Tuesday, 25 November 2014

کيئل داس ڪوهستاني

                       سنڌ حڪومت کي امن امان 
         ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو
                             آچر 10 نومبر 2013ع

اليڪشن کان اڳ ملڪ جي امن امان جي مسئلي کي نواز ليگ فوڪس ڪري چونڊ مهم بهتر انداز سان هلائي هئي ۽ ان چئلينج کي سامهون رکي ماڻهن کان وڏي تعداد ۾ مينڊيٽ گهريو هو ۽ ملڪ جي عوام ميان نواز شريف تي اعتماد ڏيکارڻ شروع ڪري، اميد رکي هئي ته، نواز ليگ اهو مسئلو حل ڪرائي ويندي ۽ ان وقت جي سروي موجب ملڪ جي 78 سيڪڙو عوام امن جي آس لڳائي رکي هئي، اهو ئي سبب آهي جو محمد نواز شريف وزير اعظم ٿيڻ سان ئي امن امان ۽ بجليءَ جي بحران کي هميشه لاءِ قابو ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. هڪ طرف ڊائيلاگ جي ذريعي امن امان بهتر ڪرڻ لاءِ ملڪ جي سمورين پارٽين جي اي پي سي گهرائي رياست جي سمورن اسٽيڪ هولڊرن يڪراءِ طور فيصلو ڪري ورتو ته، جيڪي مسئلا ڳالهين ذريعي حل ٿين، ته هرو ڀرو گوليءَ  جو جواب گوليءَ  سان نه ڏجي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جنگ ۾ عوام ۽ ملڪ جا رکوالا هزارن جي تعداد ۾ شهيد ٿيا آهن، جيڪو ملڪ کي وڏو نقصان ٿيو آهي، ايڏي وڏي تعداد ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ سان لکين خاندان متاثر ٿيا آهن، اهو ئي سبب آهي جو سمورين رڪاوٽن ۽ سازشن کي حڪومت منهن ڏيندي اڃا تائين انهيءَ موقف ۽ فيصلي تي قائم آهي، ڇاڪاڻ ته ڳالهيون هر مسئلي جو آخري حل آهن.
جڏهن ته ٻئي طرف گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي شهر، جيڪو ملڪ جو وڏو شهر ۽ معاشي حب به آهي، بدترين دهشتگردي ۽ ڦرلٽ جي ور چڙهيل رهيو آهي. مشرف جي حڪومت کان وٺي پيپلز پارٽيءَ  جي آخري حڪومت تائين ڪراچي واسين جو درد ڪير به گهٽائي نه سگهيو آهي ۽ هر ايندڙ ڏينهن شهرين لاءِ خوفناڪ ثابت ٿيو ۽ ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو،  ان صورتحال ۾ نوازليگ، حڪومت کان اڳ ۽ هاڻ پنهنجي موقف تي قائم آهي ته، بهتر طرزِ حڪمراني ۽ قانون جي ذريعي امن امان بحال ڪري سگهبو. انهيءَ سلسلي ۾ ڪجهه وقت اڳ وزير اعظم ڪراچي آيو ۽ گورنر هائوس ۾ ڪراچيءَ جي واپارين، صحافين، سياسي، مذهبي پارٽين ۽ سول سوسائٽيءَ سان ڳالهائي کين اعتماد ۾ وٺي، ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ڪرايو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي ۽ ڪراچي شهر ۾ مڪمل امن ٿيڻ تائين جاري رهندو. انهيءَ سلسلي ۾ گذريل ڏينهن وزير اعظم محمد نواز شريف بلوچستان جي آواران ضلعي ۾ ٿيل زلزلي جي تباهيءَ کانپوءِ متاثرين سان به مليو ۽ رليف ۽ بحاليءَ بابت بريفنگ ورتي ۽ وفاقي حڪومت طرفان مڪمل سهڪار سميت بلوچستان جي حالتن تي تفصيلي مفيد ڳالهيون ڪري اهو ثابت ڪيو ويو ته، هو ننڍن صوبن جي مسئلن ۽ اتان جي حالتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي. جنهن بعد سنڌ جي وزير اعليٰ سيد قائم علي شاهه ۽ گورنر سنڌ سان ٻيو ڀيرو ڪراچيءَ جي ياترا ڪري وزير اعظم رينجرز هيڊڪوارٽر ۾ ڪراچي ٽارگيٽ آپريشن بابت ايندڙ نتيجن ۽ پيش قدمين ۽ مسئلن بابت تفصيلي بريفنگ ورتي، وزير اعظم سان ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ مختلف واپاري اڳواڻن دل کولي پنهنجي دل جو حال وزير اعظم سان اوريو ۽ وزير اعظم کي ٽارگيٽڊ آپريشن بابت مبارڪباد پيش ڪئي، لڳي ائين رهيو هو ته موجوده آپريشن کانپوءِ متاثرين کي ڪجهه رليف ضرور مليو آهي. وزير اعظم نواز شريف چيو ته، هي آپريشن ڪنهن سياسي بنياد يا ڪنهن سياسي پارٽيءَ خلاف نه آهي، بلڪه هي ڏوهارين جي مڪمل خاتمي جو علاج آهي، جيڪڏهن مونکي ان مسئلي جي حل لاءِ ڪوبه ماڻهو تجويز ڏئي ته اسان اها ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. باقي جادوءَ جي لٺ مون وٽ به ناهي، جو تڪڙا نتيجا ڏيئي سگهون. وزير اعظم چيو ته، اگر نواز ليگ جو ڪو ماڻهو به ڏوهاري سرگرمي ڪندو ته ان کي به بخش نه ڪيو ويندو. اها هن آپريشن جي ميرٽ جي نشاني آهي، ته ڪارروائي اڻ ڌري هوندي، ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ ۾ آپريشن هاڻ ضروري ٿي پيو آهي، جيڪڏهن اهو آپريشن شروع نه ٿئي ها، ته ان جو انت ڏاڍو خراب ٿئي ها. ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن ته بدستور جاري آهي، پر ڪراچيءَ سميت سڄيءَ سنڌ ۾ امن و امان جي صورتحال ڪا تعريف جوڳي ناهي. ان ڏس ۾ حڪومت کي سنجيدگيءَ سان سڄي سنڌ جي امن و امان جي صورتحال تي ڌيان ڏيڻو پوندو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو