Wednesday, 26 November 2014

ايڊيٽوريل



امير سنڌ جي غريب بجيٽ


بجيٽ کي بظاهر ته مالياتي معاملن کي درست رخ ۾ طئي ڪرڻ ۽ هلائڻ واري رٿابنديءَ جو نالو ڏبو آهي. بجيٽ کانسواءِ ظاهر آهي ته ملڪي وفاقي توڙي صوبائي نظام جو هلڻ ناهي هوندو. سو بجيٽ بظاهر هڪ نج انتطامي مالي منصوبا بندي ۽ فنڊن جي خرچ، حساب ڪتاب ۽ چڪاس جو معاملو هجي ٿو پر حڪومتن وزارتن ۽ ملڪي ادارن کانسواءِ بجيٽ ۾ جيئن ته عوام لاءِ سڌي يا اڻ سڌي نموني فنڊ رکيا ويندا آهن. سرڪاري ملازمن جي پگهار، پينشن عوام جي تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ، زراعت، ثقافت، ترقياتي رٿائن ۽ عام شين جا اگهه مقرر ٿيندا آهن، تنهن ڪري بجيٽ مان عوام کي ڪنهن ريت به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي
بجيٽ ۽ بجيٽ ۾ ظاهر ڪيل کوٽ مان مجموعي طور تي ملڪ ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي توڙي حڪومتن جي مالي پاليسيءَ جو به پتو پئجي سگهندو آهي
وڏن وڏن ملڪن ۾ رڳو حڪومتون ئي بجيٽ پيش ناهن ڪنديون پر اتان جون مخالف پارلياماني پارٽيون ۽ پارليامينٽ کان ٻاهر موجود پارٽيون به پنهنجون پنهنجون بجيٽون پيش ڪنديون آهن. اسان وٽ ايم ڪيو ايم ڪجهه سالن کان پنهنجي بجيٽ ٺاهڻ شروع ڪئي آهي. جيڪا انتهائي مثبت ڳالهه آهي
اسانجو خيال آهي ته بجيٽ ڏانهن سياسي پارٽين ۽ عوام جي جيڪا سنجيدگي ۽ دلچسپي هئڻ گهرجي سا جڙي ناهي سگهي يا ايئن به چئي سگهجي ٿو ته جيئن ته پنهنجي ملڪ اندر جمهوريت ئي پنهنجي حقيقي روح ۾ لاڳو نه ٿي سگهي آهي تنهن ڪري ئي بجيٽ پاڻ ڏانهن اها سنجيدگي ۽ ڌيان وٺرائي نه سگهي آهي جيڪا ان کي ملڻ گهرجي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته وفاقي يا صوبائي بجيٽ پيش ٿيڻ کان اڳ اپوزيشن پارٽيون به پنهنجي پنهنجي بجيٽ ٺاهن ها ۽ اها حڪومتي بجيٽ کان اڳ نه رڳو پارليامينٽ ۾ پيش ڪجي ها پر انهيءَ تي بحث ٿئي ها ۽ انهيءَ بحث جي روشنيءَ ۾ وقت جي حڪومت پنهنجي بجيٽ ٺاهي ها. انهيءَ عمل سان عوام ۽ ميڊيا آڏو به بجيٽ جو هڪ خاڪو ٺهي ها ۽ ان روشنيءَ ۾ پوءِ اهي به بجيٽ تي واضح هجن ها. ايئن ميڊيا کي به پرو بجيٽ هڪڙا پروگرام ڪرڻ گهرجن ها ۽ معاشي ماهرن کي ويهاري مختلف شعبن ۽ کاتن لاءِ فنڊ مختص ڪرائڻ تي زور ڀرين ها. مثال طور اهو بحث هلي ها ته تعليم، صحت، ترقياتي منصوبن ٽرانسپورٽ ۽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن لاءِ ڪيترا پئسا رکيا وڃن. انهيءَ بحث مباحثي ۾ ممڪن آهي ته ڪي نيون ڳالهيون نيون تجويزون به آڏو اچن ها جيڪي حڪومت لاءِ اصلاحي ثابت ٿين ها. مطلب ته بجيٽ ۾ هر مڪتبه فڪر کي شامل هئڻ گهرجي.عام ماڻهوءَ کان به بجيٽ کانپوءِ ۽ اڳ راءِ وٺڻ گهرجي ته اهو ڪهڙي ٿو بجيٽ چاهي. اهو ڪم اصولي طور تي حڪومتن کي ڪرڻ گهرجي ۽ حڪومت کي پاڻ ٻين پارٽين ۽ عوام کان تجويزن وٺڻ گهرجن ۽ ان روشنيءَ ۾ پنهنجي بجيٽ ٺاهڻ گهرجي
ڪاش ايئن بجيٽ ٺاهڻ جو رواج پئي ۽ ڪاش ايئن بجيٽ کان اڳ سياسي پارٽيون ۽ عوام پاڻمرادو بجيٽ ٺاهڻ لڳن. جڏهن اهڙو ماحول ٺهندو ته پوءِ غير سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ به پنهنجو ڪيس تجويز طور رکي سگهن ٿا ۽ پڇي سگهن ٿا ته ڀلا ايئن ڇو آهي ته رڳو سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌن ٿيون؟ ڇا نجي ادارن ۾ ڪم ڪندڙن جون پگهارون وڌائڻ لاءِ وقت جي حڪومت ڪجهه نٿي ڪري سگهي
بجيٽ کان اڳ جيڪڏهن بحث ٿئي ها ۽ ان ۾ اها به تجويز رکجي ها ته سرڪاري ملازمن جون پگهارون ڪيترو سيڪڙو وڌڻ گهرجن يا ڪهڙي طبقي کي وڌيڪ رليف ڏيڻ ۽ ڪهڙين شين مٿان ٽيڪس وڌيڪ يا گهٽ رکڻ جي گهر آهي. عام طور ڏٺو ويو آهي ته پنهنجي ملڪ اندر اپر ڪلاس ٽيڪس کان لاپرواھ ۽ آجو هوندو آهي، جڏهن ته عام ماڻهو ان جي ڀيٽ ۾ اڻ سڌي طرح ئي سهي پر تمام گهڻو ٽيڪس ادا ڪندو آهي. عام ماڻهو جيڪي شيون خريد ڪندو آهي تنهن تي جيڪي ٽيڪس لڳل هوندا آهن سي خريدار جي صورت ۾ هو هر قيمت تي ادا ڪندو آهي
جڏهن ته اهي ئي شيون جيڪڏهن ڪو امير ماڻهو خريد ڪندو ته ان لاءِ اهي ٽيڪس نه جي برابر هوندا ۽ وڏين شين مٿان نه هو ٽيڪس ادا ڪري ٿو ۽ نه ئي حڪومتون انهن تي ٽيڪس لاڳو ڪن ٿيون
سو عام طور تي اهو تاثر هوندو آهي ته بجيٽن ۾ عوام کي غربت ۽ ظلم جي جنڊ ۾ پيسيو وڃي ٿو. پنهنجون ملڪي بجيٽون غريب عوام لاءِ آزار ۽ امير طبقي لاءِ عياشي هجن ٿيون. بجيٽ جيئن ته سرمائيدار ۽ امير طبقو ٺاهيندو آهي ان ڪري اهو غريب عوام بدران سرمائيدار طبقي آڏو جوابده هوندو آهي ۽ ان جي مفادن کي آڏو رکي بجيٽ ٺاهيندو آهي. تنهن ڪري ان ۾ امير طبقي کي رليف هوندو آهي
اهو ئي سبب آهي جو اسانجين بجيٽن مان عوام جي دلچسپي گهٽجندي ٿي وڃي ۽ اهو ويڳاڻپ ۽ لاتعلقي جو شڪار ٿيندو پيو وڃي. جنهن سبب حڪومتون بجيٽون ٺاهڻ ۾ خودمختيار ۽ عوام کان لاپرواھ ٿينديون پيون وڃن
ٿيڻ ائين گهرجي ته عوام ۽ عوام جون نمائنده پارٽيون بجيٽ ۾ دلچسپي وٺن، ان کان لاتعلقي جواظهار نه ڪن ۽ اهو تاثر نه ڏين ته ڪو بجيٽ نج حڪومتي ۽ مالي انتظامي معاملو آهي پر اهو تاثر ڏيڻ گهرجي ته هي اسانجيون بجيٽون آهن، اسان لاءِ آهن ۽ اسان کي ئي ٺاهڻيون آهن. اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته بجيٽ ٺاهيندڙن کي اسان ئي ووٽ ڏئي ان پوزيشن تي آندو آهي ته اهي بجيٽون ٺاهن ۽ نه رڳو ٺاهن پر اسانجي معاشي نبض تي هٿ رکي بجيٽ ٺاهن جيڪا اسانجي ئي ترجمان هجي ۽ اسانجن مفادن کي ئي پورو ڪري ۽ اسان کي ئي رليف ڏئي. جيستائين ان روح ۽ جذبي سان بجيٽ کي نه ڏسنداسين ۽ پاڻ کي ان ۾ شامل نه ڪنداسين، ان جو حصو نه بڻجنداسين تيستائين بجيٽ ۾ اسانکي ڪو رليف نه ملي سگهندو
انهيءَ احساس وچان جيڪڏهن اسان سنڌ جي بجيٽ کي ڏسنداسين ته اسانکي احساس ٿيندو ته سنڌ جيڪا معدني حساب سان انتهائي شاهوڪار آهي ۽ جيڪا ملڪي ڪمائي ۾ 70 سيڪڙو حصو ڏئي ٿي، تنهن جي غريب بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي ۽ 14 ارب رپين کان مٿي جي کوٽ واري بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي؟ اها بجيٽ ٻڌائي ٿي ته سنڌ جي معدني وسيلن تي سنڌ جو حق ناهي. يعني سنڌ جي دولت سنڌ مٿان خرچ نٿي ٿئي. هيءُ صوبو ڪمائي ملڪ جي ٻين صوبن کي پالي رهيو آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته سنڌ جا معدني وسيلا جيڪڏهن سنڌ تي خرچ ڪيا وڃن ته سنڌ ڪنهن ريت به دبئي کان گهٽ ناهي، سو دبئي جهڙي ۽ سراپا سون سنڌ جي بجيٽ ايڏي غريب ڇو آهي؟ شاهوڪار سنڌ جي عوام غريب ڇو آهي؟ ايئن ڇو آهي ته بجيٽون امير طبقي کي رليف ڏين ٿيون، امير کي امير تر ۽ غريب کي غريب تر بڻائن ٿيون. ايئن ڇو آهي ته غريبن لاءِ گهليل مهانگائي جو طوفان ختم ٿيڻ جو ڪو نانءُ ئي نٿو وٺي.انهيءَ ڪري جو امير طبقو ۽ سرمائيدار ٽيڪسن کان آجا آهن. مٿن گهٽ ۾ گهٽ ۽ عوام مٿان ٻارهوئي ٽيڪس آهن
اڳي سال ۾ صرف هڪ ڀيرو بجيٽ پيش ٿيندي هئي پر هاڻي هر ڏينهن بجيٽ جو ڏينهن آهي. پيٽروليم ۽ گيس جي اگهن وڌڻ جي معني ئي مهانگائي آهي. جڏهن تيل ۽ گيس جا اگهه وڌن ٿا ته ان جو اثر اڻ سڌي نموني هر شئي تي پوي ٿو ۽ پوءِ هر شئي مهانگي ٿي وڃي. مخالف ڌر، عوام ۽ ميڊيا جي عتاب کان بچڻ لاءِ بظاهر ڀلي ”ٽيڪس فري بجيٽ“ ٺاهڻ جي جادوگري ڪجي پر جڏهن ڪابه بجيٽ خسارو ڏيکاري ته ان جي معني ئي اها آهي ته ٽيڪس ذريعي کوٽ ختم ڪجي ۽ اهو وسارڻ نه گهرجي ته ان جو نزلو عوام تي ئي ڪرڻو آهي

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو