Thursday, 27 November 2014

علي قاضي

محترمه، ميان ۽ مشرف جون مشڪلاتون
                       سومر 3 جنوري 2000ع



محترمه بينظير ڀٽو سان جيڪي به ڪچهريون (آف دي رڪارڊ) ٿيون آهن تن ۾ اڪثر ڪري مختلف اشوز تي سخت بحث ٿي ويندو هو، اهو ئي سبب آهي جو محترمه کان جڏهن به اخبار لاءِ انٽرويو وٺڻ ويندو آهيان ته ذهن ۾ اهو ئي طئي ڪري ويندو آهيان ته بحث نه ڪبو، صرف سوال ڪبا.  لڳ ڀڳ سئو سال اڳ جڏهن صحافت ۾ انٽرويو جي صنف جو اضافو ٿيو هو تڏهن به سياستدانن ۽ سوسائٽيءَ جي ٻين بااثر حلقن پاران صحافت جي ان نئين ٽرينڊ (انٽرويو) جي شديد مخالفت ڪندي ان کي صحافي پاران ڪيل ”آڏي پڇا“ جو نالو ڏنو ويندو هو.  اڄ جڏهن انٽرويو ڪرڻ ۽ ڏيڻ کي سوسائٽي قبول ڪري به ورتو آهي تڏهن به اڪثر سياستدان يا پبلڪ فگرز انٽرويو دوران ”ڏکين سوالن“ تي چڙيو پون ۽ سندن وس نٿو پڄي جو هو انٽرويو ڪندڙ صحافيءَ کي چئي ائين سگهن ته ”تون ٿيندو ڪير آهين جو مون کان اهڙا سوال ٿو ڪرين؟“ انٽرويو وٺڻ هڪ آرٽ آهي، ڇاڪاڻ ته ان انٽرويو ڪندڙ وٽ ٽارگيٽ اهو هجي ٿو ته هو انٽرويو ڏيندڙ جي ذهن يا دل ۾ لڪل اهي ڳالهيون به پنهنجن سوالن ذريعي کوٽي ٻاهر ڪڍي وٺي جيڪي ڳالهيون انٽرويو ڏيندڙ ٻڌائڻ يا چوڻ نه چاهيندو هجي.  انٽرويو ڪرڻ جي مهارت رکندڙن وٽ عام طرح ٻه ٽرينڊ نظر اچن ٿا، هڪڙا اهي هجن ٿا جيڪو انٽرويو ڏيندڙ کي جذباتي ڪري، کيس چيڙائي، بتال ڪري اها ڪوشش ٿا ڪن ته هو ڪاوڙ ۾ اچي دل جي ڳالهه ڪري وجهي پر ٻيو  ٽرينڊ اهو آهي ته انٽرويو دوران اهڙو ماحول جوڙجي جو انٽرويو ڏيندڙ پنهنجو پاڻ کي ڍرو ڇڏي ڏئي ۽ سوالن جو انداز ۽ ترتيب به اهڙي رکجي جو انٽرويو ڏيندڙ ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڪجهه منٽن لاءِ وساري ويهي ته هو ڪو انٽرويو پيو  ڏئي بلڪه کيس محسوس ٿئي ته هو ذاتي ڪچهري پيو ڪري ۽ انهن Loose moments (لچڪيدار گهڙين) ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون به چئي وڃي جيڪي آن دي رڪارڊ نه چوڻ چاهيندو هجي. بهرحال پاڻ پئي ڳالهه ڪئي محترمه بينظير سان تازو لنڊن ۾ ڪيل انٽرويو جي جنهن ۾ ڪجهه سوالن تي محترمه جذباتي به ٿي پئي وئي پر منهنجي خواهش هئي ته محترمه کي چيڙائڻ کان پاسو ڪريان ۽ باوجود ان جي ته محترمه پاران ڏنل ڪجهه جوابن تي اهو سوچي ڏاڍي ڪوفت به ٿئي پئي ته ”ٻيو نه پر جيڪي معاملا هاڻ ماضي بڻجي ويا آهن، گهٽ ۾ گهٽ محترمه انهن بابت نيٺ ڪڏهن حقيقت پسند ٿيندي؟“ پر ان جي باوجود مون باقاعده ڪوشش ڪري بحث کان پاسو ڪيو جيئن هڪ انٽرويو وٺندڙ ۽ انٽرويو ڏيندڙ جي وچ ۾ ”ڊيڪورم“ کي ملحوظ رکي سگهان. محترمه سان انٽرويو جي حوالي سان ذاتي تجربو اهو آهي ته محترمه جي حڪمت عملي اها هوندي  آهي ته انٽرويو سندس مرضيءَ جي ”پچ“ تي هلي ۽  جيڪڏهن ڪو صحافي محترمه جي ان حڪمت عملي ۾ ڦاسي ٿو پوي ته پوءِ اهو انٽرويو جي نالي ۾ محترمه جي ڊگهي تقرير ٻڌي موٽي ٿو اچي.
هاڻوڪي فوجي حڪومت بابت بينظير جو چوڻ هو ته جيڪڏهن حڪومت ڪجهه اشوز تي آمريڪا جي ڳالهه مڃي ورتي ته ممڪن آهي ته آمريڪا ۽ ويسٽ، فوجي حڪومت کي ڪجهه عرصي تائين برداشت ڪري وٺن. بينظير جن اشوز ڏانهن اشارو ڪيو پئي انهن ۾ افغانستان ۾ گڏيل  ۽ نسبتن لبرل حڪومت جو قيام، ڪشمير مسئلي جو نبيرو، اساما بن لادن جي گرفتاري ۾ آمريڪا جي مدد، مستقبل جي پاڪستان ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ته ڪنهن  بنياد پرست کي پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ نه ڏبي، ائٽمي سگهه بابت ڪجهه آمريڪي خواهشات جي تڪميل وغيره شامل هئا، هي اهي اشوز آهن جن بابت بينظير جو چوڻ هو ته جيڪڏهن فوجي حڪومت انهن تي پنهنجو رويو لچڪيدار رکيو ته آمريڪا پاڪستان ۾ جمهوريت جي تڪڙي بحالي لاءِ هرو ڀرو زور نه ڀريندو پر اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته مسئلو افغانستان جو هجي يا ڪشمير جو، اسامه بن لادن جو معاملو هجي يا طالبان جو، اهي سڀ مسئلا ماضيءَ جي سويلين حڪومتن (بينظير ۽ نواز شريف) آڏو به آمريڪا رکندو پئي آيو، پر عام تاثر اهو ئي هو ته  اهي اشوز سڌا سنوان اسان جي فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ جي دائري هيٺ ايندڙ آهن ۽ انهن اشوز سان مختلف ڌرين جا مختلف مفاد پڻ جڙيل آهن تنهن ڪري اسان جي سويلين حڪمرانن لاءِ آمريڪي فرمائش باوجود اهي اشوز Resolve (حل) ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو پر اڄ جڏهن فوج پاڻ اقتدار سنڀاليو ويٺي آهي ته مثال طور جيڪڏهن هو ائٽمي پروگرام جي رول بيڪ ڪرڻ جي ڪنهن ٺاهه لاءِ راضي ٿئي يا ڪشمير اشو تي ڪنهن ٿرڊ آپشن تي راضي ٿي وڃي ته ظاهر آهي ته کيس ڪير ٿو روڪي سگهي. ڇاڪاڻ ته سياستدانن وٽ اول ته ايتري سگهه ئي ڪٿي آهي جو فوجي حڪومت کي ڪو فيصلو ڪرڻ کان روڪين، ٻيو ته هو (سياستدان) انهن اشوز کي حل ٿيڻ ڇو نه چاهيندا، پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اسان جي اسٽيبلشمينٽ جي مفادن سان جڙيل ايترا Vital (اهم ) اشوز فوج صرف پنهنجي (هاڻوڪي) حڪومت جي  مدي کي ڪجهه سال وڌائڻ لاءِ مڃي ٿي وٺي ته پوءِ حڪومت جي وڃڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو،  ڇاڪاڻ ته فوجي حڪومت اڄ نه ته سڀاڻي ختم ٿيڻي آهي پر جيڪڏهن هڪ دفعو ڪشمير اشو حل ٿي ويو يا اهڙا ٻيا اشوز جن بابت اسٽيبلشمينٽ هميشه اسٽيٽسڪو چاهيندي آئي آهي سي جيڪڏهن حل ٿي وياته پوءِ فطري طور ايڏي وڏي اسٽيبلشمينٽ جو رهڻ ۽ ان جو  حڪومتي معاملن ۾ عمل دخل جو جواز ازخود ختم ٿي ويندو، سو ڇا روز بيضا ڏيندڙ ڪڪڙ کي هڪ ويلي جي بک مٽائڻ لاءِ ڪهي ڇڏڻ جهڙي غلطي جي توقع ڪري سگهجي پئي؟ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن فوجي حڪومت ڪشمير جو مسئلو حل  ڪرڻ لاءِ  ڪنهن  مستقل حل لاءِ راضي ٿي وڃي ٿي ته پوءِ سڀاڻي سياستدانن مٿان ڀارت سان تعلق وڌائڻ تي ”ملڪ دشمني“ جا الزام ڪير ڪيئن هڻي سگهندو ۽ سئو ڳالهين جي هڪڙي ڳالهه اها ته جيڪڏهن هڪ دفعوا اسٽيٽسڪو خود فوجي حڪومت ٽوڙي ڇڏيو ته پوءِ سڀاڻي فوج سياستدانن کي ڪا ميار ڏيئي نه  سگهندي.  انهن  سڀني ڳالهين جو مقصد اهو آهي ته ڀلي جنرل پرويز مشرف جي ذاتي راءِ ڇا به کڻي هجي پر اسان جي ملڪ ۾  اسٽيٽسڪو جو ٽٽڻ مختلف ادارن ۽ ڌرين جي مفادن وٽان ناهي. جيڪڏهن پاڻ غور سان صورتحال جو جائزو وٺون ته نظر ايندو ته آهستي آهستي  فوجي حڪومت جي مدي کي آمريڪا بهادر مٿي ڄاڻايل اشوز سان سختيءَ سان مشروط ڪندو پيو وڃي، ان مان لڳي ٿو ته جنهن مهل  صورتحال ان موڙ تي وڃي بيٺي ته حڪومت مان وڃو يا پوءِ فلاڻا اشوز حل ڪيو ته گهڻو امڪان ان ڳالهه جو  آهي ته ملڪ ۽ ادارن جي وسيع تر مفادن خاطر حڪومت ڇڏي ڏيڻ جو فيصلو اسين ٻڌون پر جيڪڏهن ڪنهن موڙ تي ”فردن“ فيصلن مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته فيصلا اهي جٽادار ثابت ٿيندا آهن جيڪي ادارن پاران ڪيا ويندا آهن نڪي فردن پاران ڪيل“
اڄ ڪلهه جتي به نواز شريف جي ڪيس بابت گفتگو ٿئي ٿي اتي نواز شريف ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪيس ۾ ٻنهي جي سياسي حالتن ۾ هڪجهڙائي هجڻ يا نه هجڻ بابت به بحث ٿيو پوي. اهڙي بحث دوران ان سوال تي به مٿا ماري شروع ٿيو وڃي ته ڇا نواز شريف جي Fate (قسمت) ڀٽي کان مختلف هوندي؟ ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ اهڙي  هڪ ڪچهريءَ دوران هڪ همراهه چيو ته  ضياءُ کي خبر هئي ته قبر هڪ آهي ۽ ان ۾ جيڪڏهن ڀٽي کي نه موڪليو ويو ته پوءِ هن (ضياءُ) کي وڃڻو پوندو، پر ان دوران (1977 ۽ 1979ع) ۾ به  اهو چيو ۽ مڃيو ويندو هو ته ضياءُ الحق ڀٽي کي مارڻ جي همت نه ڪندو ۽ بين الاقومي پريشر، مسلم دنيا وغيره ڀٽي کي مارڻ نه ڏيندا پر سڀني ڏٺو ته ڀٽي کي ماريو ويو. ان همراهه جي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي هڪ ٻئي دوست چيو ته ضياءَ وٽ  ٻيو ڪو آپشن به ڪو نه هو. جيڪڏهن (ضياءُ) ڀٽي کي صرف سياست کان نااهل قرار ڏياري 10 سال يا 20 سال جيل موڪلي ڇڏي ها ته پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته جيڪڏهن ڀٽو جيئرو رهي ها ته جيل جون سيخون کيس  ايترا سال قيد نه رکي سگهن ۽ هو دير  يا سوير ٻاهر نڪري ها، جنهن کان پوءِ ضياءُ جو دنيا ۾ رهڻ ڏکيو ٿي پوي ها. جيڪي ماڻهو ڀٽو ۽ نواز شريف جي حالتن ۾ هڪجهڙائي بابت بحث ڪن ٿا تن وٽ اهو نقطو ويچارڻ جوڳو آهي ته جيڪڏهن ڀٽي کي جيئرو جيل ۾ ڊگهي عرصي تائين رکڻ ممڪن نه هو ته ڇا نواز شريف کي ........ پراڻي انڊين فلم ”شعلي“ جو مشهور ڊائلاگ پاڻ مان ڪيترن  کي ياد هوندو ته ”ٺاڪر اڀي هندستان ۾ وه جيل نهين بني جو گبر سنگهه ڪو 20  سال تڪ سلاخون ڪي پيڇي روڪ سڪين“، بهرحال مٿيون ڳالهيون پنهنجيءَ جاءِ تي پر ان معاملي تي وڌيڪ ڪنهن تبصري ڪرڻ کان پاسو  ڪندي رڳو پنهنجي ذاتي راءِ طور  اهو چوندو هلان ته ڀٽي جي شخصيت ۽ نواز شريف جي شخصيت ۽ ٻنهي کي درپيش ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، تنهن ڪري اهو چوڻ ته ٻنهي جي Fate ساڳي ٿيندي، منطقي ڳالهه نه ٿي لڳي، پر ايتري اڳڪٿي ڪامن سينس جي بنياد تي  ڪري پيئي سگهجي ته ڪنهن ڌر جا ڪهڙا به کڻي پلان يا پروگرام هجن پر ملڪي سياسي مستقبل ۾ بيهڪ بابت فيصلو سال 2000ع ۾ ٿيندي نظر اچي ٿو ۽ سال 2000ع جيڪو خدا کي خبر نئين صدي ۽ نئين ملينيم جو  پهريون  سال  هوندو  يا   هاڻوڪي  صديءَ  جو  آخري  سال  پر   اهو  سال صرف نواز شريف جي سياسيمستقبل ئي نه پر هاڻوڪي حڪومت لاءِ پڻ فيصلائتو ثابت ٿي پيو سگهي. ڪنهن باخبر همراهه کان پڇيم ته نيٺ ڇا ٿيندو، چيائين ته جمهوريت بحال ٿيندي صاف نظر پئي اچي. پڇيو مانس ته ڪهڙي جمهوريت اعجاز الحق واري يا حقيقي جمهوريت؟ موٽ ۾ چيائين پهرئين مرحلي ۾ جيڪڏهن اعجاز الحق فارمولا ٽائيپ جمهوريت بحال به ٿي ويئي ته اها وقتي هوندي ۽ ان کان سگهو ئي پوءِ چونڊون ٿينديون، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هڪ دفعو فوجي حڪومت ڪمزور ئي سهي پر جمهوري سيٽ اپ بحال ڪيو ته پوءِ اصل جمهوريت کي ڊگهو عرصو روڪڻ ان جي وس ۾ نه رهندو ۽ هڪڙي ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته هاڻوڪين حالتن ۾ نج غير جمهوري يا غير سياسي  حڪومت ڊگهي عرصي تائين هلائڻ ممڪن نظر نٿو اچي. چيو مانس محسوس  ٿئي ٿو ته آمريڪا هاڻوڪي فوجي سيٽ اپ جي حمايت پيو ڪري، چوڻ لڳو ته پوءِ ڇا ٿيو، آمريڪا ته نواز حڪومت جي به حمايت پئي ڪئي. ان همراهه (جيڪو با خبر به آهي ۽ جنهن جا  اقتداري سياست بابت تجزيا هوائي ناهن هوندا) جون مٿيون ڳالهيون ٿي سگهي ٿو ته درست نه  بيهن پر تجربو اهو ٻڌائي ٿو ته جنهن  سسٽم ۾ تمام گهڻا Contradictions (تضاد) هجن ان سسٽم جو ڊگهي عرصي تائين هلڻ فطري  ناهي هوندو. مثال طور (1) فوجي حڪومت جيڪڏهن آمريڪا سان لاڳاپا بهتر رکڻ لاءِ ڪشمير، طالبان، دفاعي بجيٽ، ائٽمي صلاحيت وغيره جهڙن اشوز تي Compromise (سمجهوتو) ڪري ٿي ته هي سمجهوتو مجموعي طرح اسٽيبلشمينٽ جي مفاد سان ٽڪراءَ ۾ ڏسجي ٿو، (2) هڪڙي پاسي حڪومت عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ جي دعويٰ پيئي ڪري ۽ ٻئي پاسي آءِ ايم  ايف جي دٻاءَ سبب پيٽرول جا اگهه پيئي وڌائي ۽ نوان ٽيڪس پيئي لڳائي (3) اڄ نه ته سڀاڻي سياسي قوتون حڪومت مخالف سرگرميون شروع ڪنديون جن کي پريس ۾ ڪوريج به ملندي پر جيڪڏهن حڪومت انهن سياسي سرگرمين تي ڏنڊو ٿي کڻي ۽ پريس تي سختيون ٿي ڪري ته سڄي دنيا ۾ ان جي خلاف گوڙ ٿيندو ۽ ان صورت ۾ هاڻوڪي حڪومت پاران پريس کي آزاد رکڻ ۽ بنيادي انساني حق بحال رکڻ واري واعدي جي ڀڃڪڙي ٿيندي پرجيڪڏهن هاڻوڪي حڪومت سرگرميون ٿيڻ ڏئي ٿي ته پوءِ هڪ فوجي حڪومت لاءِ ڊگهي عرصي تائين اهو سڀ ڪجهه  برداشت ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو (4) نواز شريف  جو تعلق ملڪ جي اڪثريتي صوبي پنجاب سان آهي ۽ هاڻوڪي حڪومتي سربراهه جو تعلق ننڍي صوبي سنڌ جي شهري علائقي سان آهي.  سمجهڻ وارن کي ان ڳالهه ۾ گهڻو تضاد محسوس ٿئي ٿو (5) هاڻوڪي حڪومت  ڀلي کڻي آمريڪا ۽ يورپ جي مفادن  جي خلاف  نه هجي پر آمريڪا ۽ خاص ڪري يورپ ڪيستائين جمهوريت جي بحالي لاءِ صرف زباني خرچ ڪندو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڊگهي عرصي تائين فوجي حڪومت کي تسليم ڪيو ويو ته ٽين دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ فوجي جنرل،  پنهنجي سويلين حڪومتن کي گهر ڀيڙوڪرڻ لاءِ تياري ڪريو ويٺا آهن، پوءِ آمريڪا ۽ يورپ جيڪي جمهوريت جا چيمپئن آهن تن وٽ Face saving (منهن ڏيکارڻ) لاءِ ڇا رهجي ويندو؟  ٻيا کوڙ سارا نقطا آهن جن کي  ڏسندي سڄي صورتحال  ۾ تمام   گهرا   تضاد  نظر اچن ٿا ۽ ايترن تضادن سان گاڏو ڊگهي عرصي تائين گهلڻ ڪنهن جي لاءِ به گهڻو سولو نظر نٿو اچي.
ملڪ ۾ فوجي حڪومت اچڻ کان پوءِ سياسي حلقن ۾ ان نقطي تي پڻ بحث هلندڙ آهي ته ڇا ڪنهن موڙ تي پ پ ۽ مسلم ليگ ۾ ٺاهه جو امڪان آهي. محترمه بينظير ڀٽو اهڙي سوال تي اڃا ڪو به واضح  جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ۽ سندس چوڻ آهي ته اها وقت کان اڳ جي ڳالهه آهي پر اها ڳالهه هاڻ راز ناهي رهي ته پ پ  منجهه هڪ وڏي لابي مسلم ليگ سان ٺاهه جي حق ۾ آهي ۽ ساڳيءَ ريت ليگ ۾ پڻ هڪ لابي پ پ سان اتحاد ڪرڻ چاهي ٿي پر ٻنهي پارٽين ۾  اتحاد جي مخالفن جون پڻ سگهاريون لابيون موجود آهن. بينظير ۽ نواز شريف جنهن سياسي دور جا سياستدان آهي تن جي ڊڪشنرين ۾ ”ناممڪن“ جو لفظ ناهي هوندو ۽ هو  سياست  ۾ ”ڪا به ڳالهه ممڪن آهي“ جي فلسفي ۾ يقين رکندڙ آهن. پر  سوال اهو  آهي ته هو ٻيئي ڪهڙي نقطي تي اتحاد ڪندا. ظاهري طرح اهو نقطو فوجي حڪومت کي هٽائڻ ٿي پيو سگهي پر مسئلو اهو آهي ته ٻنهي ليڊرن جا ماضي ۽ حال ۾ اسان جي اسٽيبلشمينٽ سان ايترا سگهارا واسطا ۽ رابطا رهيا آهن (جيڪي واسطا ۽ رابطا انهن ٻنهي هڪٻئي جي حڪومتن کي ڊاهڻ لاءِ پڻ ماضي ۾ استعمال ڪيا آهن) جو هاڻ  گڏجي اسٽيبلشمينٽ جي سامهون ٿي بيهڻ ۾ کين شايد ٿوري ڦڪائي نه تڏهن به متان پريشاني ٿئي! انهن ٻنهي وٽ اتحاد ڪرڻ ۾ ٻه ٻيا به اهم مسئلا آهن، (1)ٻنهي پارٽين ۾ اهم پوزيشنون رکندڙ  فردن جي هڪ ٻئي سان صرف سياسي ئي نه پر ذاتي دشمني ٿيل آهي (2) هڪ ٻئي تي اعتبار  جو نه هجڻ يعني جيڪڏهن گڏجي تحريڪ هلائين ۽ ڪامياب به ٿي وڃن ته ڪهڙي خبر ڪا هڪ پارٽي اسٽيبلشمينٽ سان اندر ئي اندر نبيرو ڪري  اقتدار  وٺي وڃي ۽ ٻي پارٽي ڏسندي ئي رهجي وڃي! بهرحال اهي نقطا پنهنجيءَ جاءِ تي، پر جيڪڏهن هاڻوڪي حڪومت ٻنهي پارٽين تي هڪ جهڙو هٿ رکيو ۽ عوام کي به  رليف نه ڏنو ته ٿي سگهي ٿوته ڪجهه عرصي گذرڻ بعد انهن پارٽين وٽ هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ کان سواءِ ٻي ڪي واهه نه بچي پر فوري طور تي اهڙو ڪو اتحاد حقيقي صورت  اختيار  ڪندي نظر نٿو اچي ۽ في الحال انهن  پارٽين جا اڳواڻ هڪ ٻئي سان رابطو ڪري اسٽيبلشمينٽ کي صرف اهو نياپو ڏيڻ جي ڪوشش پيا ڪن ته ”اسان سان ڳالهايو، نه ته اسين پاڻ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪري ڏينداسين.“ ٻنهي پارٽين جي هڪ ٻئي جي ويجهي اچڻ جي معاملي تي گهري  نظر رکندڙ هڪ باخبر همراهه جو چوڻ هو ته ٻئي پارٽيون في الحال سپريم ڪورٽ ۾ ايندڙ مهيني ۾ شروع ٿيندڙ نواز حڪومت جي برطرفيءَ واري ڪيس تي نظر رکيو ويٺيون آهن ۽ اهي عدالتي فيصلي بابت تمام گهڻيون پر اميد به آهن. عدالتي فيصلن اڪثر ملڪن جي نئين تاريخ لکي آهي، 2000ع ۾ اسان جي عدالتن مان حڪومت جي برطرفي ۽ هاڻوڪي حڪومت بابت جيڪو فيصلو ايندو اهو به صرف اسان جي عدالتي تاريخ نه پر سياسي تاريخ لاءِ پڻ انتهائي اهم هوندو

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو