Wednesday, 26 November 2014

امير احمد شر

تعليم کان سوا ءِ ٻيا ادارا نظر ڇو نه ٿا اچن

امير احمد شر



چوندا آهن ته استاد پيغمبري پيشو آهي استاد جو مان شان تمام مٿاهون آهي .هن وقت سيڪريٽري تعليم ايترو خوار خراب ڪيو آهي جو اهڙي واويلا ڌاڙيلن لاءِ به نٿي ڪئي وڃي جيڪي سرعام معصوم ٻارڙا ۽ معصوم نياڻيون اغوا ڪري والدين جون ننڊون حرام ڪيون وڃن ٿيون . جهڙي طرح معصوم نياڻي فضيلا سرڪي جو مثال سرعام ڏيڻ ڪافي آهي ٻئي طرف فضل الله پيچوهو کي اها خبر نه آهي ته استاد ڪڏهن نوڪري دوران نه گهر ٺاهي سگهي ٿو نه ئي ڪار وٺي سگهي ٿو اهي ٻئي شيون تڏهن ڪري سگهي ٿو جڏهن رٽائرمينٽ ڪري يا ائڊوانس پگهارون ڪڍرائي ۽مني پگهار کنندو رهي ٿو. سنڌ حڪومت کي اها خبر نه آهي ته رونيوعملدار تپيدار کان وٺي مختيارڪار تائين غريب عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن جيڪڏهن ڪو ماڻهو زمين وڪڻي ٿو سيل سرٽيفڪيٽ وٺڻ لاءِ 25000هزار في مقرر ڪئي وئي آهي وري ساڳيو سرٽيفڪيٽ رجسٽرار کان مختيارڪار۽ ايس، ڊي ايم وٽ ويري فاءِ لاءِ اچي ٿو ته ان جا ٻيهر 2500 وٺن ٿا . تپيدار جڏهن مقرر ٿي حد م اچي ٿو ته پهريان موٽرسائيڪل تي ايندو آهي ۽ هڪ سال اندر زيرو ميٽر ڪار وٺي ٿو ۽ گھر بنگلا ۽ لکين روپيا بئنڪ بيلنس ٿي ويندا اٿس. ٻئي طرف ڏٺو وڃي ته ڪنهن مسڪين سان ڪو وڙهي ٿو رتورت ٿي ٿاڻي تي اچي ٿو ته سڀ کان پهريان ان کان هزارين روپيا وٺي ايف ،آءِ، آر پوءَ داخل ڪئي وڃي ٿي ڀلي اهو ڪيترو به سيريس هجي (ايس ،ايڇ،او )کي ٽڪي جو رحم به نه ايندو آهي ۽ جيڪڏهن لاش روڊ تي ڇو نه پيو هجي مائٽ دانهون ڪندا رهندا پر وري به پوليس هزارين رپيه رشوت وٺي پوءِ لاش وارثن حوالي ڪندي آهي جيڪڏهن ڪو گھڻا پيسا نه ڏيندو آهي ته ان مسڪين جو لاش ئي لڙهي ويندو آهي .ٻئي طرف ڏٺو هوندو ته سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽر رهن ئي ڪونه جيڪڏهن ڪنهن غريب هارين مزدورن جي گھر م ڊليوري ڪيس اچي ٿو ته ڊاڪٽرياڻي پنهنجي پرائيويٽ ڪلينڪ جو ڏس ڏئي ٿي ۽ اتي گهٽ گھٽ 30000هزار وٺي ٿي ۽ ڪومريض مرض ۾ مبتلا آهي ته ڊاڪٽر ان کي ٽيستون لکي ڏيندا آهن ۽ چوندا آهن ته ٻاهران ڪرائي اچو ۽ انهن ليباٽرين جو ڏس ڏيندا جيڪي سندن هونديون آهن ۽غريب ويچارا هزارين رپيه ڀري ٽيسٽيون ڪرائي اچن ٿا ۽ساڳيا ڊاڪٽر پرائيويٽ ڪلينڪ تي ڪاسائين وانگر ڪهي هزارين رپيه وٺن ٿا ۽ڪڏهن به سرڪاري اسپتال ۾ سهي ڊيوٽي نه ٿا ڪن هن طرف سنڌ حڪومت ڇو خاموس آهي ميڊيا ڇو خاموش آهي . ايريگيشن طرف ڏٺو وڃي ته اربن جي بجيٽ آهي سالياني کاٽي تي صرف /5 پنج فيصد به ڪم نه ٿو ڪيو وڃي ۽باقي /95 سيڪڙو مڪمل هڙپ ڪيا وڃن ٿا جن ۾ وزير انجنئير ٺيڪيدار ڀاڳي ڀائيوار آهن ۽آخر ۾ وزير اعليٰ تائين پهچي ٿو هاءِويز کاتو ڏٺو وڃي جتان سڀ آفيسر روڊ سان ڪراس ڪندا آهن هڪ سال اندر100 جاي تان پٿر اکڙن ٿا وري مرمت لاءِ ڪروڙن جا ٽيندر ٿين ٿا ۽ ٻيهر رقم ٺيڪيندار کان وزير کان ٿيندي وزير اعليٰ تائين پهچي ٿي . وري ٻئي پاسي اصل حقيقت ٻڌايان جنهن ۾ مان پاڻ متاثر آهيان غلط ميرٽ تعليم کاتي ۾ جيڪو مون کي نظرانداز ڪري ٻين کان پنج کان ست لک رشوت وٺي انهن کي آرڊر ڏنا ويا مان اينٽي ڪرپشن بار بار وڃي ٿڪجي پيو آهيان رڳو بيان مٿان بيان وٺي روليندا رهن ٿا ۽ جعلي رڪارڊ نه ٿا کڻي سگھن اتي اهي به پيسا وٺي خاموش ٿي وڃن ٿا ۽ ڪنهن سرڪاري اداري ۾ ڪوبه فريادي نه هوندو آهي ته اتي پاڻ فرياد داخل ڪري پاڻ پهچي ويندا آهن . هن وقت هر کاتي ۾ سن ڪوٽا مقرر آهي صرف تعليم کاتي استادن جي اولاد کي نظر انداز ڪيو ويو استادن جو ڪنهن سياست سان واسطو به نه هوندو آهي گھٽ۾گھٽ ٻچن کي روزگار ڏنو وڃي. مان فضل الله پيچوهو کان اهو پڇڻ ٿو چاهيان ته توهان ڪنهن استاد وٽ پڙهيا آهيو يا ڪنهن ڪوٽوار تپيدار يا مختيار ڪار وٽ جيڪڏهن ڪنهن استاد وٽ پڙهيا آهيو ته پوءِ اوهان جي دل ۾ استاد جو ادب احترام ڇو نه آهي جو استاد ويچارا روڊن رستن تي اوهان خلاف ٿي پيا آهن ۽ اوهان تپيدار مختيار ڪارن جي حمايت ڪري رهيا آهيو جيڪي سر عام ڪرپشن ڪندڙ آهن ان طرف تو جه ڏيو. سنڌ ۾ لکين استاد آهن ۽ انهن جون لکين فيمليون آهن جن جا ڪروڙين وونٽ آهن اهي وونٽ شهيد بينظير جي ناءُ تي قربان ٿيا جو حڪومت هلي رهي آ هي ۽ اوهان سيڪريٽري تعليم آهيو۽اوهان انهن جي دل آزاري ڪري رهيا آهيوجن شهيد بينظير جو نالو روشن ڪيو ۽ اهي ساڳيا استاد شهيد راڻي جي مزار تي دانهي رهيا آهن ۽ شهيد بينظير جو روح زنده آهي اها عوام تان قربان ٿي آهي اوهان کي ان جو احساس نه ٿيو ٿيڻ ائين کپندو هيو جو ان ئي وقت اوهان اعلان ڪري پنهنجو غلط نوٽيفڪيشن واپس وٺو ها ته شهيد راڻي جي روح کي سڪون پهچي ها هيءَ ڳا له سمجه کان ٻاهرآهي ته هڪ 17 گريڊ جو 19 گريڊ جي مٿان حڪمراني ڪري جيڪڏهن اوهان شهيد جي روح کي وڌيڪ سڪون ڏئي استادن جي دلين کي راضي ڪريو جيڪڏهن اوهان کي طاقت آزمائڻي آهي ته ڌاڙيلن سان منهن ڏيو سرڪاري اسپتالون آباد ڪريو پرائيويٽ ڪلينڪون بند ڪرايو تپيدارن ۽ مختيار ڪارن جون رشوتون بند ڪرايو ته بهتر ٿيندو . مان صلاح ڏيان ٿو ته توهان سيڪريٽري هليٿ ۽ بلديات سيڪريٽري ٿي وڃو جتي هر ڪروڙين رپيه هڙپ ٿيو وڃن رڳو غريب استادن تي مارو مار ڪيو ويٺا آهيو استاد ويچارو مسڪين آهي ان وٽان اوهان کي ڇا ملندو بس رحم ڪريو جن شهيدن جي روبرو اوهان خلاف دانهن ڏني جتي ڪربلا جيان شهيد ن جو شهر آهي جتي شهيد ذالفقار علي ڀٽوآهي جتي شهيد مير مرتضٰي ڀٽو شهيد شاهنواز ڀٽو جتي مادر ملت نصرت ڀٽو آهي .سڀني جي سامهون استاد برادري دانهي ٿي آهي . پر افسوس جو شهيدن جي نالي صدر وزير ۽ وزيراعلٰي وزيراعظم ٿيندڙ جي دل ۾ به رحم نه آيو جو اهي کڻي ٻڙڪ ڪڇن سيڪريٽري جي غلط عمل کي روڪين . هاڻي ته عمران کان جي تازي ٿيل لاڙڪاڻي واري تقرير سچ ثابت ٿي رهي آهي ته هتي صرف ڪمائڻ لاءِ شهيدن جا نارا لڳي رهيا آهن احساس نه آهي ائين نه ٿئي جو عوام پنهنجي حق حاصل ڪرڻ لاءِ عمران خان کي ڌرڻي جي دعوت ڏين نه استادن جو قدر ڪندي مطالبا منظور ڪيا وڃن ۽ آصف علي زرداري شريڪ چئرمين بلاول ڀٽو ميڊم فريال ٽالپر ڊاڪٽر ميڊم عذرا پيچوهو کي به هن طرف توجھ ڏيڻ کپي ۽ تعليم بڇائڻ خاطر استادن سان ڳالهايو وڃي .50 کاتن مان هڪ تعليم کاتي تي رحم ڪري معصوم ٻچن جي تعليم جاري رکي وڃي . (نوٽ: ليکڪ جي راءِ سان اداري جو متفق هجڻ لازمي ناهي)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو