Thursday, 27 November 2014

علي قاضي

سنڌي عورت ڪهڙي در تي دستڪ ڏئي؟
آچر 23 جنوري 2000ع


ڪجهه ڏينهن اڳ جوهي لڳ هڪ عورت صرف ان ڪري زهر پي پنهنجو انت آڻڻ جي ڪوشش ڪئي جو کيس پنجون ڀيرو نياڻي ڄائي هئي. اها خاتون شايد ميڊيڪل سائنس جي ان ريسرچ کان اڻ واقف آهي ته baby boy (پٽ ٻار) جا ڪروموسز عورت ۾ هجن ئي ڪو نه بلڪه اهي  صرف مرد ۾هجن ٿا، جيڪي پٽ ڄڻڻ جو سبب بڻجن ٿا. يعني جيڪڏهن مرد، عورت کي y ڪروموسومز ڏيندو ئي ڪونه ته عورت ڪنهن  به ريت پٽ ڪانه ڄڻي سگهندي. ٻين لفظن ۾ ان ڳالهه کي ائين به چئي ٿا سگهون ته پٽ يا نياڻي ڏيڻ الله جي وس ۾ آهي پر پٽ يا نياڻي بابت قدرت مرد کي ئي  وسيلو بڻايو آهي. اول ته پٽ يا نياڻي پيدا ٿيڻ سبب عورت کي سڀاڳي يا نڀاڳي چوڻ جهالت آهي پر جيڪڏهن اها جهالت ڪرڻي به آهي ته اهو سمجهي ڪرڻ گهرجي ته سڀاڳو يا نڀاڳو مرد ئي هجي ٿو ۽ نڪي عورت، ڇاڪاڻ ته قدرت عورت کي  اها سگهه ئي نه ڏني آهي ته هو پنهنجي اندر جنم وٺندڙ ننڍڙي جان جي جنس بابت پاڻ ڪجهه ڪري سگهي.
تازو لاڙڪاڻي ۾ هڪ واردات ۾ گرفتار ٿيندڙ لاٺڙيي کان جڏهن پڇيو ويو ته کيس اهو ڪم ڪرڻ لاءِ ڪنهن اماڻيو هو ته هن موٽ ۾ چيو ته اول ته آئون ڪڏهن به ڪو نه ٻڌائيندس ته مون کي ڪنهن اماڻيو هو باقي جيڪڏهن مون تي پوليس طرفان گهڻو دٻاءُ وڌو ويو ته آئون ڪنهن عورت کي ڪاري ڪري ماري جاچ آفيسر کي ان سان ڪارو قرار ڏئي ڇڏيندس.
 مٿيان ٻئي واقعا 50  يا سئو سال پراڻا نه پر ٽي يا چار ڏينهن اڳ جا آهن،  جن مان اسان ٿلهي ليکي پنهنجي معاشري ۾ عورت جي حيثيت جو اندازو لڳائي پيا سگهون. عورت جنهن کي اسين پنهنجي عزت، پنهنجي غير ت ۽ الائي ڇا ڇا چئون ٿا تنهن  جي اسان جي سماج ۾ حيثيت گهٽجي اهڙي ٿي وئي آهي ڄڻ اها مردن جي هوس مٽائڻ جو ڪو رانديڪو هجي يا مردن جون دشمنيون پاڙڻ جوهڪ Tool (اوزار) هجي  يا وري خدمت چاڪري ڪندڙ اهڙي نوڪرياڻي هجي جنهن جي هجڻ سان ڪا گهڻي خوشي نه ٿئي ۽ جنهن جي وڃڻ سان ڪو ڏک نه ٿئي. هوءَ بازار جي هڪ جنس ٿي وئي آهي، جو هڪڙيءَ کي ماري ڇڏيو ته وري ٻيءَ کي وٺي اچبو. عورت کي ملندڙ عزت احترام ۽ مان وڃي اهو بچيو آهي ته گهر ۾ ان کي جانورن کان بدتر حالتن ۾ رکيو وڃي باقي  ٻيو مڙئي خير آهي. عورت جي مٿي بيان ڪيل حالت ظاهر آهي ته اسان جي سئو سيڪڙو عورتن جي ناهي ڇاڪاڻ ته ڪٿي ڪٿي عورتون مردن سان جيڪو ويڌن  ڪن  پيون  اهو  به  ڏسڻ وٽان آهي پر اڄوڪي مضمون ۾ اسين ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ عورت جو ذڪر ڪريون پيا جيڪا اڪثريت ۾ هجڻ جي باوجود پنهنجو ڪو آواز نٿي رکي.
اسان جي واهيات رسمن ۽ ريتن ۾ جڪڙيل عورت جي آزادي بابت سوين مضمون ۽ ليک لکيا ويا آهن ۽ عام طرح چيو وڃي ٿو ته تعليم جي  واڌاري ۽ شعور پکيڙڻ سان ئي عورت کي سندس بنيادي  حق ملي پيا سگهن. مسئلي جي ان حل کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي  پر آئون  سمجهان  ٿو ته جيستائين عورت کي معاشي خودمختياري نٿي ملي تيستائين منجهس اها خود اعتمادي نه  پيدا ٿي سگهندي جيڪا  کيس مرد جي ڏاڍ مڙسيءَ جي اڳيان مزاحمت ڪرڻ جو حوصلو ڏئي. جڏهن اسين چئون ٿا ته عورت ۾ تعليم  وڌندي ته مٿانئس ظلم به گهٽبو ته اسين گهڻي  ڀاڱي اهو ئي ذهن ۾ رکندا آهيون ته جڏهن عورت پڙهيل ڳڙهيل هوندي ته هوءَ ملازمت ڪندي يعني هوءَ دال روٽي يا اٽي لٽي ۽ اجهي لاءِ ڪنهن مرد جي محتاج نه رهندي. سو در اصل اها معاشي محتاجي ئي هجي ٿي جيڪا عورت کي غلاميءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ڪري. توهان اڪثر نوٽ ڪيو هوندو ته اسان وٽ چيو وڃي  ٿو ته ”ادا ٿورو پاسو ڪجو ٻار ٿا اچن“ يا ”آئون پنهنجن ٻارن سان پيو وڃان“. اتي جڏهن لفظ ”ٻار“ پيو استعمال ڪيو وڃي ته اصل ۾ اهي ٻار نه ٿا هجن بلڪه  اهي ٻار جوان يا  پوڙهيون عورتون هجن ٿيون.  اسان پنهنجين عورتن کي ٻار ٿا قرار ڏيون، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته اسان جي سوسائٽيءَ ۾ اڃا عورت کي اسان  هڪ بالغ انسان به مڃڻ لاءِ تيار ناهيون ۽ پنهنجين عورتن کي به نفسياتي طرح اهو باور ڪرائڻ چاهيون ٿا ته توهان جي ذهني سطح هڪ ٻار کان وڌيڪ ناهي.  اها ڪهڙي نه ٻاراڻي ۽ بيوقوفيءَ جي اپروچ آهي جو اسان ان بنيادي نقطي کي به تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون ته عورت به  مرد جيان  اوتري ئي صلاحيت  ۽ ذهانت رکي پئي سگهي جيتري ڪو مرد رکي ٿو، پر اسان ان کي اڃا به ٻار قرار ڏيئي نفسياتي طرح ان تي غالب رهڻ چاهيون ٿا. توهان اڪثر ٻهراڙين ۾ ڏٺو هوندو ته هوٽلن تي وڏا شهپر رکي چانهه جو ڪوپ پي فوزيا سومرو يا شمن ميرالي جي ڪلامن تي جهومندڙ خان صاحبن جا ٻار (گهر واريون، ڀيڻون، مائرون يا ڌيئرون) پاسي واري ٻنيءَ ۾ ڪم ڪري رهيون هونديون. اتي جڏهن اها عورت سڄو ڏينهن ڪم ڪري ٿي ته  ظاهر آهي ته هو برقعو ته پائي نٿي سگهي ۽ غير مرد جي نظر به ان پورهيت عورت تي پوي ٿي پر جڏهن ساڳيءَ عورت کي سندس  صاحب پنهنجي ڍڳي گاڏي يا ڪنهن ٽانگي تي علاج يا ٻئي ڪم لاءِ شهر وٺي ٿو هلي ته ان عورت مٿان ڳوڻيون ۽ ڪپڙا وجهي کيس ائين ڍڪي ٿو ڄڻ جيڪڏهن مٿس  ڪا غير اک پئجي وئي ته اها عورت ڳري هوا ۾ تحليل ٿي ويندي.
 اڄ اها ڳالهه معاشي طرح پوئتي پيل ملڪن ۾ذري گهٽ طئي ٿي وئي آهي ته ننڍيءَ سطح تي پيسي جي ڏيتي ليتي، اقتصادي سرگرمي يا ڪاروبار جي حوالي سان عورت وڌيڪ سمجهدار ۽ ذميوار هجي ٿي پر  شرط اهو آهي ته کيس اهڙو موقعو ملي. بنگلاديش ۾ گريمين بئنڪ جو انتهائي  ڪامياب تجربو پاڻ سڀني جي آڏو آهي جنهن ۾  هيٺينءَ سطح تي ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ  مقامي عورتن کي همٿايو ويو. ان بئنڪ مان صرف عورتن کي قرض ڏنا ويا ۽ اتان جي اڻ پڙهيل ۽ پوئتي پيل عورتن کي جڏهن موقعو  مليو  ته  انهن  قدرت  کان مليل ڏات کي استعمال ڪندي ايتري شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري جو سڄي دنيا دنگ رهجي وئي! گريمين بئنڪ جو تجربو Micro financing (ننڍڙن قرضن) جي حوالي سان اڪنامڪس جي دنيا ۾ معجزي کان گهٽ نه هو، جنهن ۾ صرف هيٺينءَ سطح تي ڪجهه نه ڪجهه خوشحالي آندي بلڪه مقامي عورتن کي  ڍڳي خريد ڪرڻ لاءِ قرض ملي ٿو، کيس اها ڍڳي خريد ڪرڻ ۾ مدد ڏني وڃي ٿي ان جي ويڪسين يا ٻئي علاج لاءِ  تربيت به ڏني وڃي ٿي ته ان سان  گڏوگڏ ڊاڪٽر به هٿيڪو هجي ٿو. ڍڳيءَ جي کير کي مارڪيٽ تائين پهچائڻ لاءِ ٽرانسپورٽ وغيره جو بندوبست به ڪميونٽي آرگنائيزيشن  ڪري ٿي ۽ ان کانسواءِ به جيڪڏهن ڪو مسئلو ٿي  پوي ته ڍڳيءَ جي مالڪ مائي کي موبائيل فون مليل آهي جنهن جي  وسيلي هوءَ بئنڪ جي اعلي ٰ آفيسرن يا ٻين ادارن جي اهلڪارن سان سڌيءَ ريت رابطو ڪري  ٿي. وڏي ڳالهه ته کيس ملندڙ قرض بنا ڪنهن ڊگهي قانوني پروسيجر ۽ ضمانت جي ڏنو وڃي ٿو.  اسان جي ملڪ ۾ به حڪومت هيٺينءَ سطح تي قرض ڏيڻ جون پاليسيون جوڙينديون رهن ٿيون پر ان ۾ عورتن کي ڪا به ترجيح نٿي ڏني وڃي. سوال اهو آهي ته اسان جي زراعت ۾ جيڪڏهن عورت پورهيت  لڳ ڀڳ 50  سيڪڙو Hard labour (سخت پورهيو) ڪري ٿي ته جيڪي ان جا مالي معاملا آهن ان کان عورت کي ڇو ٿو پري رکيو وڃي؟ ڇو نه ٿو  اسان جي زرعي  بئنڪ۾ هاري عورت لاءِ  الڳ ڪائونٽر کوليو وڃي، جتان اهي ٻج ۽ ڀاڻ وغيره لاءِ پاڻ اچي قرض وٺن؟ جيڪڏهن ڪا عورت 5  يا 10 مينهون خريد ڪرڻ چاهي ٿي ته ان لاءِ  بئنڪون ان کي ڇو نه ٿيون همٿائين؟ جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪا عورت  ڪا ننڍڙي مانڊڻي يا ڪو ٻيو ڪاروبار ڪرڻ چاهي ته هو ان لاءِ پيسو ڪٿان آڻي! اسان جو الميو اهو آهي ته اسان جي آباديءَ جو 50 سيڪڙو عورتون آهن، پر انهن جو پورهيو يا صلاحيتون يا ته استعمال نه پيون ڪيون وڃن يا وري انهن جي پورهئي کي Recognize (تسليم) نه پيو ڪيو وڃي.
 اسان جي عورتن  خاص ڪري ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ عورتن کي پنهنجو مقام وٺرائي ڏيڻ لاءِ صرف  ليڪچر يا ڀاشڻ ڏيڻ يا انهن جي مسئلن جي حل لاءِ سيمينار ۽ ڪانفرنسون ڪرائڻ ئي ڪافي ناهي بلڪه ڪجهه نتيجو ڏيارندڙ ڪم ڪرڻ جي ضروت آهي. جيستائين تعليم يا شعور انهن کي مردن جي سماج ۾ عزت سان جيئڻ جو اعتماد ڏين تيستائين هٿ تي هٿ رکي انتظار ته نٿو ڪري سگهجي ته عورتون ڀلي تيستائين ڪُسبيون رهن ۽ ان لاءِ اهو انتظار به بيزار ڪندڙ آهي ته ڪڏهن اسان جي ڪنهن حڪومت کي انهن مظلوم عورتن جي حالت تي قياس ايندو ۽ اها ڪي اپاءَ وٺندي تنهن ڪري انهن ادارن تنظيمن ۽ جيڪي هن وقت عورتن جي ڀلائيءَ جي دعويٰ هيٺ ڪم ڪن پيون تن کان ئي اها اميد ڪرڻ کپي ته اهي ٻهراڙيءَ جي عورتن جي زندگيءَ جي معيار بهتر بڻائڻ لاءِ ٻن رخن کان عملي ڪم  ڪن، جن مان پهريون اهو آهي ته عورت جي معاشي محتاجي ختم ڪرڻ، ان لاءِ عورتن جون ٺهيل مختلف فائونڊيشنز ۽ تنظيم گراس روٽ تي پنهنجا يونٽ کولي نه صرف عورتن کي مختلف ڪمن لاءِ سکيا ڏين بلڪه ننڍا قرض ڏئي کين مختلف ڪم ڪرڻ لاءِ همٿائين جيئن اهي مردن جي ناجائز تسلط کان آجيون  ٿين  ۽  پنهنجن  ٻارن  ٻچن  جو  معيار زندگي بهتر بڻائي سگهن. ان ڏس ۾ وومين بئنڪ جيڪا جيتوڻيڪ سرڪاري آهي پر ان ۾ ڪم ڪندڙ خواتين بئنڪرز به ٿوري همت ڪري سرڪار کان ٻهراڙيءَ جي عورتن لاءِ ڪي اثرائتيون پاليسيون منظور ڪرائي پيون سگهن. اڪنامڪس جن ماڻهن جو موضوع آهي اهي ان ڏس ۾ اڃا ڪي واضح ۽ ٺوس صلاحون ڏئي پيا سگهن پر شرط اهو آهي ته انهن جي عملي طرح ڪم ڪرڻ لاءِ اهي تيار ٿين جيڪي عورتن جي ڀلائيءَ جو ڪم عملي طرح ڪرڻ جا/جون دعويدار آهن. عورتن جي معاشي خودمختياريءَ کانسواءِ اسان جي ٻهراڙيءَ جي  عورتن آڏو ٻيو اهم مسئلو عدم تحفظ جوآهي. ظاهر آهي ته اهو مسئلو به وڌيڪ اثرائتي نموني ته حڪومت (پوليس وغيره) ئي حل پئي ڪري سگهي پر جيستائين حڪومت جي ترجيحن تي اها ڳالهه اچي تيستائين ڇا ٿئي. ان ڏس ۾ ميڊيا  مختلف سياسي ۽ غير سياسي تنظيمن عورتن کي حاصل بنيادي حقن بابت شعور پکيڙڻ لاءِ ڳچ ڪم ڪيو  آهي پر سردست اهو شعور يا راءِ عامه عورت کي مڪمل طرح تحفظ وٺرائي ڏيڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن ۽ ضروت ان ڳالهه جي آهي ته  گهٽ ۾ گهٽ اسان جي ضلعي  هيڊ ڪوارٽرز ۾ اهڙا ڪي فورم يا ادارا ٺهن جيڪي صرف عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍاين کي منهن ڏين ۽ اهي فورم عورتن جي قانوني ۽ اخلاقي مدد ڪن. ظاهر آهي ته اهڙي ڪنهن اداري يا فورم جڙڻ سان عورتن مٿان تشدد  يا ڏاڍاين جا معاملا سئو سيڪڙو ته ختم نه ٿي ويندا پر عورتن کي ڪنهن سهاري جو احساس ضرور ٿيندو جيڪو منجهن ڪنهن حد تائين تحفظ جو احساس به پيدا ڪندو، بلڪ ائين جيئن اڄ کان ڪجهه سال  اڳ تائين ڪنهن عورت کي بيگناهه ماري ڇڏڻ يا ڪنهن ڏاڍي مڙس پاران عورتن سان ڏاڍائي ڪرڻ ڪو مسئلو ڪونه هو ۽ اڄ به اهي واقعا پيا ٿين پر ميڊيا پاران انهن اشوز کي وڏي ڪوريج ڏيڻ سان ايترو فرق ضرور آيو آهي ته عورت سان ڏاڍائي ڪندڙ به هاڻ اهو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن متاثر عورت/ عورتون ميڊيا تائين پهچي ويون ته اهو ڏاڍو مڙس ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي سڄي جهان ۾ خوار ۽ خراب ضرور ٿيندو. سو ان ريت گهڻو نه تڏهن به ٽڪو پيسو اهڙن واقعن ۾ گهٽتائي ضرور آئي آهي ۽ عورتن ۾ اهو احساس پيدا ٿيو آهي ته  ڪٿي نه ڪٿي ٿورو گهڻو سندن آواز به ٻڌو وڃي ٿو. پر جيڪڏهن خالص عورتن جي تحفظ واري اپروچ سان ڪو ادارو جڙي جيڪو صرف سيمينار يا ڪانفرنسون ڪرائڻ بدران  شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پنهنجا يونٽ کولي عملي طرح عورتن کي رليف ڏيارڻ جو ڪم ڪري ته يقينن ان سان تمام گهڻو  فرق پوندو.
 هڪ پڌرائي موجب انساني حقن جي ڪميشن جي اڳواڻ عاصمه جهانگير اڄ لاڙڪاڻي پهچي رهي آهي جتي هوءَ ”ڪارو ڪاري“ خلاف ريليءَ جي اڳواڻي به ڪندي ۽ شايد ڪنهن سيمينار کي خطاب پڻ ڪندي. لاهور ڄائي عاصمه جو لاڙڪاڻي اچي اتان جي عورتن جي ڪوس خلاف آواز ۾ آواز ملائڻ يقينن هڪ قابل تعريف قدم آهي پر عاصمه کي شايد خبر به نه پوي ته جنهن وقت هوءَ ريليءَ جي اڳواڻي ڪري رهي هوندي ٿي سگهي ٿو ته عين ان وقت لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪنهن علائقي ۾ ڪا عورت ڪاري قرار ڏئي ڪهاڙي يا بندوق جو نشانو بڻجي رهي هجي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ٻئي ڏينهن جي اخبارن۾ جڏهن ڪاروڪاري خلاف  عاصمه جهانگير جي تقرير ڇپيل هجي ته ان ئي اخبار ۾ ڪاري قرار ڏنل ٻهراڙيءَ جي ڪنهن عاصمه يا آسيه جي قتل جي خبر به ڇپيل هجي!! ان ڳالهه جو مطلب اهو ناهي ته  عاصمه جهانگير جو لاڙڪاڻي اچڻ اجايو آهي ۽ ان جو ڪو فائدو نه ٿيندو، يقينن ان جو فائدو به ٿيندو ۽ ڊگهي مدي ۾ ان جو اثر به پوندو پر جڏهن عاصمه جهانگير جو نالو ٻڌجي ٿو ته سندس تعارف صرف انساني حقن جي ڪميشن ناهي بلڪه لاهور ۾ مظلوم عورتن لاءِ جوڙيل ادارو دستڪ به عاصمه جو هڪ  وڏو تعارف آهي. سو ڇا اهو ممڪن ناهي ته اڄ عاصمه لاڙڪاڻي ۾ پنهنجو خطاب ختم ڪرڻ کان اڳ  لاڙڪاڻي ۾ به دستڪ جو دفتر کولڻ جو اعلان ڪري وڃي؟ ڇاڪاڻ ته اڄ جن مظلوم عورتن جي حقن جو ذڪر  عاصمه تقرير ۾ ڪندي انهن کي به دستڪ ڏيڻ لاءِ ڪو در کپي، ڇا عاصمه انهن عورتن لاءِ لاڙڪاڻي ۾ به ڪو در ٺاهيندي، ڇا جيڪب آباد يا گهوٽڪي ۾ به اهڙي ڪا پناهگاهه ٺهي سگهي ٿي جتي ”ڪارين جي ڪوٽن“ مان عزت ۽ زندگي جي پناهه لاءِ نڪتل عورتون اچي دستڪ ڏئي سگهن؟.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو