Wednesday, 26 November 2014

ايڊيٽوريل


                                                   ڇا ايم ڪيو ايم به

 ڪنهن ”اسڪرپٽ“ تحت وکون وڌائي رهي آهي؟؟؟





سنڌ جي گورنر پنهنجي استعيفائون ڏيڻ کانسواءِ ايم ڪيو ايم جي صوبائي وزيرن پاران ڏنل استعيفائون منظور ڪري ورتيون آهن، جنهن کانپوءِ هاڻ ايم ڪيو ايم سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي بئنچن تي ويهڻ جي قابل ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر به ايم ڪيو ايم وارن کي خاطري ڪرائي هئي ته جيئن ئي گورنر سندن جي وزيرن جون استعيفائون منظور ڪندو، تيئن ئي کين مخالف ڌر جي بئنچن تي ويهڻ لاءِ سيٽون الاٽ ڪيون وينديون. ايم ڪيو ايم کي مخالف ڌر جون سيٽون الاٽ ٿيڻ کانپوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ موجوده مخالف ڌر جي اڳواڻ وار عهدو هاڻ ايم ڪيو ايم جي هٿ هيٺ اچڻ جا به امڪان پيدا ٿي ويا آهن، ايم ڪيو ايم سنڌ سرڪار کان ته ڌار ٿي چڪي آهي، ليڪن ايم ڪيو ايم لاءِ اها ڳالهه به مشهور آهي ته اها هڪ اهڙي مڇي آهي، جيڪا پاڻي کانسواءِ رهي نه ٿي سگهي. يعني ايم ڪيو ايم اقتدار کان سواءِ هڪ منٽ به ٻاهر رهي نه ٿي سگهي
شايد اهو ئي سبب آهي جو ڪالهه ايم ڪيو ايم جي وفد وزيراعظم ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ اتان کان وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جو آسرو ملڻ کانپوءِ سنڌ جي گورنر ايم ڪيو ايم جي صو بائي وزير جون استعيفائون منظور ڪري ڇڏيون، چوڻ وارا ته اهو به چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن وزيراعظم ميان نواز شريف کين ڪو آسرو نه ڏي ها تيستائين سنڌ جو گورنر ايم ڪيو ايم جي صوبائي وزيرن جون استعيفائون ڪڏهن به منظور نه ڪري ها. هاڻ وزيراعظم ميان نواز شريف ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل ڪري ٿو يا نه ٿو ڪري تنهن جو فيصلو به ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سامهون اچي ويندو، هونئن به ڪنهن به سياسي پارٽي لاءِ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ يا ڌار ٿيڻ کي ڪڏهن به خراب نه سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت کان ڌار ٿي آهي، تڏهن به اهو ان جو پنهنجو فيصلو آهي ۽ جيڪڏهن اها وفاقي سرڪار ۾ شامل ٿي رهي آهي تڏهن به اهو ان جو پنهنجو فيصلو هوندو، جڏهن ته وزير اعظم ميان محمد نواز شريف چونڊن کان اڳ سنڌ ۾ ڪجهه قومپرست جماعتن سان لکت ۾ هڪ معاهدو ڪيو هو ته ن ليگ اقتدار ۾ اچي ايم ڪيو ايم کي ڪڏهن به اقتدار ۾ شامل نه ڪندي 
هاڻ وزيراعظم ميان نوازشريف جيڪڏهن پنهنجي ڪيل ان معاهدي کي پٺي ڏي ٿو ته پوءِ کيس پيپلز پارٽي جي قيادت جي مخالفت ته برداشت ڪرڻي پوندي، پر ان کي سنڌ ۾ موجود قومپرستن جي به مخالفت سان منهن ڏيڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته معاهدي جي ڀڃڪڙي کي ڪو به معاشرو چڱي نظر سان نه ٿو ڏسي، جيئن ته ايم ڪيو ايم ماضيءَ ۾ مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي ٻنهي سان ڪم ڪري چڪي آهي. جن دورن ۾ ايم ڪيو ايم ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي سان گڏ حڪومتن ۾ شامل هئي، تڏهن هن جي سياست جو رخ ٻيو هو، ايم ڪيو ايم سان سوين اختلاف هوندي به عوام جي اها ئي راءِ هئي ته ”نٺر ٻار“ کي ريجهائي ۽ پرچائي سنئين رستي آڻي سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن ايم ڪيو ايم اڄ هوش ۾ ناهي ته سڀاڻي ضرور هوش ۾ اچي ويندي. ليڪن عوام جي مختلف حلقن جي اها خوشفهمي هئي. ايم ڪيو ايم هر دور ۾ پنهنجي سياسي حڪمت عملين کي تبديل ڪرڻ لاءِ جيڪي حربا اختيار ڪندي رهي آهي، ان هن ڀيري به هڪ خطرناڪ حربو اختيار ڪري نه رڳو سڄي سنڌ کي ڪاوڙائي وڌو آهي، پر هاڻ سنڌ واسين کي اها ڳالهه سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي هاڻ ڪنهن به ڳالهه تي اعتبار ڪري نه ٿو سگهجي. سنڌ ۾ پيدا ٿيل انهي تاثر ايم ڪيو ايم جا پنهنجا ڪيترا رستا سوڙها ڪيا آهن، تنهن بابت اڃا ايم ڪيو ايم کي شايد احساس نه ٿيندو هجي پر ايم ڪيو ايم مهاجريت وارو نعرو هڻي پاڻ کي هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي خول ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ”خول“ خود ايم ڪيو ايم لاءِ پڻ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.
ايم ڪيو ايم سنڌ کي ورهائڻ واري ڳالهه ڪري هن سنڌ جي سڀني ماڻهن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته آخر ايم ڪيو ايم ڪنهن جي اشارن تي اهو سڀ ڪجهه ڪري رهي آهي، هونئن به پاڪستان ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ وارو تصور ڪو نئون ناهي، جنرل ضياءَالحق جي دور ۾ پاڪستان ۾ 80 صوبا ٺاهڻ واري ڳالهه بحث هيٺ آندي وئي هئي ۽ پوءِ پيپلز پارٽي کان 80 صوبا ٺهرائڻ لاءِ بينظير ڀٽو کي نئين سماجي معاهدي وارو دستاويز هٿ ۾ ڏنو ويو هو، جنرل ضياءَالحق جي مرتيئي کانپوءِ ٿيل عام چونڊن ۾ بينظير ڀتو نئين سماجي معاهدي جي ڀرپور وڪالت ڪئي هئي، نئين سماجي معاهدي ۾ ضلعن ۾ گورنر مقرر ڪرڻ جي ڳالهه ڪيل هئي، ليڪن بينظير ڀٽو عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوءِ سماجي معاهدي کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو هو 
ياد رهي ته نئون سماجي معاهدو سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڪمال اظفر جي نگرني ۾ تيار ڪيو ويو هو، بينظيرڀٽو کانپوءِ پرويز مشرف پنهنجي دور ۾ ضلعي حڪومتن جو سرشتو لاڳو ڪيو، جيڪو نئين سماجي معاهدي کان ڪجهه مختلف هو، ان سرشتي هيٺ ضلعن۾ گورنر ته مقرر نه ٿيا، ليڪن ضلعي ناظمن کي وڏي وزير کان به وڌيڪ اختيار حوالي ڪيا ويا، جن کي مرڪز مان هلايو ويندو هو ۽ موجوده صوبن جي حيثيت ثانوي ٿي ويئي هئي. هن ڀيري اها ساڳي رٿا هڪ ڀيرو ٻيهر طاهر القادري ۽ ايم ڪيو ايم حوالي ڪئي وئي آهي. طاهرالقادري يا ايم ڪيو ايم جي جوڙجڪ بابت عوام کي جيڪي شڪ آهن تن کي هتي بحث هيٺ آڻڻ ان ڪري به ضروري ناهي ڇاڪاڻ ته ان سلسلي ۾ هر ڪنهن سياسي ماڻهو وٽ چڱي چوکي ڄاڻ اڳ ئي موجود آهي. هن وقت جيتوڻيڪ سياسي صورتحال مونجهاري جو شڪار ٿيل نظر اچي ٿي، ليڪن اسلام آباد ۾ لڳل ڌرڻن سياسي صورتحال کي ڪنهن حد تائين واضح ڪرڻ ۾ مدد ڏني آهي. عمران خان پاران امپائر جي آڱر مٿي کڄڻ ۽ طاهرالقادري پاران انقلاب جي ڪاميابي لاءِ ڪجهه ڪلاڪن جو ورجائي ورجائي وقت ڏيڻ واريون ڳالهيون ڪرڻ سياسي قوتن جي آڱرين کي پنهنجي طرف کڄڻ لاءِ مجبور ڪنديون رهيون آهن 
ويتر قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد احمد شاهه ۽ اعتزاز احسن پاران پارليامينٽ جو تحفظ ڪرڻ واري زوردار موقف ۽ جاويد هاشمي پاران سڄي ڊرامي جا پول پڌرا ڪرڻ کانپوءِ جيتوڻيڪ ميان نواز شريف جي حڪومت ته بچي ويئي آهي، ليڪن ڊرامي جو اسڪرپٽ لکندڙ قوتن جاويد هاشمي کي تاريخي شڪست ڏياري ڇڏي آهي ته ٻئي طرف خورشيد شاهه کي ”واجب القتل“ واري لسٽ ۾ آڻي بيهاريو آهي ۽ اعتزاز احسن کي به سزا ڏيڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کي ميدان تي لاٿو ويو، ويتر جڏهن سنڌ جي ورهاست واري ايم ڪيو ايم جي مطالبي تي خورشيد شاهه ملڪ جي ”مقتدر حلقن“ کي اپيل ڪئي ته اهي ان خوفناڪ رٿا بابت ايم ڪيو ايم کي جهلين تنهن کانپوءِ هاڻ سياسي ويڙهه نوان رخ اختيار ڪرڻ شروع ٿي وئي آهي. طاهرالقادري کي سياسي ويڙهه جي ميدان مان آئوٽ ڪيو ويو آهي، ن ليگ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺاهڻ جو اعلان ٿي چڪو آهي ۽ ميان نواز شريف پارٽي جي اندران ٿيندڙ حملي کان بچڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کي پنهنجين صفن ۾ شامل ڪرڻ جون تياريون ڪري ورتيون آهن 

ليڪن ڇا اڳوڻي اسڪرپٽ جي A پلان جي ناڪام ٿيڻ کانپوءِ هاڻ اسڪرپٽ جو شروع ٿيندڙ B پلان ڪامياب ٿي سگهندو يا وزيراعظم ميان نواز شريف پنهنجي حڪومت بچائي سگهندو؟ ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم کي شامل ڪرڻ جي صورت ۾ ن ليگ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيپلز پارٽي جي حمايت وڃائي سگهي ٿي. ان ڪري شروع ٿيل B پلان وزيراعظم ميان نواز شريف لاءِ هڪ وڏو امتحان هوندو، باقي جيستائين ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ يا سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ وارو سوال آهي، ايم ڪيو ايم کڻي سوين پريس ڪانفرنسون ڪري روڊ رستا بلاڪ ڪري ۽ هڙتالون ڪرائي ليڪن، پاڪستان جو 1973ع وارو آئين جيستائين موجود آهي، تيستائين هڪ صوبو ته ڇا پر ڪنهن صوبي جي هڪ يوسي کي به هيڏانهن کان هوڏانهن ڪري نه ٿو سگهجي، ان ڪري سنڌ جي ماڻهو کي رڳو اکيون کولي رکڻ جي ضرورت آهي، جذباتي ٿيڻ جي في الحال ڪا به ضرورت ناهي 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو