
-پهرئين ته اسين اهي مئل پيا ڳوليون جيڪي ٻڏي مري ويا هئا....انهي کان پوءِ اسان انهن مئلن کان ثبوت گهرنداسين ته واقعي ٻوڏ ۾ مئا آهن يا ائين ڪنهن ڊاڪٽر جي دوا سان مئا آهن يا ڪنهن قبيلائي جهيڙي ۾ مئا آهن...جيئن هڪڙي ڳوٺاڻي چيو ته، اسان جون ٽي ٻڪريون لڙهي ويون...اسان هن کي چيو آهي ته اسان امداد رڳو انهن کي ڏينداسين جيڪي ٻڪرين جا شناختي ڪارڊ ڏيکاريندا!
* توهان سمجهو ٿا ته سنڌ جي هيتري  نقصان کي ڪيئن پورو ڪندئو؟
- انهي لاءِ اسان اهڙو ته فارمولو ٺاهيو آهي، جو سڄي تباهيءَ جو خرچ هڪڙي منٽ ۾ نڪري ايندو!
* غلام صاحب، نقصان تمام گهڻو آهي...اهو توهان ڪيئن پورو ڪندئو؟  
-اسان وڏي صاحب کي اهو لکي موڪليو آهي ته انهيءَ نقصان کي پورو ڪرڻ لاءِ پاڪستاني ڪرڪيٽرن سان  جلد کان جلد ڳالهايو وڃي....جيڪي صرف چار پنج مئچون فڪس ڪندا ته ٻوڏ جو سڄو نقصان پورو ٿي ويندو!
abro-imtiaz@hotmail.com

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو