وفاقي کاتن ۾ ڀرتين جي جاري ٿيل
نئين پاليسي ۽ ميرٽ جي لتاڙ وارو سوال
اسٽيبلشمينٽ ڊويزن وفاقي ادارن خودمختيار باڊين ۽ ڪارپوريشنن لاءِ ڀرتين جي نئين پاليسي جاري ڪئي آهي. جنهن موجب گريڊ 3 کان 13 تائين جي ملازمن جون ڀرتيون ڪرڻ لاءِ اخبارن ۾ اشتهار جاري ڪيا ويندا، جڏهن ته 16 گريڊ ۽ ان کان مٿي واريون جايون فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن معرفت ڀريون وينديون. جنهن لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏنا ويندا ۽ درخواستن لاءِ 15 ڏينهن جو وقت ڏيئي 60 ڏينهن اندر ا هو عمل مڪمل ڪيو ويندو. ان پاليسي ۾ ميرٽ تي سختي سان عمل ڪرڻ ۽ علائقائي،صوبائي ڪوٽا سميت اقليتن ۽ معذور ماڻهن لاءِ رکيل ڪوٽائن تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻ جي به ڳالهه ڪئي وئي آهي جيئن ته وفاقي سرڪار 25 سيپٽمبر کان نوڪرين تان پابندي ختم ڪري ڇڏي هئي، ليڪن ڀرتين بابت ڪا واضح پاليسي نه هجڻ ڪري اهي ڀرتيون اڃا نه ٿي سگهيون هيون ۽ هاڻ جڏهن ڀرتين بابت نئين پاليسي جو اعلان به ٿي چڪو آهي، تنهن کانپوءِ اميد ڪجي ٿي ته نوڪرين ۾ ڀرتي لاءِ جلد اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرايا ويندا، جنهن کانپوءِ ڪيترن ئي بيروزگارن کي نوڪريون حاصل ڪرڻ جو موقعو حاصل ٿي ويندو، جيئن ته اسان وٽ نوڪرين ۾ ڀرتي لاءِ شفافيت وارو عمل سدائين تڪراري رهيو آهي، ان ڪري هن ڀيري به ڀرتين واري معاملي تي ڪيترائي سوال پيدا ٿي سگهن ٿا.

مثال طور جاري ٿيل نئين پاليسي ۾ ان ڳالهه جو ڪو به ذڪر ناهي ته آخر انهن ڀرتين لاءِ ٽيسٽ وٺڻ جو ڪهڙو طريقو هوندو ۽ ڇا اها ٽيسٽ ٿرڊ پارٽي ذريعي ورتي ويندي يا اهو ساڳيو ادارو پاڻ ئي ٽيسٽ ۽ انٽرويو وٺي اميدوارن کي مقرر ڪندو، اسان جي خيال ۾ جيڪڏهن نئين پاليسي ۾ اها واضح ڳالهه ڪئي وڃي ها ته يقينن ڪنهن کي اها ڳالهه سوچڻ تي مجبور ٿيڻو ئي نه پئي ها ته ڀرتين ۾ ڪنهن سان ناانصافي ٿيندي، جيتوڻيڪ ڀرتين لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ته ڏنا ويندا ۽ درخواستون به گهرايون وينديون پر جيڪڏهن اميدوارن جا انٽرويو ۽ ٽيسٽ ڪنهن ڀروسي جوڳي ٽيسٽنگ سروس فراهم ڪندڙ اداري پاران نه ڪرائي وئي ته پوءِ امڪان آهن ته ادارن ۾ اهي ئي ڀرتي ٿي ويندا، جن جا چاچا، ماما اڳ ئي ادارن ۾ ويٺل هوندا. اهڙي ريت ”ميرٽ“ بابت به عوام کي ڪيئي شڪ موجود آهن ڇاڪاڻ ته بيروزگارن جو انگ ايترو ته گهڻو آهي جو انهن مان ميرٽ تحت چونڊ ڪرڻ ڄڻ ته ناممڪن ئي آهي. مثال طور جيڪڏهن ڪنهن اداري ۾ ڪنهن پوسٽ لاءِ 10 جايون آهن ته گهٽ ۾ گهٽ انهن پوسٽن لاءِ 10 کان 15 هزار درخواستون ضرور پهچنديون، جن مان گهٽ ۾ گهٽ 500 ڄڻا ته ايم اي يا ڊبل ايم اي ضرور هوندا، يا انهن اي ون گريڊ ۾ پاس ڪيو هوندو ته پوءِ ان لاءِ ڪهڙو طريقو اختيار ڪيو ويندو ۽ اها ڪٿ ڪيئن ڪئي ويندي ته ڪهڙو اميدوار ميرٽ تي پورو لهي ٿو يا نه ٿو لهي
بهرحال حڪومت کي گهرجي ته ”ميرٽ“ تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ ڪا واضح پاليسي جاري ڪري ته ميرٽ تحت اميدوارن چونڊ ڪيئن ڪئي ويندي، جيڪڏهن ان ڏس ۾ ڪو واضح طريقو اختيار نه ڪيو ويو ته پوءِ امڪان اهي ئي آهن ته هر اداري ۾ ٿيندڙ ڀرتي تي هر طرف کان اعتراض اٿڻ شروع ٿي سگهن ٿا، جن جو وفاقي سرڪار کي جو اب ڏيڻ ڏکيو ٿي پوندو. اسان هتي سنڌ سرڪار مان به اميد ٿا ڪريون ته سنڌ سرڪار به اهڙي واضح پاليسي جو اعلان ڪندي ته جيئن سنڌ ۾ به ميرٽ جي بنياد تي ڀرتيون ٿي سگهن ۽ سنڌ ۾ به وڌندڙ بيروزگاري واري انگ ۾ ڪنهن حد تائين لاٿ اچي سگهي
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو