اجتماعي خودڪشيءَ ڏانهن کڄندڙ وکون
جڏهن سمجهڻ سمجهائڻ جو وقت هوندو آهي، تڏهن ڪو به سمجهڻ لاءِ تيار نه ٿيندو آهي، اکين ۾ رت لهي ايندو اٿن....سخت ڪاوڙ ۾ چوندا: ”تون وري ڪير ٿيندو آهين سمجهائڻ وارو؟! توکان ڪنهن صلاح گهري؟ توکي ڪهڙي چڱي مڙس قوم کي خوار خراب ڪرڻ جو ٺيڪو ڏنو آهي؟ اسان کي نه سمجهاءِ، اسان ته اهو ئي پيا ڪريون جيڪو سڄي دُنيا پئي ڪري....خبردار جو اسان کي جهليو اٿئي!“ . جڏهن، سوچ سمجهه جي ڳالهه ٻڌڻ اسان لاءِ ضروري هجي، تڏهن اسان اڪثر جذباتي ٿي ويندا آهيون. جذباتي اهو ئي ٿيندو آهي، جيڪو دليل جي سرحد ٽپي ويو هجي. جڏهن بي شمار ماڻهو دليل جي سرحد ٽپي ’رُڃَ ۾ رُلڻ‘ لڳن ۽ ’غلط‘ کي ’غلط‘ نه سمجهن، تڏهن قلمڪار مجبور ٿي پوي ٿو ته، پنهنجو فرض پورو ڪري! ڀلي ڪو پٿر هڻي، ته به سمجهائڻ جي ڪوشش ڪبي. ٻيلي! ڏاها ٿيو، کوهه ۾ ٽپو نه ڏيو، پنهنجي قوم جي ٻارن ۽ مستقبل کي اجتماعي خودڪشيءَ ڏانهن نه ڌِڪيو!
سنڌ جي هڪ شهر ۾ ٽِيهه پنجٽيهه سالن جو هڪ همراهه مليو، پڇيومانس: ”ڪر خبر! ڇا ڪندو آهين؟“ چيائين: ”بيروزگار آهيان!“ پڇيومانس: ”پوءِ، گهر ٻار ڪيئن پيو هلي؟“ جواب ڏنائين: ”ڪِرياني جو دڪان اٿم، اهو هلائيندو آهيان!“ حيرت ۾ چيم: ”واهه جوان! پنهنجو دڪان، پنهنجو ڪاروبار پيو ڪرين! وري پاڻ کي بيروزگار ٿو سمجهين؟ انگريزن کي دڪاندارن جي قوم چوندا هئا، جن اڳتي هلي سڄي دنيا تي حڪومت ڪئي!“. سوچيو جواب ۾ ڇا چيو هوندائين؟ چيائين: ”الله جو شڪر آهي، پر سرڪاري نوڪري ته ڪونهي، ڀلي کڻي ماستري ئي هجي، حق آ منهنجو، بي اي ڪئي اٿم!“ ... ”چڱو! نوڪري ملي ته پوءِ دُڪان بند ڪري ڇڏيندين؟“ مون پڇيو. چيائين: ”نه! دڪان ڇو بند ڪندس؟ اسڪول سدائين بند پيا آهن...ڪوبه ماستر (اسڪول) ڪونه وڃي (ته پوءِ آئون ڇو ويندس؟)“. پوءِ هو شرمنده مُرڪ مُرڪيو هو. هن صاحب کي نوڪري ڪرڻ ۾ نه، ماستريءَ جي پگهار مفت ۾ کري ڪرڻ ۾ دلچسپي هئي. منهنجا به کوڙ واقف ماستر ۽ ليڪچرار آهن پر انهن مان ڪي اسڪول يا ڪاليج پڙهائڻ نه ويندا آهن، توهان جا به اهڙا کوڙ سارا واقف ماستر هوندا، جيڪي ’وطن وطن ۽ قوم! قوم! “ خوب چوندا آهن پر قوم جي ٻچن کي ڪونه پڙهائيندا آهن
ساڳيءَ طرح ٻهراڙيءَ جو هر نوجوان نوڪريءَ جو طلبگار آهي، ”پوليس وارو ٿيان ته دهمان ڪري ڪمايان! ماستر ٿيان ته گهر ويٺي پگهار کڻان! ڪوٽار يا تپيدار ٿيان ته کاتيدارن کان پئسا ڇڏايان! چوڪيدار ٿيان، پٽيوالي هجي... پوءِ گُهتون گوهيون پيو هڻان... سرڪاري نوڪريءَ ۾ ڪم ڪبو آهي ڇا؟“ جيڪي ويندا آهن، سي ذميواري پوري ڪري پگهار پڪي ڪرڻ لاءِ نه، ’مٿئين ڪمائيءَ‘ لاءِ ڏهاڙيءَ تي ويندا آهن. اها ڳالهه اڪثر ملازمن کي دل سان لڳندي... پر هر ڪو انڪار ڪندو! آئون به چوان ٿو ته ڀائرو! ’پنج آڱريون برابر نه آهن‘ سماج ۾ ايماندا ماڻهو به بيشمار آهن...پر اچو ته خدا جي خلق کان پڇون ته، اهي آفيسرن، پوليس وارن، ماسترن، ڪلارڪن، چوڪيدارن ۽ پٽيوالن جي ڊيوٽين مان ڪيترو مطمئن آهن؟ ڪهڙو ماڻهو آهي جنهن جو ڪم ايمانداريءَ سان ۽ رشوت ڏيڻ کان سواءِ ٿئي ٿو؟ اڄوڪو سنڌي سماج ’واڳون ڏر‘ لڳو پيو آهي. واڳون ڪي وڏا، ته ڪي ننڍا! چون ٿا ته ايتري رشوتخوري ۽ حصا پتيون پنجاب ۾ ڪونه ٿين، انڪري توهان جيئن ئي سنڌ ڇڏي پنجاب جي حدن ۾ داخل ٿيندا، توهان محسوس ڪندا ته ڪنهن ٻئي ملڪ پهچي ويا آهيو
سيوهڻ لوڪل گورنمينٽ جي ڳالهه ٿو ڪريان: هڪ تفريح گاهه لاءِ سرڪاري واٽر سپلاءِ تي هڪ مشين آپريٽر مقرر آهي. ڇهه سال سعودي عرب مان ڪمائي موٽيو آهي. سندس پگهار ست ئي سال جاري هئي، اڄ به ساڳي جاءِ تي مقرر آهي، مشين ڪيترا سال اڳ کان غائب آهي، چيائين ”برساتن ۾ لُڙهي وئي!“ هڪڙو صاحب برپٽ ۾ هڪ قديم آثار تي چوڪيدار آهي، گهر هڪ سئو ڪلوميٽر پري اٿس. مون ان جي شڪل پندرهن ويهن سالن ۾ ڪونه ڏٺي آهي. پگهار باقاعده جاري آهي. ڪير ٿو کڻي؟ ڪير ٿو کائي؟ خدا ئي ڄاڻي!! آئون ’غريب ۽ مسڪين‘ ماڻهن تي تنقيد نه ٿو ڪريان، آئيني ۾ پنهنجي صورت ٿو ڏسان. اسان سڀني کي نوڪري کپي، ڪم ڪرڻ لاءِ نه ... پگهار کڻڻ لاءِ. سڄي سنڌ جا سڀ ماڻهو نوڪرين لاءِ درخواستون هٿن ۾ کڻي قطار ۾ بيٺا آهن. ڪنهن به قسم جي نوڪري هجي، رشوت ڏيڻ لاءِ تيار آهن. وزير صاحب ۽ سيڪريٽريٽ/ڊائريڪٽوريٽ وارا نوڪريون پيا وڪڻن، ’عوام‘ نوڪريون خريد ڪرڻ لاءِ نوٽ کڻي بيٺو آهي. جنهن وٽ نوٽ ناهن سو قطار ۾ بيٺل رهجي ويندو، ۽ جنهن وٽ پئسا آهن، تنهن کي نوڪريءَ جو ڪوڙو سچو آرڊر ملي ويندو...ڊيوٽي به ڏيندو پر ممڪن آهي ته سڀاڻي جعلي آرڊر وٺڻ جي ڏوهه ۾ پريس ڪلب جي سامهون ’واٽر ڪينن‘ جي سامهون بيٺو هجي
پاڻ فيصلو ڪريو! جيڪو پَٽ سَٽ ڪري، پئسا ڏيئي ناجائز طريقي سان نوڪري وٺندو، سو پنهنجو قرض لاهڻ لاءِ ناجائز طريقا استعمال نه ڪندو؟ خدا جي پناهه! ماستري، پٽيوالي ۽ چوڪيداري به پئي وِڪامجي. ڪنهن چيو، ”ماستريءَ جا پنج لک رپيا!“ مون کي ته اعتبار نه ٿو اچي! ها! اها خبر اٿم ته ڪنهن به سرڪاري آفيس ۾ ڪو به ڪاغذ هڪ ميز کان ٻي ميز تائين ان مهل تائين نه ٿو چُري جيسين ان لاءِ اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل ڳاڙهو، سائو يا نيرو نوٽ پنهنجي طاقت نه ٿو ڏيکاري! ڪو به ڪاغذ فارورڊ، منظور يا رليز ڪرائڻ لاءِ جيتريون صحيحون گهرجن، اوترا نوٽ به گهرجن. سو، هر صحيح پئي وِڪامجي، چاهي اهو ڪنهن رٽائر ٿيل يا فوتي پٽيوالي جي پينشن ۽ گريجئٽيءَ جو مسئلو هجي، ڪا بيواهه سرڪاري آفيسن تي در در ٻاڏائيندي وتي يا ڪو بيمار پوڙهو هجي! هنن رشوت خور ۽ رت چُوس آفيسر طبقي کي ڪو قياس ئي نه ٿو اچي! ڄڻ پاڻ نه رٽائر ٿيندا، نه مرندا! سوچيو! اسان جي سماج ۾ ايئن ڇو ٿو ٿئي؟ بدعنواني، رشوتخوري ۽ بي حِسي. اڄڪلهه، اسان ان کي ”خراب ترين حڪمراني“ چئون ٿا. ڪنهن کي نوڪري کپي، ڪنهن کي نوڪري وڪڻڻي آهي، ڪنهن کي بنگلا ۽ بئلنس ٺاهڻو آهي ... پوءِ، اهو پئسو ڪنهن لالچي اميدوار مان نڪري يا ڪنهن رٽائر ڪلارڪ/فوتيءَ جي بيواهه وٽان اچي! سوال اهو آهي ته، ذميوار ڪير آهي؟ ڇا فقط اهو، جيڪو لُٽي پيو؟ يا اهو به جيڪو لُٽجڻ لاءِ تيار آهي؟
گذريل ڪالم ۾ مون ’خبيث چڪر‘ جي ڳالهه ڪئي هئي. ڇا خبيث چڪر ۾ رڳو سياسي جاگيردار، پوليس ۽ ڌاڙيل شامل آهن؟ يا اهو ماڻهو به شامل آهي، جيڪو ان چڪر ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿو. ان چڪر ۾ ته آئون به شامل آهيان جو اکين سان ڏسندي به ڪنهن جو به نالو نه ٿو کڻان! منهنجو به ته مفاد آهي. آئون به ته هن معاشري ۾ زندهه سلامت ۽ سنئين لڱين رهڻ چاهيان ٿو! مون به ته تعليم مان ڪجهه به نه پِرايو آهي، آئون به ته بي همٿ آهيان. منهنجو پاڙيسري ’ڪُنڊو‘ هڻي بجلي چورائيندو آهي، مان چپ آهيان ڇو ته منهنجي انهن سان دعا سلام آهي. منهنجي پاڙي ۾ فلاڻو ماڻهو چرس ۽ هيروئن جو اڏو هلائيندو آهي، اڪثر گهٽيءَ ۾ هوائي فائرنگ ڪندو آهي...مان سندس خلاف ٿاڻي تي رپورٽ داخل نه ٿو ڪرايان. ڇا حد جي پوليس کي ان اڏي جي خبر نه آهي؟ هوائي فائرنگ نه ٿي ٻڌي؟ منهنجي خاموشي به خبيث چڪر جو حصو آهي (جو آئون زندهه سلامت رهڻ چاهيان ٿو)
تازو، مئٽرڪ ۽ نائين درجي جا امتحان ٿي گذريا. وڏيون دعوائون ڪيائون، ”ڪاپي ٿيڻ نه ڏينداسين!“ ”خبردار جو ڪنهن ڪاپي ڪئي آهي!“ ”ڪاپي ڪلچر لعنت آهي!“ سِول سوسائٽيءَ جلسا جلوس ڪڍيا، لانگ مارچ ٿيو ۽ وزير موصوف امتحاني مرڪزن جا دورا ڪيا. وزير صاحب کي شايد ڪجهه به ’غلط‘ نظر نه آيو پر ڪئميرا جي اک تکي آهي، ڪئميرا ڏٺو ته وزير صاحب جي دوري وقت به امتحاني مرڪز ۾ ڪاپيءَ جي ڌُم هئي، شاگردن جي هٿن ۾ ’ڪارتوس‘ ئي نه، سڄا سارا ڪتاب هئا. جنهن معاشري ۾ شاگرد ڪاپي ڪرڻ چاهي ٿو، جتي اِنويجيليٽر (ماستر) پئسا وٺي ڪاپي ڪرڻ ڏئي ٿو، ماءُ پيءُ پئسا ڏيئي ڪاپي ڪرائڻ چاهين ٿا، اُميدوار جا ڀائر ۽ مائٽ وڏيون ديوارون ٽپي ٻِه ماڙ عمارتن جي درين تي ٽنگجي درين مان ’ڪارتوس‘ پهچائين ٿا، بورڊ جا عملدار ٻار کي سٺو گريڊ بلڪه پوزيشن ڏيڻ لاءِ پئسا وٺن ٿا....اُتي ڪاپي ڪلچر ڪير ختم ڪري سگهندو؟ اهو به هڪ خبيث چڪر آهي، جنهن ۾ ٻار، مائٽ، اُستاد، بورڊ عملدار، تعليم کاتو ۽ انتظاميا پوري طرح ملوث آهي. ڪير به ڪونه مڃندو پر سڀني کي خبر آهي ته، هِي ڪيڏو وڏو ڪاروباري ’خبيث چڪر‘ آهي
مون کي ڪراچيءَ جي هڪ نوجوان ٻڌايو: ”اسانجي سڄي سينٽر ۾ ڪاپي نه ٿي ٿئي، ڀلي ته ڪا ٽيم ڇاپو هڻي ڏسي!“... ”اهو ڪيئن ممڪن آهي؟“ مون حيرت ۾ پڇيو هو. جواب مليو، ”سينٽر ۾ هڪ اهڙو پاسيرو ڪمرو آهي، جيڪو امتحاني سينٽر ۾ شامل ڪمرن ۾ ڊڪليئر ٿيل نه آهي، جن شاگردن کي ڪاپي ڪرڻي آهي، اهي پنهنجي ’فِي‘ ڏيئي ان ڪمري ۾ ويهندا آهن، ڇاپي وارا صاحب اوڏانهن ويندا ئي ڪونه آهن!“ اِجهو هِي ڪم ايئن پيو ٿئي! ٻهراڙين وارا سڄو ڪم ’مُڙسا مُڙسي‘ پيا ڪن ۽ شهرن ۾’ سوچ سمجهه‘ سان، ڳالهه هرهنڌ ساڳي آهي
هِي سڀ ٻار ڪاپي ڪري پاس ٿي ويندا، ڊگريون به ملي وينديون، گريڊ به ملندا....پر سڀاڻي جڏهن نوڪريءَ لاءِ ٽيسٽ ڏيندا، تڏهن ڇا ٿيندو؟ هِي سرڪاري نوڪريون وٺندا ۽ جيئن ڪرپشن ڪري پاس ٿيا آهن، تيئن ڪرپٽ ٿي گذاريندا. هِي ماڻهو ’خدا جي خلق کي سُک ڏيڻ لاءِ‘ نوڪريون ڪندا يا پنهنجي سُکَ لاءِ ’مال ميڙيندا!؟‘ جيڪڏهن اهڙو ئي معاشرو ٺاهڻو آهي، ته پوءِ ڏوهه ڪنهن کي ڏجي؟ آئيني جي سامهون بيهي پنهنجو پاڻ کان سوال پڇجي، ”ڇا منهنجا ٻار به ڪاپي ڪن ٿا؟ ڪٿي آئون به ته ڪاپي ڪلچر جي ’خبيث چڪر‘ جو حصو نه آهيان؟“
مڃيوسين ته هن نظام ۾ ڪاپي ڪندڙ شاگرد کي وڌيڪ مارڪون ملنديون آهن ۽ محنت ڪندڙ کي گهٽ! پر اهو نه وسارڻ گهرجي ته، ڪاپي ڪندڙ شاگرد جو ذهن بند ٿيندو ويندو آهي ۽ محنت ڪندڙ جو ذهن کُلندو ويندو آهي. تعليم رڳو امتحان ۾ پاس ٿيڻ ۽ ڊگريون جمع ڪرڻ جو نالو نه آهي. تعليم ذهن کولڻ جو نالو آهي، جيئن مکڙي ٽِڙي گُل وانگر کُلي پوندي آهي. سوچيو: سڀاڻي، ان مهل ڇا ٿيندو جڏهن مقابلي جي امتحان ۾، انٽرويو مهل ڪاپي ڪري پاس ٿيل اُميدوار ’وات ڦاڙي‘ بيٺو هوندو ۽ محنتي شاگرد ڪامياب ٿيندو! اهو به مڃيوسين ته، ’وات ڦاڙي بيٺل‘ شاگرد پئسا ڏيئي ۽ سياسي جاگيردارن کان سفارشون ڪرائي سرڪاري نوڪري وٺي ويندو....پر سرڪاري نوڪريون ڪيتريون هونديون؟ نيٺ هڪ ڏينهن ايندو ۽ تمام جلد ايندو، جڏهن سرڪاري نوڪريون به ’نالائق‘ آفيسرن سان ڀرجي وينديون....ان کان پوءِ، ڪاپي ڪري پاس ٿيل شاگرد ڪيڏانهن ويندا؟ هو ڪيترا به جلسا جلوس ڪڍن، بک هڙتالون ڪن، نوڪريون فقط پرائيويٽ شعبي ۾ هونديون. پرائيويٽ شعبو ’نالائقن‘ کي نوڪريون نه ڏيندو آهي....۽ نه وري ’نالائق‘ ٻاهرين کُليل دنيا ۾ ٻين سان ميرٽ تي مقابلو ڪري سگهندا. پوءِ، اهي تعليمي بورڊن ۽ يونيورسٽين جون ڊگريون ڪهڙي ڪم جون هونديون؟
وقت اچي پيو جڏهن ماسٽرز ڊگري رکندڙ ماڻهن کي ’جـهڙيون تـهڙيون‘ نوڪريون مَسَ ملنديون. هاڻي به ايئن آهي. آئندي، پي ايڇ ڊي ڪرڻ وارا ئي اڳتي وڌندا....۽ ها! پي ايڇ ڊي به تڏهن ڪم ايندي، جڏهن ’مٿي‘ ۾ ڪجهه موجود هوندو! ٻيلي! خدا ڪارڻ هڪٻئي کي سمجهايو ته، ڪاپي ڪلچر ڪنهن به قوم کي ترقيءَ ڏانهن نه پر ’اجتماعي خودڪشيءَ‘ ڏانهن وٺي ويندو. پنهنجن ٻارن کي ۽ ايندڙ نسلن کي اجتماعي خودڪشيءَ جي واٽ تي نه ڌِڪيو، کين اونداهي کُوههَ ۾ ٽپو ڏيڻ کان روڪيو! قاسم پٿر ٺيڪ چوندو هو ته، ”اسان ماڻهو ايترا ته ناسمجهه آهيون، جو پنهنجي وڏي ۽ مستقل مفاد کي ننڍڙن ۽ عارضي مفادن تي قربان ڪري ڇڏيندا آهيون!“....پر اها نا سمجهي آهي يا مفاد پرستي؟
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو