Thursday, 27 November 2014

علي قاضي

شايد هڪ ٻيو يو ٽوپيا؟
                سومر 9 فيبروري 1998ع



مظهر لغاري چوي ٿو ته اسان جي اڪثر ليکڪن وٽ اڄڪلهه لکڻ جو ڊڪشن ۽ مقصد وڃي اهو بيٺو آهي ته مضمون ۾ هر لفظ بم يا گرنيڊ جيان هجي ته جيئن پڙهندڙ مضمون پڙهندو وڃي ۽ لفظن مان ٿيندڙ ڌماڪن مان ذهني طور زخمي ٿيندو وڃي، پوءِ ڀلي ڊگهي لفاظي تي ٻڌل مضمون ۾ هر لفظ جيڪڏهن بم نه هجي ته به گهٽ ۾ گهٽ چڻنگ ضرور هجي، آئون ساڻس متفق آهيان جنهن جو سبب شايد اهو هجي ته منهنجي سنڌي جي Vocabulary (لفظن جو ذخيرو)  ايتري سٺي ناهي پر هونئن به هاڻ سڄي دنيا ۾ سولي  ٻولي ۽ سٺن ۽ نون خيالن تي ٻڌل لکڻين کي معياري قرار ڏنو ويندو آهي. عبدالقادر جوڻيجي ٻڌايو ته دنيا ۾ ڪنهن ليکڪ کي ايوارڊ ڏيڻ مهل سندس لکڻي ۾ Simplicity (سادگي) هڪ وڏو ميرٽ تصور ڪئي ويندي آهي پر اسان وٽ اڄ به ان مضمون نگار کي سٺو تصور ڪيو ويندو آهي جيڪو مضمون ۾ ڳرن لفظن جا انبار لڳائي ڇڏي پر جڏهن  لفظن کي وڏي جاکوڙ کانپوءِ هٽائي اندران مضمون جي مقصديت ڳولجي ته اندران ڪجهه به هٿ نه اچي، ميلان ڪنڊيرا جي بقول ”مضمون ڊنر ٽيبل تي ٿيل ڪچهري جيان هجڻ کپي“ جتي ماني کائڻ مهل ڪنهن موضوع تي چار پنج  ماڻهو هلڪي ڦلڪي انداز ۾ بحث ڪن ۽ ڪنهن نتيجي تي پهچڻ جي ڪوشش ڪن پر اسان جي سوسائٽي ۾ بدقسمتي سان  Result Oriented(نتيجو ڏياريندڙ) بحث ڪرڻ جو رجحان تمام گهٽ آهي، تنهن ڪري اڪثر مضونن ۾ بي مقصديت وارو بحث گهڻو هوندو آهي، لفظ گهڻا هوندا آهن، تشبيهون، حوالا ۽ احوال گهڻا هوندا آهن پر راءِ ۽ رخ  نه هجڻ جي برابر هوندا آهن، شايد اهو ئي سبب آهي جو ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ جهڙي موضوع تي سامهون ايندڙ ڪجهه لکڻين کي ڇڏي باقي مضمونن جي اڪثريت کي پڙهي ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ جو جواب ملڻ ته هڪ پاسي  پر نئون سوال اڀري ٿو ته ”نيٺ مضمون نگار ڇا پيو چوڻ چاهي،“ اها ڳالهه ڪرڻ جو مقصد طنز ڪرڻ يا ٽوڪ هڻڻ ناهي پر اهو هڪ سنجيده معاملو آهي ڇاڪاڻ ته اهڙن سنجيده نوعيت جي اشوز تي جيڪڏهن لکڻ کان اڳ اسان جو انهن اشوز تي Vision (سوچ) واضح ناهي ته پوءِ صرف مضمون لکڻ جي جوش ۾ ڏهه پنا ڪارا ڪري ڇڏڻ کي ڪا ڏاهپ ڪو نه چئبو. 7 جنوري 1998ع تي منهنجي ڇپيل مضمون ”هڪ صلاح هڪ تجويز، هڪ يوٽوپيا“ بابت بحث جاري آهي، ڪيترن ئي مضمونن، ڪالمن ۽ خطن ۾ دوستن ان تي تبصرا ڪيا آهن، انهن ۾ ڪجهه لکڻين ۾ وزن به هو ۽ دليل به پر ڪجهه لکڻيون انتهائي دلچسپ هيون، جن ۾ ليکڪن  ڄاڻايل  مضمون  جي  حوالي  سان  اهي  ڳالهيون  لکيون  آهن،  جيڪي گهٽ ۾ گهٽ  منهنجي مضمون ۾ هيون ئي ڪو نه.  بهرحال هر ڪنهن کي اظهار جي آزادي آهي پر گڏوگڏ اهڙا مضمون پڙهي بور ٿيڻ ۽ نتيجي ۾ پڇتائڻ جو مون کي به حق آهي، مثال طور تڏهن بوريت واري ڪيفيت طاري ٿئي ٿي جڏهن ڪجهه دوست ان تجويز کي عمل نه ٿيڻ جوڳو قرار ڏيندي کوڙ سارا ٻيا لفظ استعمال ڪري ان کي يوٽوپيا قرار ڏين ٿا، پر کين الائي ڇو  وسري وڃي ٿو ته مضمون ۾اڳواٽ ئي ان خيال کي اسان جي ”مخصوص حالتن“ جي ڪري يو ٽوپيا قرار ڏنو ويو آهي، تنهن ڪري  يا ته انهن کي ان يوٽوپين سوچ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ان مان عملي صورت ڪڍڻ جي صلاح ڏيڻ گهرجي ها يا پوءِ ڪا ٻي اهڙي صلاح ڏيڻ گهرجي ها جيڪا واقعي به عمل جوڳي هجي، نه ڪي اهڙي ڪا ڳالهه جيڪا مضمون ۾ ڏنل تجويز کان وڌيڪ يوٽوپين سوچ هجي، مثال طور جيڪڏهن ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ جو سادو جواب اهو هجي ته ”مخلص قيادت ملي وڃي“، ”سوسائٽي جو هر فرد ايماندار ٿي وڃي“ وغيره ”مخلص قيادت جي خواهش ته سڀني کي آهي پر بنيادي سوال ته اهو ئي آهي ته اها مخلص قيادت ڪٿان ايندي ۽ ڪيئن ايندي، ننڍي هوندي هڪ گانو ٻڌندا هئاسين ته ”اڪ اڙن کٽولا آئيگا، اڪ لال پري ڪو لائيگا، نه جان نه پهچان، ڪيا نام بتائون اسڪا“ اهو به ڇا ڪنهن خوبصورت يوٽوپيا کان گهٽ آه سو جيئن ننڍي هوندي آسرو هوندو هو ته ڪنهن اڏامندڙ کٽولي تي اڏامندي ڪا لال پري ايندي ۽ زندگي باغ بهار ٿي ويندي، ساڳيءَ ريت اڄ جيڪڏهن اهو آسرو رکجي ته ڪنهن Space Ship (خلائي جهاز) تي ويهي ڪا مخلص قيادت اچي اسان وٽ لهندي ۽ اسان  جي ڏکن ۽ سورن جو علاج بڻبي ته اهڙو آسرو رکندڙن سان دلي همدردي ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اها ”مخلص قيادت“ ڪٿان اچي وڃي ته ان ڳالهه جي ڪهڙي پڪ آهي ته عوام کيس سڃاڻي ويندو ۽ ان جي پويان ٿي ويندو ٻي ڳالهه اها به آهي ته  اها قيادت مخلص ته هوندي پر ڇا ان ۾ سنڌ جي سماجي ۽ سياسي صورتحال کي سمجهڻ ۽ مسئلن جا حل ڳولي ڪڍڻ جي به لياقت هوندي، ماڻهو ته مداري جي پٺيان به لڳي پوندا آهن تنهن ڪري اها قيادت بازيگر وانگيان شعبدي باز به نه هجڻ گهرجي ۽ نه ئي ڪنهن پائيڊ پائيپر وانگر جنهن جي سريلي بانسري جي سرور ۾ مدهوش ٻارڙا سندس پٺيان  لڳا هئا ۽ هن کيس هڪ ئي اونداهي غار جو بک بڻايو هو، تنهن ڪري اهڙي ڪا به قيادت پوءِ ڀلي کڻي اها ڪنهن خلائي جهاز  ۾ آسمان منجهان اڏامندي اچي يا زمين مان ٻوٽي وانگر ڦٽي اچي ان جي اهليت وارو شرط اهو به هجي ته ان قيادت کي زندگي جو  شعور هجڻ گهرجي ۽ اها آپگهاتي لاڙن کان پنهنجو پاند بچائي.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو