Thursday, 27 November 2014

علي قاضي

                           ديسيءَ  جا دڪان بند
          پر ”ولايتي“ جون واٽون کُليل
            ڇنڇر 3 جنوري 1998ع

آئيي هاٿ اٺائين هم ڀي
هم جنهين رسم دعا ياد نهين!

ايم پي اي غفور نظاماڻي ۽ ڪجهه ٻين ميمبرن کانسواءِ اسيمبليءَ جي باقي ميمبر صاحبن فيض احمد فيض جو مٿيون شعر ان وقت دل ئي دل ۾ ضرور پڙهيو هوندو جڏهن انهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ ۾ شراب جي گتن تي پابندي لڳائڻ واريءَ رٿ جي حمايت لاءِ ”آئيز“ (ايوان اندر رٿ جي  منظوري وارو لفظ) چيو هوندو، ڇاڪاڻ ته شراب بابت اتي موجود اڪثر صاحبن جي اصل راءِ سندن شام جو ٿيندڙ ڪچهرين ۾ ئي نظر اچي ٿي، سندن ذاتي راءِ بهرحال ڇا به کڻي هجي پر انهن ايوان اندر آن دي رڪارڊ گهٽ ۾ گهٽ اها راءِ ظاهر ڪئي آهي ته شراب جا گتا بند ٿيڻ گهرجن، جيڪا راءِ اهل  ايمان لاءِ يقينن اطمينان جوڳي هوندي پر جيڪڏهن پڙهندڙن  جي ذهن ۾ اهو سوال آهي ته (سندن معلومات موجب) ڪجهه معزز ميمبر پاڻ به ته ڳاڙهو پاڻي ”واپرائن“ ٿا ته پوءِ انهن پاڻ ڇو اهڙيءَ رٿ جي حمايت ڪئي ته جواب ڏاڍو سولو آهي جيڪڏهن توهان اتفاق راءِ سان منظورٿيل ان رٿ جا لفظ پڙهندا ته توهان تي اها ڳالهه آشڪار ٿيندي ته پوري هوش ۽ حواس ۾ منظور ٿيندڙ ان رٿ ۾ ڪٿي به شراب واپرائڻ تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ناهي ٿيل پر صرف شراب جي گتن کي بند ڪرڻ جو مطالبو ٿيل آهي پر جيڪڏهن وري توهان اهو سوال ٿا ڪريو ته جڏهن گتائي بند هوندا ته شراب ملندو ئي ڪونه ۽ جڏهن شراب ملندو ئي ڪونه ته موالي پيئندا ڪيئن؟ ته ان سوال جي جواب ۾اهو عرض آهي ته جن گتن کي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي اتي ته رڳو پاڪستاني برانڊ جو شراب ملي ٿو ۽ اسان جا صاحب لوڪ جڏهن ديسي سگريٽ به ناهن ڇڪيندا ته اهي ديسي شراب ڇو استعمال ڪندا، اهي ته مرزا غالب وانگر اوڌر تي به  ولايتي ئي واپرائيندا آهن ۽ ولايتي انهن گتن تان ناهي ملندو جن کي بند ڪرڻ جو مطالبو اسان جي معزز ايوان جي معزز ميمبر صاحبن ڪيو آهي، سو گهٽ ۾ گهٽ غفور  نظاماڻي کي اها صلاح ڏئي سگهجي ٿي ته ان رٿ ۾ ترميم پيش ڪري ته سرڪاري طرح کليل گتا جن تي مري يا ڪوئيٽا جو شراب وڪامي ٿو تن کي بند ڪرڻ سان گڏوگڏ غير سرڪاري  طرح ولايتي برانڊ جي شراب وڪرو ڪندڙ گتن کي به بند ڪرايو وڃي، غفور نظاماڻي جيڪڏهن اهڙي رٿ پيش ڪئي ته هو پاڻ يا عبدالخالق سومري جهڙن ڪجهه صوفين کي ڇڏي  ڪري ڏسون ته ٻيا ڪيترا صاحب ان رٿ جي حمايت ۾”آئيز“ (ها) ڪن ٿا؟. جڏهن اقليتي ايم پي ايم سليم کوکر رمضان جي مهيني ۾ گتا بند ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي ته مهرومل جڳواڻي وزنائتو نقطو اٿاريو جنهن ذريعي هن ٽيڪنيڪي انداز ۾ ان رٿ جي مخالفت به ڪئي سندس چوڻ هو ته رمضان ۾ گتا بند ڪرڻ سان ڇا اهو تاثر نه اڀرندو ته شراب جيئن رڳو مسلمان ئي واپرائيندا آهن، تنهن ڪري صرف رمضان ۾ گتا بند ڪيا پيا وڃن؟ پر مهرو مل جو اهو عقلي دليل ان وقت سندس پنهنجي ڪاروبار جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو جڏهن ايم  ڪيو ايم جي ميمبر اٿي چيو ته واقعي گتا هميشه لاءِ بند ڪيا وڃن ۽ مهرو مل ويچارو هڪ مهيني جي نقصان بچائڻ جي چڪر ۾ مرڳو تهائين وڏي ڏچي ۾ پئجي ويو پر بهرحال کيس شاباس هجي جو ڪاروباري ماڻهو هجڻ جي باوجود ڏسندي وائسندي ان گهاٽي جي سودي تي اف به نه ڪيائين ۽ اقليتي ايم پي ايز اتفاق راءِ سان اها قرارداد پاس ٿيڻ ڏني ته گتا بند ٿيڻ گهرجن، شايد اهي دل ۾ چوندا هوندا ته ”چوڻ ۾ ڇا وڃي ٿو، ڪهڙو چوڻ سان گتا بند ٿي ويندا“ پر وري به جس هجين جو پاڻ ويهي ٻين لفظن ۾ مطالبو ڪيو اٿن ته ”اسان جو ڪاروبار بند ڪريو“.
اها ڳالهه هر ڪو ڄاڻي ٿو ته انهن گتن تي اقليتي ماڻهن جي پرمٽ جي حساب سان شراب ايندو آهي ۽ اصولي طور انهن اقليتن کي ئي پرمٽ تي شراب ملڻ گهرجي پر حقيقتون ان جي ابتڙ آهن. ان ڏس ۾ هڪ اخباري سروي جو حوالو ڏئي سگهجي ٿو، جنهن موجب جيڪڏهن انهن گتن تان وڪرو ٿيندڙ شراب رڳو غير مسلم ئي وٺن ۽ واپرائين ٿا ته جيتريون بوتلون انهن گتن تان وڪامن ٿيون ان حساب سان ته اقليتي ماڻهن کي 24 ئي ڪلاڪ نشي ۾ رهڻ گهرجي پر ظاهر آهي ته ائين ڪو نه ٿو ٿئي ته پوءِ اهو نتيجو فطري طور پاڻمرادو نڪري اچي ٿو ته گتن تان مال وٺندڙ گراهڪ رڳو غير مسلم ئي ناهن ان پس منظر ۾ اڄ جڏهن سڄي سنڌ ۾ رهندڙ ڪيترن ئي موالين يا شوقينن يا عادتين اسيمبليءَ ۾ منظور ٿيل  اها خبر پڙهي هوندي ته  انهن جي ڊوڙ گتن ڏانهن هوندي ته جيئن هو پنهنجو اسٽاڪ گتا بند ٿيڻ کان اڳ ئي وٺي ڇڏين ۽ گتن ڏانهن ڊوڙندي انهن کي پنهنجي پنهنجي تڪ جي ميمبر صاحب جي شڪل به اکين آڏو آئي هوندي ۽ ان بابت نيڪ ڪلمات به سندن زبانن تي هوندا. هن مرحلي تي هڪ  لطيفو ياد اچي ٿو جيڪو ڊاڪٽر آڪاش انصاري ٻڌايو هو ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي مرحوم خلاف پي اين اي عرف قومي اتحاد وارا تحريڪ هلائي رهيا هئا ته ڀٽي صاحب نيٺ ملڪ ۾ شراب ۽ ٻئي نشي جي وڪري تي پابندي لڳائي ڇڏي، ڪو موالي جيڪو گولاڙچي واري پاسي جو رهندڙ هو ۽ جنهن جو ان سڄي ملڪي صورتحال سان ڪو واسطو به ڪو نه هو، تنهن کي جڏهن حڪومتي سختي سبب شام جو افيم جو وزن نه مليو ته ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙ ان موالي جو سادگي وچان پنجابي ۾ چيو ته ”اسان تي نا ڪوئي نعرا لايا ته نا ئي ڪوئي جلوس ڪڍيا ساڍي افيم ڀٽو صاحب ڪيس واسطي بند ڪرائي ڇوڙي هي“ ساڳيءَ ريت گتن ڏانهن ويندي موالي به شايد اهو سوچيندا هجن ته اسان ته ميمبر صاحب کي ووٽ به ڏنو، سندس حق ۾ نعرا به هنيا پر پوءِ به اسان جو شراب ڪهڙي کاتي ۾ بند ڪيو ويو آهي.
مئه سي غرض نشاط هي ڪس روسياهه ڪو؟
اک گو نه بي خودي مجهي دن رات چاهئي.
مرزا غالب ان شعر ۾ چئي ٿو ته ”مئه“ يا شراب پيئڻ جو ڪهڙي ڪاري منهن واري کي شوق آهي، کيس ته رڳو ڏينهن رات لاڳيتي بي خودي کپي ٿي، ڏينهن رات اها لاڳيتي بي خودي رڳو شراب وسيلي ئي ممڪن آهي، تنهن ڪري  مرزا غالب وڏي اٽڪل سٽڪل سان ان جي حق ۾ دليل ڏنو آهي، اسان وارا ولايتي واپرائيندڙ صاحب لوڪ لڳي ٿو ته مسلسل ”بي خودي“ جي عالم ۾ رهڻ لڳا آهن، جو  هاڻ هو اهو سوچڻ ۽ سمجهڻ کان قاصر آهن ته هو چون ڇا پيا ۽ ڪن ڇا پيا، کين اهو به نه ٿو سجهي ته ماڻهو کين ڏسن پيا، ماڻهو اهو ڏسي رهيا آهن ته  اها ”اڪ گو نه بي خودي“ ايتري ته وڌي وئي آهي جو شيخ اياز ۽ در شهوار سيد جي مرتئي تي ”صاحب لوڪن“ جي اجلاس ۾ڪير ڪجهه ڳالهائي نٿو سگهي صوبي ۾ امن امان جي ڳڻتي جوڳي صورتحال ۽ معاشي بدحالي به بحث جو موضوع نه ٿي بڻجي، ظاهر آهي ته ڪير اهڙو اعتراض ڪري ٿو سگهي ته گتا بند نه ٿيڻ گهرجن پر جڏهن اهڙي رٿ ڪنهن ڊگهي بحث کانسواءِ ان جا سمورا پاسا ڏسڻ کانسواءِ صرف اٽڪل سٽڪل ڪري حڪومت اپوزيشن کي نيچو ڏيکارڻ لاءِ ۽ اپوزيشن حڪومت کي گهٽ ڪرڻ جي نيت سان پاس ڪري ته پوءِ ان ۾ ڪا به سنجيدگي ڳولڻ فضول ٿيندي ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه معزز ميمبر به سمجهن ٿا ته سندن ڪنهن هڪ قرارداد سان جيڪي ماڻهو شراب واپرائين ٿا اهي اها ڇڏي ڪو نه ڏيندا ۽ جن اقليتي ميمبرن جا پنهنجا گتا آهن سي به ڄاڻن ٿا ته اهڙي قرار داد کانپوءِ به گتا بند ڪو نه ٿي ويندا ۽ سڀ کان پهرين ڳالهه اها ته جيڪي معزز ميمبر صاحب ولايتي وٺن ٿا ڇا اهي ان قرارداد پاس ٿيڻ کانپوءِ ايوان آڏو حلف کڻي اهو اقرار ڪندا ته آئينده هو ديسي توڙي ولائتي ڪجهه به استعمال نه ڪندا باقي جيڪڏهن ائين نه ٿا ڪن ۽ ڳالهه صرف پوائنٽ اسڪور ڪرڻ جي آهي ته ان لاءِ حڪومت توڙي اپوزيشن کي گهرجي ته اهي پوائنٽ اسڪورنگ جي راند ٻين غير سنجيده اشوز تي ڪن، ڇاڪاڻ ته شراب جو وڪرو سوسائٽي جي مذهبي، اخلاقي ۽ ٻين رخن کان هڪ اهم ۽ سنجيده مسئلو آهي ۽ ان لاءِ ضروري آهي ته معاشري ۾ وڌندڙ منشيات جي عذاب کي به بحث هيٺ آندو وڃي، جيڪو زهر وانگر اسان جي نوجوان نسل کي تباهه پيو ڪري، آهي ڪو اهڙو ميمبر صاحب جيڪو هيروئن جي وڪري خلاف ايوان ۾ آواز اٿاري ۽ اتفاق راءِ سان ايوان ۾ ڊرگ مافيا جي خلاف قانون سازي ڪري پر شايد ڊرگ مافيا خلاف ڳالهائڻ ٿورو ڏکيو ڪم آهي، ان خدشي تي ڪير به نه ٿو سوچي ته شراب جا گتا بند ٿيڻ سان گڏ اتي موجود هيروئن ۽ چرس جا اڏا جيڪڏهن بند نه ٿيا ته پوءِ ٻاٽلي وٺندڙ همراهه متان هيروئن جي پڙي وٺڻ شروع ڪري ڏين، ميڊيڪل  اسٽور تان اسپريٽ جي بوتل يا ننڊ وارين گورين جو وڪرو نه وڌي وڃي، سو جيڪڏهن مقصد مڙئي ڀوڳ چرچو ڪرڻ آهي ته اها ٻي ڳالهه آهي نه ته شراب ۽ منشيات جو واهپو جنهن تيزي سان اسان جي معاشري ۾وڌي پيو ان تي مڙئي منو  ڪلاڪ  هل هنگامو  ڪري   قرار داد  پاس  ڪرڻ  بدران  ان  معاملي  تي  بحث ۽ ان جي روڪ لاءِ اپاءَ ويچارڻ لاءِ  هڪ نقاطي ايجنڊا تي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ گهرجي جيئن وڌيڪ Mature (سنجيده) انداز ۾ ان مسئلي جو حل ڳولي سگهجي.
گو هاٿ مين جنبش نهين، آنکون مين تو دم هي
رهني دو ابهي ساغر و مينا ميري آگي
مرزا غالب اهو شعر شايد ان عمر ۾ چيو هوندو جڏهن پيئڻ لاءِ هن جو وات پاڻي ته ٿيندو هوندو پر پيئڻ لاءِ اٿڻو پوي ٿو ۽ هو اٿي ڪو نه سگهندو هوندو، شايد تنهن ڪري ئي هن چيو هو ته جيڪڏهن شيشي سامهون پيل هوندي ته ان کي ڏسڻ سان به سرور پيا ٿيندا، اسان جا ڪجهه صاحب لوڪ به رمضان جي احترام جي ڪري يا بيماري سبب يا سياسي معاملن جي ڪري ”مئه“ کان پري ٿيو وڃن پر غالب جي ان شعر ۾ بيان ڪيل خواهش موجب هو ”ساغر و مينا“ کي جيڪڏهن سامهون نه ٿا به رکي سگهن تڏهن به ان جو ذڪر ڪرڻ ۽ ٻڌڻ ۾ سرور وٺن ٿا پوءِ ڀلي کڻي ذڪر ان جي وڪري تي پابندي جو ئي ڇو نه هجي ۽ ڪنهن ٻئي  شاعر جي اها ڳالهه به ايوان ۾ ٿيندڙ واقعن صحيح ثابت ڪئي آهي ته ”ڇُٽتي نهين يه منه سي لگي هوئي“ قرارداد پيش ٿيڻ تي صوفين ته مائيڪ ڀڃي ڇڏيا پر مهرومل جنهن جو ڌنڌو ئي ان ڪافر شيءِ سان وابسته آهي سو ته شايد ماڻهوءَ کي  ڏسندي  ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته هو اها واپرائي ٿو يا نه مهرو مل پنهنجي ان پرک جو مظاهرو ڪندي پيرمظهر الحق کي چئلينج ڪيو ته هو قسم کڻي ته هو شراب ڪو نه ٿو پئي، پير مظهر الحق جو جواب ڏاڍو دلچسپ هو ته هو خدا کي حاضر ناظر سمجهي چوي ٿو  ته هن وڏي عرصي کان شراب نه پيتو آهي، ظالم مهرو مل رڳو ان تي ئي اتفاق نه ڪيو پر ڏانهنس سڳ سوڌو اهو سوال اڇليو ته هن لاڙڪاڻي ۾ مون سان گڏ ويهي شراب پيتو آهي، جنهن تي پير مظهر الحق اهو چيو ته هاڻي هڪو نه پيئندو آهي ۽ پوءِ کيس ڪاوڙ اچي وئي پر اهو معلوم ٿي ويو ته پير مغان (مئخاني جو چڱو مڙس) هر ڪنهن کي ايترو سڃاڻي ٿو جو دائيءَ کان جيئن دن ڳجهو ڪو نه هوندو آهي، تيئن هن کان به ڪو ڪنڌ نه ٿو ڪڍائي سگهي؟ ماڻهن جا سچ ۽ ڪوڙ انهن جي پنهنجي ذميواري آهن، ڀلاري مهيني ۾ ڪافر شيءِ تي وڌيڪ ڇا ٿو لکي سگهجي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو