Tuesday, 25 November 2014

امتياز ابڙو

                            ماستر ۽ لٺيون
                        سومر 31 مئي 2010ع

ڪجهه ڏينهن اڳ توهان ماسترن تي لٺيون وسايون آهن....توهان سمجهو ٿا ته اهو فن توهان ڪٿان سکيو؟
*  سڄي زندگي ماسترن ٻارن تي لٺيون وسايون آهن، هاڻي انهن تي لٺيون وسن ته جيئن انهن کي به خبر پوي ته جن تي لٺيون وسنديون آهن ، انهن جي دل تي ڇا گذرندو آهي!... توهان رڳو اهو ڏسو ته اسان  ڪيڏي نه خوبصورتيءَ سان لٺيون وسايون آهن!
 اسان ٻڌو آهي، جيڪا لٺ توهان وسائي آهي، انهيءَ کي ٻه مٿا هئا...؟
*  جي نه...هڪ آمر جي دور ۾ سرڪاري خزاني مان جيڪي لٺيون خريد ڪيون ويون هيون، اسان صرف اهي استعمال ڪيون آهن...مونکي پنهنجي ڳوٺ جي وڏيري جو قسم ته اسان جمهوري ماڻهو آهيون! 
 منهنجي سوال جو  مطلب آهي ته ڪي ماڻهو چون ٿا ته توهان هاڻي ڏاهي جي لٺ خريد ڪري ورتي آهي؟
* ڏسو...اها ڏاهي جي نه پر ڏائي جي لٺ هئي... اسان صرف ڏائي هٿ سان لٺ وسائي آهي... ڇا اهو ڪمال ناهي! احتجاج ۾ ڪجهه ماستر گنجا به هئا ... سورهين گريڊ جا پورا سورنهن  گنجا مٿا  اسان ڳاڙها ڪيا آهن ؟... ڇا، اهو اسان لاءِ اعزاز ناهي!
ياد رکو،  احتجاج ڪرڻ جو جمهوري حق صرف اسان جي پارٽيءَ کي آهي.... ٻين کي اهو ڪوبه حق نٿو پهچي ته اهي رستن روڊن تي بيهي ٽرئفڪ روڪين...!
 انهي ڏينهن ته ٽرئفڪ کليل هئي؟
* جي نه.... ڇهه ڪلاڪ روڊ بند هو، جنهن جي ڪري ٽي ٻار رڪشائن ۾ پيدا ٿيا، ... جنهن سان اسان کي  ڏهه  ڏهه لک رپيا  في ٻار کي ڏيڻو پيو... هاڻي ته حالت اها آهي ته ڪٿي احتجاج ٿو ٿئي ته احتجاج ڪرڻ وارن کان به پهرين پيٽ سان مايون رڪشائن ۾ چڙهيو  پهچيو وڃن! 
 اسان ڏٺو آهي ته توهان وَجد ۾ اچي ماسترن خلاف اهڙا اهڙا لفظ چوڻ شروع ڪندا آهيو، جيڪي ماڻهو صرف  واپڊا وارن لاءِ ان وقت استعمال ڪندا آهن، جنهن وقت بجلي هلي ويندي آهي!
* ڏسو...هنن اسانکي تنگ به ايترو ڪيو آهي جو روز روز مطالبن جون لسٽون کڻيو ٿا اچن!
 انهن جا مطالبا  آهن ڪهڙا؟
* ادا، هڪڙو مطالبو هنن اهو ڪيو ته ماسترن لاءِ  هڪڙي’’ اسپيشل ميٽرنٽي ليوِ ‘‘  مقرر  ڪئي وڃي! چيوسين ، ’’ ميٽرنٽي ليوِ‘‘ ته  عورتن لاءِ هوندي آهي! چيائون ، انهن لاءِ نون مهينن لاءِ هوندي آهي...مردن کي صرف ٽن مهينن لاءِ ڏيو... زال ٻار ڄڻيندي آهي ته گهر  جو سڄو ڪم ڪار مرد  کي ڪرڻو ٿو پوي....انهيءَ ڪري اها موڪل مردن جي لاءِ به هجي! چيم، ’’ توهان ڪهڙا ٻار ٿا ڄڻيو؟‘‘ چيائون، ’’ ٻار ته زالون ٿيون ڄڻين پر نوَ مهينا  لوڙهڻو ته اسان کي ٿو پوي. ‘‘!
 ٻيو ڪهڙو مطالبو هو؟
* ٻيو اهو مطالبو هو ته هر ماستر کي ٻارن  جي حساب سان  ماسترين جا آرڊر ڏيو ... ائين ته هڪڙو ماستر آئون سڃاڻان، انهيءَ کي يارنهن ٻار آهن .....جيڪڏهن يارنهن آرڊر انهيءَ کي ڏناسين ته اسان جا مٽ مائٽ وري ڪيڏانهن ويندا...؟
 سر، هي چون ٿا اسانکي ’’ ٽائيم اسڪيل‘‘ ڏيو!...اهو ڇا آهي؟
* ٽائيم اسڪيل  معنيٰ اهو ٽائيم، جنهن تي هي ماستر اسڪول ۾ وڃن ته هڪڙو به ٻار نه هجي...۽ هي  جلد گهر موٽي اچن!
   هي چون ٿا ته توهان جي حڪومت پاور ۾ هوندي به پاور ليس آهي ؟
* ڏسو ، اسين جيئن ئي پاور ۾ آياسين ته خبر پئي ته ملڪ ۾ خود به پاور جي کوٽ هئي... سڄو ملڪ  لوڊ شيڊنگ تي پيو هلي!
 سائين اهو واپڊا وارو پاور نه….حڪومتي پاور؟؟
 * هيتريون لٺيون هلايون اٿئون…..اڃا ڪهڙو پاور ڏيکاريون؟
 ٻيا ڪهڙا مطالبا ٿا ڪن؟
* آئون توهان کي  ٻڌايان ٿو ته جيئن تيئن ڪري مون هڪڙو قانون منظور ڪرايو آهي ته ماسترياڻين کي اسڪول ۾ مئڪ اپ ڪري اچڻ جي سخت منع آهي.
 پر سائين انهيءَ سان ته ٻارن ۾ خوف جو عنصر وڌندو....مئڪ اپ ۾ هونديون ته ٻارن کي به ڊپ جو احساس ڪونه ٿيندو.... توهان اهو قانون ڇو پيا آڻيو؟
* ڇو ته هنن  جون تنظيمون زور پيون ڀرين ته ايندڙ بجيٽ ۾ هاڻي ماستراڻين لاءِ ’’مئڪ اپ الائونس‘‘ رکو...انهيءَ لاءِ خود اسان هڪڙو سيمينار به ڪرايو، جنهن جو عنوان هو، ’’ تعليم جي ڦهلاءَ ۾ مئڪ اپ جو ڪردار!‘‘ اتي جيڪي به ماسترياڻيون پيپر پڙهڻ آيون، سڀ اهڙو مئڪ اپ  ڪري آيون جو مون ان وقت ئي پڪو پهه ڪيو ته جيڪڏهن هي ماستراڻيون مئڪ اپ نه ڪري اچن ها ته خود اسانجا هانءَ ڦاٽي پون ها....ٻار ته ويچارا معصوم آهن، انهن جو ڇا ٿئي ها!
 سيمينار ۾ ڪنهن مخالفت ڪئي؟
* بلڪل به نه...پاڻ هڪڙي ماسترياڻيءَ چيو ته عورتن جون جتيون ايتريون مهانگيون ٿي ويون  آهن جو حڪومت کي  انهي لاءِ ’’جي پي فند ‘‘وانگر هڪڙو ’’ جُتي فنڊ ‘‘ مقرر ڪرڻ گهرجي، جنهن مان ماسترياڻيون  کڙين واريون جتيون وٺي سگهن .... ڇو ته ماسترياڻين کي ڪابه سيفٽي ڪانهي .... اهو کڙيءَ وارو سينڊل ماسترياڻين جو واحد هٿيار آهي، جيڪو آئيءَ ويل ڪم اچي سگهي ٿو.... اڄڪلهه ملڪي حالتون  ۽ مردن جون نيتون صحيح ڪونه آهن!
 پوءِ توهان انهيءَ جي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟
* توهان کي خبر آهي ته اسان پاڻ ته ڪجهه ڪونه ڪندا آهيون... انهي لاءِ به اسان ورلڊ بئنڪ جي جتين واري  ڊپارٽمينٽ کي خط لکيو هو، جن هر سال ويهه هزار سنهي کڙيءَ وارا سينڊل ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي.... جيڪي اسان پاڻ پنهنجن هٿن سان ماستراڻين ۾ وڃي ورهائينداسين!
 سائين بس رڳو ٿورو خيال سان ورهائجو...!
* تون ڇو ماسترن جو پاسو پيو کڻين؟
 سائين مجبوري آهي!
* ڇا، تون  JST  آهين ؟
 نه ...آئون GST آهيان!
* معنيٰ...؟
 معنيٰ ...گوسڙو اسڪول ٽيچر! ...جيڪڏهن آئون هنن جو پاسو نه کڻندس ته مونکي روزانو اسڪول وڃڻو پوندو!
* توهان کي خبر ڪانهي،  ايجوڪيشن ڪيترو ڏکيو قلمدان آهي!
  ڪنهن چيو هو ته ايجوڪيشن جهڙو ڏکيو قلمدان ڪنهن عورت کي ڏبو ته اهو گلدان ٿي پوندو؟
*  اهو ڪيئن؟
 ڇو ته ايجوڪيشن جو خود لفظ ئي مئونث آهي؟
* اڳي به ته  هڪڙي مئونث هئي...
  سر، ايجوڪيشن گلدان ٿي سگهي ٿي...هاڻي اهو توهان تي منحصر آهي ته توهان انهيءَ ۾گوبيءَ جو گل ٿا وجهو يا گلاب جو گل؟
* انهي ٿيوريءَ  جو ڪو ٻيو مضبوط دليل ڏي!
 سر، عورت جي هٿن ۾ شفقت هوندي آهي!
*  پر آئون شفقت سان بلڪل ڪونه ٺهان!...۽ نه مونکي اهو وڻي!
 سر،  ماسترن لاءِ ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندا؟
* پيغام ڏبو آهي آخر ۾.... اڃا ته منهنجي شروعات به ڪانه آئي آهي!
 سر، توهان جي وڏي مهرباني جو توهان ٽائيم ڏنو؟
· ها ...پر جيڪڏهن ٽائيم اسڪيل گهرين ها ته اهو ڪونه ملنئي ها! 
abro-imtiaz@hotmail.com

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو