هڪ صلاح، هڪ تجويز ۽ هڪ يوٽوپيا
اردو جي مشهور ناول نگار عبدالله حسين هڪ ڀيرو ڪچهري دوران چيو ته وڏو شاعر يا ليکڪ اهو هجي ٿو جنهن جي شاعري يا لکڻيون هڪ سئو سال يا گهٽ ۾ گهٽ 50 سالن کانپوءِ وارين حالتن ۾ به Relevant (لاڳاپيل) رهن، مشهور ناول ”اداس نسلين“ جي ليکڪ عبدالله حسين اها ڳالهه مون کي ان سوال جي موٽ ۾ چئي ته ڇا ننڍي کنڊ ۾ مرزا غالب کانپوءِ اردو جو وڏو شاعر فيض احمد فيض کي قرار ڏئي سگهجي ٿو، عبدالله حسين جو چوڻ هو ته فيض بيشڪ وڏو شاعر آهي پر سندس اصل وڏائي ايندڙ وقت طئي ڪندو ۽ ڏسڻو اهو آهي ته ايندڙ 25 سالن کانپوءِ به جيڪڏهن فيض جي شاعري انهن ڏينهن جي عڪاسي ڪندي ۽ ان دور جا ماڻهو به ان کي Relevant (لاڳاپيل) محسوس ڪندا ته پوءِ چئي سگهبو ته فيض واقعي وڏو شاعر هو، جيئن مرزا غالب کي ڏيڍ ٻه سئو سالن کانپوءِ اڄ به پڙهجي ٿو ته لڳي ٿو ته مرزا اڄ جي حالتن کي ڏسي لکيو آهي، عبدالله حسين جي ڳالهه ذهن ۾ رکي جيڪڏهن واقعي به ڏسجي ته ماضي جا ڪيترائي وڏا شاعر اڄ مزو نه ٿا ڏين، مثال طور 10 کان 15 سال اڳ اردو شاعري جي وڏي نالي حبيب جالب جي شاعري اڄ اوترو Appeal (ڪشش) نه ٿي ڪري ۽ ان کي پڙهڻ سان پڙهندڙ کي ايترو اتساهه نه ٿو ملي جيترو اڄ کان 10 يا 15 سال اڳ پڙهڻ سان ملندو هو، ساڳيءَ ريت احمد فراز جي رومانوي شاعري کي ڇڏي ڪري سياست بابت ڪيل سندس ماضي جي شاعري اڄوڪين حالتن ۾ گهڻي متاثر نه ٿي ڪري، ڪنهن شاعر جي باري ۾ اندازو لڳائڻ لاءِ عبدالله حسين جو مقرر ڪيل مٿيون معيار جيڪڏهن ڪنهن عوامي ليڊر بابت لاڳو ڪجي ته غلط نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته تاريخ ۾ ليڊر جو قد به ڪڏهن ورهين ۽ ڪڏهن صدين جي عرصي ۾ ماپيو ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ليڊرن لاءِ وقت ايترو بي رحم ثابت ٿيندو آهي جو ڪنهن صدي جي شروعات ۾ جن ليڊرن کي عوام پنهنجو مسيحا ۽ ديوتا قرار ڏئي انهن جا مجسما روڊن ۽ چوڪن تي تعمير ڪري ٿو، 50 يا 60 سالن کانپوءِ انهن کي مجسمن جي ڳچين ۾ رسا وجهي انهن کي رسوا ڪري هيٺ ٿو لاهي ڇڏي يا ٻئي طرف ائين به آهي ته وقت ڪجهه ليڊرن لاءِ سٺو سنئوڻ به ثابت ٿئي ٿو جو علائقي جي ماڻهن کي 50 يا 100 سالن کانپوءِ خيال اچي ٿو يا ائين چئجي ته منجهن اهو شعور جنم وٺي ٿو ته ”مار“ اهو ليڊر ته تمام عقلمندي واريون ڳالهيون ڪندو هو پر ڪجهه ليڊر سالن ۽ صدين کانپوءِ پنهنجي عوام ۾ هڪ جيترا هر دلعزيز رهن ٿا جو جڏهن اهڙي ڪنهن ليڊر جا اڌ صدي کانپوءِ هڏا به هٿ اچن ٿا ته سندس چاهيندڙ عوام پنهنجي ليڊر جي هڏن جي به اوتري ئي عزت ڪري ٿو جيتري سندس جيئري ڪندو هو، سو شاعر جيان ڪامياب ليڊر به اهو ئي آهي جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ 50 سالن کانپوءِ به عوام ۾ محبت ۽ عزت حاصل هجي ۽ جنهن جو ڳالهيون ۽ فلسفو 50 سالن کانپوءِ به عوام کي پنهنجي ڀلائي ۾ محسوس ٿئي۽ سندس قول ۽ فعل تازي صورتحال ۾ به گهڻي ڀاڱيRelevant(لاڳاپيل) محسوس ٿئي.
|
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو