Wednesday, 26 November 2014

ايڊيٽوريل

لاڙڪاڻي ۾ عمران خان سنڌي ماڻهن کي جاڳائي سگهيو يا نه؟؟؟



عمران خان لاڙڪاڻي ۾ پنهنجو جلسو ڪري واپس اسلام آباد پهچي چڪو آهي، لاڙڪاڻي وارو جلسو ڪيترو ڪامياب ٿيو، اهو جلسو ننڍو هو يا وڏو، تنهن تي بحث اڃا هڪ ٻه ڏينهن تائين هلندا ۽ پوءِ ماضي ۾ ٿيندڙ مختلف جلسن وانگر اهو جلسو به عوام جي بحثن جو موضوع بڻجڻ کان پري ٿي ويندو. عمران خان واري جلسي بابت جيڪا اميد ڪئي پئي ويئي اها اميد ڪيتري قدر پوري ٿي سگهي، تنهن بابت پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۽ عمران خان جي مخالفن وچ ۾ هلندڙ بحث اڃا ڪو آخري نتيجي تائين پهچي نه سگهيا آهن. اسان عمران خان پاران ڪراچي کانپوءِ سنڌ ۾ اهو ٻيو جلسو منعقد ڪرڻ تي سندس آجيان ڪندي ان ڳالهه ۾ سرهائي محسوس ڪئي هئي ته تحريڪ انصاف جي قيادت جمهوري انداز اختيار ڪندي ملڪ ۾ سياسي جلسا ڪري نه رڳو پنهنجي سگهه جو اندازو لڳائي رهي آهي، پر تحريڪ انصاف هيلتائين جيڪي به جلسا ڪيا آهن، تن جلسن ۾ سواءِ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه ۽ماراماري جي ٻئي ڪنهن به جلسي ۾ ڪا به اڻ وڻندڙ صورتحال پيدا نه ٿي آهي، جنهن مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته پاڪستان جو عوام جمهوري قدرن ۾ نه رڳو ويساهه رکي ٿو پر ملڪ جو عوام ڪنهن به پارٽي پاران ڪوٺايل جلسي ۾ نه رڳو لکن جي تعداد ۾ شريڪ ٿيئي ٿو پر اهي ماڻهو پرامن طريقي سان پنهنجي اڳواڻ جو خطاب ٻڌڻ اچن ٿا ۽ خطاب ختم ٿيڻ کانپوءِ پرامن نموني ڇڙوڇڙ ٿي وڃن ٿا.

تاريخ ساز شهر لاڙڪاڻو جتي سال ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا وڏا وڏا جلسا ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ڪونهي، ان ڪري لاڙڪاڻي جي انتظاميا تحريڪ انصاف جي جلسي جهڙا يا ان کان به وڏن جلسن جا حفاظتي انتظام ڪرڻ ۾ ماهر بڻجي چڪي آهي ۽ ان انتظاميا عمران خان واري جلسي جا بهتر حفاظتي انتظام ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته جيڪڏهن اراده مضبوط هجن ۽ انتظاميا جي فردن ۽ عوام ۾ جمهوري قدرن جو احساس هجي ته پوءِ جمهوريت کي ڪنهن به طرف کان ڪو به خطرو نه ٿو ٿي سگهي. لاڙڪاڻي واري جلسي ۾ عمران خان خيبر پختوانخواهه جي پوليس جي ته واکاڻ ڪئي پر هن کي سنڌ جي پوليس خاص طرح لاڙڪاڻي جي پوليس جي لاءِ به ٻه اکر ضرور ڳالهائڻ گهرجن ها جن انهي جلسي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ اهي سڀيئي حفاظتي انتظام ڪيا جنهن ڪري اهو جلسو شروع کان وٺي آخر تائين هڪ پرامن ماحول ۾ خير خوبي سان پڄاڻي تي پهتو، سنڌ جي پوليس ۾ کڻي ڪيتريون ئي ڪاريون رڍون شامل هجن، پر ائين به ناهي ته ڪجهه ڪارين رڍن جي بنياد تي سڄي پوليس کاتي کي تنقيد جو نشانو بڻائي، ان کي هيٺانهون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪجي پر جنهن صوبي ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت هجي تنهن جي واکاڻ ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏجي. اهڙي ريت عمران خان لاڙڪاڻي ۾ جلسو ڪندي شايد اها ڳالهه وساري ويٺل نظر آيو ته اهو لاڙڪاڻي ۾ جلسو ڪري رهيو آهي يا پنجاب جي ڪنهن شهر۾ جلسو ڪري ر هيو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس تقرير سياسي گهٽ ۽ ڪنهن اسڪولي ماستر پاران ڪلاس روم ۾ شاگردن اڳيان پڙهيل ”واهه ڙي تارا گول تارا“ وڌيڪ نظر آئي. جيتوڻيڪ هن اها دعويٰ ڪئي ته هو سنڌ کي جاڳائڻ آيو آهي، ليڪن شايد هن کي اها ڳالهه ياد ئي نه رهي ته سنڌ ته صدين کان اڳ ئي جاڳيل آهي. سنڌين جي جاڳرتا جو پهريون مثال اهو موئن جو دڙو آهي، جنهن جو پينا فليڪس هن جي اسٽيج جي پٺيان لڳل هو ۽ جڏهن هو پاڻ به خاص هوائي جهاز ذريعي موئن جو دڙو هوائي اڏي تي پهتو هوندو، تڏهن به اهي آثار هن جي اکين اڳيان ٻيهر ضرور لنگهيا هوندا.

سنڌ جا اهي قديم آثار شاهدي ڏين ٿا ته سنڌي ماڻهو 5 هزار سال اڳ اهڙي جديد ميگا سٽي ۾ رهندا هئا، جنهن جو گهٽيون پڪيون، هوادار گهر، شاندار ڊرينيج سرشتي سميت اهي وڻج واپار ۽ هنرمندي ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هئا. اهي ماڻهو ايترا ته پرامن هئا جو موئن جو دڙو جي کوٽائي دوران ڊانسنگ گرل جو مجسمو ته مليو آهي پر ڪو به موتمار هٿيار يا ان جو ڪو اهڃاڻ نظر نه آيو آهي، جنهن دور ۾ موئن جو دڙو دنيا جي گولي تي هڪ شاندار شهر جي حيثيت ۾ قائم هو، تنهن وقت ۾ دنيا جا هاڻوڪا وڏا وڏا شهرنيويارڪ، لنڊن ۽ فرانس سميت ڪنهن شهر جو نانءُ نشان به نه هو، 5 هزار سالن کان تهذيب يافتا هوندڙ قوم کي جڏهن غلام هجڻ وارو طعنو ٻڌڻ ۾ آيو، تڏهن سنڌ جي ڪيترن ئي حلقن کان هڪ ڊگهي رڙ نڪري وئي ته اسان کي غلام چوڻ وارو طعنو هڻڻ کان اڳ اهو ضرور سوچڻ گهرجي ها ته جيڪڏهن سنڌي ماڻهو ستل هجن ها يا غلام هجن ها ته پوءِ اها ڪهڙي سنڌ اسيمبلي هئي جنهن ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان اڳ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ وارو ٺهراءَ پاس ڪيو هو، جيڪڏهن سنڌ جو ماڻهو ستل هجي ها ته ماضيءَ ۾آمرن سان ورجائي ورجائي ٽڪرون کائڻ بجاءِاهي انهن جا درٻاري بڻجي ائين ئي مال ٺاهين جيئن اڄڪلهه ڪيترائي پڇ ڍايا نظر اچي رهيا آهن. جڏهن ته ڪجهه حلقن کي رڳو ان ڳالهه ۾ به دلچسپي هئي ته ڏسون ته عمران خان سنڌ ۾ غلام بڻيل ماڻهن مان ڪيترن کي آزاد ڪرائي ٿو، ليڪن ان ڳالهه کانپوءِ ڪيترن ئي ماڻهن کي ان وقت وڏي حيرت ٿي ته هو پنهنجي جلسي ۾ نه ته ڪنهن وڏي سياسي قدآور شخصيت کي پارٽي ۾ شامل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ نه ئي آزاد ٿيڻ وارن کي اسٽيج تي آڻي اهو پنهنجن ڪارڪنن کي ڏيکاري سگهيو ته سنڌ جا اهي غلام اڄ مون آزاد ڪرايا آهن،جڏهن ته خبر اها پئي ته رڳو الطاف انڙ جي پٽن عادل ۽ عدنان انڙ تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسان سمجهون ٿا ته سڄي سنڌ ڪنهن جو ”نجي جيل“ هرگز ناهي، جنهن مان ماڻهو آزاد ڪرايا وڃن يا ڪو ڪنهن ريلوي اسٽيشن جو مسافر خانو ڪونهي جو ڪو پوليس وارا ننڊ پيل ماڻهن کي لٺ جو ٺڙڪو ڪري جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري، سنڌ هڪ سجاڳ ۽ ساڃاهه وند ماڻهن جو اهو ديس آهي، جنهن جو هر هڪ ماڻهو سنڌ سان ڪمٽيڊ آهي.”اي نه مارن ريت جو سيڻ مٽائين سون تي“ يقين رکن ٿا، جڏهن ته سنڌي ماڻهن سان ماضي ۾ ايتريون ته ناانصافيون ٿيون آهن جو هاڻ سنڌي ماڻهو جو ڪنهن به واعدي تي اعتبار نه رهيو آهي، ڪو سياستدان ڪيڏا به وڏا جلسا ڪري، ڪيترائي رنگين خواب ڏيکاري يا مستقبل لاءِ وچن ڪري سنڌي ماڻهن وٽ انهن سڀني جو حق هڪ ئي جواب آهي ته ”جڏهن وسندا مينهن تڏهن ڪبيون ڳالهڙيون“ جيڪا به پارٽي يا سياستدان جيڪا به ڳالهه ڪري ٿو، تنهن ڳالهه جي پرک تڏهن ٿيندي، جڏهن اهو سياستدان پاڻ اقتداري ايوانن ۾ اڏامندو نظر ايندو. في الحال ته زمين تي رهڻ وارن کي خواب ڏيکارڻ وارو سلسلو هلندڙ آهي. عمران خان جي لاڙڪاڻي ۾ ڪيل سڄي تقرير سنڌ جي ماڻهن لاءِ رڳو ٻن لفظن تي ئي ٻڌل هئي ته ڪالاباغ ڊيم سنڌ جي مرضي کانسواءِ نه ٺهندو ۽ سنڌ کي ورهائڻ نه ڏينداسين. ڪجهه حلقن جي راءِ آهي ته عمران خان کي لاڙڪاڻي واري جلسي لاءِ جنهن به شخص بريف ڪيو.
تنهن بابت ائين معلوم ٿيئي ٿو ته هن جي پنهنجي ڄاڻ به اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرن کان شايد مٿي واري نه هئي. ڇاڪاڻ ته سنڌي ماڻهن کي خبر آهي ته سنڌ جون سڀيئي پارٽيون ڪالاباغ ڊيم خلاف پنهنجو موقف واضح ڪري چڪيون آهن، ڪالاباغ ڊيم سنڌي ماڻهن جي ٻاراڻي هوڏ ناهي، پر اهو هڪ ٽيڪنيڪل معاملو آهي. جنهن جو اسٽيج تي بيهي حمايت يا مخالفت ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو ان ڪري ان لاءِ جيڪڏهن ڪير ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪري ٿو يا مخالفت ڪري ٿو ته ان لاءِ ساڻس ٽيڪنيڪل بنيادن تي بحث ڪري سگهجي ٿو. هتي اسان اها ڳالهه ان ڪري لکي آهي ته عمران خان جيتوڻيڪ لاڙڪاڻي واري جلسي ۾ ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت جو اعلان ڪيو آهي، ليڪن تحريڪ انصاف جي ”پارٽي منشور“ ۾ اها ڳالهه واضح نموني لکيل آهي ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ گهرجي. اهڙي ريت هن جڏهن اها ڳالهه ڪئي ته سنڌ کي ورهائڻ نه ڏنو ويندو، تڏهن به اها ڳالهه رڪارڊ تي آڻڻ ضروري آهي ته سندس پارٽي جي منشور ۾ نوان صوبا ۽ انتظامي يونٽ ٺاهڻ جو واضح ذڪر ڪيل آهي.
هاڻ اهو منشور جيڪڏهن ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي ته پوءِ ياد رکڻ گهرجي، جن ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ اهو منشور ٺاهيو ويو هو ٿي سگهي ٿو ته اهي عمران خان جي حمايت ۾ آڱر کڻڻ ته پري جي ڳالهه آهي هاڻ شايد اهي پنهنجو هٿ ڇڪڻ به شروع ڪري ڇڏين بهرحال اڪثر حلقن کي اميد هئي ته عمران خان پنهنجي جلسي ۾ سنڌ ۾ ڌارين جي آيل لوڌ بابت به ضرور ڪجهه ڳالهائيندو ڇاڪاڻ ته هن وقت ڪراچي ۾ گهڻي مان گهڻا ماڻهو ”هزارمشڪل گذارا“ وارن تي مشتمل آهن ۽ جيڪڏهن عمران خان وزيراعظم ٿيو ته انهي آمد ۾ ائين واڌارو ٿي سگهي ٿو جيئن هزارا سان واسطو رکندڙ جنرل ايوب خان پاران حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ ان جي 10 سالن واري دور ۾ واڌارو ٿيو هو ۽”چل ڪراچي مڇ ڪمائي“ وارو نعرو هڻي ڪراچي۾ سوين ڪچيون وسنديون آباد ڪيون ويون هيون، جيڪي هاڻ وڌي شهر بڻجي چڪيون آهن ۽ انهن جي ئي ووٽن تي ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي، بهرحال سنڌ کي خطرو جيترو ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت سان آهي، ان کان ٻيڻو خطرو ٻاهرين صوبن کان ايندڙ ماڻهن کان آهي، جيڪي روزانو هزارن جي تعداد م اترين علائقن کان سنڌ۾ داخل ٿي رهيا آهن.
عمر ان خان پنهنجي تقرير ۾ سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو ته ذڪر ڪيو، پر ڌاڙيلن جي هٿن ۾ جهليل انهن هٿيارن جي ڳالهه وري به نه ڪئي ته اهي هٿيار خيبر پختونخواه مان سنڌ ڏانهن اچڻ جو ذميوار ڪير آهي، جيڪڏهن ڪي پي ڪي جي پوليس ايتري ايماندار بڻجي چڪي آهي ۽ اها هاڻ ڪنهن کان ٽڪو به رشوت نه ٿي وٺي ته پوءِ ڪروڙين ر پين جا اهي هٿيار سنڌ ۾ ڪنهن جي آشيرواد سان پهچي رهيا آهن ۽ انهن کي ڪو به ڇو جهلڻ وارو ناهي. اسان سمجهون ٿا ته عمران خان پاران سنڌ ۾ زمينون ورهائڻ واري ڳالهه يقينن حوصلو ڏيندڙ آهي، پر جيڪڏهن ان لاءِ به هو لاڙڪاڻي ۾ اسٽيج تي بيهي اهو اعلان ڪري ها ته سنڌ ۾ انعام ۽ نيلام ۾ ڏنل لکين ايڪڙ زمينن کي رد ڪري اها مقامي هارين کي ڏني ويندي ته يقينن سنڌي ماڻهو اها ڳالهه سمجهن ها ته تبديلي جي ڳالهه ڪرڻ وارو واقعي ڪو هوم ورڪ ڪري نه رڳو ميدان تي لٿو آهي پر سندس پاران گو زرداري گو ۽ گو نواز شريف گو واري نعري مان تبديلي جي به ڪا اميد رکي سگهجي ٿي.باقي هوم ورڪ کانسواءِ جيڪڏهن ڪو سياستدان سياست جي ميدان ۾ پير پائي ٿو ته کيس ياد رکڻ گهرجي ته اهڙن سياستدانن کي اڳڀرو ڪرڻ واراڪم ڪڍڻ کانپوءِ ائين ئي واپس گهر اماڻين ٿا جيئن شوڪت عزيز، معين قريشي معراج خالد ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي ٽن ٽن مهينن لاءِ اقتدار ۾ آندا ويا ۽ انهن کان ڪم وٺي کين ائين چلتو ڪيو ويو، جو اڄ انهن جو ڪنهن کي نالو به ياد ناهي.0

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو