Wednesday, 26 November 2014

ايڊيٽوريل



سنڌ حڪومت: بي مثال ڪارڪردگي، لاجواب سروس


سنڌ ۾بدانتظامي هاڻي ڪا نئين ۽ حيران ڪندڙ ڳالهه نه رهي آهي. ان ۾ گهٽتائي اچڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي. ان جو سبب ڪو جنرل يا ڌاريو نه پر سنڌ جي اجتماعي شعور وسيلي آيل سرڪار آهي، جنهن کي ماڻهو ڀلي ڪيترو پنهنجو چون، پر ان جو عمل ڌارين جهڙو آهي. سنڌي عوام جيئن ته پنهنجو مينڊيٽ پنهنجي سياسي ذهانت ۽ تجربي، گڏيل ڏاهپ هيٺ سيڪيولر قوتن کي ئي ڏيندو رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو هميشه حقيقي حڪمران قوتن جي پاليسين جو نشانو بڻجندا رهيا آهن. پ پ پ سان سنڌ جي ماڻهن جي هڪ طرفي عشق سبب سنڌ جا حڪمران مست هاٿيءَ جيان سنڌ جي ماڻهن کي لتاڙي رهيا آهن ۽ ڪير به انهن کان پڇڻ وارو ناهي. موجوده سنڌ حڪومت وٽ سنڌ جي مفادن جي بچاءَ ۽ حاصلات جي حوالي سان ڪيتريون ئي دعوائون آهن، جن ۾ پاڻيءَ جو مسئلو، مالياتي ايوارڊ ۽ صوبائي خودمختياريءَ وارا معاملا اهم آهن، انهن معاملن تي اڳڀرائيءَ جي پڻ ڳالهه پڪي پختي نموني ورجائي پئي ويئي آهي. سنڌ حڪومت جي هلت چلت ۽ ڪارڪردگيءَ تي نظر وجهجي ٿي ته اها بد انتظامي، انتظامي بيوسيءَ ۽ اختيارن جي وانجهه پڻي جي چٽي تصوير بڻيل آهي. انهيءَ حالت ۾، ان کان اهڙي اميد ڪيتريءَ حد تائين رکجي ته اها سنڌ جي پاڻي پاڻي، ماليات ۽ خودمختياريءَ وارن معاملن تي پنهنجي حق ۾ فيصلا وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيندي! سنڌ حڪومت جي هاڻوڪي حڪومتي بي اختياري ۽ انتظامي ڪسمپرسيءَ مان اهڙو ڪاٿو بنهه سولي نموني ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جا موجوده حڪمران ظاهري طور نظر نه ايندڙ پر انتهائي طاقتور سياسي قيادت آڏو گوڏا کوڙي ويهي رهيا آهن، جنهن سبب سنڌ جي ”عام“ بدران ”خاص“ لاءِ سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي 


حڪمرانن کي ووٽ ڏئي اقتدار جي مسند تي ويهارڻ وارا سنڌ جا ماڻهو بي وس ۽ لاچار بڻيل آهن. حقيقت ته اها آهي ته اقتدار ۾ ويٺل شخصيتون ”پردي پويان ويٺل طاقتن“ آڏو ماٺ جو روزو رکي سر جهڪايو ويٺيون آهن، جنهن جي ڪري سنڌ هر ڏينهن تباهيءَ طرف قدم وڌائي رهي آهي. موجوده سنڌ سرڪار جي اڳئين ۽ موجوده دؤر ۾ ڪو به اهڙو کاتو يا ادارو نه آهي، جنهن لاءِ چئجي ته ان جي ڪارڪردگي مثالي آهي ۽ سنڌ جي عوام کي ان مان لاڀ ملي رهيو آهي. موجوده حڪمرانن جون ترقياتي رٿائون هجن يا نوڪرين جي ورڇ ان ۾ سنڌ جي ماڻهن جي اميدن جي ابتڙ ”پنهنجا نواز“ پاليسي رهي آهي، جنهن سبب ڪاغذن ۾ ته سنڌ اندر اربين کربين رپيا خرچ ٿيل آهن، پر عملي طور ميدان تي ڪجهه به نظر نه ٿو اچي. سنڌ حڪومت جي هلت مان ته اهو ڀائنجي ٿو ته اهي هر ڏينهن کي آخري ڏينهن سمجهي ”مينهن کان اڳ سامان سهيڙڻ“ واري ڪار لڳايو ويٺا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ توڙي سپريم ڪورٽ سنڌ جي حڪمراني ۽ بدانتظاميءَ جي حوالي سان وقت بوقت ريمارڪس ۽ فيصلا ڏيندي رهي آهي، ريمارڪس تي ته سنڌ حڪومت ڪڏهن ڌيان نه ڏنو آهي، پر سپريم ڪورٽ جو شايد ئي ڪو فيصلو هجي جنهن تي سنڌ حڪومت عمل ڪيو هجي. سنڌ جي سروس اسٽڪچر جي تباهيءَ کان ويندي آئوٽ آف ٽرن جي نالي تي شولڊر پروموشن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي تاريخي فيصلن تي سنڌ حڪومت ڪڏهن به عمل نه ڪيو آهي ۽ نه وري اڳتي عمل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. سپريم ڪورٽ جي واضح فيصلي جي باوجود سنڌ حڪومت غير قانوني طريقي سان ٿاڦيل آفيسرن کي هٽائڻ لاءِ تيار ناهي. مختلف کاتن ۾ واپس ڪيل آفيسرن کي گهرائي ٻيهر اعليٰ انتظامي عهدن تي نوازيو پيو وڃي. سنڌ ۾ آفيسرن جي مقرريءَ جو معيار لياقت ۽ تجربو نه پر حڪمران جماعت جي ڪنهن اڳواڻ سان ياري، مِٽي مائٽي يا ”مٺ گرم“ ڪرڻ رهيو آهي. اطلاع آهن ته سپريم ڪورٽ پاران هٽايل پ پ پ جي ايم اين اي اياز سومري جي ڀائرن رياض سومري ۽ رضوان سومري کي ايس ايس پي ۽ ضمير احمد عباسيءَ کي ڊي ايس پي جي عهدي تي بحال ڪيو ويو آهي. جن جي سنڌ جي چيف سيڪريٽريءَ به مخالفت ڪئي هئي. سنڌ حڪومت جي اهڙن فيصلن مان ته اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته جيڪڏهن حڪمران جماعت يا حڪمرانن جا دادلا سڻڀين آسامين تي ويٺل نه هوندا ته ڄڻ سنڌ جو وهنوار نه هلندو يا سنڌ جي ترقيءَ جي ”تيز رفتار ڪانٽو“ بيهجي ويندو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ حڪومت کي پنهنجي سياسي ساک جي انهيءَ تيزيءَ سان ڪرندڙ گراف کي ڏسڻ گهرجي ۽ انهيءَ صورتحال کي اهميت ڏيندي، پنهنجن فيصلن، حڪومتي طريقي ڪار ۽ انتظامي هلت ڪاريءَ تي ٻيهر تنقيدي نظر ڦيرائڻ گهرجي. حڪمرانن کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته کين اڳي پوءِ عوام ڏانهن وڃڻو آهي ۽ پنهنجن ڪيل ڪمن جو وچور پيش ڪرڻو آهي. پڪ سان، هاڻوڪي صورتحال کي اڳيان رکندي آئيندي ۾ هاڻوڪي حڪمران جماعت لاءِ عوامي سطح تي روايتي مقبوليت ۽ پذيرائيءَ جو حال صحتمند ۽ مثبت نه پيو ڏسجي. سنڌ ۾بدانتظامي هاڻي ڪا نئين ۽ حيران ڪندڙ ڳالهه نه رهي آهي. ان ۾ گهٽتائي اچڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي. ان جو سبب ڪو جنرل يا ڌاريو نه پر سنڌ جي اجتماعي شعور وسيلي آيل سرڪار آهي، جنهن کي ماڻهو ڀلي ڪيترو پنهنجو چون، پر ان جو عمل ڌارين جهڙو آهي. سنڌي عوام جيئن ته پنهنجو مينڊيٽ پنهنجي سياسي ذهانت ۽ تجربي، گڏيل ڏاهپ هيٺ سيڪيولر قوتن کي ئي ڏيندو رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو هميشه حقيقي حڪمران قوتن جي پاليسين جو نشانو بڻجندا رهيا آهن. پ پ پ سان سنڌ جي ماڻهن جي هڪ طرفي عشق سبب سنڌ جا حڪمران مست هاٿيءَ جيان سنڌ جي ماڻهن کي لتاڙي رهيا آهن ۽ ڪير به انهن کان پڇڻ وارو ناهي. موجوده سنڌ حڪومت وٽ سنڌ جي مفادن جي بچاءَ ۽ حاصلات جي حوالي سان ڪيتريون ئي دعوائون آهن، جن ۾ پاڻيءَ جو مسئلو، مالياتي ايوارڊ ۽ صوبائي خودمختياريءَ وارا معاملا اهم آهن، انهن معاملن تي اڳڀرائيءَ جي پڻ ڳالهه پڪي پختي نموني ورجائي پئي ويئي آهي. سنڌ حڪومت جي هلت چلت ۽ ڪارڪردگيءَ تي نظر وجهجي ٿي ته اها بد انتظامي، انتظامي بيوسيءَ ۽ اختيارن جي وانجهه پڻي جي چٽي تصوير بڻيل آهي. انهيءَ حالت ۾، ان کان اهڙي اميد ڪيتريءَ حد تائين رکجي ته اها سنڌ جي پاڻي پاڻي، ماليات ۽ خودمختياريءَ وارن معاملن تي پنهنجي حق ۾ فيصلا وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيندي! سنڌ حڪومت جي هاڻوڪي حڪومتي بي اختياري ۽ انتظامي ڪسمپرسيءَ مان اهڙو ڪاٿو بنهه سولي نموني ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جا موجوده حڪمران ظاهري طور نظر نه ايندڙ پر انتهائي طاقتور سياسي قيادت آڏو گوڏا کوڙي ويهي رهيا آهن، جنهن سبب سنڌ جي ”عام“ بدران ”خاص“ لاءِ سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي 
حڪمرانن کي ووٽ ڏئي اقتدار جي مسند تي ويهارڻ وارا سنڌ جا ماڻهو بي وس ۽ لاچار بڻيل آهن. حقيقت ته اها آهي ته اقتدار ۾ ويٺل شخصيتون ”پردي پويان ويٺل طاقتن“ آڏو ماٺ جو روزو رکي سر جهڪايو ويٺيون آهن، جنهن جي ڪري سنڌ هر ڏينهن تباهيءَ طرف قدم وڌائي رهي آهي. موجوده سنڌ سرڪار جي اڳئين ۽ موجوده دؤر ۾ ڪو به اهڙو کاتو يا ادارو نه آهي، جنهن لاءِ چئجي ته ان جي ڪارڪردگي مثالي آهي ۽ سنڌ جي عوام کي ان مان لاڀ ملي رهيو آهي. موجوده حڪمرانن جون ترقياتي رٿائون هجن يا نوڪرين جي ورڇ ان ۾ سنڌ جي ماڻهن جي اميدن جي ابتڙ ”پنهنجا نواز“ پاليسي رهي آهي، جنهن سبب ڪاغذن ۾ ته سنڌ اندر اربين کربين رپيا خرچ ٿيل آهن، پر عملي طور ميدان تي ڪجهه به نظر نه ٿو اچي. سنڌ حڪومت جي هلت مان ته اهو ڀائنجي ٿو ته اهي هر ڏينهن کي آخري ڏينهن سمجهي ”مينهن کان اڳ سامان سهيڙڻ“ واري ڪار لڳايو ويٺا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ توڙي سپريم ڪورٽ سنڌ جي حڪمراني ۽ بدانتظاميءَ جي حوالي سان وقت بوقت ريمارڪس ۽ فيصلا ڏيندي رهي آهي، ريمارڪس تي ته سنڌ حڪومت ڪڏهن ڌيان نه ڏنو آهي، پر سپريم ڪورٽ جو شايد ئي ڪو فيصلو هجي جنهن تي سنڌ حڪومت عمل ڪيو هجي. سنڌ جي سروس اسٽڪچر جي تباهيءَ کان ويندي آئوٽ آف ٽرن جي نالي تي شولڊر پروموشن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي تاريخي فيصلن تي سنڌ حڪومت ڪڏهن به عمل نه ڪيو آهي ۽ نه وري اڳتي عمل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. سپريم ڪورٽ جي واضح فيصلي جي باوجود سنڌ حڪومت غير قانوني طريقي سان ٿاڦيل آفيسرن کي هٽائڻ لاءِ تيار ناهي. مختلف کاتن ۾ واپس ڪيل آفيسرن کي گهرائي ٻيهر اعليٰ انتظامي عهدن تي نوازيو پيو وڃي. سنڌ ۾ آفيسرن جي مقرريءَ جو معيار لياقت ۽ تجربو نه پر حڪمران جماعت جي ڪنهن اڳواڻ سان ياري، مِٽي مائٽي يا ”مٺ گرم“ ڪرڻ رهيو آهي. اطلاع آهن ته سپريم ڪورٽ پاران هٽايل پ پ پ جي ايم اين اي اياز سومري جي ڀائرن رياض سومري ۽ رضوان سومري کي ايس ايس پي ۽ ضمير احمد عباسيءَ کي ڊي ايس پي جي عهدي تي بحال ڪيو ويو آهي. جن جي سنڌ جي چيف سيڪريٽريءَ به مخالفت ڪئي هئي. سنڌ حڪومت جي اهڙن فيصلن مان ته اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته جيڪڏهن حڪمران جماعت يا حڪمرانن جا دادلا سڻڀين آسامين تي ويٺل نه هوندا ته ڄڻ سنڌ جو وهنوار نه هلندو يا سنڌ جي ترقيءَ جي ”تيز رفتار ڪانٽو“ بيهجي ويندو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ حڪومت کي پنهنجي سياسي ساک جي انهيءَ تيزيءَ سان ڪرندڙ گراف کي ڏسڻ گهرجي ۽ انهيءَ صورتحال کي اهميت ڏيندي، پنهنجن فيصلن، حڪومتي طريقي ڪار ۽ انتظامي هلت ڪاريءَ تي ٻيهر تنقيدي نظر ڦيرائڻ گهرجي. حڪمرانن کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته کين اڳي پوءِ عوام ڏانهن وڃڻو آهي ۽ پنهنجن ڪيل ڪمن جو وچور پيش ڪرڻو آهي. پڪ سان، هاڻوڪي صورتحال کي اڳيان رکندي آئيندي ۾ هاڻوڪي حڪمران جماعت لاءِ عوامي سطح تي روايتي مقبوليت ۽ پذيرائيءَ جو حال صحتمند ۽ مثبت نه پيو ڏسجي 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو