Tuesday 16 December 2014

عبدالخالق جوڻيجو



  سنڌ فلسطين جي رستي تي  


21 آگسٽ 2014 جي لاهور مان نڪرندڙ انگريزي اخبار ڊيلي ٽائمز ۾ مون هڪ مضمون The Palestinization of sindh جي عنوان سان لکيو هو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ان مضمون جو سنڌي ترجمو” سنڌ فلطسين جي رستي تي“ جي عنوان سان عوامي آواز ۾ ڇپيو. ان ۾ مون فلسطين ۽ سنڌ جي محڪوميءَ ۽ مظلوميءَ ۾ هڪجهڙاين جي نشاندهي ڪئي هئي ۽ اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ڪيئن رياستي ۽ غير رياستي عنصر هڪ منصوبي تحت هڪ ٻئي جي ۽ عالمي قوتن جي مدد سان فلسطين جي ۽ سنڌ جي ڌرتين کي والاريندا پيا وڃن ۽ ڪيئن ٻنهي ملڪن ۾ مذهب جي نالي ۾ اهل وطن کي ڌڪي، انهن جي جاءِ تي دنيا جي مختلف خطن کان ماڻهن کي آڻي آباد ڪيو پيووڃي. مضمون جي آخر ۾ مون غزا (فلسطين) ۾ اسرائيل جي مچايل تباهيءَ جو حوالو ڏيندي سنڌ ۾ اهڙي صورتحال جي خطري ۾ هن خطي تي ان جي پوندڙ تباھ ڪن اثرن جو خدشو ظاهر ڪيو هئو ـ

گذريل ڪجهه ڏينهن دوران فلسطين سان مشابهت رکندڙ واقعن جو اهڙو سلسلو سامهون آيو آهي جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته سنڌ تيزيءَ سان فلسطين جي رستي تي اڳتي وڌي رهي آهي. هڪڙوآهي سنڌ جي زمينن کي ڀڳڙن مٺ تي سنڌ دشمنن حوالي ڪرڻ ۽ اتي ترقيءَ جي نالي ۾ ڌاري آبادڪاريءَ لاءِ ميدان تيار ڪرڻ ۽ ٻيو آهي سنڌي نوجوان کي وطن سان محبت جي ”ڏوھ“ ۾ قتل ڪرڻ. اسرائيل به فلسطين ۾ 66 سالن کان اهي ئي ڪم ڪندو ٿو رهي پر ويجهي ماضيءَ ۾ ان ۾ بي مثال ۽ بي انتها اضافو ۽ تيزي آئي آهي. فلسطين جي چاليهه سيڪڙو ڌرتيءَ تي ته ان وقت ئي قبضو ڪيو ويو. جڏهن 1948ع ۾ اسرائيل جي رياست قائم ڪئي ويئي ۽ دنيا جي اڪثر ملڪن خاص ڪري يورپ ۽ آمريڪا وارن ان جي قانوني حيثيت به تسليم ڪري ڇڏي. ان کانپوءِ باقي رهيل فلسطيني خاص ڪري(اردن دريا جي) مغربي ڪناري ۾ بيت المقدس ۾ وقفي وقفي سان اسرائيل نيون بستيون آباد ڪندو ٿو رهي. جتي مختلف ملڪن کان ايندڙ يهودي قابض ٿيندا پيا وڃن، جڏهن ته ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ اهي علائقا ”نوگو ايريا“ بڻبا پيا وڃن ـ

ٻيو ڪم اسرائيل اهو پيو ڪري ته فلسطيني مزاحمت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مختلف بهانن سان فلسطينين جو قتل عام ڪيو پيو وڃي خاص ڪري نوجوانن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، ايتري تائين جو معصوم ٻارن کي به گولين ۽ بمن جو نشانو بڻايو ٿو وڃي، ان ڪري ته اسرائيلن کي خبر آهي ته اهي فلسطين جي ڌرتيءَ تي ناجائز قبضي گير آهن ۽ تنگ آيد به جنگ آيد وانگر اهي اڄ جا ۽ صبحاڻي جا نوجوان سندس بالادستي ۽ قبضي گيريءَ کي چئلنيج ڪندا ـ

سنڌ ۾ به سنڌين جي زمينن، گهرن ۽ ٻين ملڪيتن تي ڪجهه قبضو ته ان وقت ئي ڪيو ويو جڏهن 1947ع ۾ پاڪستان جي رياست قائم ڪئي ويئي. ان کانپوءِ مختلف وقتن تي، مختلف هيلن بهانن سان ۽ مختلف نالن ۽ نعرن هيٺ سنڌ جي ڌرتي، وسيلن ۽ ملڪيتن تي قبضا ٿيندا رهيا آهن، پر ويجهڙائيءَ ۾ ان عمل ۾ وڏي پئماني تي اضافو ۽ تيزي آئي آهي. ذوالفقار آباد نالي نئون شهر اڏڻ جي مضبوبي هيٺ ٺٽي ضلعي جي ٽن تعلقن جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضو جتان سوين ڳوٺن جا ڌرتي ڌڻي بيدخل ٿيندا ۽ ڌاريا آباد ٿيندا. فوجين جي اداري ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي کي ڪراچيءَ جي آسپاس ۽ سپر هاءِ وي تي هزارين ايڪڙ زمين ڏيڻ ـ

جتي پڻ ڌارين جي آبادڪاريءَ لاءِ نوان شهر تعميرا ڪيا پيا وڃن. سڀ کان وڌيڪ خراب ۽ خطرناڪ ڪم اهو ڪيو ويو آهي ته ڪراچي شهر جي اندر ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ هزارين ايڪڙ زمين پنجاب جي هڪ بدنام شخص ملڪ رياض حوالي ڪئي ويئي آهي جيڪو سنڌ جي ايندڙ ڪيترن نسلن جي جياپي جو وسيلو ان زمين منجهان هڪ طرف کربين رپيا ڪمائي رهيو آهي ته ٻئي طرف ايئن ”تحفن“ ۾ ڏيئي رهيو آهي ڄڻ پنهنجي ابن ڏاڏن جي ملڪيت پنجاب مان کڻي آيو هجي. وڏي ڳالهه ته سندس تحفا وصول ڪندڙن ۾ اُهي آهن جيڪي سنڌين جي مادر وطن کي ورهائڻ ٿا چاهين ته اُهي به جن ته قتل ۽ ٻين سنگين ڏوھن جا الزام آهن ـ

هڪ لحاظ کان ته سنڌ جي صورتحال فلسطينين کان به خراب آهي، فلسطين جي سرزمين تي اسرائيل جي تعمير ڪيل آبادين کي نه رڳو فلسطيني، نه رڳو عرب پر سڄي دنيا غير قانوني تصور ڪري ٿي، جڏهن ته سنڌ جي ڌرتيءَ جي چير ڦاڙ کي قانون چوغو پارايو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اها ڀيل ۽ اها ڀينگ پيپلز پارٽيءَ جي هٿان ٿي رهي آهي، جنهن کي سنڌي ماڻهو ووٽ ڏيئي اقتدار تائين پهچائيندا رهيا آهن. ملڪ رياض پيپلز پارٽيءَ جي ليڊر کي تحفي ۾ لاهور جو بلاول هائوس ڏنو ته موٽ ۾ ”يارن جي يار“ کيس سنڌ جون بي حساب زمينون تحفي ۾ ڏيئي ڇڏيون. هزارين سالن کان ڪروڙين سنڌين جي مادر وطن جي هاڻي اها حيثيت وڃي رهي آهي ته ان کي شخصي دوستون وڌائڻ ۽ انفرادي اقتدار پڪو ڪرڻ خاطر تحفي طور پيش ڪيو وڃي؟ ايئن ٿو لڳي ته اسان ايڪويهين صديءَ جي آزادي ۽ ترقي يافته دنيا ۾ نه پر تاريخ جي اونداهي دور ۾ ٿا رهون. جڏهن شاهي خاندان جي شادين ۾ ماڻهن جا وطن ڏيج ۾ ڏنا ويندا هئا. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو آهي جو هڪ پارٽيءَ جي اقتدار کي سنڌ جي سوين نسلن جي مسقبل مفادن کان مٿانهون بڻايو ويو آهي ۽ هڪ خاندان کي هن ڌرتيءَ جي مهانتا کان وڌيڪ مقدس قرار ڏنو ويو آهي ـ

سنڌ کي فلسطين بڻائڻ واري منصوبي جو ٻيو پارٽ اهو آهي ته پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت جا وچن ڪرڻ ۽ پنهنجي قوم جا ڦريل حق حاصل ڪرڻ جو عزم ڪندڙ سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي قتل ڪيو پيو وڃي. اڳي سنڌ سان محبت ڪرڻ جي ”ڏوھ“ ۾ قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ڊگهي عرصي تائين جيلن ۾ وڌو ويندو هئو. پوءِ وري اهو ٿيو ته گرفتار ڪرڻ کانپوءِ اڻڄاتل هنڌن تي رکيو ويو ۽ ذهني ۽ جسماني تشدد ڪرڻ کانپوءِ آزاد ڪيو ويندو هو پر هاڻي معاملو اتي پهتو آهي ته آهي ته پڪڙيو، گم ڪريو، تشدد ڪريو، ماري ڇڏيو. اهو سلسلو بلوچستان کان شروع ٿيو ۽ سنڌ تائين پهتو. ان ۾ به پهرين ايئن ٿيندو هئو ته ٻئي چوٿين مهيني هڪڙو لاش ملندو هئو، هاڻي روزاني جي بنياد تي سنڌ جي ڌرتيءَ کي رت جو ريج ڏنو ٿو وڃي. اڳي سنڌ ۽ بلوچستان جا قومپرست چوندا هئا ته هن رياست ۾ اسانجي حيثيت ٻئي درجي جي شهريءَ واري آهي ته حڪمران ڪاوڙجي پوندا هئا، هاڻي رياستي ادارا پاڻ پنهنجي عملن سان اهو واضح پيغام ڏيئي رهيا آهن ته ”توهان سنڌين ۽ بلوچن جي حيثيت هن ملڪ ۾ غلامن واري آهي، زنده رهڻ چاهيو ٿا ته ان حيثيت ۾ رهو نه ته موت قبوليو يا ملڪ ڇڏي وڃو “ـ

جڏهن کان هندستان اسرائيل سان دوستي ڪئي آهي، اهو به ڪشميرين سان اهڙو ئي ورتاءُ ڪري رهيو آهي. اتي به حق خوداراديت جي گهر ڪندڙ محبت وطن ڪشميرين کي اڳ ۾ گرفتار ڪري ڊگهي عرصي تائين گم ڪيو ويندو هئو ۽ ذهني /جسماني تشدد کانپوءِ آزاد ڪيو ويندو هئو پر هاڻي اتي به ڪشميري نوجوانن کي قتل ڪيو وڃي ٿو، ايستائين جو رڳو شڪ جي بنياد تي به نوجوانن کي ويندي 13 سالن جي ٻارن کي به گولين جو کاڄ بڻايو ٿو وڃي. عجب جي ڳالهه آهي ته پاڪستان جا حڪمران ڪشمير ۾ ٿيندڙ اهڙين ڪاررواين کي ته ظلم، جبر ۽ انساني حقن جي لتاڙ ٿا چون پر هتي سنڌ ۾ اهڙائي عمل ورجايا وڃن ٿا ـ

پاڪستاني حڪمران ڪافي عرصي کان اعلان ڪندا ٿا رهن ۽ دنيا کي ٻڌائيندا ٿا رهن ته مذهبي انتها پسندي پاڪستان لاءِ، خطي لاءِ ۽ دنيا لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي، ايتري تائين جو ان مان پاڪستاني رياست جي وجود کي خطرو آهي. اهو به چون ٿا ته انهن پنهنجي قومي سلامتيءَ جي پاليسيءَ ۾ بنيادي تبديلي ڪئي آهي ۽ هاڻي ٻاهرين/غير ملڪي حملي کانپوءِ مذهبي انتهاپسنديءَ واري اندروني عنصر کي وڏو خطرو ٿاسمجهن. پر لڳي ٿو ته پاليسيءَ جي اها تبديلي رڳو ڪتابن ۾ لکڻ تائين محدود آهي ۽ دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ به رياستي ادارا عملي طور قومي تحريڪن کي سڀ کان وڌيڪ نشانو بڻائين ٿا، جيڪي پنهنجي ڪردار ۽ فطرت ۾ سيڪيولر آهن. نه رڳو ايترو پر قومي تحريڪن کي چٿڻ جي ڪوشش ۾ اڪثر حالتن ۾ اُهي انهن ئي مذهبي انتهاپسند ڌرين کان مدد وٺن ٿا ۽ انهن جي مدد ڪن ٿا جيڪي اعلانيه طور انتها پسندي، فرقي پرستي ۽ تشدد جي نه رڳو وڪالت ڪن ٿيون پر عملي اظهار به ڪن ٿيون ـ

سياڻن سچ چيو آهي ته جيڪو بندوق تي ڀاڙيندو آهي اهو عقل کان ڪم ناهي وٺندو. پاڪستان جا حڪمران نه ته تاريخ مان ڪو سبق سکيا آهن ۽ نه ئي اهي پنهنجي تجربن مان ڪجهه سکڻ لاءِ تيار آهن. اڄ جنهن مذهبي انتها پسنديءَ جي اهي ڳالهه ٿا ڪن ۽ جنهن انتهاپسنديءَ جي ڀوت کان اهي خوفزده آهن، انهن کان سنڌ جي قومي اڳواڻن سائين جي ايم سيد 60 سال اڳ ۾ کين خبردار ڪيو هئو ۽ ان کان بچڻ جاگس به ڏسيا هئا پر حڪمرانن ان کي اسلام جو، ملڪ جو ۽ عوام جو سڀ کان وڏو دشمن قرار ڏيندي لڳاتار قيد ۾ رکيو. جڏهن ته ملن کي پنهنجو مددگار بڻايو ۽ انهن سياستدانن کي سندس مقابلي ۾ آندو جن رياستي معاملن کي مذهب جي تابع بڻايو. نتيجو اهو آهي ته اڄ مذهبي انتها پسنديءَ جي جن کان نه عوام محفوظ آهي، نه ملڪ محفوظ آهي ۽ نه اسلام آباد محفوظ آهي. اڄ انسانن لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ جڳهه مسجد، مندر، امام بارگاھ ۽ چرچ آهي ـ

بنگال جي قومپرست جماعت، عوامي ليگ عوام جي طاقت سان هن ملڪ ۽ معاشري کي روشن خيال، امن پسند، انسان دوست ۽ ترقي يافته بنائڻ پئي چاهيو پر ملڪ جي اصل حڪمرانن ان جماعت کي اقتدار ڏيڻ بجاءِ لکين انسانن جا لاش ڏنا ۽ انهن کي ڪچلڻ جي ڪوشش ۾ بندوق سان گڏ مذهب جي هٿيار به کي استعمال ڪيو ۽ مذهب جي مهندارن کي پنهنجو ساٿي بڻايو. اڄ جيڪو ڪجهه مذهبي انتها پسندي ۽ دهشتگرديءَ جي صورت ۾ ٿي رهيو آهي اهو عوامي ليگ خلاف آپريشن ۽ بنگالين جي قتلام جو سڌوسنئون نتيجو آهي. پر حڪمرانن کي ذهن نشين ڪرڻ کپي ته بندوق جي زور تي نه اسرائيل فلسطينين جي قومي تحريڪ کي ختم ڪري سگهيو آهي نه هندستان ڪشميرين جي حب الوطينيءَ واري جذبي کي دٻائي سگهيو آهي ۽ نه توهان بنگال جي قومپرست تحريڪ کي شڪست ڏيئي سگهيا. ۽ وري نه ئي توهان سنڌين ۽ بلوچن جي دل ۽ دماغ مان وطن جي محبت ۽ انساني ڀائيچاري کي ڪڍي سگهيا آهيو ها، اهو ضرور ٿيو آهي نه توهانجي پاليسين ۽ حڪمت عملين جي نتيجي ۾ ته هزارين بلڪه لکين انسانن جو رت رستن تي، گهرن ۾ ۽ عبادتگاهن ۾ وهي رهيو آهي جن ۾ وڏي اڪثريت مسلمانن جي آهي، نه رڳو ايترو پر اٽڪ کان وٺي ڪراچيءَ تائين ۽ راولپنڊيءَ کان ڪوئٽا تائين توهانجا پنهنجا ”ملڪي تحفظ“ جا مرڪز مذهبي انتها پسندن جي حملي هيٺ آهن ـ

هيءَ صورتحال رڳو حڪمرانن جي ڪردار کي وائکو ڪو نه ٿي ڪري پر اسانجي ڪردار بابت به وڏا سوال اٿاري ٿي. غلاميءَ جي بدترين شڪل اختيار ڪندڙ ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل اهليت، صلاحيت، سوچ ۽ تياري اسان وٽ آهي ۽ جڏهن فلسطين ۽ ڪشمير وارو ظلم ۽ جبر ٿئي پيو ته ڇا اسان وٽ فلسطينين ۽ ڪشميرين جهڙي ڪا حڪمت عملي آهي؟ ان صورتحال مان نڪرڻ لاءِ اسان ڇا ڪري رهيا آهيون؟ رڳو دانهون ڪوڪون ڪرڻ سان قومون نه جيئنديون آهن، رڳو ماتم ڪرڻ سان ۽ پٽون پاراتا ڏيڻ سان مصيبت ڪانه ٽرندي آهي. لڳاتار رڙيون، دانهون ۽ احتجاج ڪرڻ جي باوجود صورتحال سڌرڻ بجاءِ بد کان بدتر ٿيندي پئي وڃي. انجي ڪارڻن کي جاچڻ لاءِ اسانکي پنهنجي ذاتي ۽ قومي، انفرادي ۽ اجتماعي ڪردار ۽ حڪمت عملين جو نئين سر جائزو وٺڻو پوندو. ڪجهه سولا پر اهم، بنيادي پر فيصل ڪن نقطا بهرحال سامهون چٽا پيا آهن جن کي مخاطب ٿيڻ سان اسان صحيح شروعات ڪري سگهون ٿا. اسان پارٽين ۽ انهن جي پروگرامن جي بجاءِ شخصيتن کي اڀاريو آهي، ادارن بجاءِ فردن کي اهميت ڏني آهي ۽ قومي جدوجهد جا نظرياتي بنياد پختا ڪرڻ بجاءِ رڳو اشوز جي سياست ڪئي آهي. سڀ کان اهم ڳالهه ته اسان صحتمند بحث ۽ دليل دلائل جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن. اسان حڪمرانن وانگر محب وطن ۽ غدار ۽ من ۽ ڪافر جون فتوائون جاري ڪرڻ جا ڪارخانا کولي ڇڏيا آهن، اسانکي هر گز نه وسارڻ کپي ته غير تنقيدي رويو موت جي علامت هوندو آهي ـ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو