ڇا پريس ڪنهن کي ”هيرو“ ٺاهي سگهي ٿي؟
”توهان سنڌي پرنٽ ميڊيا وارا ايمانداريءَ جو ڪاٿو به سنڌي ۽ غير سنڌي واري تعصب سان ڪريو ٿا.“ اهڙي تنقيد سکر ڊويزن ۾ مقرر ٿيل ٻن نوجوان غير سنڌي آفيسرن ڪچهري دوران ڪئي. سندن چوڻ هو ته ڪجهه سنڌي آفيسر، سنڌي اخبارن جا Favorites (پسنديده) آهن جن کي اخبارن Project (وڌائي) ڪري هيرو بڻائي ڇڏيو آهي. انهن ٻن ناراض نوجوانن مان هڪ جيڪو پوليس آفيسر پڻ هو هڪ قصو ٻڌائيندي چيو ته ”تازو مون علائقي جي بااثر شخصيت کي گرفتار ڪيو، جيڪا خبر معمولي انداز ۾ ٻئي ڏينهن جي اخبارن ۾ لڳي، جنهن تي مون کي هڪ دوست صلاح ڏني ته جيڪڏهن آئون ان بااثر شخصيت کي گرفتاريءَ مهل ٿڦڙ به وهائي ڪڍان ها ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايان ها ته ان ڳالهه جي خبر صحافين کي پهچي وڃي ته يقينن ٻئي ڏينهن اها خبر غير معمولي ۽ نمايان انداز ۾ ڇپجي ها ۽ پريس مون کي وڏي ڪوريج به ڏئي ها پر آئون سمجهان ٿو ته (ٻئي جي خرچ تي ٻئي جي بي عزتي ڪري) پنهنجي لئي (عزت ڪرائڻ) جو مون کي ڪو حق ناهي.“ انهن نوجوان آفيسرن واري راءِ پوليس کاتي ۽ ٻين حلقن ۾ به اڪثر ٻڌڻ ۾ اچي ٿي تنهن ڪري اچو ته اڄ ان موضوع تي ويچاريون ته ڇا پريس ڪنهن کي هيرو بڻائي سگهي ٿي؟ صحافت جي موضوع جي تمام ننڍڙي شاگرد طور منهنجو ذاتي خيال آهي ته پريس ڪنهن کي به ڊگهي مدي تائين هيرو بڻائي پيش نٿي ڪري سگهي، جيستائين ان همراهه جا افعال ۽ عمل عوام جي نظر ۾ واکاڻ جوڳا نه هجن، پوءِ اهو همراهه پوليس وارو هجي يا سياستدان، هجي يا ڪو ٻيو هجي. مثال طور جيڪڏهن ڪو پوليس وارو علائقي جي عوام لاءِ رڻ ٻاريو ويٺو هجي، رشوت ۽ لٽ مار جي بازار گرم ڪريو ويٺو هجي ته پريس (ڀلي سنڌي هجي يا اردو، انگريزي) نيٺ ڪيئن ۽ ڪيستائين ان پوليس واري کي عوام دوست يا ايماندار آفيسر طور پيش ڪندي رهندي؟ اتي هڪ ٻي ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته (مثبت يا منفي طور) مشهور ٿيل پوليس آفيسرن کي پهرين مڃتا سندن ڪارڪردگي سبب علائقي (جتي سندن پوسٽنگ هجي ٿي) جي عوام ۾ ملي ٿي جيڪا پوءِ عوام جي Feed Back (موٽ) جي صورت ۾ پريس ۾ Reflect (منعڪس) ٿئي ٿي ۽ ائين ناهي ته ڪجهه آفيسر جيئن ته پريس جا پسنديده آهن تنهن ڪري پريس ”سنگت“ جي ڪري کين مثبت ڪوريج ڏئي ٿي ۽ ٻئي کي نٿي ڏئي، ڇاڪاڻ ته اڄوڪي ڪمرشلائيزڊ ٿيل پريس ائين ڪرڻ افورڊ ئي نٿي ڪري سگهي. ان جو مثال ائين به ڏئي سگهجي پيو ته جيڪڏهن ڪو آفيسر علائقي جي ماڻهن لاءِ رڻ ٻاريو ويٺو هجي ته پريس لاءِ چاهيندي به گهڻو ع رصو (مبينا طور) ”سنگت“ جي ڪري ان کي عوام دوست لکڻ ممڪن نه هوندو، ڇاڪاڻ ته ان سان اخبار جي ساک متاثر ٿيندي، جنهن جو اثر ان جي سرڪيوليشن تي پوندو، جنهن جو سڌو اثر وري اخبارجي اداري جي مالي پوزيشن تي پوندو، سو چوڻ جو مقصد اهو آهي ته اهي ئي آفيسر پريس جا پسنديده بڻجن ٿا جيڪي عوام جا پسنديده هجن ٿا. اتي هڪ ٻيو مونجهارو به دور ٿيڻ گهرجي، اهو هي ته ڪجهه آفيسر اهو به سمجهن ٿا ته ڪرپشن ته هو به نٿا ڪن پر پوءِ به کين عوام ۽ پريس ۾ اوتري مڃتا نٿي ملي جيتري ٻين کي ملي ٿي؟ ته ان ۾ گذارش اها آهي ته ايمانداري هڪ بندي ۽ خدا جي وچ جو معاملو آهي. جيڪڏهن ڪو رشوت نٿو وٺي ته اها تمام سٺي ڳالهه آهي ۽ خدا کيس ضرور ان جو اجر دنيا ۽ آخرت ۾ ڏيندو پر عوام ۾ عزت، احترام ۽ مڃتا اهو ئي آفيسر ماڻي ٿو جيڪو ايمانداري سان گڏ عوام کي مقامي وڏيرن، ڏوهارين ۽ خود پوليس کان رليف ڏياري ٿو. ظاهر آهي ته جڏهن ڪو آفيسر علائقائي سطح تي ٺهيل وڏيري، پوليس ۽ ڏوهارين جي ٽرائيڪا کي ٽوڙي ٿو ته عوام کي ان مان رليف ٿو ملي ۽ علائقي ۾ ان آفيسر کي شهرت ٿي ملي ۽ اها شهرت جنهن کي پاڻ راءِ عامه به چئي پيا سگهون سا آهستي آهستي پريس تائين وڃي پهچي ٿي پر وري به اهو آفيسر پريس ۾ خاص ڪري اشو تڏهن بڻجي ٿو جڏهن علائقي ۾ اسٽيٽسڪو جي حامي روايتي قوتن ۽ ان آفيسر ۾ ٽڪراءُ ٿئي ٿو ۽ عوام جي اڪثريت ان آفيسر جو پاسو وٺي ٿي، پوءِ مظاهرا ٿين ٿا،هڙتالون ٿين ٿين، جيڪي ظاهر آهي ته اخبارن لاءِ خبر ٿيو پون، جنهن کي پريس نظر انداز نٿي ڪري سگهي. پر جيڪڏهن ڪو آفيسر صرف رشوت نه وٺندو هجي باقي عوام لاءِ ساڳيا ئي سور هجن ته پوءِ عوام اهڙي ايمانداريءَ جو آچار ته نه وجهندو. مثال طور ڪجهه عرصو اڳ سجاول ۾ هڪ ڊي ايس پي اتان جي هڪ شهري وتائي جوڻيجي کي سخت تشدد ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو ۽ الٽو مٿس ڪوڙو ڪيس به داخل ڪيو. ان واقعي بابت ايس ايس پي ٺٽي کي به چڱيءَ ريت ڄاڻ ڏني وئي. جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته هو راشي آفيسر ناهي پر اڄ ان واقعي کي لڳ ڀڳ ٻه مهينا ٿي ويا آهن پر ان ڊي ايس پي خلاف ايس ايس پي، وتائي جي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ نٿو ڏئي ۽ نه ئي داخل ٿيل ڪوڙي ايف آءِ آر واپس ٿو وٺي. مرڳو سندس اصرار آهي ته وتايو ڊي ايس پي سان راڄوڻي ٺاهه ڪري تشدد وارو معاملو لئه مٽي ڪري ڇڏي. ان مثال کي ذهن ۾ رکندي ٿورو تصور ڪجي ته پريس ڪيترو ئي لکي ته ايس ايس پي ٺٽو پنهنجي پٽي ڀائي واري پاليسي نٿو رکي ۽ شهرين کي پوليس کان رليف ڏياري ٿو پر اخبارن ۾ پڙهندڙ ان شهري وتائي جوڻيجي کي ڪيئن ان ڳالهه تي يقين ايندو، جنهن کي پنهنجو ذاتي تجربو آهي ته ايس ايس پي کيس رليف نه ڏياريو آهي! ان ڳالهه کي ورجائڻ ۾ حرج ڪونهي ته ”پريس ڪنهن آفيسر کي ايماندار ۽ عوام دوست نٿو بڻائي پر اهو سندس پنهنجو جذبو هجي ٿو ۽ پريس صرف ان جي ڪارڪردگي اجاگر ڪري ٿي.“ بهرحال ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته اهڙن آفيسرن کي عوام ۽ پريس پاران موٽ ملڻ سبب انهن آفيسرن کي پوليس جي روايتي واٽ تي هلڻ جو Compensation (معاوضو) ضرور ملي ٿو ۽ کين اهو نياپو ملي ٿو ته جيڪڏهن هو چڱائيءَ جي واٽ وٺندا ته سوسائٽي کين مڃتا به ڏيندي ۽ مان به. شايد اهو ئي سبب آهي جو آهستي آهستي اهڙن آفيسرن جي لڏي ۾ اضافو به ٿيندو پيو وڃي ۽ ڪيترائي جونيئر پوليس آفيسر پڻ اهڙا پيدا ٿي رهيا آهن، جيڪي روايتي پوليس آفيسر بڻجڻ بدران ايماندار ۽ عوام دوست طور پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ چاهين ٿا، اهو هڪ مثبت ٽرينڊ آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ميڊيا ان صحتمند ٽرينڊ کي همٿايو ضرور آهي.
تازو سٺي شهرت رکندڙ هڪ آفيسر کي ڪچهريءَ دوران چيم ته ”جنهن ڏينهن توهان عوام ۾ مڃتا وڃائي ويهندئو ان ڏينهن اها ساڳي ميڊيا جيڪا توهان کي اڄ تمام گهڻي وڻي ٿي توهان جي ڪڌن ڪمن کي ائين جو ائين نمايان ڪري ڇاپيندي جيئن اها توهان جي سٺن ڪمن کي ڇاپيندي آهي، سو متان ان غلط فهميءَ ۾ آيا آهيو ته ڪو پريس ۽ توهان جو ڪو غير مشروط رشتو آهي“
آئون ذاتي طرح سنڌي ميڊيا تي ٿيل ان تنقيد ته”ميڊيا ايمانداريءَ کي به تعصب جو چشمو پائي جائزو وٺي ٿي“ سان متفق ناهيان، ڇاڪاڻ ته ايمانداري يا عوام دوستي سنڌي يا غير سنڌي نه هوندي آهي. باقي ان تنقيد بابت ته ڪجهه آفيسر ميڊيا کي Exploit (استعمال) ڪري وڃن ٿا ان کان مڪمل طرح انڪار نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته صحافي به ”عقل ڪل“ نٿا هجن ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن سان به ڪرڻ وارا Manipulation (اٽڪل) ڪري ويندا آهن، بهرحال ان سڄي بحث مان هڪ اهم پهلو اهو به نڪري ٿو ته جيڪڏهن سوسائٽيءَ جي ڪنهن شعبي جا ڪي فرد يا ڌريون چڱي واٽ اختيار ڪن ٿيون يا عوام دوستيءَ وارو ڪردار ادا ڪن ٿيون ته اخبارون انهن کي پڻ پنهنجن ڪالمن ۾ نمايان جڳهه ڏين ٿيون ۽ اها ڳالهه ميڊيا تي اها تنقيد ڪندڙن کي خاص طرح نوٽ ڪرڻ گهرجي، جيڪي اها تنقيد ڪن ٿا ته ”سنڌي ميڊيا کي سوسائٽي ۾ ٿيندڙ صرف خراب ڪم نظر اچن ٿا باقي سٺن ۽ مثبت ڪمن لاءِ انهن کي اهميت نه ٿي ڏني وڃي.“ ان سان گڏوگڏ صرف پوليس جي کاتي نه پر سوسائٽيءَ جي ٻين شعبن جي ماڻهن کي به اهو نياپو ملي ٿو ته جيڪڏهن هو ايمانداري ۽ عوامي دوستيءَ واري واٽ اختيار ڪندا ته عوام ان جي موٽ به ڏيندو ۽ پرنٽ ميڊيا پنهنجن ڪالمن ۾ ان عوامي موٽ جي عڪاسي به ڪندي، سو هاڻ ان پراڻي سوچ جو جواب اچي ويو آهي ته ادا هاڻ سڀني کي خبر آهي ته عوام دوستي مان جيڪا عزت، پيار ۽ پنهنجائپ ملي ٿي اها ايمان وارن لاءِ ڪروڙين رپين جي رشوت کان مٿانهين هجي ٿي.
جيڪڏهن اسين غور سان جائزو وٺون ته نيٺ اهي ڪهڙا سبب هجن ٿا جو اڪثر سٺي شهرت رکندڙ آفيسرن ۽ علائقي جي بااثر فردن/ڌرين جي وچ ۾ ٽڪراءُ ٿيو پوي؟ ته ان جو بنيادي طرح هڪڙو ئي ڪارڻ نظر اچي ٿو ته نوان روشن خيال آفيسر اسان جي سوسائٽيءَ ۾ ورهين کان ٺهيل بنيادي Institution (اداري) ”وڏيرڪي اوطاق“ کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ٿا ڪن. اسان وٽ صدين کان ماڻهن جا سياسي، سماجي توڙي ذاتي مسئلا وڏيرڪي اوطاق جي چوگرد ڦرندا رهيا آهن ۽ وڏيرڪي اوطاق اسان جي سوسائٽيءَ جو اهم ترين ادارو سمجهيو ويندو هو/آهي. سو جڏهن اهي ڪالهوڪا ڇوڪرا (نوجوان آفيسر) ان اداري کي ورهين کان ملندڙ پروٽوڪول جي ابتڙ وڏيرڪي اوطاق تي نه صرف حاضري نٿا ڀرين پر وڏيرڪي اوطاق کي روايتي انداز ۾ ملندڙ مڃتا پڻ نٿا ڏين ته فطري طور ٽڪراءُ ٿئي ٿو. ٻيڳالهه اها ته ورهين کان اسان جي عام ماڻهن جا ڪم وڏيرڪي اوطاق جي معرفت ٿيندا آيا آهن، پوءِ اهي ڪم ٿاڻن ۾ هجن، مختيارڪار آفيس ۾ هجن، آبپاشي جي داروغي ۾ هجن يا ٻئي ڪنهن سرڪاري کاتي ۾. اتي وڏيرڪي اوطاق مان ”پرچي“ يا ٽيليفون ذريعي عام ماڻهوءَ جو ڪم ٿيندو هو /آهي ۽ ماڻهن جي ڪم ڪرڻ جي عيوض اوطاق هلائيندڙ (وڏيري) کي ماڻهن جي ووٽن جو پڻ حقدار سمجهيو ويندو هو/آهي. پر جڏهن ڪو آفيسر اوچتو ماڻهن جا ڪم وڏيرڪي اوطاق جي پرچي يا سفارش وسيلي ڪرڻ بدران سڌيءَ ريت ڪرڻ شروع ڪرڻ ڏئي ٿو ته ماڻهو ٿاڻن تي وڏيرڪي اوطاق جي معرفت اچڻ بدران سڌو رابطو ڪرڻ شروع ڪن ٿا، جتي کين محسوس ٿئي ٿو ته هاڻ کين پوليس کان رليف وٺڻ لاءِ ڪنهن اوطاق تي وڃي حاضري ڀرڻ جي ضرورت ناهي. ان صورتحال ۾ فطري طور وڏيرڪي اوطاق جي اهميت گهٽجڻ شروع ٿئي ٿي ۽ اوطاق هلائيندڙ اهو سمجهڻ شروع ڪري ٿو ته جيڪڏهن عوام کي سڌيءَ ريت پوليس کان ائين ئي رليف ملڻ شروع ٿي ويو ته پوءِ وڏيرڪي اوطاق تي هٿ ٻڌي پرچي وٺڻ لاءِ ايندڙ جي رش گهٽجي ويندي، جنهن جو اڳتي هلي مطلب اهو نڪرندو ته عوام اوطاق جي چئي(داٻي ۽ احسانن جي بار) مان آجو ٿي ويندو جنهن مان وري حاصل نتيجو اهو نڪرندو ته ماڻهو ووٽ پوءِ وڏيرڪي اوطاق جي مرضيءَ موجب نه ڏيندا. ان سڄي صورتحال سبب جڏهن ڪو اهڙو آفيسر علائقي ۾ مقرر ٿئي ٿو جيڪو عوام کي سڌيءَ ريت رليف ڏيڻ ۾ يقين ٿو رکي ته ان سان علائقي ۾ ورهين کان وڏيرڪي اوطاق، ٿاڻي ۽ روينيو کاتي جي ٺاهيل ڳٺ جوڙ کي ڌڪ ٿو لڳي ۽ اسٽيٽسڪو ٽٽي ٿو، جنهن سبب ابن ڏاڏن کان جنهن وڏيرڪي اوطاق تي ويهي راڄن جي ٻڌي ڇوڙيءَ جو سلسلو هلندڙ هوندو هو اهو سلسلو ٽٽڻ لڳي ٿو ۽ وڏيرڪي اوطاق جا ”محافظ“ فوري طور اسٽيٽسڪو جي ان مخالف (پوليس آفيسر) جي بدلي لاءِ سرگرم ٿيو وڃن. ڪو زمانو هو جو وڏيرڪي اوطاق، پوليس، روينيو کاتي ۽ ايريگيشن کاتي جي مقامي ڳٺ جوڙ ۾ مقامي صحافي به جونيئر پارٽنر جو ڪردار ادا ڪندو هو پر هاڻ صحافت ۾ آيل نئين ٽرينڊ سبب ٻيو نه ته به مقامي صحافين ۾ به گهڻائي اهڙن صحافين جي پيدا ٿي ويئي آهي، جيڪي مٿي ذڪر ڪيل ڳٺ جوڙ کان مڪمل طرح نه ته به ڪنهن حد تائين پري ٿيا آهن، جنهن جو ثبوت اهو آهي ته ڪالهه تائين جن پريس ڪلبن يا اخباري آفيسن ۾ صرف علائقي جي سگهارين قوتن جي رسائي هوندي هئي اڄ اتي پوليس ۽ وڏيري يا ٻين قوتن جا ستايل اٻوجهه ماڻهو به اچي بيهن ٿا ۽ صورتحال اها آهي ته جيڪڏهن پوليس ڪنهن بيگناهه شهري کي ماري ٿي ته سندس وارث لاش کڻي ڪنهن سرڪاري اداري ڏانهن نه پر پريس ڪلب آڏو اچي رکن ٿا ۽ انصاف لاءِ دانهين ٿا. آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته جيترا ماڻهو پنهنجا مسئلا ۽ پريشانيون کڻي پريس ڪلب حيدرآباد پهچن ٿا ان جو 10سيڪڙو به انساني حقن جي تنظيم جي حيدرآباد واري آفيس ڏانهن نٿا وڃن. ان مان ٻيو ڪجهه نه تڏهن به ٻه ڳالهيون واضح ٿين ٿيون. هڪ اها ته سوسائٽيءَ جي ٻين ادارن جي ڪارڪردگي اڳي کان وڌيڪ خراب ٿي آهي، جنهن سبب سندن ساک به متاثر ٿي آهي ۽ ٻي اها ته پريس بابت ماڻهن جو تاثر اڳي کان بهتر ٿيو آهي ۽ عام ماڻهوءَ وٽ پريس جو رڪارڊ انساني حقن جي اشوز جي حوالي سان ڪافي سڌريو آهي. جيتوڻيڪ اهو الڳ بحث آهي ته هڪ پروفيشنل پريس جون ذميواريون ڪهڙيون هجن ٿيون ۽ اسان جو ماڻهو ان کان ڪهڙيون اميدون رکي ٿو ۽ اهي اميدون درست به آهن يا نه پر پاڻ ان موضوع تي ٻئي ڪنهن موقعي تي بحث ڪنداسين، هتي صرف اهو چئي ڳالهه اڳتي ٿا وڌايون ته سنڌي پريس ۾ آيل (ٿوري ئي سهي) پروفيشنلزم ۽ ڪمرشلائيزيشن جي پريشر مقامي صحافين کي (سئو سيڪڙو نه)مجبور ڪيو آهي ته هو مقامي روايتي قوتن جي ڳٺ جوڙ جي حصو ٿيڻ کان پاسو ڪن، اتي سنڌي پريس ۾ آيل نوجوان صحافين (جن جو تعداد گهڻو ڪونه آهي) کي شاباس نه ڏيڻ زيادتي هوندي جن پڻ نوان صحافتي ٽرينڊز اختيار ڪري ٻهراڙيءَ ۾ جاري صحافتي ڪلچر ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،
اڪثر دوستن کي منهنجي ان ڳالهه تي اعتراض هجي ٿو ته جڏهن چوان ٿو ته ”اسان جي سوسائٽي صرف پريس جي ڪردار جي حوالي سان نه پر هر حوالي سان شديد ڪنفيوزن جو شڪار آهي.“ ٿي سگهي ٿو ته اها ڳالهه درست نه هجي پر جيڪي سمجهن ٿا ته اسان جي سوسائٽي تمام گهڻي Clear headed (پنهنجن معاملن بابت تمام گهڻي واضح) آهي اهي اهو ٻڌائين ته ڇا اسين پنهنجي بنيادي سياسي ۽ سماجي اهم مسئلن جي حل بابت به واضح آهيون؟ چيو وڃي ٿو ته سنڌي سوسائٽي سياسي طرح تمام گهڻي باشعور آهي، جيڪڏهن اسين واقعي ايترا باشعور آهيون ته پوءِ اسان سياسي طرح Direction (راهه وڃائي ويٺل) ڇو آهيون؟ جيڪڏهن اسين واقعي سياسي طرح باشعور آهيون ته اسان جي اڳواڻي اڄ به ڪو جاهل وڏيرو يا ڪرپٽ مڊل ڪلاسي ڇو پيو ڪري؟ سياسي ميدان ۾ چو طرف مايوس ۽ ڪنفيوزڊ چهرا ڇو ٿا نظر اچن. ٻئي طرف پنهنجن سماجي مسئلن ڏانهن ڏسبو ته اتي به نه سمجهه ۾ ايندڙ صورتحال نظر ايندي جو جرڳائي فيصلن جي حمايت ۾ جيڪي دليل هڪ روايتي سردار ڏيندي نظر ايندو لڳ ڀڳ ساڳيائي خيال اسان جو روشن خيال دانشور ۽ وڪيل سوڀو گيانچنداڻي به ظاهر ڪندي نظر اچي ٿو. ڇا اها هڪ منجهيل صورتحال ناهي ته اڃا اسان جا سوڀي صاحب جهڙا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو به واضح نه ٿي سگهيا آهن ته جرڳا سوسائٽيءَ ۾ مسئلن جو حل آهن يا خود مسئلا آهن!، خيرپور ۾ هڪ روشن خيال اديب، ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ پاران مرضي سان وڃي شرعي طرح شادي ڪرڻ کي غلط قرار ڏيندي انهن کي ”ڀاڄوڪڙ“ جو نالو ڏئي ٿو پر شڪارپور جو هڪ مولانا (جنهن کي روشن خيال طبقا بنياد پرست ۽ تنگ نظر وغيره چون ٿا) ڀريل محفل ۾ نوجوان جوڙي کي پنهنجي مرضي سان شادي ڪرڻ جي حق ۾ ڊگها دليل ڏئي ٿو ۽ گڏوگڏ ڪاروڪاري جي شديد لفظن ۾ نندا ڪري ٿو! اهو سڀ ڇا آهي؟ ڇا اهي ڪيفيتون هڪ ڪنفيوزڊ سوسائٽي جون ناهن. ڇا اهو اسان جو الميو ناهي ته اسان جي سوسائٽي جي لبرل ۽ پڙهيل ڳڙهيل طبقي ۾ به ڪاروڪاري، جرڳائي ڪلچر ۽ مرضي سان شادي جي حق جهڙن بنيادي اشوز بابت به اڃا تائين ڪو اتفاق راءِ موجود ناهي؟ ڇا اسان جي سياسي طرح ”باشعور“ سوسائٽي جو اهو افسوسناڪ پهلو ناهي ته اسان جو عام ماڻهو ووٽ اڃا به وڏيرڪي اوطاق جي مرضي سان ڏئي ٿو؟ ڇا اسان جا دانشور، ”ڪنفيوزڊ سوسائٽي“ جا ”ڪنفيوزڊ دانشور “ ناهن جو انهن کي عوام کي ڏيکارڻ لاءِ ڪا به ٺوس ۽ عملي واٽ نٿي سجهي؟ ۽ آخر ڇا اها هڪ ڪنفيوزڊ اپروچ ناهي ته پريس کان اهي توقعات ڪيون پيون وڃن جيڪي سياسي پارٽيون يا سرڪاري مشينري يا اين جي اوز ئي پوريون ڪري پيون سگهن؟.
هڪ طرف ايتري ڪنفيوزن ڏسي ڪوفت به ٿئي ٿي ته وري ٻئي پاسي ان جو مثبت پاسو به نظر اچي ٿو. هاڻ اسان جي معاشري ۾ ورهين کان مختلف شعبن ۾ برقرار جمود ٽٽڻ شروع ٿيو آهي ۽ محسوس ٿئي ٿو ته سوسائٽي شديد ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آهي. ظاهر آهي ته جيستائين اڳوڻيون شيون ٽٽنديون نه ته نيون شيون ٺهنديون ڪيئن؟ ۽ اها ڪنفيوزن به ان تڙپ ۽ بي چينيءَ جي علامت آهي ته ماڻهو هاڻ ڪا تبديلي چاهين ٿا ۽ ان جي کوجنا ۾ منجهيل ۽ ڪنفيوز ٿيل آهن پر ”سڀ ٺيڪ آهي يا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو“ واري اپروچ ڇڏي هاڻ مسئلن جوحل چاهين به ٿا ۽ ان لاءِ پنهنجي وت آهر ذهن به لڙائين ٿا. اسان جي سوسائٽيءَ جي صورتحال ان ٻنيءَ جيان نظر اچي ٿي جيڪا نئون فصل پوکڻ لاءِ کيڙي وئي هجي، ان ٻني کي ظاهري طرح ڏسڻ ۾ لڳندو ته سڄي زمين بي ترتيب ٿيل آهي. ساڳيءَ ريت اسان جي سوسائٽي ان کيڙيل ٻنيءَ جهڙو منظر پيش ڪري پئي جنهن ۾ سياستدانن جي منفي ۽ مثبت افعالن، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي اثرن ۽ ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جي حق جي شعور جا هر هليا آهن، جن سڄي زمين ۾ اٿل پٿل ڪري ڇڏي آهي، جيڪا ظاهري طرح بي ترتيب (ڪنفيوزڊ) ئي نظر اچي ٿي پر در اصل اها نئون فصل پوکڻ لاءِ تيار سوسائٽي آهي. پر سوال وري به باقي رهجي وڃي ٿو ته تيار ٿيل زمين ۾ ڪير نئون ٻج پوکيندو ۽ ڪڏهن؟ پر جيڪڏهن ڪنهن لبرل ۽ جمهوري سياسي سوچ جا ٻج جلد اتي نه پوکيا ويا ته پوءِ نفرت، فرقيواريت ۽ تنگ نظريي جا ڊڀ پاڻمرادو چوطرف اڀري ايندا.
اڄ جيئن عوام دوست پوليس آفيسرن جي حوالي سان الزام ٿو لڳي ته ”اهي آفيسر، سنڌي پريس ٺاهيا آهن.“ ڪاش ڪڏهن سنڌي پريس تي اهو الزام به لڳي ته ”فلاڻا عوام دوست سياستدان سنڌي پريس ٺاهيا آهن ۽ انهن سياستدانن کي کڻي مٿي تي ويهاريو اٿن.“ ها، ذاتي خواهش ڀلي هجي پر هڪ صحافي طور آئون ان حقيقت کان واقف آهيان ته پريس ڪنهن کي پيدا نٿي ڪري سگهي پر صرف انتظار ڪري ٿي سگهي ته ڪڏهن سوسائٽي ۾ ڪي اهڙا ڪردار يا ڪا اهڙي ڌر پيدا ٿئي جنهن تي عوام دوستيءَ جو الزام لڳي ۽ پريس ان الزام ۾ اڳتي وڌي پاڻ کي به شريڪ ڪري وٺي!
|
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو