جُمهوري بَدحُڪمراني عرف آمِريتَ جو ٻِجُ
پاڪستان ۾ سياسي ۽ سماجي نظامن جي حوالي سان آهستي آهستي ٻه رايا ۽ ٻه رويا ملڪ جي عوام ۾ پاڙون هڻي رهيا آهن، جيڪي ڪنهن به حوالي سان ملڪ جي جمهوري سرشتي لاءِ ڪا مناسب ڳالهه ناهن ۽ اهي ڪنهن ”اسم اعظم“ وسيلي نه پر هتي جي موجود سماجي ۽ انتظامي مشينري جي ڪري پيدا ٿي رهيا آهن. انهن روبوٽي مشينن کي وري اها اهليت مليل آهي ته اهي ڪهڙي به وقت تي، ڪنهن به صوبي ۾، ڪنهن به ڳالهه، ڪنهن به نظرئي، ڪنهن به ليڊر ۽ ڪنهن سماجي ۽ اقتصادي نظام جي باري ۾ رات پيٽ ۾ اهڙي صورتحال پيدا ڪري سگهن ٿيون جو ماڻهو سج اُڀرڻ سان ئي ”نئين پيدا ٿيل صورتحال“ وٽ گروي ٿي پاڻ ئي ان نئين وياج ڀرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو جيڪو قرض هنن کنيو ئي ڪونه هيو
لاهور جو تازو واقعو ان جو هڪڙو مثال آهي. نون ڄڻن ڪارڪن مرد ۽ عورتن جي مارجڻ سان ڏسندي ڏسندي سڄي ملڪ ۾ اهي تصور سامهون اچڻ شروع ٿيا ته ”سرڪار پنهنجي مُدي کان اڳ ئي هلي ويندي“ ان تاثر سان گڏ ٻه اهم ڳالهيون پڻ سامهون آيون جنهن ۾ ان واقعي جي ايف آءِ آر علامه طاهر القادري جي فرزند تي داخل ڪئي وئي جڏهن ته پوليس هڪ سادن ڪپڙن پهريل بي لغام شخص “گلو بٽ” جي اڳواڻي ۾ لاهور واقعي سان منهن ڏيندي نظر آئي
قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي سربراهه سيد خورشيد احمد شاهه ڪالهه تقرير ڪندي چيو آهي ته ”هاڻوڪي جمهوري دور ۾ ”گُلو بٽ“ جهڙن جي صلاحڪاري جي ڪري جمهوريت جو نالو خراب ٿي رهيو آهي، اسان هن سرڪار جي ان ڪري مدد ڪري رهيا آهيون جيئن جمهوريت کي ڪير به پٽڙي تان لاهي نه سگهي“ پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو ته پنجاب سرڪار جي عدالتي ڪميشن ٺهڻ کان اڳ ئي تڪراري بڻجي وڃڻ ڪري ان کي سپريم ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل اڻ ڌري ڪميشن هٿان جاچ ڪرائڻ گهرجي. بچاءَ ۽ پيداوار جي مملڪتي وزير نواز ليگ جي رانا تنوير حسين چيو ته ملڪ جي سمورين سياسي قوتن کي ڳُجهن هٿن کي وائکو ڪرڻ لاءِ سهمتي رويو ڪتب آڻڻ گهرجي
ملڪ جي اندر هڪ پاسي اترين علائقن ۾ فوجي آپريشن سبب فوج رڌل آهي، ان جو روزانو ڪيترو نقصان ٿيندو هوندو ان کان لاعلمي حڪمتي پاسو به ٿي سگهي ٿو پر آپريشن ۾ جيڪي ڪجهه نتيجا نڪرن ٿا يا نڪري رهيا آهن يا نڪرندا ان جي باري ۾ به پاڪستان جي عوام کي سوچڻو آهي ته ساڳئي وقت ملڪ جي جمهوري سرشتي جي بچاءَ لاءِ ڪوششون ۽ حفاظت پڻ سياست ۽ سياسي پارٽين کي ڪرڻي آهي
پنجاب جي سرڪار پاران ٻه ڏينهن اڳ منهاج القران جي دفتر تي ٿيل خوني واقعي تي سنجيدگي بدران جيڪي عملي قدم ۽ اُپاءَ ورتا ويا آهن تنهن مان اها ڳالهه سامهون صاف ٿي بيٺي آهي ته ڊاڪٽر قادري جي فرزند مٿان قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو مطلب موجود باهه کي وڌيڪ ڀڙڪائڻ آهي، ڄڻ ته، هڪ اهڙو اسڪرپٽ آهي جنهن تي عمل به ٿي رهيو آهي ۽ ان کان لاعلمي جو اظهار به ٿي رهيو آهي. پر جمهوري سرشتو انهن روين جي يڪسر ابتڙ آهي
ڪنهن به سرڪار کان، خاص ڪري پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جمهوري سرڪار کان ڪي به غلطيون ٿي سگهن ٿيون. حڪمرانن کان اها ڳالهه وسري وڃي ٿي ته ان جمهوري سرشتي جي خاتمي جي تاڙ هر وقت موجود رهي ٿي، تنهنڪري جمهوريت جي ڪچي صلي هجڻ سبب وڌيڪ غلطين جي نه جاءِ موجود هوندي آهي ۽ نه گهنجائش، پر هتي هڪ وڏي واقعي کان پوءِ وري وري غلطيون ڪرڻ مان اها ڳالهه صاف ٿي پئي ٿي ته ”جمهوريت“ بهتر نظام سهي پر ان ۾ موجود ”بدحڪمراني“ ان جي ڄمار ۽ زندگي جي سمورن سلسلن کي مختصر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي ٿي. جيئن پنجاب جي گادي لاهور ۾ سڄي ملڪ محسوس ڪيو آهي
بهتر حڪمراني ۽ بد حڪمراني اصل ۾ جمهوريت ۽ آمريت لاءِ ڪتب ايندڙ اصطلاح آهن. سڄي دنيا جي عوام وانگر پاڪستان جي عوام ڪڏهن به آمريت کي نه پنهنجو ڪيو آهي، نه پنهنجو سمجهيو آهي، نه ان مان اميد رکي آهي ۽ نه ئي ان مان ڪي حجتون رکيون آهن. عوام پهرئين ڏينهن کي آمريت کي ”بدحڪمراني“ جي فارمولا سان ڀيٽيندي ان جي پئي مخالفت ڪئي آهي. ان جي ابتڙ جمهوريت ڪچي پڪي، ننڍي وڏي، نرم گرم ئي سهي ان سان انگل به ڪيا آهن ۽ ان مان پنهنجون حجتون به پوريون ڪيون آهن. عوام انهن جمهوري سرشتي سان سلهاڙيل ڪمزور ۽مضبوط ماڻهن مان اميدون پئي رکيون آهن، جنهن ڪري سماج انتقام بدران انتظام ڏانهن سفر ڪري ٿو، گڏپ جو تاثر وڌي ٿو ۽ جمهوريت جي ڏيئي کي وڌيڪ روشن ڪرڻ ۽ ان ۾ پائيداري پيدا ڪرڻ جو شوق پيدا ٿئي ٿو
دنيا ۾ جيڪي جمهوريتون آهن اهي ٻيون آهن. پاڪستان ۾ جيڪا جمهوريت آهي سا هڪ مفلوج، محتاج ۽ آمريتي بدحڪمراني جي گهوڙين تي بيٺل جمهوريت آهي. ان ڪري اسان جي ملڪ ۾ جمهوريت هوندي به بدحڪمراني موجود رهي ٿي، نواز شريف هوندي به ”گُلو بٽ“ موجود رهي ٿو. عوام جي روين کي تبديل ڪرڻ واريون نگاهون نواز شريف بدران گلو بٽ تي پون ٿيون. پاڪستان ۾ جمهوريت تڏهن مضبوط ٿيندي جڏهن اسان “گُلو بٽ“ جي هجڻ ۽ ان جي بي لغام ٿيڻ جو امڪان ئي ختم ڪنداسين. جمهوريت بهتر حڪمراني واري سرڪار آهي ۽ آمريت بدحڪمراني واري سرڪار هوندي آهي. ان ڪري اڄ جون حڪومتون اها ڳالهه ياد رکي ڇڏين ته سندن بدحڪمرانيون اصل ۾ آمريت جي اجهاڻيل ڏيئي جو تيل ثابت ٿي رهيون آهن. ان کان بچڻ جي گهرج آهي
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو