Thursday, 27 November 2014

عبدالخالق چوهاڻ

سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال

عبدالخالق چوهاڻ


هونئن ته سڄي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه آهي پر اتر سنڌ خصوصن اندرون سنڌ پر اڃا به اتر سنڌ ۾ حالتون اهڙيون ته خراب آهن جو ماڻهون پاڻ کي ڏينهن جو به غير محفوظ سمجهي ٿو،سنڌ ۾ امن امان جي خراب حالتن جي زميواري اسان جو سماج اڪثر ڪري سياستدانن تي ڏيندو آهي جنهن ڳالهه تي اڳ ته آءُ ويساهه يا اعتبار نه ڪندو هوس بلڪو مونکي ته ڄڻ سيستدان تي الزام هڻندڙ تي چڙ وڄي ويندي هئي اتر سنڌ جي گهوٽڪي،شڪارپور،لاڙڪاڻو،خيرپور ۽ جيڪب آباد ته اهڙا ضلعه آهن جن ۾ امن امان جي بهتر صورتحال عام ماڻهون لاءِ ڄڻ ته هڪ خواب بڻجي ويو آهي پر هر گز اهڙي ڳالهه ناهي ڇاڪاڻ جو قانون يا قانون وارا اڃا به موجود آهن جيڪي چاهين ته امن امان ڪرائڻ ڪو مسئلو نه آهي پر شرط اهو آهي ته سندن ڪم ۾ عمل دخل نه ٿيڻ گهرجي، مٿي ذڪر ڪيل ڪجهه ضلعن مان هڪ اهڙو ضلعو آهي جنهن سان سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ اهم شخصيتن جو تعلق آهي ان ضلعي ۾ ويجهي ماضي ۾ اهڙيون ته حالتون خراب هيون جو آئي ڏينهن ڀنگ لاءِ اغوا، قتل، ڌاڙا، ڦرون ڄڻ ته ان ضلعي جي سڃاڻپ معمول بڻجي ويون هيون، جنهن جو سبب اهو به سامهون آيو ته هڪ سياسي ڌر جي ٻن وڏن گروپن ۾ اندورن اختلافن سبب اتان جي پوليس آفيسرن کي هفتي يا 15 ڏينهن ۾ تبديل ڪيو ويو اها هڪ حقيقت آهي ته اگر پوليس جي ڪنهن ضلعي آفيسر جي ڪم ۾ سياست ملوث ٿيندي يا عمل دخل ٿيندو ته پوءِ ظاهر آهي اتان جو امن امان برقرار رکڻ ٻبرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي اها ڳالهه ڪنهن حد تائين مڃڻ جي لائق آهي ته سمورن سرڪاري کاتن ۾ سياست جو وڏو عمل دخل ٿي ويو آهي جنهن سبب ڪامورا خوشامند به ڪن ٿا ڪي خوشيءَ مان ڪو وري مجبوريءَ مان جائز توڙي ناجائز ڪم به مڃي وٺن ٿا پر جيڪو ڪامورو ناجائز ڪم نه مڃي يا وري اتان جي سياستدان جي مرضيءَ جي پاليسي ته هلي ته ان ڪاموري پٺيان ڪات ڪهاڙا کڻي سيکڙاٽ سياستدان ڪڍ پئجي وڃي ٿو، مٿي ذڪر ڪيل هڪ اهم سياسي ضلعي جي حيثيت سان سڃاتو ويندڙ ضلعي جي به ڪئي سون جتان جو احوال ڪجهه هن ريت آهي ته تقريبن ڏيڊ مهينو اڳ ڪراچيءِ مان هڪ ايس ايس پي کي بدلي ڪرائي ان ضلعي ۾ مقرر ڪيو ويو جنهن کي اهو ٽاسڪ ڏنو ويو ته ضلعي ۾ هر حال ۾ امن مان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻو آهي ايس ايس پي چارج وٺي پنهنجو ڪم ان طريقي سان شروع ڪيو ته اچڻ شرط ان ضلعي جص صوبائي وزير،ايم پي اي، ايم اين اي،عدالتن جي ججن،سياسي توڙي ڪامورن کي ڏنل پوليس وارا جيڪي سندن گارڊ طور ڪم ڪندا هئا جڏهن ذڪر ڪيل شخصيتن کان پوليس وارا سرڪاري گارڊ واپس ٿيا ته سڄي ضلعي ۾ باهه ٻري اٿي، سياستدانن ۽ ڪامورن جا فون وڄڻ شروع ٿي ويا جڏهن ايس ايس پي سان اهي رابطو ڪن ته هو اهو چئي کين ٿڌو ڪندو هو ته سائين پوليس ضلعي ۾ گهٽ آ هي ان ڪري سڀن کان گارڊ واپس ڪيا آه ۽ جيڪڏهن ضلعي ۾ پوليس ڪم ڪندي ته امن امان جي صرتحال بهتر ٿيندي ۽ اوهان کي جلد ئي گارڊ واپس ڪيا ويندا، اڃا اهو راڳ شروع هو ته پوليس هڪ همراهه جي اوطاق تي ڇاپو هڻي هڪ همراهه کي گرفتار ڪري راتو رات جيل اماڻيو،پوليس موجب اهو همراهه ڏوهارين جي مدد ڪندو هو ۽ ڏوهارين جي سرپرستي ڪندڙ هو، ۽ اتفاق يا بدقسمتي سان هو همراهه هڪ سياسي پارٽيءَ سان لاڳاپيل هو۽ ڪارڪن هو، همراهه جيئن ئي جيل ۾ ويو ته اهي افواهه گردش ڪرڻ لڳا ته ايس ايس پي جي هاڻي جلد بدلي ٿيندي ڇاڪاڻ جو ادي جي ويجهي ماڻهونءَ کي گرفتار ڪيو ويو آهي هاڻي ايس ايس پي پڪ سان بدل ٿيڻ وارو آهي ۽ انهن افواهن ڏوهارين کي ڄڻ ته هڪ نئون جيون دان ڏئي ڇڏيو جيڪي ڏوهاري پوليس جي ڊپ کان ڀڄي ويا يا لڪي ويا انهن مٺايون ورهائڻ شروع ڪيون، پنهنجي جاءِ تي اهي افواهه به درست هئا ڇاڪاڻ جو ان ڀيڻ (ادي) جيڪا مخصوص سيٽ تي ايم اين اي پڻ آهي ان جي پهنچ ايتري ضرور آهي جو هونءَ سنڌ جي ڪنهن به ضلعي مان ڪوبه آفيسر هٽرائي يا مقرر ڪرائي سگهي ٿي، ۽ گڏوگڏ هونءَ هڪ اهم سياسي ماڻهونءَ جي نياڻي پڻ آهي جنهن پنهنجي والد بزرگ کي اهو چئي ڇڏيو آهي ته هاڻي هن ايس ايس پي کي هر حال ۾ هٽرائي ڏيو، ان ڪري هاڻي ان ضلعي جو عوام تحفظ کي يقيني بڻائيندڙ۽ امن مان جي صورتحال کي مثالي بڻائيندڙ ان پوليس جي ضلعي آفيسر کي هٽرائي يا پنهنجي نِياڻيءَ جي انا کي تحفظ ڏئي؟ پر ضلعي جو عوام ان انتهائي قابل اعتراف، شريف، باوقار، بزرگ سياستدان مان اها اميد رکي ٿو ته ضلعي ۾ امن امان ڪرائيندڙ فرض شناس آفيسر کي اڃا به وڌيڪ فري هينڊ ڏنو ويندو... (نوٽ: ليکڪ جي راءِ سان اداري جو متفق هجڻ لازمي ناهي)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو