Tuesday, 9 December 2014

ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ

سنڌ ۾ شهادتن جو سفر به اسڪرپٽ تحت آهي؟               




ڊسمبر 2007 جي آخري شامن ۾ اها 27 ڊسمبر جي شام اوچتو سنڌ وارن لاءِ ڪيئن نه ڏائڻ وانگر ٿي وئي ، جنهن جي هڪ “بريڪنگ نيوز“ محترمه بينظير ڀٽو کي ”شهيد“ ڪري ، سنڌي ماڻهن جي اکين اڳيان اونده ڪري وئي . انهيءَ شام ۾ جٿي هر ڪو پنهنجي ڪکن کي سيڙڻ جي تيارين ۾ هيو ته اوچتو ئي اوچتو اهو وايو منڊل تبديل ٿي ويو ، سڏڪا ، هڏڪيون ڪي ته اڌوريون رهجي ويون ، اوچتو، رات ڊريڪولا نڪري آيا ، جن بغير ڪنهن پارٽي پوزيشن جي انهن شهرن ۾ هڪ مخصوص گروھ جي پنهنجي ئي ديس وارن جي ڪاروباري ملڪيتن کي باهيون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون. شهر جلندا رهيا ، الا اڏامندا رهيا ، سنڌ نيشنل هائي وي جي اڌ کي ،جديد ڪيميڪلن سان ٽرالرن کي ٿوڪ جي حساب سان باهه ڏني وئي جيڪي ڪوئلو بنجي ڪافي ڏينهن تائين ماڻهن کي تعجب ، حيرت جي وادي جو ڏيک ڏئي رهيا هئا. صبح سوير سان هڪ طرف کان ماڻهن جا ٽولا شهرن ڏانهن ايندي ڏٺا ويا جن وٽ اهي سمورا اوزار هئا جن سان آفيسن ، دڪانن جا شٽر سيڪنڊن ۾ ٽوڙي ٿي سگھيا بظاهر اهي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جا ورڪر به نه هيا ،ڄڻ ته انهن کي سمجهايو ويو هجي ته اسان جي ڀيڻ امڙ شهيد ڪئي وئي آهي ، هاڻي چپ رهڻ بيڪار آهي جيڪي وڻيو اهو تباه برباد ڪندا ساڙيندا اچو ، توهان کي ڪير ڪجهھ نه چوندو ۽ پوليس ، انتظاميه پاڻ سڪتي ۾ آهي اها ٻاهر نه نڪرندي ۽ ايئن اهي مخصوص موڪليل ٽولا سمورو ڏينهن شهرن کي ڀيليندا رهيا ، بئنڪون ، سرڪاري نيم سرڪاري آفيسون ٽارگيٽ ڪيل دوڪان ٽوڙيندا ، سامان کڻندا، انهن کي باهيون ڏيندا، مست مست ٿيندا سمورن ٽارگيٽ ٿيل شهرن ۾ ڀيل ڪندا رهيا ، عوام ڏسندو رهيو ، ڪجھه نوجوان به انهيءَ رونشي ۽ هل هنگامي ۾ انهن گڏ ميدان ۾ ڪڏي لهي پيا ، انتظاميه شام تائين ظاهر نه ٿيڻ جو قسم کنيو ويٺي هئي. هيء اها پريڪٽس هئي جيڪا هندوستان جي وزيراعظم اندراگانڌيء جي قتل تي انڊيا ۾ ٿي. جو 24 رياستن جون سرڪاري آفيسون اندراگانڌيء جي محبت ۽ انهيء جي قتل جي غصي غضب ۾ تھس نهس ڪيون ويون هيون، بلڪل انهيء قسم جي پلاننگ سوچي سمجھي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت لاء جوڙي وئي هئي ۽ انهيء تي عمل ڪيو. محترمه جي شهادت کي ڄڻ زمانه گذري ويا ، هڪ اقتدارجو پورو پورو ذائقو محسوس ڪرڻ سان گڏ چکيو ۽ کاڌو پيتو به ويو، محترمه جي خون کي اسڪاٽلينڊجي پوليس به وائکو نه ڪري سگھي ۽ نه ئي اها تفصيلي رپورٽ عوام آڏو آندي وئي ايئن لاڙڪاڻي جي مٽيء مان جنم وٺندڙ بشير خان قريشي کي به هڪ اهڙي سازش سان شهيد ڪيو ويو. جو انهيء سازش کي سمجھڻ لاء کوڙ وقت صرف سمجھڻ ۾ لڳي وڃڻ جي ڪري سموري سنڌ ۾ ڪٿي به باهه ۾ سرڪاري يا غير سرڪاري عمارت ، گاڏين ۽ آفيسن کي نه ساڙيو ۽ نه ئي ڪا شهادت جي آڙ ۾ ڦرلٽ ڪئي وئي. صرف پرامن احتجاج ۽ هڙتالون ئي رڪارڊ ۾ شامل ٿي سگھيون. ايئن وقت تيزيء سان گذرندو رهيو ته اچانڪ 29 نومبر 2014 جي الفجر جو نماز ۾ مشغول سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ عالم دين ايم بي بي ايس ڪندڙ ، شاگرد جدوجھد مان پچي راس ٿيندڙ جمعيت علماءِ سنڌ کي سنڌ اسلام پاڪستان جو سابق سينيٽر ، سنڌ جي حقن جي ڳالھه انقلابي انداز سان رکندڙ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي سکر ۾ مسجد اندر ڪرايئي جا قاتلن شهيد ڪري ڇڏيو.

هيءَ ظاهر ته هڪ وڏو سياسي قتل هيو ، هن قتل تي جٿي ڪراچي کان پشاور تائين روڊ بند ٿيا هئا ،اتي سنڌ اندر هن شهادت کي ماٺو ڪرڻ ، انهيء شهادت کي وسارڻ لاء ، اهي ساڳيون حڪمت عمليون پهرين ئي تيار ڪيون ويون هيون، جيڪي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوء حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ٺاهيون ويون هيون . ، محترمه شهيد بينظير ڀٽو جا قاتل ۽ شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومري جا قاتل بلڪل ساڳيا ٽولا آهن، جن” سنڌ کي عظيم شهادتون“ ڏنيون آهن. شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي شهادت کي وسارڻ ، انهيء درد ۽ نفرت کي ماٺو ڪرڻ لاء انهن قاتلن هن ڀيري سنڌ جي معصوم فرزندن کي شهيد ڪرڻ جو پلان حڪمت عملي سان ٺاهي انهن معصوم شاگردن کي شروع ڪيو آهي.

انهن معصومن کي مهينن جا مهينا اڳ کنڀيو ويو ،بقول سنڌ جي هڪ مزاحمتي ليکڪ جناب زرار پيرزادي جي ته ؛ ”نوري آباد لڳ پهرين ڊسمبر جي رات ڦٽو ڪيل، مٿي ۾ لڳل گولي، بجلي جي ڪرنٽ سان هٿن ۽ پيرن جون ڪاريون ٿيل آڱريون، هٿن ۽ پيرن جا ڪٽيل ننهن، ڊرل مشين سان سوراخيل گوڏا، چچريل پُٺي ۽ نٻل جسم وارو لاش هٿ آيو هو جيڪو ڀٽائي جي فقير لطف پيرزادي جي سرويچ پٽ جو هو“.

11 سيپٽمبر تي ڪراچي جي صدر واري علائقي مان ڊيوٽيءَ تان موٽندي کنڀجي ويل هن ڳڀرو جوان 80 ڏينهن ۽ 80 راتيون ٽارچر سيل ۾ پل پل پئي تشدد ۽ عذاب سَٺا هُيا جنهن جي گواهي سندس مڙهه پئي ڏني. س”نڌ جي سورهين کي شهيد ڪندڙ قاتلن 5 ڏينهن ۾ معصوم شاگردن سرويچ پيرزادو. آصف پنهور، ڪريم ميمڻ ، فهيم ڀٽو واجد لانگاهه الھه وڌايو ۽ وحيد جهڙن ٻچڙن جا تشدد ڪيل ، چچريل ، ڊرل ڪيل لاش مختلف علائقن ۾ اڇلائيندا ويا.

سنڌي ماڻهن کي سندن اڪيلي پارٽي ۽ محب وطن سڏائيندڙ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي اهي معصوم لتاڙي شهيد ٿيل گلاب جي گلن جهڙا ٻارڙا ماري پاڪستان دشمن ۽ بندش پيل علحيدگي پسند تنظيم جا ميمبر چئي انهن سڀني کي خاموش ڪرائي ڇڏيو، جيڪي پاڻ کي محب وطن پاڪستاني سمجھي رهيا هئا ،

هن گذريل هفتي جي انهيء سموري صورتحال ۽ قانون مٿانهين مارا ماريءَ تي پاڪستان جي نيشنل ميڊيا ، سنڌ صوبائي حڪومت ، پاڪستان پيپلز پارٽي ، وزيراعلي سنڌ ، آرمي چيف آف اسٽاف ، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ، گورنر سنڌ ، وزير اعظم پاڪستان ، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سميت سمورن ادارن جي خاموشي محسوس ڪرائي رهي ته قانون کان مٿانهان قتل ، صحيح آهن ، جيڪي ملڪ جي حفاظت جي نالي ۾ قانون ۽ عالم انسانيت کي شرمائي رهيا هئا ، ڇا اهو سمورو عمل ”پاڪستان پروٽيڪشن آرڊر“ آهي ؟ 

        

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو