Saturday, 22 November 2014

سڪندر هليو

                                   : غداري ڪيس
    ڇا وري ڪا  سفارشي مداخلت  ٿيندي؟ 
                                 ڇنڇر 04 جنوري 2014ع


پوري ملڪ ۾ اڄڪلهه شديد ٿڌ جا رڪارڊ ٽُٽي رهيا آهن ۽ موسميات وارا ٻڌائي رهيا آهن ته، ٿڌ جو اهو زور ايندڙ ڪافي ڏينهن تائين رهندو. اهڙي شديد ٿڌ باوجود اسلام آباد جي اقتداري ۽ عدالتي ايوانن ۾ جنهن شئي سڀ کان وڌيڪ گرمي پيدا ڪري وڌي آهي، سا اهڙي گرمي آهي، جيڪا گئس ۽ بجليءَ وارن هيٽرن جي وس جي ڳالهه نه هئي. اها سياسي، عدالتي ۽ اقتداري ايوانن واري گرمي يقينن سابق صدر پرويز مشرف جي گرد گهمي ٿي، جيڪو اڃا به سمجهي ٿو ته، ملٽري هن جي پناهه ثابت ٿيندي ۽ هو اسلام آباد جي اقتداري دشت ۾ بي آبرو نه ٿيندو. پرويز مشرف جي ڪيس ۽ ڪار گذارين مان جيڪو هڪ انتهائي اهم پر ڪنهن به طرح سان وري حيرتناڪ پهلو نمايان ٿيو آهي، سو يقينن پاڪستان جي اندروني ۽ سياسي معاملن ۾ ٻاهرين مداخلت بابت آهي، جيڪو ملڪ جي ستهٺ سالا زندگيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هر دور ۾ دهرائجندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ اسان جا حُڪمران هر دفعي اها نويد ٻڌائيندا رهندا آهن ته، هو هڪ خودمختيار ۽ آزاد ملڪ جا وارث آهن پر هر دفعي اها خودمختياري ۽ آزادي پابند ٿيڻ ۾ ويرم ئي نه وٺندي آهي. پوءِ اها مداخلت، حمايت يا مخالفت واشنگٽن مان هجي يا لنڊن مان، دبئي مان هجي يا رياض مان، جنيوا مان هجي يا بيجنگ مان، پر بلآخر هر دفعي اهو ثابت ٿيندو رهيو آهي ته، اسان واري قومي خود مختياري هڪ اهڙو داستان آهي، جنهن جي ساري فساني ۾ حقيقت مڙئي گهٽ آهي. ان ئي تناظر ۾ اڄڪلهه وري سعودي عرب سرگرم آهي. اسلام آباد جي سازشي سرگوشين مان اهو پتو پئجي رهيو آهي ته، پرويز مشرف پاران وڏو ڀاءُ ڪوٺيل سعودي بادشاهه عبدالله جو وزير خارجه سعودي الفيصل سومر تي اسلام آباد پهچي رهيو آهي. هن جي ايجنڊا ملڪي، عالمي ۽ خطي جي صورتحال تي گفتگو هوندي ئي هوندي پر اسلام آباد جي عدالت بجاءِ گهران نڪتل مشرف صاحب جنهن طرح سان فوجي اسپتال ۾ راولپنڊيءَ ۾ ’دل جي تڪليف‘ سبب وڃي داخل ٿيو آهي، تنهن جو ملڪ مان روانگيءَ لاءِ رستو صاف ڪجي، ته جيئن هو ڪنهن عدالتي عذاب ۾ مبتلا ٿيڻ بجاءِ وڃي پرڏيهه ۾ پنهنجي باقي زندگي گذاري ۽ پٺيان ملڪ ۾ هلندڙ هن مٿان غداري واري ڪيس ۾ هن سميت سڀني همنوائن جو به بچاءُ ٿي سگهي.
سعودي گهراڻي جو اڄ کان نه پر هميشه اسان جي سياست، رياست ۽ حڪومت ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. ان ئي سعودي بادشاهه عبدالله 2009ع ۾ لنڊن ۾ هڪ خاص ڪيل دعوت ۽ خاص اُڏام ذريعي اُتي پهتل مشرف تي اهو واضح ڪيو هو ته، تڏهوڪي پ پ پ سرڪار ۽ اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان هو آگسٽ 2008ع ۾ صدارت تان استعيفى کانپوءِ ملڪ مان گارڊ آف آرنر وٺي نڪري آيو آهي. پر ٻيهر پاڪستان وڃڻ جي هرگز ”تڪليف“ نه ڪري. ان جي ابتڙ جنرل مشرف هميشه ملڪ ۾ ٻيهر اچڻ لاءِ بضد رهيو. گذريل سال به جڏهن هو ملڪ اندر واپس اچي رهيو هو ته، هن جي آخري ۽ اهم ترين ملاقات ان ئي سعودي بادشاهه سان ٻڌائي پئي وئي، جنهن جي ”سفارشي مداخلت“ کانپوءِ مشرف جو ملڪ ۾ واپس لهڻ ممڪن ٿي سگهيو، ۽ هاڻ جڏهن جنرل صاحب مٿان داخل ڪيس شروعاتي ضمانتن وغيره سان سڌا ٿي هلڻ لڳا آهن ۽ وفاقي حڪومت خود ڌر ٿي آئين سان بغاوت واري ڪيس ۾ پاڻ عدالت سڳوري وٽ پهتي آهي ۽ ڪوشش اها ٿي رهي آهي ته، 3 نومبر 2007ع واري ايمرجنسي ۽ ايڪشن کي باجماعت نه پر صرف مشرف صاحب تي ئي مرڪوز رکجي. ان ئي صورتحال ۾ مشرف پاران عدالتن ۾ پيش نه ٿيڻ، سيڪيورٽي خدشن جو هر روز وڌڻ، بمن ۽ هٿيارن جو برآمد ٿيڻ ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ پهچڻ ۽ بيهڻ کان وٺي گوٿنات ۽ هاڻي ته مورڳو معاملا اسپتالن تائين پهچڻ يا پهچائڻ مان واضح آهي ته، جنرل صاحب کي ڪنهن به طرح سان ”سياسي ۽ سفارشي لفٽ“ ذريعي ڪڍيو ويندو، ڇو جو وچ ۾ پوڻ واري سعودي بادشاهت سان هي ٻئي همراهه هميشه ٻُٽ رهيا آهن ۽  سندن ياريءَ جا ٻول هاڻي روايتي آزمائش جي گهڙين مان گذري رهيا آهن، جنهن تحت مشرف صاحب کي پنهنجو ضد بلآخر ڇڏڻو پوندو. جيتوڻيڪ سعود الفيصل جو دورو ۽ طالبان سان ڳالهين کان وٺي آمريڪا ۽ ايران ٺاهه وارين حالتن تي پڻ ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته، پاڪستان سان هڪ هڪاڻي ڪندو پر مشرف وارو معاملو به سندس ترجيحن ۾ يقينن ٽاپ تي هوندو.
وقت جي وهڪري جو مقافاتِ عمل ته ڏسو ته ڪالهه جنرل مشرف اسلام آباد ۾ اقتدار تي براجمان هو ۽ نواز شريف قيد هيو. نواز شريف کي ڏنل عدالتي سزا کي هن بحيثيت صدر ختم ڪري، هن ۽ سندس خاندان کي ان ئي سعودي خاندان جي مداخلت ۽ سهڪار کانپوءِ ملڪ مان ٻاهر وڃڻ ڏنو هو. اڄ اهو ساڳيو مشرف نواز شريف واري جاءِ تي آهي، پنهنجي گرفتاري ۽ عدالتي پيشين ۾ بچڻ کان پورو آهي. جڏهن ته نواز شريف اسلام آباد جي اقتداري ايوانن ۾ پنهنجي عيال سميت براجمان آهي ۽ اهو ساڳيو سعودي خاندان سندن وچ ۾ صلح کانپوءِ ناڪامي ڏسڻ جي صورت ۾ هڪڙي ڌر کي وري ملڪ مان ”ايئر لفٽ“ ڪرڻ لاءِ تيار ويٺو آهي. جيڪڏهن مشرف جي بيماريءَ جو بهانو ڪتب نه اچي سگهيو ۽ غداري ڪيس ۾ جلدي ڪا سزا اچي وئي، ته ايوانِ صدر ۾ مقيم فضل الاهي چوڌري ۽ رفيق تارڙ جهڙو ٽيون صدر ممنون حسين يقينن مشرف جي معافيءَ وارن دستاويزن تي صحيح لاءِ تيار هوندو ۽ پنهنجي ملڪ ۽ دنيا آڏو اسان جي اها ڳالهه ڪنهن عيب جيان عيان هوندي ته ”اسان تاريخ مان ڪجهه به سکيو نه آهي!“.
هن ڪيس ۾ ڳالهه رڳو نواز شريف ۽ مشرف جي هجي، ته ماڻهو کڻي ٿوري دير لاءِ صبر ڪري. ڪالهه جڏهن محترمه بينظير ان ئي دبئي ۽ سعودي سهڪار سان گڏ آمريڪي آشيرواد سان بدنامِ زمانه اين آر او جي آرڊيننس جي ڇٽيءَ هيٺ پنهنجي ملڪ اندر واپسي يقيني بڻائي هئي، ته ان وقت به ملڪ جي خودمختياري متاثر ٿيڻ جو ايترو ئي سوال پيدا ٿيو هو، جيترو اڄ آهي. نه رڳو محترمه جي ڪيس اندر پر ڀٽي صاحب جي تختي اونڌي ٿيڻ کان وٺي، هن کي ڦاسيءَ کان بچائڻ لاءِ جيڪي ياسر عرفات ۽ شيخ زيد جون ڪوششون تاريخ جو حصو آهن. سي به ته ملڪي خودمتياريءَ جي تناظر ۾ سياسي ڪمپرومائيز ئي هيون.
انڪري سڄي تاريخ مان اهو بار بار عيان ٿي ويندو ته، سياسي يا حڪومتي جوڙ توڙ يا مفاهمت هجي يا وري رياستي ۽ سفارشي سازباز، اسانجي ملڪ، حڪمرانن ۽ سياستدانن جا سدائين نار وارين رياستن ۽ خاص طور تي سعودي عرب ۽ عرب امارات سان اهڙا تعلقات رهيا آهن، جنهن ۾ تقريبن هر حوالي سان مداخلت ۽ مفاهمت جي صورت ۾ قومي خودمختياريءَ واري تصور مان ڏينهن جا تارا ڪڍيا آهن. نار وارين رياستن کان جڏهن معاملا  ڳورا هوندا آهن، ته پوءِ به ڳالهه لنڊن ۽ واشنگٽن تائين پهچندي آهي. ماضيءَ ۾ اهڙو هڪ مرڪز جنيوا پڻ رهيو آهي. اڄڪلهه ان ۾ بيجنگ جو اضافو ٿيو آهي. انڪري ته اسلام آباد هميشه انهن پنجن طاقت جي مرڪزن جو محتاج رهيو آهي ۽ اڄ جڏهن سعودي عرب پنهنجي پرڏيهي وزير سعود الفيصل ذريعي مشرف جي روانگيءَ لاءِ راهون هموار ڪري رهيو آهي، ته ان ۾ ڪوبه عجب نه آهي. پر خبر ناهي ته، ملڪ جي ڪجهه سياستدانن ۽ صحافين کي ان ۾ پاڪستان جي ”خود مختياريءَ ۾ مداخلت“  صرف هن وقت ئي ڇو نظر اچي رهي آهي ۽ سندن نِهار ملڪي ماضي ۽ ان ۾ مدفون ان خودمختياريءَ ۾ مداخلت واري مزار ڏانهن ڇو نه ٿي وڃي، جنهن کي مڪمل دفن ڪرڻ کانسواءِ هي ملڪ ڪڏهن به کُلي آزاد ۽ خودمختيار ٿي نه سگهندو.
                          

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو