ٿرواسي نانگ ته ناهن جو مٽي کائيندا؟؟؟؟؟؟؟
سنڌ جي خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير جيتوڻيڪ حيدرآباد مٺي ۽ ٻولهاڙي جي گدام انچارجن کي معطل ڪري ميڊيا ۾ آيل انهن خبرن کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ٿر جي رليف انسپيڪٽنگ جج گذريل ڏينهن مٺي جي ڪڻڪ جي گدام تي اوچتو ڇاپو هڻي معائنو ڪيو ته خبر پئي ته گدام ۾ پيل ڪڻڪ جي سوين ٻورين ۾ اڌواڌ مٽي ۽ ڀتر ملايل هئا. ان سلسلي ۾ هن جڏهن خوراڪ کاتي جي عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته کيس ڪو به تسلي جوڳو جواب ڏيئي نه سگهيا جڏهن ته ٿرپارڪر جي ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ هو ته مٺي جي گدامن ۾ هن وقت امدادي ڪڻڪ جون چار هزار 885 ٻوريون پيل آهن، جن مان 302 ڪڻڪ جي ٻورين ۾ مٽي ملايل آهي. جڏهن ته خوراڪ کاتي عملدارن جو چوڻ آهي ته اهي ٽي سئو ٻوريون هڪ ٽرڪ ۾ آيون هيون، جن کي ڌار ڪري رکيو ويو آهي.
هوڏانهن صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر جو چوڻ آهي ته ٿر جي متاثرن کي 3 ارب رپين کان وڌيڪ رقم جي ڪڻڪ مفت فراهم ٿي چڪي آهي، ٿرپارڪر جو ضلعو اڄڪلهه ميڊيا جي نظرن ۾ آهي، حڪومت يا عملدارن جي معمولي ڪوتاهي به هڪ پل ۾ ميڊيا ذريعي عوام تائين پهچي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن اها خبر سامهون اچي ته ٿر جي امدادي ڪڻڪ ۾مٽيءَ ملائي وئي آهي ته پوءِ ڇا سمجهجي ته اها ڪوتاهي آهي، سازش آهي يا ڪرپشن جي انتها جو ڪو مثال آهي، جيڪڏهن موجوده صورتحال ۾ به ڪامورا خيرات ۾ ٿرين کي ڏيڻ لاءِ آندل ڪڻڪ ۾ مٽيءَ ملائي پنهنجا گهر ڀرڻ جي ڪوشش ڪندا نظر اچن ته پوءِ ان ڳالهه جي ڪهڙي ضمانت آهي ته عام ڏينهن ماضي ۾ انهن ڪامورن ٿر واسين سان ڪيڏي نه وڏي ويساهه گهاتي ڪئي هوندي. ٿرپارڪر ۾ هن وقت جيڪي امدادي سرگرميون هلي رهيون آهن، تن جو مرڪز في الحال مٺي شهر ئي آهي، جڏهن ته مٺي جو شهر هاڻ ٿر ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر ته ضرور آهي، پر اهو شهر هاڻ سنڌ جي ٻين شهرن جهڙو هڪ شهر بڻجي پيو آهي ۽ اهو شهر هاڻ سڄي ٿر جي صورتحال جي نمائندگي به نه ٿو ڪري ان ڪري مٺي شهر ۾ جيڪڏهن ڪا صورتحال خراب ٿيندي نظر اچي ٿي ته پوءِ ائين سمجهڻ گهرجي ته سڄي ٿر ۾ اها صورتحال مٺي شهر جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻ تي وڌيڪ خراب هوندي.
هن وقت ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واريون خبرون زورن تي آهن، جڏهن ته جيڪي به ٻار فوت ٿيا آهن، اهي مٺي جي سول اسپتال ۾ فوت ٿيا آهن. ليڪن اونهائي سان ويچار ڪيو وڃي ته اهي ٻارڙا اهڙا هئا، جن جي مائٽن کي ايتري مالي سڪت هئي جو اهي ڏورانهن هنڌن تان پنهنجي ٻارن کي علاج لاءِ مٺي اسپتال تائين کڻي آيا، پر اهي ٻار وري به بچي نه سگهيا. پر ڇا مٺي جي سول اسپتال سڄي ضلعي جي ٻارن جو علاج ڪرڻ جي اهل آهي يا نه آهي، تنهن بابت به ضرور سوچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ضلعي ٿرپارڪر جا ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جو اتان کان جيڪڏهن مريض کي ڪنهن سواري ۾ کڻي مٺي اسپتال پهچائجي ته ان لاءِ به گهٽ ۾ گهٽ چار کان پنج ڪلاڪ ضرور لڳي ويندا، اهو به تڏهن جڏهن ان علائقي ڏانهن رستي جي سهولت ۽ سواري لاءِ گاڏي جو ڪو فوري بندوبست ٿي سگهندو هجي جڏهن ته ٿرپارڪر جا اهڙا سوين ڳوٺ آهن، جن کي پڪي رستي تائين پهچڻ لاءِ به 10 کان 15 ڪلوميٽرن جو پنڌ ڪرڻو پئي ٿو، تڏهن وڃي اهي پڪي رستي تي چڙهن ٿا ۽ اتان کان اهي مٺي جي هيڊڪوارٽر اسپتال پهچن ٿا. هاڻ جڏهن ٿر ۾ اچ وڃ واري ايڏي خراب صورتحال هجي، اتي رڳومٺي جي اسپتال ۾ مري ويل ٻارڙن جو انگ ڪيترائي درجن ٿي چڪو هجي ته پوءِ ٿرپارڪر جي باقي علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڪهڙي حالت هوندي يا انهن وٽ جيڪي ٻارڙا اجل جو شڪار ٿيندا هوندا، اهي ته اڃا ڳاڻيٽي ۾ ئي نه ايندا هوندا. ضلعو ٿرپارڪر هن وقت قدرتي آفت جو شڪار آهي، هڪ طرف ڏڪار آهي ته ٻئي طرف انساني غفلت ڪوتاهي ۽ ڪرپشن هٿرادو آفت بڻجي ٿرين تي ڪڙڪي پئي آهي. ڪٿي ٿرين لاءِ آيل ڪڻڪ ۾ مٽي ملائڻ جون خبرون منظر عام تي اچن ٿيون ته ڪٿي مدي خارج ۽ 2 نمبر دوائون استعمال ڪري ٿرواسين کي موت جي منهن ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
اسان کي خبر ناهي ته ٿر ۾ جيڪاڪوتاهي نظر اچي رهي آهي اها سازش آهي يا هلندڙ ڪرپشن جو تسلسل آهي، جيڪا ڪرپشن هڪ ڊگهي عرصي کان ٿر ۾ هلندڙ هئي. مثال طور ٿر۾ ٿرواسين کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ جيڪي منرل واٽر جون هزارين بوتلون اماڻيون ويون هيون، اهي بوتلون مدي خارج ٿي ويون، ڪجهه منرل واٽر جي بوتلن مان ڪامورن غسلخانن ۾ وهنجڻ واري عياشي ڪئي، پر اهي بوتلون اڃايل ٿرواسين ۾ ورهائڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي وئي، ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته هٿ وٺي ٿر ۾ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون پيون وڃن ته جيئن ماڻهو بغاوت تي لهي اچن ۽ اهي به ائين پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪن جيئن وڏن شهرن ۾ ماڻهو ڪندا آهن. ليڪن اهڙي سازش ڪندڙن کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ٿرپارڪر ضلعو ڀارت جي سرحد سان گڏوگڏ آهي ۽ اهڙي حساس ضلعي ۾ ٿرواسين کي بکيو رکڻ يا ٿرواسين کي انتهاپسند بڻائڻ جو ٻنهي صورتن ۾ خطرناڪ نتيجو نڪري سگهي ٿو، ان ڪري حڪومت کي اهو نه ڏسڻ گهرجي ته اهي ڪنهن عام علائقي ۾ امدادي سرگرميون ڪري رهيا آهن.
پر کين اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن ٿر جي امداد ۾ بدعنوانين واريون خبرون عام ٿينديون رهيون، اسپتالن ۾ ٻارڙن جي مرڻ وارن واقعن ۾ ٺاپر نه آئي، سرڪار موجب ٻارن جي مرڻ جون ذميوار داين کي قرار ڏنو ويو ته پوءِ پڪ سمجهو ته جڏهن رياست ناڪام ٿيندي، نظر آئي ته پوءِ انتهاپسند قوتون انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ٿر جو رخ ضرور ڪنديون ۽ جهڙي ريت انتهاپسند اتروزيرستان ۽ وانا ۾ داخل ٿي سڄي ملڪ لاءِ خطرو بڻيا، اهي ٿر ۾ به داخل ٿي سڄي ملڪ لاءِ هڪ خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته اهو به نه وسارڻ گهرجي ته ٿر ۾ جيڪا به ڪوتاهي ٿيندي يا ڪجهه ٻين انتها پسند قوتن ٿر ۾ پنهنجيون سرگرميون شروع ڪيون ته پوءِ ڀارت به اهڙين سرگرمين کان ڪڏهن به لاتعلق رهي نه سگهندو، ان ڪري حڪومت تي پهريون فرض آهي ته اها ٿر جي صورتحال کي ميڊيا۾ ايندڙ خبرن کان پوءِ متحرڪ ٿيڻ بجاءِ انهن خبرن اچڻ کان اڳ ئي ٿر ۾ انهن حالتن تي نظر رکي جيڪي حڪومت لاءِ بدنامي جو باعث بڻجي سگهن ٿيون، ٿر ۾ ڪڻڪ ۾ جن به ڪامورن مٽي ملائي آهي، انهن هڪڙو تاريخي ڏوهه ڪيو آهي.
ٿر ۾ انسان رهن ٿا، انسانن کي مٽي کارائڻ وارن جوابدارن لاءِ کڻي قانون جي ڪتابن ۾ ڪي قلم موجود نه به هجن ۽ اهي قانوني طور تي آزاد به ٿي وڃن، پر سرڪار کي ڪرپشن، بي ايماني، سرڪاري ڪڻڪ ۾ گهوٻيون هڻڻ ۽ انسانن جي زندگين سان کيڏڻ وارن قلمن تحت ڪارروائي ڪندي کين سخت سزا ڏيڻ گهرجي، جيڪامثالي هجي باقي ڪامورن کي ڪجهه عرصي لاءِ معطل ڪري معاملو ٿڌو ٿيڻ جو انتظار کڻي حڪومت کي ڦٻي به وڃي پر قدرت اهڙن ڏوهن جي سزا ضرور ڏيندي ۽ قدرت جي لٺ بي آواز ٿيندي آهي، جيڪا ڪنهن به وقت اهڙن ظالمن تي ڪڙڪي سگهي ٿي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو