جيئڻ ڏيو. آکيرا نه ڊاهيو
اڪثر جڏهن به ڪو گڏيل ڪم شروع ٿيندو آهي، سٺي نيت سان شروع ٿيندو آهي. ان ۾ ڪو به مبالغو ۽ مفروضو ڪونه آهي. ٻيو ته ٺهيو، جڏهن ٻار به ڪا راند شروع ڪندا آهن، ڏاڍي جوش جذبي ۽ دوستيءَ جي ماحول ۾ ڪندا آهن. راند هلندي جڏهن ڪا هڪ ڌُر ’ڊوهه‘ ڪرڻ لڳندي آهي، تڏهن ڳالهه خراب ٿيڻ لڳندي آهي. پوءِ پاڻ ۾ تڪرار ڪندا آهن ”تون ڊوهه ٿو ڪرين ... تون ڪُپت ٿو ڪرين!“ پوءِ هٿين پئجي ويندا ... ۽ نيٺ هڪڙو مرحلو ايندو آهي، جو ٻارڙا راند ڦِٽائي ڇڏيندا آهن، چوندا ”بس، اسان نٿا کيڏون!“ ڪو به گڏيل ڪم ڪرڻ لاءِ ڪو اصول يا ’ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ‘ ٿيندو آهي. هر ڪم جو ڪو مقرر طريقو هوندو آهي. جڏهن مقرر ٿيل بنيادي اصولن ۽ طريقي کي نظر انداز ڪبو آهي ته پوءِ ’ڳالهه‘ ڊهي پوندي آهي. ٻارن جي راند ته خير ٻارن جي ڳالهه آهي پر اسان دنيا ۾ وڏا سنجيده سيٽ اپ ۽ رياستون به پتن جي ماڙيءَ وانگر ڊهنديون ڏٺيون آهن، سپر پاور سميت. آئون هڪ دفعو وري چوان: ٻارن جي راند ڊهڻ جي پويان ننڍي پئماني تي ڊوهه ٿئي ٿو، جنهن جي بروقت نشاندهي به ٿئي ٿي ... پر جڏهن ڪُپتي ڊوهه ۽ ڪپت جاري رکندو آهي ته راند اڌ ۾ ڦِٽي پوندي آهي. ٻارن جي هن رويي ۾ وڏن لاءِ وڏو سبق رکيل آهي، جيڪڏهن سمجهن
پر آئون ڪنهن راند جي ڳالهه ڪونه پيو ڪريان، هيءَ تمام سنجيده ڳالهه آهي. سوچيو! جيڪڏهن سوويت يونين جون سوويتون روس جي مرڪزي طاقتور ڌر جي جڪڙيندڙ رويي کان بيزار ٿي ڌار ٿي سگهن ٿيون ته ڇا اهڙو مثال دنيا جي ڪنهن ٻي وڏي يا ننڍي رياست ۾ ملي نٿو سگهي؟ سماجي ڊوهه ڇا آهي؟ سماجي بي انصافي، مقرر طئي ٿيل سماجي معاهدي جي لتاڙ! انڪري بنيادي اهميت آهي ’بنيادي اصولن ۽ انصاف‘ کي. جڏهن ڪپت ٿيڻ لڳي ته ڪنهن ڪاروبار ۾ ڀائيواري به هلي نه سگهندي آهي، ڀائر پاڻ ۾ وڙهي پوندا آهن، گهر به ٽُٽي پوندا آهن؛ هي توهانجو اسانجو روز جو مشاهدو آهي. ساڳي ڳالهه جيڪڏهن اجتماعي سيٽ اپ تي لاڳو ڪبي، تڏهن به ساڳيو جواب ملندو
جيڪڏهن ڪو ايئن چوي ته ”ملڪ پاڪستان ۾ سڀ ٺيڪ پيو هلي، ۽ سڀ ٺيڪ آهي!“ ته ڪير مڃيندو؟ اهڙيون ’سڀ اڇا هئه!‘ واريون رپورٽون جنرل ايوب ۽ جنرل ضياءَ جي دور تائين خوب هلنديون هيون، پوءِ ڇا ٿيو؟ وقت ٻڌايو ته ڪجهه به ٺيڪ ڪونه هو. هاڻي پاڻ ڪٿي بيٺا آهيون؟ جيڪڏهن اسان وٽ پوري معلومات نه آهي ته سرڪار ۽ رياستي ادارن وٽ ته پوري معلومات آهي. دنيا کي پاڪستان جي صورتحال تي ڳڻتي آهي ۽ دوربينيون کڻي پاڪستان جي اندروني صورتحال ڏسي رهيا آهن. اسان کي به ڳڻتي آهي ته اسانجو ڪهڙو حال ٿيڻو آهي؟ چوڌاريءَ ٿيندڙ چُرپر اسان کي پريشان ڪري رهي آهي. اسلام آباد، پنڊي ۽ ٻين شهرن ۾ اڄڪلهه هيءَ ڪهڙي هلچل آهي؟ بظاهر هي مامرا راڄڌاني ۽ پنجاب طرف پيا نظر اچن پر اسان کي خوف آهي ته ان جو اثر سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مفادن تي به پوڻو آهي. ان ڪري اسان به اوڏانهن ڏسي رهيا آهيون ته ڇا پيو ٿئي. سنڌ واسين کي پورو حق آهي ته هو پنهنجو سماجي معاهدو ذهن ۾ رکي ملڪ ۾ ٿيندڙ واقعن ۽ تبديلين جو تنقيدي جائزو وٺن
اسان نه ٿا چاهيون ته سنڌ، جيڪا ڪنهن گڏيل سيٽ اپ ۾ پنهنجي مرضيءَ سان شامل ٿيل هڪ ڌُر آهي، سڀاڻي ان سيٽ اپ مان نا اميد ٿي پوي ۽ چوي: ”بس، اسان نه ٿا کيڏون!“ سنڌ واسي اسلام آباد ۽ پنڊيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ حالتن کان لاتعلق نٿا رهي سگهن. خدانخواسته اهي حالتون ڪو اهڙو پاسو نه ڦيرائين، جو سنڌ ان جي زد ۾ اچي. جيڪڏهن طاهر القادري ۽ طالبان حامي جماعتن جي فرمائشن سنڌ جي مفادن کي سڌي اڻسڌي طرح ڇيهو رسائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ؟ هيءَ ڪو ٻاراڻو معاملو نه آهي. جيڪڏهن آئون ٺيڪ نه ٿو چوان ته پوءِ ڪي حلقا بار بار اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا ڪن، جن سان سنڌ واسين ۾ اهڙي نا اُميدي پيدا ٿئي!؟
پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڪن سمجهدار ماڻهن جو حصو هو. انهن پاڪستان ٺهڻ لاءِ جيڪي بنيادي اصول ڏنا هئا، سي پاڪستان جي ٺهراءَ ۾ موجود آهن. ان ٺهراءَ کي سرڪار اڃا تائين اخلاقاً قبول ڪري ٿي، انڪري ئي ته هر سال 23 مارچ تي اهو ڏينهن وڏي فخر سان ملهايو ويندو آهي. پر نظر اچي ٿو ته ٺهراءُ پاس ٿيڻ کان پوءِ ڪن خاص مفادن پير پوئتي ڪرڻ شروع ڪيا. اڄ جا صاحب ان قرارداد کان ڪافي مختلف ڳالهيون ٿا ڪن. انڪري ضروري ٿي پيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر ان سماجي معاهدي جي تجديد ڪن ۽ اها قرارداد ملڪ جي سڀني وڏن شهرن ۾ چوراهن تي يادگار طور لکرائين. جيڪڏهن ايئن نٿا ڪن ته پوءِ ڪو اهو سمجهڻ لاءِ آزاد ٿي سگهي ٿو ته ڊوهه جي ابتدا اتان ئي ٿي. هتي آئون ان ٺهراءَ جو متن ڪونه ٿو ورجايان، پاڻ پڙهي ڏسو ته ان ۾ ڇا لکيو پيو آهي. ان ٺهراءَ جي منظور ٿيڻ کانپوءِ ان ۾ ترميم جو حق ڪنهن وٽ هو؟ ۽ جيڪو فيصلو پاڪستان جي سڀني قومن گڏجي ڪيو، اهو عوامي راءِ وٺڻ کان سواءِ ڪيئن تبديل ٿيو؟ هوريان هوريان ان بنيادي دستاويز جي روح کي ايترو مجروح ڪيو ويو جو ’ون يونٽ‘ ٺاهڻ جو بدترين واقعو پيش آيو. اوڀر پاڪستان وارن چيو، ”اسان نه ٿا کيڏون!“ ون يونٽ جو سراسر نقصان پاڪستان جي ننڍين اَڪاين، خاص ڪري سنڌ کي ٿيو، سنڌ جي اڪائي تحليل ڪئي وئي، ۽ سنڌ جون حدون ڊاهي انهن کي ايترو لتاڙيو ويو، جو مقامي ماڻهن جا خواب ٽُٽي پيا. سنڌ جي شهرن تي هڪ ڌر حاوي ٿي، ٻنيون ٻي ڌر کي مليون، ۽ انتظام ٽئين ڌر کي. اتان محروميءَ جو احساس شروع ٿيو، جنهن کي اڄ تائين ’مفروضو‘ چيو ٿو وڃي
سياسي مفادن جون قلابازيون ڪيڏيون نه حيرت انگيز ٿين ٿيون. حد ته ڏسو! ڪڏهن ’ون يونٽ‘ لاڳو ٿو ٿئي ۽ ان کي ’ملڪ جي عين مفاد وٽان‘ قرار ڏنو ٿو وڃي ته وري ڪڏهن پاڪستان ۾ 53 صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري ان کي ’ملڪ جي عين مفاد وٽان‘ چيو ٿو وڃي. ٻنهي صورتن جو مطلب ٿيو ملڪ ۾ موجود چئن تاريخي وجودن جو قتل! هي ڪنهن چريي جو خواب آهي يا ان ڪاٺ پتلي جي ڏور ڪنهن ٻي ڌر وٽ آهي؟ هي ڪهڙو وقت آيو آهي جو هتي عقل، دليل ۽ خدا جي خلق جي ڳالهه ڪندڙ ڏاهن کي جاهل قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ پاڳل خاني وارن کي علامه ۽ اسڪالر چيو وڃي ٿو؟ هي خدائي فوجدار ڪير آهن؟ آهي ڪو هنن کان پڇڻ آکڻ وارو! سندن گهن گرج ته ٻڌو! ڄڻ اَتيلا هُن (Attila the Hun) ڪاهي آيو آهي، ڄڻ منگول بغداد جي دروازي تي پهتا آهن، ۽ هو ڳاڙهي ٽوپيءَ وارو ڪير آهي، جيڪو پاڻ کي طارق بن زياد يا محمد بن قاسم جو تسلسل ٿو سمجهي؟ ۽ پنهنجي جنون ۾ الائي ته ڇا ڇا ٿو چوي! سندس دليل ۽ لهجو ٻڌي دل چوندي آهي ته چئي ڏيون، ”بس، گهڻو ٿيو ... ههڙن خونخوار ماڻهن سان گذارو ڪيئن ٿيندو!“
هنن ’خدائي فوجدارن‘ جون ڪي ڪي ڳالهيون اهڙيون بي دليل، رد ٿيل ۽ ڪوڙيون ٿين ٿيون، جيڪي ٻڌڻ سان تن بدن ۾ باهه لڳي ويندي آهي ۽ رت ٽهڪڻ لڳندو آهي. ڇا توهان ڪڏهن محسوس نه ڪيو آهي؟ مون ته محسوس ڪيو آهي. جيڪڏهن سماج جو ڪو هڪ فرد اهڙي ڪيفيت جو اظهار ڪري ته سمجهو ساڳي ڪيفيت ۾ ٻيا به کوڙ سارا ماڻهو مبتلا هوندا. جڏهن ڪو ’خدائي فوجدار‘ سنڌ ۽ سنڌين جي مفادن جي خلاف ڳالهائيندو آهي، ۽ سنڌ جي مزاج جي ابتڙ ڳالهائيندو آهي، تڏهن ڪجهه اهڙي ئي ڪيفيت پيدا ٿيندي آهي. دل چوندي آهي ته اهو چئي ڏجي، جيڪو چوڻ نه ٿا چاهيون. هڪڙا صاحب وري وري ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪندا آهن. تازو ئي بجليءَ جي بحران دوران پنجاب جي هڪ صاحب (هڪ ٽاڪ شو ۾) چيو، ”جيڪڏهن ڪالا باغ ٺاهڻ نه ڏيندؤ ته پوءِ وڃي مرو!“ سنڌي ماڻهو اهڙي دليل ۽ لهجي تي جذباتي نه ٿيندا؟ شڪر ٿيو جو اهو صاحب اسڪرين تي هو، سامهون هجي ها ته پڪ ڪُٽڪو ٿئيس ها! هنن يارن کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌي قوم اڳ ئي ’ڀِت سان لڳي بيٺي ‘ آهي. شڪر ڪن جو هيءَ ڏاڍي صابرين قوم آهي ... ايتري صابرين جو ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته حضرت ايوب عه جو اوبر کاڌو اٿن
هڪڙا صاحب ڪالا باغ ڊيم جي حوالي سان زهريليون ڳالهيون ڪن ٿا، ڪڏهن ڪڏهن ته ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ڪندڙن کي ’غدار‘ ۽ ’غير ملڪي ايجنٽ‘ چوندي به دير نٿا ڪن. بس! اهي لفظ سنڌي ماڻهن جي دل ۾ زهريلي تير وانگر کُپي ٿا وڃن، ۽ وڏي مشڪل سان پاڻ سنڀالين ٿا. سوچيو! هو اهڙي دل آزاري ڇو ٿا ڪن؟ ڇا هو چاهين ٿا ته سنڌي آپي مان نڪري وڃن؟ ڇا دنيا مان بجلي پيدا ڪرڻ جا ٻيا سڀ وسيلا ختم ٿي ويا آهن، جو هاڻي بار سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي پيو آهي، جيڪو اڳ ئي ٿورڙو بچيو آهي. جيڪي سمجهن ٿا ته سنڌ جي ماڻهن جي سنڌو درياهه سان محبت اجائي ’جذباتي ڳالهه‘ آهي، تن کي سمجهڻ گهرجي سنڌو درياهه سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي زندگيءَ جي ليڪ آهي، هو اها ليڪ ڊاهڻ جي اجازت ڪيئن ڏيندا؟ هڪڙا صاحب ڦِري ڦِري ڪراچي صوبي جي ڳالهه ڪندا آهن. رات وچ ۾ جنات ديوارن تي چاڪنگ ڪري ويندي آهي، ۽ هڪڙا ڀائي صاحب وڏي گهن گرج ۽ نهايت اٽڪل سان ان جي حمايت بعد ’اگر .. مگر‘ ڪري وري حڪومت ۾ شامل ٿي ويندا آهن. اڙي ڀائي! ايئن ڇو ٿا ڪريو؟ اهِڙيون ڳالهيون ڪري توهان ته دل تي ڪاتي ٿا ڦيرايو. پاڻ ئي چئو ته ان لب و لهجي سان هي ويڇا ڪيئن ختم ٿيندا؟ ڇا توهان نٿا سمجهو ته اها فلسطين جي سر زمين تي اسرائيل ٺاهڻ جهڙي ڳالهه آهي. ٽيان صاحب وري وڏي شد ۽ مد سان کوڙ صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ڪندا آهن. ... جيئن هاڻي هڪڙي صاحب چيو آهي، ڇا هو ڪنهن پراڻي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي، چوي ٿو: ”پاڪستان ۾ 53 صوبا ٺهڻ گهرجن!“ اڙي بابا ڇو؟ تون ڪهڙي ڌنڌي سان لڳو آهين؟
سنڌ جي ماڻهن ۾ ڪاوڙ ۽ جذبات ڪنهن وائڙي ڳالهه سبب پيدا ڪونه پيدا ٿيا آهن، اهي ڳالهيون جيڪي اڄ چيون وڃن ٿيون، عجيب غريب ٽوپيون پائيندڙ صاحبن جي واتان ڪنهن ايجنڊا تحت چوايون وڃن ٿيون. مون عرض ڪيو ته سنڌ جي ماڻهن شايد حضرت ايوب عه جو اوبر کاڌو آهي، جو هي زهريلن جيتن جهڙيون ڳالهيون سندن بدن سان چهٽيون پيون آهن ته به خاموشيءَ سان برداشت پيا ڪن ... پر سنڌي ماڻهن جو پنهنجو مزاج آهي. بي حد خدشن جي باوجود هو شايد ڪنهن کان نفرت نه ڪندا هجن پر پيار جي معاملي ۾ ’مرڻ مارڻ‘ تي لهي سگهن ٿا. جڏهن ڪنهن سماج مان ڪاوڙ جوالا مکي بڻجي ڦاٽي ٿي ته ان جي پويان به ڪو ڪارڻ هوندو آهي. توهان کي ياد آهي جڏهن محترمه شهيد ٿي هئي؟ سڄي سنڌ جي روڊ رستن تي ٽن ڏينهن تائين گاڏيون سڙي رهيون هيون. ڪٿي به ڪو رياستي ادارو باهه وسائڻ لاءِ نظر نه ٿي آيو. سپر هاءِ وي، انڊس هاءِ وي ۽ قومي شاهراه تي راڪاس گهمي ويو هو. توهان کي ياد آهي محترمه جي ٽيجهي واري ڏينهن آصف زرداريءَ ڇا چيو هو؟ هن ٽي ڀيرا چيو هو، ”پاڪستان کپي! ... پاڪستان کپي! ... پاڪستان کپي!“ ..... هن ايئن ڇو چيو هو؟ ڇاڪاڻ ته شديد صدمي ۽ ڪاوڙ سبب بي قابو ٿيندڙ خلق ان جي ابتڙ نعرا هڻڻ شروع ڪيا هئا. اهو فيصلائتو ڏينهن هو
لاهور، اسلام آباد ۽ راولپنڊيءَ ۾ ويهي جڏهن ڪو ماڻهو سنڌ جي ڪنهن مفاد کي ڌڪ رسائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، سنڌ جي ثقافت جي حوالي سان ڪا بدڪلامي ڪري ٿو يا سنڌ جي محبوب اڳواڻن خلاف ڪا بد زباني ڪري ٿو، تڏهن سنڌ جا ماڻهو ڀڙڪي اٿن ٿا. ايئن ئي بلوچ عوام بلوچستان جي حوالي سان جذباتي آهي. اميد ۽ صبر جو سفر 1947ع کان جاري آهي پر خلق کي اها منزل نه ملي آهي، جتي پهچڻو هو. ڪڏهن پهچبو؟ مايوس نه ٿيڻ کپي پر جڏهن ڳاڙهي ٽوپيءَ وارا ’جهادي دانشور‘ ۽ مولانا قادري سڀ ڪجهه پٽڙيءَ تان لاهڻ جي سر ٽوڙ ڪوشش ۾ هجن ... ۽ ٻيون به گهڻيون ’غيباتي‘ سرگرميون محسوس ٿينديون هجن، تڏهن ذهن ۾ سوال هي ضرور اڀرندو ته نيٺ هي سفر درست رخ ۾ ڪيئن هلندو؟ جتي ماحول ٿڌو ڪرڻ جي ضرورت هجي، اتي هي جوش ۽ جنون سان ڄڻ ته باهه تي پيٽرول پيا وجهن. هو ايئن ڇو ٿا ڪن؟ ايئن ڪندا رهندا ته نيٺ خدا جي خلق جو صبر به ڇڏائجي ويندو. ان جو نتيجو ڇا نڪرندو؟ آئون ڪا اڳڪٿي نه ٿو ڪري سگهان، پر ايترو سمجهان ٿو ته ڪنهن ڏکي صورتحال ۾ پئجي وينداسون
صبر جي هڪ حد هوندي آهي. جڏهن ون يونٽ ٺهيو ۽ سنڌ جي وجود تي ڪاري ڌڪ لڳو، تڏهن سنڌ اٿي پئي ۽ ون يونٽ جو طوق اڇلائي ڦِٽو ڪيائين. ڀُٽي صاحب کي ڦاسي آئي ته نتيجي ۾ بي قابو ايم آر ڊي تحريڪ هلي پئي. ماڻهو گولين، ڦٽڪن ۽ ڦاهي گهاٽن مان ٿيندا سرخرو ٿيا ۽ انڌي منڊي جمهوريت بحال ٿي. ماڻهو جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ ڪيڏي قرباني ٿا ڏين؟ ان تي انهن صاحبن کي سوچڻ گهرجي، جيڪي ماڻهن کي جمهوريت جو ميوو چکڻ نه ٿا ڏين. ڪالا باغ ڊيم جي ڳالهه ڪئي وئي ته سڄي سنڌ (هر هڪ پارٽي) روڊن تي نڪري آئي ۽ پنهنجي شديد ڪاوڙ ڏيکاري. جڏهن محترمه شهيد ٿي ته اهي نعرا لڳا، جيڪي سڄي پريس پاڻمرادو سينسر ڪري ڇڏيا. لاهور، اسلام آباد ۽ راولپنڊيءَ جا صاحب چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته سنڌ جا سياستدان ڀلي ته ڪيترا به مفاد پرست ڇو نه هجن، اتي ڪجهه به نه ڪري سگهندا آهن، جتي عوام جي ڪاوڙ جو خوف هجي. عوام جي ڪاوڙ کان ڊڄڻ به گهرجي، ڇو ته خلق پنهنجي خالق جي طاقت جو مظهر آهي. اهڙن موقعن تي ”عوام طاقت جو سرچشمو“ نظر ايندو آهي
آئون رڳو ياد ڏيارڻ ٿو چاهيان ته سنڌ جو عوام ڪن معاملن تي بنهه جذباتي آهي. اهي اهڙيون ڳالهيون آهن، جو ڪو به عام ماڻهو ’کيٽ کرو ڇڏي، لاهوتي‘ ٿيو پوي. رڳو ’گنجي ڏونگر گام جو پَرو‘ پوڻ گهرجيس. هو اڳي ئي تپيا ويٺا آهن، تنهن ڪري ڀائي صاحبن کي گذارش آهي ته اهي سنڌين جا جذبات نه ڀڙڪائين، جيئن اڄڪلهه عابد شير علي ۽ طاهر القادري ڪري رهيا آهن. اڃا مس مس وڃي ڪراچي صوبي واري ڳالهه ٿڌي ٿي آهي ته هو صاحب عجيب فرمائشون کڻي آيو آهي. چوي ٿو:”53 صوبا ٺاهيو“، ”سياست نه رياست بچايو!“ رياست ڇا آهي؟ ڇا زمين جو ٽڪرو آهي؟ ڀائي صاحب! اهو ڪيڏانهن ڪونه ٿو وڃي، اهو قيامت تائين اتي ئي رهندو. جيڪڏهن توکي سرحدن جي حفاظت جي ڳڻتي آهي ته ان ڪم لاءِ محافظ ۽ سياسي ادارا موجود آهن، تون ته خلل پيو وجهين ... خدا جي زمين تي فساد پکيڙيندو پيو نظر اچين! خبر ناهي ته ههڙا ماڻهو علامه ڪيئن ٿا ٿي وڃن! علامه سڳورن کي ته سوچ سمجهه، بردباري ۽ ڌيرج سان ڳالهائڻ گهرجي. جوش ۽ هيجان پيدا ڪرڻ بدران نرم لهجي ۾ ڳالهائڻ گهرجي ... پر هو ته ڄڻ چُوچڙي ڏيڻ ٿو اچي! جيڪڏهن هو سچ پچ سنڌين جا ۽ جمهوريت پسندن جا جذبا ڀڙڪائڻ ٿو چاهي ته پوءِ مون کي خوف آهي ته سڀڪجهه ڀڙڪي نه پوي! علامه صاحب ته پنهنجي اجرت وٺي پنهنجن پٽن سميت رمتو ٿي ويندو، پر خلق جي تقدير کي ان رستي تي لڳائي ويندو، جيڏانهن وڃڻ نه گهرجي
سڄو جهيڙو مفادن، محبتن ۽ بقا جو آهي. سنڌ جي ماڻهن جو پنهنجو مفاد آهي، محبتن ۽ بقا جو سوال آهي. سنڌي ماڻهن جو پنهنجو مزاج آهي. ...زيادتي پيا برداشت ڪندا، سهندا ۽ ڀوڳيندا، صبر جو وڏو سبق پڙهيل اٿن، پر نيٺ اها به گهڙي ايندي آهي، جڏهن اُٺ تي وِڃڻي بار ٿي پوندي آهي. پوءِ ڇا ٿيندو آهي؟ تاريخ ۾ حُر تحريڪ جو باب پڙهو، ون يونٽ جو باب پڙهو، ايم آر ڊيءَ جو باب پڙهو ... ۽ ڪي خوفناڪ رد عمل ياد ڪريو، جيڪي آئون ورجائڻ نه ٿو چاهيان. پاڪستان جي سياسي پردي تي کوڙ ساريون فلمون هلي رهيون آهن. پردو هڪڙو آهي، فلمون ۽ انهن جا ڪردار کوڙ آهن ... گهڙيءَ گهڙيءَ منظر پيا بدلجن، هر فلم ۾ مار ڌاڙ وارا منظر آهن. ڇا توهان کي ڪو ٿڌو لهجو نظر اچي ٿو؟ طاهر القادري ڏسو! ايم ڪيو ايم وارا ڏسو! مسلم ليگ وارا ڏسو ... جيڪي ڳالهائين ٿا انهن جو لهجو ٻڌو! ۽ جيڪي زبان سان نٿا ڳالهائين، انهن جو به لهجو ٻڌو! ڪلاشنڪوف جو ٽهڪ چئو يا ٽِي ٽِي جي ”ٺا ... ٺا!“ اهي ته زندگيءَ جو ڏيئو اجهائڻ جون ڳالهيون آهن، آکيرا ڊاهڻ جون ڳالهيون آهن. انڪري، وڌيڪ ضروري ٿي پيو آهي ته ٿڌو رهجي ۽ ماٺ مطالعو ڪجي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو