Wednesday, 26 November 2014

ايڊيٽوريل

ذوالفقار مرزا ڪرپشن يا 

سنڌ سرڪار خلاف ڌرڻو لڳايو آهي

هندستان جي مغل بادشاهه جهانگير حڪمراني دوران عوام کي انصاف ڏيارڻ لاءِ شاهي محل کان وٺي 12 ميلن تائين سون جي ٺهيل هڪ ڊگهي زنجير ٽنگائي ڇڏي هئي جيڪا شاهي محل ۾ لڳل هڪ وڏي گهنڊ سان ڳنڍيل هوندي هئي، ان سلسلي ۾ جهانگير بادشاهه سڄِي ملڪ ۾ پڙهو ڏياري ڇڏيو هو ته جنهن کي پنهنجي ڪا دانهن ڏيڻي هجي ته اهو انهي زنجير کي اچي لوڏي ته پوءِ جيئن ئي گهنڊ وڄندو ته بادشاهه گهنڊ جو آواز ٻڌي زنجير کي ڇڪڻ واري سائل جو فرياد ٻڌندو ۽ فوري طور تي هن کي انصاف فراهم ڪندو، جهانگير بادشاهه جي انهي عمل کي درٻاري تاريخدانن واکاڻيندي نه رڳو پنهنجا پنا ڪارا ڪيا، پر جهانگير کي هڪ عادل بادشاهه قرار ڏيندي سندس انهي عمل کي ”عدل جهانگير“ قرار ڏنو، جڏهن ته اها به حقيقت آهي ته انهن درٻاري تاريخدانن اها ڳالهه ڪٿي به نه لکي آهي ته ان زنجير کي ڪيترن ماڻهن لوڏيو يا ان زنجير کي لوڏڻ وارن مان ڪيترن کي انصاف مليو چيو وڃِي ٿو ته جهانگير بادشاهه عوام کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سوني زنجير ته ٽنگائي ڇڏي هئي، پر بادشاهه جي وانٺن ان زنجير جي آس پاس سوين ٻيا پهريدار مقرر ڪري ڇڏيا هئا ته جيئن ڪو به اها زنجير ڇڪڻ جي همت ئي نه ڪري سگهي. اسان کي اهو مثال ان ڪري ڏيڻو پيو آهي جو گذريل ڏينهن سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا بدين ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس آڏو ڪرپشن جي خلاف ڌرڻو لڳايو، جيڪو ڌرڻو بعد ۾ کلي ڪچهري ۾ تبديل ٿي ويو.
ان موقعي تي ذوالفقار مرزا ميڊيا سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر مختيارڪار ۽ تپيدار ڪاسائي بڻجي ويٺل آهن، رشوت کانسواءِ ضلعي ۾ ڪنهن جو به ڪم نه ٿو ٿئي، سندس چوڻ هو ته ڪرپشن جي حالت اها آهي جو ڄم سرٽيفڪيٽ ۽ ڊيٿ سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جا به پئسا ورتا وڃن ٿا، هن جو اهو به چوڻ هو ته ٽي ايم ايز ۾ڪرپشن عروج تي آهي، هن دعويٰ ڪئي ته مون وٽ انهن عملدارن خلاف ثبوت آهن. جيڪڏهن آئون غلط آهيان ته پوءِ اهي ڪامورا منهنجي خلاف عدالت ۾ وڃي سگهن ٿا. هن چيو ته جيڪي به ڪرپٽ ڪامورا نه سڌرندا تن کي جوتن جا هارا پارائي روانو ڪيو ويندو. هن اهو به چيو ته منهنجي ڌرڻي جو مقصد عوام کي انصاف ڏيارڻ آهي، جنهن جو ڪم نه ٿو ٿئي اهو اڄ مون سان رابطو ڪري، جنهن جو ڪم پئسن کانسواءِ نه ٿو ٿئي، ان کي پئسا آئون ڏيندس. جيڪو مون کان وٺي وڃي پنهنجو ڪم ڪرائي، ان لاءِ آئون 10 کان 15 لک رپيا ساڻ کڻي آيو آهيان، جيڪا رقم هن وقت منهنجي گاڏي ۾ پيل آهي. ذوالفقار مرزا بدين ۾ جيڪو ڌرڻو لڳايو، جنهن جو مقصد عوام کي انصاف ڏيارڻ هو، تنهن ڌرڻي دوران عوام جا ڪيترا ڪم ٿيا يا رشوت ڏيڻ لاءِ هن عوام کي ڪيترا پئسا ڏنا، جنهن کانپوءِ پئسا وٺي انهن پنهنجا ڪم ڪرايا، تنهن بابت ڪا به خبر پئجي نه سگهي باقي ”عدل جهانگير“ وانگر ”عدل مرزا“ واري هاڪ هنڌين ماڳين ضرور پکڙجي وئي.
اسان کي خبر ناهي ته ذوالفقار مرزا اهو ڌرڻو پنهنجي حڪومت خلاف لڳايو هو يا هن اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته مخالف ڌر سميت سنڌ جا اڪثر حلقا موجوده حڪومت کي ملڪ جي ڪرپٽ ترين حڪومت ثابت ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽي جا زور ته لڳائيندا رهن ٿا، ليڪن هاڻ هن به ڪرپشن خلاف ڌرڻو لڳائي اها ڳالهه ثابت ڪري ڇڏي آهي ته واقعي سنڌ حڪومت ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. اسان سمجهون ٿاته ذوالفقار مرزا جيڪو قدم کنيو آهي يا جنهن ڪرپشن جي نشاندهي ڪئي آهي، اها رڳو بدين ضلعي ۾ ناهي، پر سنڌ جو هاڻ ڪو به ضلعو ڪرپشن کان آجو ناهي، سنڌ ۾ ڪنهن به ماڻهو جو ڏوڪڙن کانسواءِ ڪو به ڪم نه ٿو ٿئي، ايتري تائين جو پ پ تي نوڪريون وڪرو ڪرڻ وارا جيڪي به الزام لڳا آهن، تن الزامن جي جاچ لاءِ سنڌ سرڪار اڄ ڏينهن تائين ڪا به جاچ نه ڪرائي آهي، ايتري تائين جو نوڪري لاءِ”پيپلز فارمولو“هر ڪنهن جي وات وائي آهي، يعني ته هڪ گريڊ واري نوڪري هڪ لک رپين ۾ 7 گريڊ واري 7 لک رپين۾ 17 گريڊ واري نوڪري 17 لک رپين ۾ وڪرو ڪرڻ واريون خبرون عام آهن. اهڙي ريت بدلين لاءِ به اها رقم گريڊ جي حساب سان ٻيڻ تي وٺڻ وارا الزام کڻي اقتداري ايوانن تائين نه پهچندا هجن، پر عوام جي عام حلقن ۾ اڄڪلهه اهي ئي نرخ ٻڌايا وڃن ٿا، جيڪي نرخ ڪڏهن به ٻاڙائي جو شڪار نه ٿياآهن، پر اهي ڏينهون ڏينهن وڌندا نظر آيا آهن. چيو وڃي ٿو ته سنڌ سرڪار ڪرپشن کي هٿ وٺي جيڪا ڇوٽ ڏني آهي، تنهن موجوده حڪومت لاءِ ڪاٽو مارڪن ۾تمام گهڻو اضافو ڪيو آهي. بهرحال ذوالفقار مرزا کي ڌرڻو لڳائڻ جي نوبت ڇو پيش آئي آهي، تنهن بابت ته هن اندروني وضاحت ڪا به نه ڪئي آهي، ليڪن اهو سوال ضرور پيدا ٿيئي ٿو ته ڇا سندس وني ايم اين اي فهميدا مرزا ۽ سندس پٽ ايم پي اي حسنين مرزا جي هوندي به عوام جا ڪم نه ٿين ۽ ڪامورا ايترا زور ٿي وڃن جو اهي رشوت ذريعي پنهنجا گهر ڀريندا نظر اچن ۽ ڪنهن جو وار به ونگو نه ٿيئي ته پوءِ ڇا سمجهجي ته اهي ڪامورا آخر ڪنهن جي ڏڍ ۽ هشي تي عوام کي لٽي ۽ ڦري رهيا آهن.
اسان جي خيال ۾ ذوالفقار مرزا ڌرڻو لڳائي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ضلعي ۾ ڪرپشن ڪندڙ ڪامورا سنڌ جي اعليٰ قيادت جي سهڪار سان اهو سڀ ڪجهه ڪري ر هيا آهن؟ اهي ڪامورا جيڪو ڪجهه ڪرپشن ذريعي ڪمائي رهيا آهن، اهي مٿئين سطح تي سڀني کي پنهنجو حصو پتي پابندي سان پهچائي رهيا آهن؟ جيڪڏهن اها ڳالهه ائين ناهي ته پوءِ ذوالفقار مرزا ثبوت هوندي رڳو هڪ فون تي ڪنهن به ڪاموري کي ضلعو بدر ڪرائي پئي سگهيو، پر هن ائين ڪرڻ بجاءِ ڌرڻو هڻڻ وارو دڳ ورتو، جيڪو ڪامورن لاءِ ته خواري جو ايترو وڏو سبب نه بڻبو جيترو اها خواري سنڌ سرڪار جي کاتي ۾ لکي ويندي. ٿي سگهي ٿو ته ذوالفقار مرزا اهو سڀ ڪجهه نيڪ نيتي سان ڪيو هجي، پر سندس خلاف سازشون ڪندڙ مٿس اهي به الزام لڳائي سگهن ٿا ته هن اهو سڀ ڪجهه پنهنجي پٽ حسنين مرزا کي مستقبل ۾ وڏ وزارت جو سگهارو اميدوار ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪيو آهي. اسان جي خيال ۾ جيڪڏهن اهو الزام اڳتي هلي ائين ئي ثابت ٿيئي ٿو ته پوءِ ذوالفقار مرزا جيڪو حڪومتي حلقن ۾ ڏينهون ڏينهن تڪراري بڻجي رهيو آهي، اهو وڌيڪ تڪراري بڻجي سگهي ٿو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو