سنڌ کي لاوارث بيواهه سمجهڻ جي درديلي ڪٿا
اربع 15 آڪٽوبر 2014ع، 19 ذوالحج 1435هه
سنڌ ۾ ڪرپشن جا ڪيئي رنگ ۽ انهن جا رشتا ۽ سنگ موجود آهن. ڪنهن به ڪرپٽ آفيسر جا ڪيئي رشتا موجود آهن، جيڪي انهن کي بچائڻ ۾ به اوترا ئي سرگرم رهن ٿا جيترو کين ڪرپشن لاءِ شهه ڏيئي انهن کي ٽيڪ ڏيڻ وارا موجود آهن. پوءِ جڏهن ۽ جيڪڏهن اهي پڪڙجن ٿا ته يا ته ”ٺوڙهو خير“ ڪرائي معاملي کي ختم ڪيو وڃي ٿو يا وري نسلن تائين ڪيس هلائي هلائي ماڻهن کان ڳالهه وسارائي ان سرڪار جي ختم ٿيڻ جو انتظار ڪيو وڃي ٿو جنهن ۾ سنڌ جي خزاني سان اهي بي درديون ٿيون هيون. تازو هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي تعليم کاتي ۾ اهڙي وارتا جو انڪشاف ڪيو ويو آهي
سنڌ جي تعليم کاتي جي انهن بي ايمان آفيسرن جي نه اها پهرين بينچ آهي نه وري آخري. ان کانپوءِ نوان نوان سانگ رچائي نوان نوان ڪرپشن جا آفيسر معطل ڪري انهن تي ڪيس داخل ڪرڻ جي وڏيون ڪهاڻيون ۽ داستان سامهون ايندا رهندا. ان ڪري اها نه نئين ڳالهه آهي ۽ نه وري عجب جهڙي ڳالهه آهي. ان ڪري جنهن جي به ڏندن ۾ آڱريون ڦاسڻ واريون آهن انهن کي پنهنجون آڱريون بچائڻ گهرجن
اصل ڳالهه هي آهي ته سنڌ جو ڪوبه ڌڻي سائين ڪونهي، جو انهن ڏوهن جي باري ۾ ڪنهن جي مٿي ۾ ڪا جونءَ به چُري سگهي. ڏوهارين کي به خبر آهي ته سنڌ جو ناڻو ڄڻ ته بنا ور جي اهڙي بيواهه جو ورثو آهي، جنهن تي سڀني جي نظر هجي ۽ هرڪو ڦرلٽ ۾ پورو هجي. چون ٿا ته هڪڙي کاتي جو هڪڙو سيڪريٽري پنجاهه ڪروڙ کاتي جي اڪائونٽ مان ڪڍائي هميشه لاءِ ڪيناڊا هليو ويو. نه ڪنهن خبر چار ورتي نه وري ان تي ڪو نوٽيس ورتو ويو. ان کي ڏسندي ساڳئي اداري جي هڪ ٻئي آفيسر اول پنهنجي بدلي پنجاب ڪرائي ۽ ڪوشش ڪئي ته 35 ڪروڙ رپيا ڪڍائي رفو چڪر ٿي وڃي. سنڌ جي اڪائونٽنٽ جنرل جڏهن ان ڳالهه جو نوٽيس ورتو ۽ لاڳاپيل کاتي کان خبرچار ملڻ تي جاري ڪيل چيڪ روڪي ۽ هيڏي ساري هڪ ارب جو ٽيون حصو بچي ويو
سنڌ ۾ ڪرپشن هر ڏينهن ، هر هفتي ۽ مهيني جي بنيادن تي ٿئي ٿي. اها هزارن لکن ۾ نه پر اربين رپيا ٿئي ٿي. اها هر هنڌ ٿئي ٿي. اها اٽڪل سمورين سطحن تي ٿئي ٿي. سمورا ڪرپٽ ماڻهو ان ڳالهه تي سهمت آهن ته جيتري به مال کائڻ ۾ ” بي رحمي“ ڪري سگهجي اها ضرور ڪرڻ گهرجي. ان ڪري ”مال مفت ۽ دل بي رحم“ جي بنياد تي سڀ ڪجهه هر قسم جي ننڍي وڏي ڪرپٽ ۽ بي ايمان کي هضم ٿي رهيو آهي
تازي وارتا ۾ سنڌ تعليم کاتي جي سيڪريٽري موجب جيڪب آباد، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ، قمبر-شهدادڪوٽ، سانگھڙ، حيدر آباد ۽ بينظير آباد ضلعن ۾ تعليم کاتي جي ڪجهه ڊائريڪٽرن، ڊي اوزتعليم، ناڻي، نيشنل بئنڪ ۽ اڪائونٽنٽ جنرل جي ڪجهه عملي جي ملي ڀڳت سان هزارين ڪوڙين آءِ ڊيز تي تدريسي ۽ غير تدريسي عملو ڀرتي ڪري 14-2013 ۾ 3 ارب 17 ڪروڙ 29 لک 14 هزار 133 رپيا ڪرپشن ڪئي آهي. جنهن تي تعليم کاتي جي سيڪريٽري مٿين رقم پگھارن جي مد ۾ مقرر اسامين کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ جي ڏوهه واري الزام ۾ تعيلم کاتي جي مٿين ضعلن جي 10 سپرنٽينڊنٽ، 9 اسسٽنٽ اڪائونٽ آفيسرن، هڪ هيڊ ڪلارڪ سميت ٻئي عملي کي نوڪرين مان برطرفي واري خاص قانون 2000 تحت شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. انهن کي 14 ڏينهن ۾ سيڪريٽري جا آفيس ۾ روبرو اچي جواب داخل ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو آهي
اهي رقمون انهن ڪوڙين آءِ ڊي تي ڀرتي ٿيل ملازمن کي 14-2013 ۾ پگھارن جي مد ۾ مقرر اسامين کان وڌيڪ جاري ڪيون ويون هيون.. تعليم کاتي جي ضلعي آفيسرن اهي جيڪي ملازم ڀرتي ڪيا آهن، اهي اڳ تعليم کاتي جا ملازم نه رهيا آهن. انهن کي پراڻين تاريخن ۾ غير قانوني طريقي سان ڀرتي ڪيو ويو آهي. انهن ملازمن جي نوڪري جو ڀرتي ڏيکاريل تاريخ جو ڪٿي به رڪارڊ موجود ناهي، رڳو انهن آفيسرن جو بئنڪ اڪائونٽ کولي، ضلعن جي ٽريزري آفيسرن اي جي آفيس جي عملي سان ملي ڀڳت ڪري پگهارون جاري ڪرايون آهن
ان کان اڳ سنڌ سرڪار جي سڀ کان وڏي يعني تعليم کاتي ۾ هزارين نوڪريون بنا ميرٽ ۽ بنا سبب ۽ رڳو ڏوڪڙن عيوض ڏنيون ويون. اربين رپيا غريبن کان ڦري انهن کي ڪوڙيون نوڪريون ڏنيون ويون. ڳالهه آئي ويئي. کيل ختم پئسا هضم
سرڪار جي ادارن ۾ انڪوائريون وري ڪجهه ان طريقي سان ٿين ٿيون ته جيڪي ”ملزم ڏوهي“ آهن انهن تي نوٽيس جاري ڪيا وڃن ٿا، ملزم وري ڪورٽن ۾ پنهنجي ”دادرسي“ لاءِ دروازو کڙڪائين ٿا، ڪورٽون دادرسيءَ جي ٿيل فرياد هيٺ ”اسٽي آرڊر“ جاري ڪن ٿيون. هلندي هلندي فائيل پراڻا ٿي وڃن ٿا، ٽيڪ ڏيندڙ پهچي وڃن ٿا ۽ انهن آفيسرن کي ڪنهن سڻڀي جاءِ بدران ڪُنڊ ۾ اڇليو وڇي ٿو يا کين پوسٽنگ کان الڳ رکي بنا ڪم جي کين پگهارون جاري رکيون وڃن ٿيون. وزير بدليو ته ڳالهه ئي ختم. لالا مال خلاص
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو