سنڌ اسيمبلي جي جمع ڏينهن واري اجلاس ۾ فنڪشنل مسلم ليگ ۽ مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن طرفان ڪراچي واٽر بورڊ ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جي سنڌي ملازمن ۽ آفيسرن کي ڌمڪين ڏيڻ جو جيڪو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهو انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي. اهو رجحان انتهائي خطرناڪ آهي ۽ جيڪڏهن ان کي بروقت ٻنجو ڏيئي ملوث دهشتگردن ۽ ڀتا خورن کي ڪيفر ڪردار تائين نه پهچايو ويو ته ان جا منفي اثر سنڌ جي هر هڪ شهر ۽ ٻهراڙين تائين به پهچي سگهن ٿا ۽ پوءِ سرڪاري ادارن ۾ جيڪا بيقاعدگي آهي، اها ويراني ۾ به بدلجي سگهي ٿي. سنڌ ۾ پي پي جي حڪومت آهي ۽ ان پارٽي جا اڳواڻ مفاهمت واري پاليسي تي گامز ن آهن ۽ ان نام نهاد مفاهمت واري پاليسي گذريل 7 سالن ۾ سنڌ صوبي کي جيڪو نقصان رسايو آهي اهو سڀني جي آڏو آهي ۽ هاڻي صورتحال ان حد تائين خراب ٿي چڪي آهي جو ڪراچي ۾ ڪم ڪندڙ مختلف ادارن ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جا سنڌي ملازم نوڪريون ڇڏي وڃڻ جون ڌمڪيون ٻڌي رهيا آهن اسان جي سنڌ صوبي جي حڪمرانن وٽ سڀني مسئلن جو حل هڪ پريس ڪانفرنس هوندو آهي ۽ ان لاءِ گهڻو ڪري ڪابينه جو هڪ وزير مخصوص نظر ٿو اچي جڏهن ته عملي طور ڪنهن به اهم معاملي بابت باريڪ بيني سان جاچ جو تصور محدود آهي. سنڌ جي اقتدار ڌڻين کي هن معاملي بابت سنجيدگيءَ سان سوچڻ ۽ ملوث دهشتگردن ۽ ڀتا خورن کي بنا ڪنهن دٻاءَ جي انصاف جي ڪٽهڙي تائين پهچائي اهي ثبوت عدالتن آڏو پيش ڪرڻ گهرجن جن جي بنياد تي اهي سزائن جا مستحق ٿين. رڳو اهو چوڻ ته عدالتن مان سزائون نه ملڻ سبب ڏوهه ختم نه ٿا ٿين، پنهنجو بار ٻين مٿان اڇلائڻ جي مترادف آهي. عدالتون ڏوهارين کي ثبوتن ۽ شاهدين جي بنيادن تي ڪيفر ڪردار تي پهچائڻ لاءِ پابند آهن جڏهن ته استغاثا جو پيش ڪيل ڪيس ئي ڪمزور هوندو ۽ شاهدن کي قتل جي ڌمڪين جي پسمنظر ۾ ڪو به سرڪاري تحفظ نه هوندو ته اهي يا ته عدالتن ۾ پيش ئي نه ٿيندا يا وري پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي سلامتي کي نظر ۾ رکندي اهڙي شاهدي ڏيندا جنهن سان ڏوهاري جو يقيني بچاءُ ٿي وڃي ٿو. ان ڪري عدالتن تي الزام هڻڻ بجاءِ پراسيڪيوشن کي فعال ۽ مضبوط ڪيس پيش ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي ته جيئن هر قسم جا ڏوهاري ڪيل ڏوهه تي سزاياب ٿي سگهن. ان طرح رائج قانون تي به پوريءَ طرح عمل ٿيو ته هر هڪ دهشتگرد، ڀتا خور ۽ ڌمڪيون ڏيندڙ ڏوهه ڪرڻ کان اڳ پنهنجي انجام بابت ضرور سوچيندو، جيڪا سوچ هن وقت بلڪل اڻلڀ ان ڪري به آهي ته جزا ۽ سزا جو تصور ختم ٿيندو پيو وڃي. اسان سنڌ حڪومت کان سنڌي ملازمن کي ڌمڪين ملڻ بابت سختي سان وٽيس وٺڻ ۽ ان ڏس ۾ تاديبي ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ سان گڏ ڪراچي جي نمائندگي ڪرڻ جي دعويدار پارٽي جو پڻ هن اهم معاملي طرف ڌيان ڏياريون ٿا ڇو ته صوبي جي مجموعي حالتن ۽ سنڌ ۾ نئين صوبي واري شوشي جي پسمنظر ۾ سنڌ جي عوام جون نظرون انهن ڏانهن ئي کڄنديون ان ڪري اهي نه فقط ڌمڪيون ڏيندڙ عناصرن کي پنهنجي پڪڙ ۾ آڻي قانون جي حوالي ڪن ۽ گڏوگڏ سنڌ جي عوام آڏو پنهنجي پوزيشن به واضح ڪن. آخر ۾ اسان فنڪشنل مسلم ليگ ۽ مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن کي خراج تحسين ٿا پيش ڪريون جن هن اهم معاملي کي سنڌ اسيمبلي جي فلور تان سنڌ جي عوام آڏو پيش ڪيو. سنڌ جي حڪمران جماعت کي ته اها به توفيق نه ٿي ته اها ڪراچي ۾ سنڌي ملازمن کي ملندڙ ڌمڪين بابت ڪا لب ڪشائي ڪري ڇو ته ان عمل سان به شايد مفاهمت وارو عمل ڊانوانڊول ٿيڻ جو انديشو هو
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔
جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو