1983ع واري غلطيءَ جو به
اعتراف ڪريو
اعتراف ڪريو
وزيراعظم ميان نواز شريف تازو بنگلاديش جي دوري جي موقعي تي چيو ته وقت اچي ويو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي ماضيءَ ۾ ڪيل غلطين جو ازالو ڪجي. ان ڏس ۾ پيش رفت ڪندي هن 1971ع ۾ ٿيل فوجي ايڪشن کي غلط قرار ڏنو، 1971ع کانپوءِ ميان نواز شريف ملڪ جو پهريون حڪمران آهي جنهن اها ڳالهه تسليم ڪئي آهي ۽ سندس اهڙي سوچ تعريف جوڳي آهي، ڇاڪاڻ ته جيستائين ماضيءَ ۾ ڪيل غلطين جو اعتراف نه ڪيو ويندو، تيستائين حال ۽ مستقبل ۾ بهتري آڻڻ سولو نه ٿيندو. ميان نواز شريف جڏهن ملڪي اسٽيبلشمينٽ پاران غلطيءَ جو اعتراف ڪري ٿو ته وٽس يقينن ان جو مڪمل پس منظر هوندو. کيس خبر هوندي ته ملڪ جو ورهاڱو ته 1971ع ۾ ٿيو پر ورهاڱي جا سبب بڻجندڙ واقعا ۽ فيصلا ڪهڙا هئا. کيس اها به يقينن خبر هوندي ته بنيادي مسئلو اهو هو ته اسٽيبلشمينٽ جنهن ۾ ان مهل به اڪثريتي نمائندگي پنجاب جي هئي تنهن کي اهو هضم ڪرڻ ڏکيو پئي لڳو ته ملڪ جي حڪمراني اڪثريت آبادي يعني بنگالين جي حوالي ڪئي وڃي. اسلام آباد ۾ ويٺل تڏهوڪا حڪمران ان وقت به اهو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا ته اسلام آباد جي تخت گاهه تي ڍاڪا مان اچي ڪو بنگالي ويهي تنهن ڪري اسٽيبلشمينٽ اڪثريت جي حڪمرانيءَ واري اصول کي ئي رد ڪرڻ پئي چاهيو. ان لاءِ ڪڏهن ون يونٽ پئي ٺاهيو ويو ۽ ڪڏهن چونڊن جي نتيجن کي پئي رد ڪيو ويو. پر تاريخ بي رحم شئي آهي، جنهن اڄ سڄي ڳالهه کي ڦيرائي اتي آڻي بيهاريو آهي جو اڄ پنجاب مان مطالبو ٿو اچي ته اڪثريت کي حڪومت جو حق ملڻ گهرجي. هتي ان ڏس ۾ هڪڙو واقعو ٻڌائيندو هلان جنهن جي آن دي رڪارڊ تصديق ته هاڻوڪي دور ۾ ڪير به نه ڪري پر مون کي ڪنهن ذميوار ماڻهو اهو واقعو ٻڌايو. ٿيو هيئن جو 1990ع جي چونڊن کان اڳ قائم ڪيل اسلامي جمهوري اتحاد (جنهن جو تڏهوڪو صدر غلام اسحاق خان به غير سرڪاري طرح اتحادي هو) ۾ اهو فيصلو ٿيو ته آءِ جي آءِ جي چونڊن کانپوءِ ٺهندڙ حڪومت جو اڍائي سالن تائين سربراهه (وزيراعظم) غلام مصطفيٰ جتوئي ٿيندو، جيڪو ان مهل اتحاد جو اڳواڻ هو. باقي اڍائي سالن لاءِ ميان نواز شريف وزيراعظم ٿيندو. پر چونڊن کٽڻ کانپوءِ ان فارمولي تي عمل نه ٿي سگهيو، جنهن جو سبب غلام اسحاق خان جا ويجها ذريعا اهو ٻڌائين ٿا ته ميان نواز شريف چونڊن کان سگهو ئي پوءِ غلام اسحاق خان سان ايوان صدر ۾ ڪيل ملاقات ۾ مبينا طور اهو چيو هو ته ”جيڪڏهن توهان مون کي حڪومت نه ٺاهڻ ڏني ته ماضي وانگر توهان هڪ ڀيرو وري اڪثريت کي نظر انداز ڪندئو ۽ توهان کي خبر آهي ته ائين ڪرڻ جا ماضي ۾ تمام خراب اثر پيا هئا“. با خبر حلقن موجب غلام اسحاق، غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي سڏائي اهاڳالهه ٻڌائي ۽ اها صلاح ڏني هئي ته هو وزيراعظم ٿيڻ لاءِ اصرار نه ڪري.
|
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو