! پراڻو سال مبارڪ
جمع 1 جنوري 2010ع
جمع 1 جنوري 2010ع
ڪريو خبر چار....هيءُ سال ڪيئن گذريو؟
◊ اهو پڇو ته اسين انهي سال وٽان ڪيئن گذرياسين...
● توهانجي نظر ۾ سال جي بهترين شخصيت ڪهڙي رهي؟
◊ جيتري آساني بري ماڻهو ڳولڻ ۾ هوندي آهي، اوتري ئي ڏکيائي وري سٺي ماڻهوءَ کي ڳولڻ ۾ ٿئي ٿي...سو سال جو بهترين ماڻهو رڳو ماڻهو پنهنجو پاڻ کي سمجهندو آهي، کڻي هوندو ڪونهي!
● ڀلا، سال جو صحيح ماڻهو ڪير ثابت ٿيو؟
◊ ڏسو...دنيا ۾ ايترا ته ماڻهو آهن، جو صحيح ماڻهو ڳولجي ٿو ته سال لڳيو وڃن...۽ ان صحيح ماڻهوءَ کي صحيح ثابت ڪرڻ ۾ وري ٻيا سال لڳيو وڃن...ان ڪري سال جو صحيح ماڻهو رڳو اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجو پاڻ کي صحيح سمجهندو آهي، کڻي هوندو ڪونهي!
● توهان جي نظر ۾سال جي بهترين وزارت ڪهڙي رهي؟
◊ جنهن سڀني کان وڌيڪ ڪجهه نه ڪيو....هونئن ڪيو ته ڪنهن به ڪجهه ڪونه....پر جنهن سڀني کان وڌيڪ ڪجهه نه ڪيو، اها وزارت سال جي عظيم وزارت ثابت ٿي!
● سال جو بهترين بزنيس ڪهڙو رهيو؟
◊ جيڪو ڪنهن به ڪنهن کي ڪونه ٻڌايو!
● هن سال واپار کي توهان ڪٿي ڏٺو؟
◊ جيتوڻيڪ هن سال ٽيڪسٽائيل کي ڪو به اسٽائيل نه ملي سگهيو،کنڊ جو اگهه انڪري چاڙهيو ويو ته جيئن ملڪ مان شگر جي بيماري ختم ڪري سگهجي...انڪري سنڌ ۾ ڪمند ۽ عقلمند، ٻنهي جي کوٽ رهي...ڪوبه فارمر چڙهي نه سگهيو، ڇو ته هاڻي سنڌ ۾ ڪو به ريفارمر رهيو ئي ناهي!
● سال جي اها فلم جيڪا توهان مجبوريءَ ۾ ڏٺي؟
◊ ”اب راج ڪري گي خلق خدا....“ هاڻي ماڻهن کي اها فلم ايترا دفعا ڏيکاري ويئي آهي جو فلم پئي هلندي آهي ۽ هر ماڻهو ڀر واري کي پيو چوندو ته، ”فلم پوري ٿئي ته ننڊ مان اٿارجان!“
● توهانکي اداڪار ڪهڙو وڻيو؟
◊ سٺو اداڪار اهو...جيڪو منهن تي ڪوڙ ڳالهائيندو رهي ۽ اسين ان کي سچ سمجهندا رهون!
● دهشتگرديءَ تي ڳالهايو؟
◊ ڏسو....آئون رڳو مائيڪ تي ڳالهائيندو آهيان.... جيتوڻيڪ ڪجهه ماڻهو خوامخواهه حق تي ڳالهائيندا آهن!
● بي روزگاريءَ لاءِ توهان ڇا ڪيو آهي؟
◊ اسان بي روزگاريءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪڙو شاندار پلان جوڙيو آهي...جنهن جو نالو آهي... اين آر او.
● پر اين آر او ته ختم ٿي ويو؟
◊ ناهي ختم ٿيو...سنڌ ۾ اڃا موجود آهي....اين آر او ...جنهن جي معنيٰ آهي... نو ريٽائرڊ آفيسر.
● مطلب؟
◊ جيئن ئي ڪو آفيسر ريٽائر ٿو ٿئي، ان کي ڪنهن نه ڪنهن يتيم کاتي ۾ لڳائي اسان سنڌ مان بي روزگاريءَ جي ڪافي روڪ ٿام ڪئي آهي!
● پر هو جيڪو پوڙهو، جنهن جو ڪنڌ پيو لڏندو هو، انهي کي توهان ايجوڪيشن ۾ ڇو رکيو آهي؟
◊ ڏسو...اسان ڏٺو ته ايجوڪيشن خود پئي لڏي....انهي ڪري ماڻهو ئي اهڙا ٿا رکون جن جا ڀلي پيا ڪنڌ لڏن....ته هن جهوني جا لوڏا اداري جي لوڏن ۾ لڪي ويندا...ائين خبر ئي ڪا نه پوندي ته ادارو پيو لڏي يا صاحب پيو لڏي!
● ڇا، اسان اهو چئي سگهون ٿا ته اڄڪلهه علم اها دولت آهي، جيڪا رڳو دولت سان ئي ٿي ملي؟
◊ جي ها....اڄڪلهه ڪنهن اسڪول وٽان رڳو لنگهڻ جي في به ٻه سئو رپيا مهينو آهي!
● هن سال تعليم کي توهان ڪٿي ڏٺو؟
◊ (هيڏانهن هوڏانهن نهاري) ڇا...اچي ويئي!؟....ڏسو....آخري ڀيرو مون جڏهن هن کي ڏٺو هو....هوءَ دريءَ ۾ بيهي وارّ سڪائي رهي هئي!
● جناب...آئون اهو پيو پڇان ته هن سال ڪيترا ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان پيدا ٿيا ؟
◊ ڏسو...توهان مونکان اهڙا سوال هرگز نه پڇو....جن جو جواب آئون انڪار ۾ ڏيئي سگهان!
● ڀلا، هن سال صحت کاتو ڪٿي بيٺل هو؟
◊ هن سال رڳو اسپتالن مان ٻارّ چوري ڪرڻ جو مقابلو ٿيو...!
● توهان جي نظر ۾ سال جو بيڪار ترين قدم ڪهڙو رهيو؟
◊ ڏسو...سڀني لون معاف پئي ڪرايا...اسان ڄٽن کي خبر ئي ڪانه پئي ته لون معاف ڪيئن ڪرائبو آهي!
● هن سال ڪهڙن ماڻهن سنڌ تي احسان ڪيو؟
◊ جن جن شاعري نه ڪئي....انهن جا لک ٿورا....
● توهان جي نظر ۾سال جي وڏي شخصيت؟
◊ هر اهو شخص وڏو نظر آيو، جنهن کان اسين عمر ۾ ننڍا آهيون!
● توهان وٽ سال جو بهترين محاورو؟
◊ منهنجي خيال ۾ هڪڙي جهنگ ۾ ٻه شينهن به رهي سگهن ٿا، بشرطيڪه اهي ٻئي ميثاقِ آمريت تي صحيحون ڪن...اهو نه وسارڻ گهرجي ته شينهن رڳو گڏجي ٻڪريون کائڻ لاءِ ڊيل ڪندا آهن...ته ڪجهه ٻڪريون تون کاءُ ...باقي ٻڪريون مونکي کائڻ ڏي!
● توهان جي خيال ۾ سال جو بهترين جملو؟
◊ جيڪو جنهن به ڳالهايو، شڪر جو ٻئي ڪنهن نه ٻڌو!
● توهان کي نيوز چئنل ڪهڙو وڻيو؟
◊ جنهن وڌ کان وڌ رانديون ڏيکاريون....
● آئون راندين جي نه، سياست جي ڳالهه پيو ڪريان؟
◊ آئون به اهو ئي پيو ٻڌايان!
● توهانجي نظر ۾ سال جو بهترين نيوز رپورٽر ڪير رهيو؟
◊ جنهن هڪڙي بم ڌماڪي کانپوءِ ڪٽيل سسيءَ کان انٽرويو پئي ڪيو...۽ ٽي وي اسڪرين تي اچي چيائين، ”ناظرين ....يه اعزاز بهي هماري چئنل کو جاتا هي که سب سي پهلي کسي کٽي هوئي سّر سي هم ني انٽرويو ليا...“ ڪٽيل سسيءَ کان رپورٽر پڇيو، ”ڪر خبر چار....هاڻي توهانکي ڇا پيو محسوس ٿئي؟“ سسيءَ چيو، ”ٻيو ته ٺيڪ آهي...بس، نڪ تي خارش پئي ٿئي...ڪيئن کنهان؟“
رپورٽر پڇيس، ”اسانجي ويوئرز لاءِ ڪو ميسيج ؟“ سسيءَ يڪدم رڙ ڪندي چيو، ”خدا جو قسم، مون حملو نه ڪيو هو..آئون ته کنڊ وٺڻ جي لاءِ قطار ۾ بيٺو هوس!“
|
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو