صوبائي خودمختياريءَ تي ڪابه سوديبازي نه ٿيڻ کپي
اربع 19 نومبر 2014ع؛ 25 محرم الحرام1436 هه
پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻ ۽ سينيئر پارليامينٽرين سينيٽر رضا ربانيءَ خبردار ڪندي چيو آهي ته ارڙهين ترميم سان کيڏيو پيو وڃي، ترميم رول بيڪ ٿي ته پاڪستان ۾ رهي سياسي جدوجهد ڪندڙ بلوچستان جي قومپرستن جو موقف ڪمزور ٿي ويندو ۽ هٿياربند جدوجهد ڪندڙ ڪامياب ٿي ويندا. هن چيو آهي ته مرڪز جي حامي سول توڙي فوجي ڪامورا شاهي نه ٿي چاهي ته وفاق جا کاتا ۽ اختيار صوبن کي ملن، ڇو جو ان سان سندن عياشيون بند ٿي وينديون
اهڙيون ڳالهيون هن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين سي) ۽ يو اين ڊي پي جي سهڪار سان ٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي چيون آهن. سيمينار کي خطاب ڪندي ٻين مقررن چيو آهي ته ملڪ ۾ چار صوبا نه پر قومي ايڪا آهن، جن کي تسليم ڪرڻو پوندو، گڏوگڏ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته ملڪ جون ٻه وڏيون جماعتون پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ نواز ملڪ کي گهڻ قومي ملڪ مڃڻ لاءِ تيار ناهن
ڏٺو وڃي ته 1973ع واري متفقه آئين کانپوءِ ارڙهين ترميم جي منظوري، سياسي ڌرين جي وڏي ڪاميابي آهي. 18 هين ترميم 8 اپريل 2010ع تي قومي اسيمبلي ۽ 15 اپريل 2010 تي سينٽ مان منظور ٿي. جڏهن ته ملڪي صدر آصف علي زرداريءَ 19 اپريل 2010ع تي هن ايڪٽ تي صحيح ڪئي، جنهن کانپوءِ هيءُ هڪ قانون ٿي ويو، جنهن تحت 37 سالن کانپوءِ ڪنڪرنٽ لسٽ جو خاتمو ٿيو ۽ مڪمل نه ئي سهي پر ڪجهه نه ڪجهه خودمختياري صوبن کي ضرور ملي. هن ترميم کي مڪمل صوبائي خومختياريءَ ڏانهن اهم اڳڀرائي چئي سگهجي ٿو
نه رڳو ايترو پر ارڙهين آئيني ترميم جي منظوريءَ سان صدر کي اسيمبلي ٽوڙڻ جا مليل اختيار ختم ڪيا ويا، نتيجي ۾ چونڊيل حڪومتن ۽ پارليامينٽ تي جيڪا تلوار هر وقت ٽنگيل هوندي هئي، تنهن جو خوف ختم ٿيو. ٻيو ته ائين به چئي سگهجي ٿو ته هن ترميم ذريعي پاڪستان نيم صدارتي راڄ کان مڪمل پارلياماني نظام ڏانهن وڌيو، هن ترميم ذريعي ئي پختونن کي پنهنجي سڃاڻپ ملي، يعني نارٿ ويسٽ فرنٽير صوبي کي خيبرپختونخواهه جو نانءُ مليو، جيڪو سندن پراڻو مطالبو هو. پاڪستان اندر سياسي استحڪام جا بنياد به هن ترميم تحت ئي پيا. ماضيءَ ۾ ڪابه حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري نه سگهي هئي پر هن ترميم تحت گذريل حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪيو. رهي ڪارڪردگيءَ جي ڳالهه ته اُهو هڪ الڳ مسئلو آهي، ڇو جو پاڪستان ۾ جيئن ته آمريتن جي ڊگهن دورن جو تسلسل رهيو آهي، ائين ئي جيڪڏهن جمهوريت کي به تسلسل جي جلا بخشي وڃي ته نظام مان سموريون خاميون ۽ خرابيون ختم ٿي وينديون
ارڙهين آئيني ترميم کي ان ڪري به سياسي قوتن جي ڪاميابي چيو پيو وڃي جو هن تحت آئين مان اڳوڻي آمر جنرل ضياءُ ۽ جنرل مشرف جو نالو ڪڍي، ليگل فريم ورڪ آرڊر (ايل اين او) کي ختم ڪيو ويو. گڏوگڏ آئين معطل ڪرڻ جي ڏوهه کي ”سنگين غداري قرار ڏنو ويو.. ارڙهين آئيني ترميم جي ذريعي 17 وفاقي وزارتن جا اختيار ۽ کاتا وفاق کان صوبن کي منتقل ٿيا، جن ۾ قديم آثار، صحت، تعليم، ثقافت، سياحت، عورتن جي ترقي، ماحوليات، رانديون، پورهيو ۽ افرادي قوت توڙي ٻيا به ڪيترائي کاتا، انهن جا ملازم ۽ وسيلا صوبن کي منتقل ٿيا
اُهي اختيار جن لاءِ پاڪستان جي قيام کان وٺي صوبا رڙندا ۽ سياسي قوتون جدوجهد پئي ڪنديون رهيون آهن، سي وفاق کان وٺي صوبن کي ڏيڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي. يقينن اهي ڌريون جيڪي مضبوط مرڪزيت جون حامي رهيون آهن، تن لاءِ هي ترميم ۽ انهيءَ تحت صوبن کي مليل خودمختياري قطعي طور برداشت جوڳي نه هوندي. هڪ ته تعليم کاتي کانپوءِ هائير ايجوڪيشڻ ڪميشن جڏهن صوبن کي منتقل ٿي ۽هر صوبي پنهنجي پنهنجي صوبائي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪوششن اڳيان طرحين طرحين جون رنڊڪون پيدا ڪيون ويون. مطلب ته ارڙهين ترميم رول بيڪ ڪري يا وري نئين ترميم آڻي ”هيڪ“ واپس وفاق کي ڏيارڻ جي سازش کان وسان نه گهٽايو ويو آهي. نه رڳو تعليم پر ماحولياتي، توڙي توانائي ۽ ٻيا کوڙ سارا کاتا، جيڪي مضبوط مرڪز ۽ وفاق ۾ يقين رکندڙن لاءِ سڻڀو گِرَههُ بڻيل رهيا آهن. تن جي منتقلي لازمي طرح اک ۾ ڪنڊي وانگر کين چُڀي رهي آهي
ٻئي پاسي وري صوبن جي اهليت جي کوٽ چئجي جو کين هلڪي ڦلڪي جيڪا خودمختياري يا اختيار مليا آهن، سي به سنڀاليا نٿا ٿين. بجاءِ ان جي جو جيڪي کاتا، اختيار ۽ ملازم صوبن کي مليا آهن، تن کي فوري طور هڪ نظام ۽ مڪينزم تحت پنهنجي هٿ ۽ اختيار هيٺ آڻي ڇڏين. اجائي سجائي جون رڪاوٽونڏ وجھي انهيءَ سلسلي ۾ ٽال مٽول کان ڪم ورتو پيو وڃي. هئڻ ته ائين کپي ته منتقل ٿيل اختيار استعمال ڪندي وفاق کان موڪليل ملازمن کي انهن کاتن ۾ فوري طور ضم ڪري صوبائي سرڪار جي اختيارن آڌار انهن کي به معمول تي آڻي باور ڪرايو وڃي ته صوبا پنهنجي صوبائي خودمختياريءَ ۽ وسيلن جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻ ٿا پر ان جي ابتڙ ٽال مٽول کان ڪم ورتو ويندو رهيو ته يقينن انهن ڌرين جي ان موقف کي هٿي ملندي ته صوبا اڳ ئي وٽن جيڪي کاتا ۽ وسيلا موجود آهن، سي ئي سنڀالي نه ٿا سگهن ته وڌيڪ وزارتن، کاتن ۽ ملازمن جو بارُ سَهي ئي نه سگهندا
پنجاب تي هميشه مضبوط مرڪزيت جو حامي هئڻ ۽ ننڍن صوبن جا حق ڦٻائڻ جو الزام پئي لڳندو رهيو آهي پر چيو وڃي ٿو ته ارڙهين ترميم تحت وفاق کان صوبن کي منتقل ٿيل اختيارن جو جيترو فائدو پنجاب ورتو آهي. اوترو باقي ٽنهي صوبن حاصل نه ڪيو آهي. سو سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي به حڪمرانيءَ جي انداز ۾ بهتري آڻيندي کين مليل واڌو اختيارن، وسيلن ۽ کاتن کي استعمال ۾ آڻيندي معاشري ۾ بهتريءَ جا نت نوان مثال قائم ڪرڻ گهرجن. سنڌ جيڪا وسيلن سان مالا مال آهي ۽ وٽس اهل ماڻهن جي ڪابه ڪمي ناهي. تنهن ڪري اميد ڪري سگهجي ٿي ته وقت جي حڪومت ننڊ مان جاڳندي ارڙهين ترميم مان فائدو وٺڻ لاءِ ضرور ڪو طريقيڪار جوڙيندي، ٻي صورت ۾ هي خدشا پنهنجي جاءِ تي موجود رهندا، جن جو اظهار جناب رضا ربانيءَ ڪيو آهي
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو