صحافي
اڱارو 3 آگسٽ 2010ع
اڱارو 3 آگسٽ 2010ع
اسانجي ملڪ کي جيڪي بيماريون لڳل آهن، انهن ۾ صحافت به هڪ آهي.
جيتوڻيڪ هتان ڪجهه خوشنصيب چاڪ چڱا ڀلا به ٿي ويندا آهن...
پر انهيءَ کانپوءِ وري ڪٿي ڏسڻ ۾ ئي نه ايندا آهن!
صحافي ٿيڻ لاءِ ذهن جو هئڻ ضروري نه آهي....
بس جيئن ئي صحافي ٿي وڃبو آهي ته ذهن به اچي ويندو آهي! جيئن اسانجو هڪڙو صحافي
دوست آهي، هن وٽ ڏهه سال اڳ به هڪ گاڏي، هڪ زال ۽ اهو ئي منهن هو ته هاڻي به
ساڳي گاڏي، ساڳيو منهن ۽ ساڳي زال اٿس، البته ٻار پهرين ايترا هئس جو ٻار آڱرين تي ڳڻيندو
هو، هاڻي آڱريون ٻارن تي رکي ڳڻيندو آهي... حرام جو ڪتاب ڪنهن کي پڙهڻ لاءِ ڏئي،
دوستن کي ڏسي ڪتاب جهٽ پٽ ۾ ائين لڪائي ڇڏيندو، ڄڻ اهو ڪتاب’’ پلي بواءِ ‘‘
جو هجي. چوندو، ’’منهنجو خود دڪان تان کنيل آهي!‘‘ ۽ ائين لڪائيندو جو ڏسڻ وارو
سمجهندو ته اهو ڪتاب ڪونهي پر ڪتاب اندر ڪو ٻيو ڪتاب آهي! چهري تي هر وقت
اهڙو رنگ ٺاهيو پيو هلندو جو موبائيل تي ڪو ايس ايم ايس پيو پڙهندو ته به لڳندو ڄڻ
ڪنهن کي چندي ڏيڻ جي اَپيل پيو ڪري.... هڪڙي ڏينهن ڪنهن دوست وٽ گهمڻ ويو
ته ان چيس، ’’اڄ ڪيئن رستو ڀلجي آيا آهيو؟‘‘ جواب ڏنائين، ’’ صحافي ڪڏهن به رستو
ڪونه ڀلجندو آهي... هُو صرف هڪڙي جاءِ تي ڀلجي پهچندو آهي ۽ اهو هوندو آهي .....
هن جو گهر..‘‘!
جيئن هڪڙو ٻيو به اسانجو صحافي دوست آهي... جيڪو هر خبر تي نظر ته رکندو، پر انهيءَ
سان گڏ هر ملازم تي به نظر رکندو ته ڪيڏانهن ٿو وڃي ۽ ڪنهن سان ٿو وڃي ۽ ڪيتري دير
لاءِ ٿو وڃي. هن کي جاسوس ايڊيٽر چيو ويندو آهي... رنگ جو گهڻو ته نه پر ايترو ڪارو
ضرور آهي جو لڳندو آهي پريس مان نڪرڻ مهل ڪاري مس ڪجهه زياده لڳي ويئي هئس...
انڪري طبيعت به اهڙي ئي اٿس، جهڙو رنگ... هن جي زندگيءَ ۾ ايتري صحافت آهي جو
ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ ويندو ته ان کي به چوندو ته، ’’دوائون ٻه ڪالميون لکي ڏي!‘‘. مانيءَ مهل
ڪنهن کي ڪوڙي صلاح به ڪونه ڪندو ۽ ماني کائڻ مهل جيڪڏهن ڪير سندس ويجهو به
ايندو ته ان ڏي ائين نهاريندو جيئن وئايل ٻلي انهن ماڻهن ۾ نهاريندي آهي، جيڪي هن جي پونگڙن
۾ اچي هٿ وجهندا آهن!
هونئن اسانجي خيال ۾ بهترين صحافت اڄڪلهه صرف اها ئي آهي، جنهن کي ڪير به بهترين
نه چوي. جيئن اسانجو هڪ ٻيو صحافي دوست آهي، هن جيتري ترقي صحافت ۾ ڪئي آهي،
اوتري ترقي رڳو صحافت ۾ ئي ڪري سگهجي ٿي. گلائون ڪرڻ هن جي پسند جي ڊش آهي...
جنهن ڏينهن ڪنهن ٻئي جي گلا نه ڪندو آهي، انهيءَ ڏينهن مجبوريءَ ۾ هن کي
هاضمي جون گوريون کائڻيون پونديون آهن. ڊاڪٽر هن کي آرسي ڏسڻ کان منع ڪندا آهن،
پر پوءِ به هي ڏسندو آهي، انڪري سدائين بيمار رهندو آهي.... هن پنهنجي گهر ۾ اخبارن
واري الماڙيءَ تي لکائي ڇڏيو آهي ته، ’’سڀ اخبارون زال جي پهچ کان پري رکو!
(نه ته اهي پڪوڙن واري وٽ هونديون).صحافت ادارن جي ڪنجي آهي... جيڪڏهن توهان
وٽ اها ڪنجي آهي ته پوءِ ست هزار پاڪستاني رشوت خورن کي مفت ديڳ جو ڀت کارائڻ
جيترو ثواب به توهان کي ملي سگهي ٿو.... جيئن ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ اهو نوٽيفڪيشن ڪڍيو
ته، ’’صحافين کي پنهنجين آفيسن ۾ داخل ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ دروازن، درين ۽ روشن دانن تي
ڄاريون لڳايو....!‘‘ ائين ئي هڪڙو منسٽر ڪاوڙ ۾ چئي رهيو هو ته، ’’صحافين جي ڪري
مليريا پکڙي آهي...‘‘ ڪنهن پڇيو، ’’ڇا ڪنهن صحافيءَ جي چڪ سان پکڙي آهي...؟‘‘
چيائين، ’’ نه...اسان مليريا جي خلاف واڪ پئي ڪئي، پر ڪنهن به صحافيءَ ان جي خبر
نه ڏني. نتيجي ۾جيڪا مليريا پکڙي، اها صحافين جي ڪري پکڙي‘‘!
’’سب ايڊيٽر‘‘ وري اهڙي پوسٽ آهي جو هڪڙي ڪرسي ڇڏي، جنهن ٻي ڪرسيءَ تي
اچي ويهندو ته اتي به اهڙو ئي لڳندو جهڙو پهرين ڪرسيءَ تي هو.... جيئن اسانجو هڪڙو
سب ايڊيٽر دوست، جيڪو آفيس جو هر اهو ڪم ڪندو آهي، جيڪو هن کان ٿي سگهي ٿو....
انڪري اسين هن کي ’’سڀ ايڊيٽر‘‘ چوندا آهيون... جو هو آفيس ۾ اهي سڀ ڪم ڪندو آهي،
جن کي ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه سهڻو پوندو آهي.... آخر ۾ نيوز ايڊيٽر جا ٻار اسڪول مان وٺي
گهر به ڇڏي ايندو آهي، نتيجي ۾ ڪير هن سان ڀوڳ ڪندو ته سڀني کي چوندو، ’’مون سان
مذاق نه ڪريو، ڇو ته منهنجا سڀني جا گهر ڏٺل آهن ‘‘!
جيڪي صحافي گٽڪو کائيندا آهن، توهان انهن جي آواز لاءِ پيا سڪندئو، ڇو ته انهن جي
وات ۾ گٽڪو ايترو وقت رهندو آهي، جيئن آمريڪا جون فوجون افغانستان ۾ ويهي رهيون آهن.... انهن جون زالون به ڪيترا ڪيترا ڏينهن پنهنجي مڙس جو آواز نه ٻڌي سگهنديون آهن.... جيڪي صحافي سمجهندا آهن
ته انهيءَ سان ڪم جو بار لهندو آهي ته بيشڪ پر انهيءَ سان وري گٽڪي جي پڙين جو بار
وڌندو آهي. نيٺ هڪڙو ڏينهن اهڙو ايندو آهي، توهان رڳو هڪڙو ڳاڙهو ڊرم پيا ڏسندئو...
پوءِ انهيءَ تي شاور ڪندئو ته اندران صحافي صاحب نڪرندو!...
جيئن اسانجو هڪڙو دوست گٽڪي جون پڙيون کيسي ۾ ايتريون رکندو آهي جو
چانهه واري کي پئسا ڏيڻ لاءِ کيسي ۾ هٿ وجهندو ته پهرين ته پيون رڳو پڙيون
نڪرنديون... آخر ۾ جيڪو نوٽ نڪرندو، انهيءَ ۾ به نوٽ ايترو ڳاڙهو هوندو جو
چانهه وارو پيو پڇندو ته، ’’سائين، هي نوٽ ته آهي،
پر اها خبر نٿي پوي ته گهڻن رپين وارو نوٽ آهي.....‘‘!
abro-imtiaz@hotmail.com
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو