بحرانن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل عوام
چنڊ تي پهچڻ جي انساني ڪوشش پهريون ڀيرو 1969ع ۾ ڪاميابي ماڻي ان کان اڳ چنڊ تي قدم رکڻ جي تصور تحت انسان جون جيڪي به ڪوششون هيون انهن جو باتصوير رڪارڊ ”دِي مون“ نالي هڪ ڪتاب ۾ محفوظ ڪيل آهي. ان ڪتاب ۾ چنڊ تي پهچڻ جو هڪڙو تصور اهو به لکيل آهي ته هڪ وڏي جهولڻ ۾ ماڻهو کي ويهاري زور سان جهولڻ ذريعي ماڻهو کي چنڊ طرف اڇلائجي ته اهو چنڊ تي وڃي ڪرندو، ان طرح چنڊ تي پهچي سگهبو. ڀورائي واري اهڙي ڀل ۾ انسان ڪيترائي جاني نقصان به ڪيا هوندا پر انساني ڪوشش رائيگان نه ٿي. هو نيٺ 1969ع ۾ راڪيٽ ذريعي چنڊ تي پهتو، جنهن کي هيل تائين لڳ ڀڳ اڌ صدي جو عرصو ٿيڻ وارو آهي. ان باوجود اڄ به سنڌ ۾ عام چوڻي آهي ته ”انسان چنڊ تي پهچي ويو آهي، اسان اڃا اُتي جو اُتي آهيون.“ هاڻي ته انسان مريخ تي به پهتو آهي ۽ اُتي انساني ڪالونيون آباد ڪرڻ لاءِ سوچي رهيو آهي ۽ دنيا جي عورتن به اُتي پلاٽ بڪ ڪرائڻ ۽ گهر ٺاهي رهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. چنڊ يا مريخ تي پهچڻ ۽ انهن کي اڀياس هيٺ آڻي ڄاڻ حاصل ڪرڻ انسان جو مهانگو شوق آهي جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته انسان ڪوششن سان ڇا ڇا ڪري سگهي ٿو؟ سڄي تاريخ ۾ انسان نقصانڪار فطرتن کي شڪست ڏئي ان ذريعي خوشحالي ۽ سڪون سان جيئڻ جا گس ڳوليا آهن ۽ وڏيون ڪاميابيون ماڻي پوري دنيا کي هڪ ڳوٺ بڻائي ڇڏيو آهي. هر مسئلي جو حل ڳولي ورتو آهي ۽ هر ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي. دنيا جي ترقي ۾ انسان جون گڏيل ۽ نسل در نسل ڪوششن جو وڏو هٿ آهي، انهن ڪوششن ۾ سڀ کان وڏي ڳالهه ڪم سان سچائي، لگن ۽ ايمانداري رهي آهي. هن وقت دنيا ۾ ترقي جو معيار تحقيق ذريعي حاصلات ٿي ويو آهي
اسان وٽ پوليو جي بيماري جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن جو ڪو نتيجو ناهي نڪتو سواءِ ان جي جو هاڻ پوليو جي بيماري سبب اسان تي دنيا اِها پابندي مڙهي ڇڏي آهي جو پوليو فري سرٽيفيڪٽ ۽ مڪمل تصديق کانسواءِ دنيا ۾ ڪٿي به نٿا وڃي سگهون. چند سال اڳ ڀارت ۾ پوليو جا تمام گهڻا ڪيس هئا، ادارن ۽ ماڻهن جي ملڪ سان سچائي ثابت ٿي، هن وقت ڀارت پوليو جي شڪ ۾ پاڪستانين کي پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ کان روڪي رهيو آهي. ميڊيڪل سائنس ۾ اهو ثابت آهي ته ڏند جڏهن پنهنجو صحيح ڪم نه ڪندا آهن ته ان جي نتيجي ۾ پيٽ خراب ٿيندو آهي، جڏهن پيٽ خراب ٿيندو آهي، تڏهن اُن خرابي جي پهرين سزا واپس ڏندن کي ئي ملندي آهي، جن ماڻهن جا ڏند وقت کان پهرين بيمار ٿي ڇڻي ويندا آهن تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته انهن ماڻهن جا اصل ۾ پيٽ خراب هوندا آهن. قبضي، بدهضمي، پيچس جي بيمارين جو هڪڙو سبب کاڌو صحيح طرح ڄٻاڙي نه کائڻ ۽ ڏندن جو ڪم پيٽ تي ڇڏي ڏيڻ هوندو آهي. ڏندن جو اُلڙڻ، سور ۽ وقت کان اڳ ڪري ڇڻي پوڻ جو بنيادي سبب پيٽ جون بيماريون رهيو آهي، هن کان اڳ پوليو جا ڦڙا پياريندڙ فيميل ورڪرس تان وڏا ماڻهو ٺٺوليون ڪندا هئا. پوليو جي بيماري ڪرپشن ۽ ڪوتاهين جي ڪري ختم نه ٿي سگهڻ جي نتيجي ۾ هاڻ ان جي سزا هر ان وڏي ماڻهو کي ملي رهي آهي، جيڪو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جا شوق رکي ٿو، انهن وڏن ماڻهن ۾ ملڪ جو صدر، وزيراعظم، وزيراعليٰ، گورنر، صحت کاتي جو منسٽر، سيڪريٽري صحت کاتي جو ضلعي آفيسر به شامل آهن، جيڪي جڏهن به ڪنهن مقصد سان ملڪ ڇڏيندا ته انهن کي ايئرپورٽ تي پهرين پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئڻا پوندا، هتان نڪرڻ وقت انهن ڦڙن پيئڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي وئي ته پوءِ جتي به لهندا اُن ملڪ جا ماڻهو انهن کي اُتي پوليو جا ڦڙا پيارڻ واري سزا ڏيندا. پوليو جو وائرس پاڻ سان گڏ کڻي ٻاهر ويندڙ سمورن وڏن ماڻهن کي ٻاهريان ملڪ پنهنجن ايئرپورٽن ۽ بندرگاهن تان ئي ڊي پورٽ ڪري واپس موڪلي سگهن ٿا
اسان وٽ فڪر، سوچ، صحيح رخ ۾ اڳتي وڌڻ، وسيلن جي استعمال ۽ اخلاق جا ته بحران آهن ئي پر مُلڪ ۾ بجلي جو بحران سال به سال حڪمرانن جي ڪجهه غلط منصوبابندي ۽ نااهلي جي ڪري شدت اختيار ڪندو پيو وڃي. موجوده وزيراعظم نواز شريف اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ بجلي جي بحران جي خاتمي جو اعلان ڪيو هو ۽ اقتدار ۾ اچي بجلي جي گهٽتائي واري مسئلي کي چند مهينن ۾ حل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ هاڻ چوي ٿو ته اهو مسئلو هنن پنجن سالن ۾ حل نه ٿي سگهندو. معنيٰ اها ته مسئلي جي حل لاءِ پنج سال کپن يا پوءِ اهو مسئلو ايندڙ حڪومت لاءِ ڇڏيو ويندو. اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ تازن انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار 10 هزار 5 سئو ميگاواٽ تائين آهي جڏهن ته بجلي جي کپت پيداوار کان ٻيڻي آهي ان ڪري ملڪ ۾ 8 کان 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو شيڊيول لاڳو آهي. ملڪ ۾ بجلي جي جيتري کوٽ آهي، اُن کان وڌيڪ بجلي چوري ٿئي ٿي. بجلي جي چوري ڪا اهڙي چوري ناهي جو ماڻهو ان چوري کي کائي پيٽ ڀرين ٿا، چوري به بجلي جي استعمال جو هڪڙو حصو آهي، هڪڙو خيال اهو آهي ته چوري کي روڪي لوڊشيڊنگ ختم ڪري سگهجي ٿي. ڇو ته چوري ۽ کوٽ وارا انگ اکر برابر آهن، چوري کي روڪڻ لاءِ سخت سزائن وارا قانون به ٺاهيا ويا آهن، جن تحت گهٽ ۾ گهٽ 2 سال جيل ۽ 10 لک روپين جي ڏنڊ جي سزا طئي ڪئي وئي آهي. وڌ ۾ وڌ سزا 7 سال جيل 60 لک ڏنڊ آهي. اهڙيون سزائون بجلي چورن کي اڃا تائين ڏيڻ شروع نه ڪيون ويون آهن. هر سب ڊويزن ۾ بجلي چورن کي قانون مطابق بنا وارنٽ جي گرفتار ڪري انهن کي طئي ڪيل سزائون ڏيڻ جي شروعات ٿئي ته بجلي جي چوري کي هڪ مهيني اندر ٻڙي اچي سگهي ٿي پر اهڙي ايمانداري واپڊا وارن کي بک ماريندي، هر ماڻهو ميٽر لڳائي بجلي سڌي طرح واپڊا سرڪار کان خريد ڪرڻ شروع ڪئي ته پوءِ اليڪٽرڪ انجنيئرنگ ۾ ڪو به داخلا نه وٺندو، ڇو ته اُها اهڙي سائنس ٿي ويندي جنهن ذريعي ڪا به سڻڀي نوڪري نه ملي سگهندي. بجلي چوري کي روڪڻ به وڏو انقلابي قدم آهي، جنهن جي توقع واپڊا واري کاتي جي ماڻهن مان رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي. ان سلسلي ۾ جوڙيل قانون لاڳو نه ٿي سگهڻ واري صورت ۾ بي معنيٰ ۽ فضول بڻجي ويا آهن. بجلي چوري ۽ مهانگي بجلي ۾ هڪ سڌي نسبت آهي، سرڪار بجلي کي جيترو مهانگو ڪندي پئي وڃي اُن جي چوري اوترو وڌندي پئي وڃي. اها ابتي نسبت تڏهن ٿيندي جڏهن بجلي کي سستو ڪري هر ماڻهو جي خريدي پهچ ۾ آندو ويندو، جيڪو عمل معاشي حالتن موجب نه ممڪن رهيو آهي ۽ نه ڪڏهن ٿي سگهي ٿو
بجلي جي گهٽتائي سبب لوڊشيڊنگ جي ڪري جيڪي نقصان ٿي رهيا آهن انهن جي سروي ۽ ڪلڪيوليشن به ڪو نه ڪري رهيو آهي، 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جي ڪري، ملڪ جي مجموعي پيداواري قوت ۽ پيداوار تي ڪهڙا برا اثر پون ٿا، ان جو اندازو ئي ڇرڪائيندڙ ٿي سگهي ٿو. بجلي نه هجڻ ڪري ماڻهو جي ڪم جي صلاحيت متاثر ٿئي ٿي. شاگردن جي تعليم تي منفي اثر پون ٿا، گرمي جي شدت ۾ اضافي سان ماڻهو بيمار ٿين ٿا. بجلي جو متبادل انتهائي مهانگو هجڻ ڪري ماڻهو جي گهريلو خرچن ۾ اضافو اچي ٿو. بجلي تي هلندڙ سمورا ڪم مهانگا ٿي پون ٿا ۽ ٺهندڙ شين تي لاڳت وڌي ٿي ۽ اُهي مهانگيون وڪرو ٿين ٿيون. تيل ۽ گئس جو استعمال وڌڻ سان محدود قدرتي نعمتن جو وڏو نقصان ٿئي ٿو. ان طرح جي سمورن نقصانن جي سروي ڪري انگ اکر گڏ ڪجن ته اُهي انگ اکر حيران ڪندڙ ٿي سگهن ٿا. ملڪ ۾ توانائي جي وسيلن کي ترقي ڏيارڻ لاءِ قدرتي نعمتن جي ڪا به کوٽ ناهي، رڳو صحيح رٿابندي ۽ ايمانداري جي کوٽ آهي، جيڪي بجلي جي کوٽ جو به سبب آهن.
دنيا جي ترقي يافته ملڪن ترقي کي تحقيق سان جوڙي رکيو آهي، ڪو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ پهرين تحقيق ڪرائي وڃي ٿي. ماهرن کي ٽاسڪ ڏيئي حل ڳوليو وڃي ٿو. اسان وٽ به تحقيق جا شعبا آهن ۽ نالي ۾ پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ موجود ڪوئلي جي ذخيرن رکڻ جي حوالي سان پاڪستان کي دنيا جي ستن وڏن ملڪن جي لسٽ ۾ بيهاريو آهي سنڌ ۾ موجود ڪوئلي جي مجموعي ماليت ايران ۽ سعودي ۾ موجود تيل جي ماليت جي برابر چئي وڃي ٿي پر اُن ڪوئلي مان اڃا تائين بجلي جي صورت ۾ اهڙي ۽ ايتري مقدار ۾ توانائي حاصل ڪرڻ ۾ اسان ناڪام رهيا آهيون. ڪوئلو ڪڍي واش ڪري دنيا کي سپلاءِ ڪري ٻاهريون ناڻو ڪمائڻ به اسان جي وس ۾ نه رهيو آهي لاکڙا ۾ لاکڙا جي ڪوئلي تي هلندڙ چائنا وارو پاور پلانٽ 24 ڪلاڪن ۾ 150 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو پر ان پاور پلانٽ جا ٽئي يونٽ ڪڏهن به گڏ هلي نه سگهيا آهن جنهن ڪري ان مثالي پاور پلانٽ جي پراڊڪشن 35 ميگاواٽ کان ڪڏهن به نه وڌي آهي. ڪروڊ آئل تي هلندڙ ڄامشوري وارو پاور پلانٽ تيل تي مهانگي بجلي تيار ڪري رهيو آهي. اسان جي بدقسمتي اها به آهي جو هتي ايٽم بم ته آهي پر بجلي ڪونهي، ايٽمي ري پروسسنگ پلانٽ ذريعي به بجلي جي پيداوار ۾ اضافو آڻي سگهجي ٿو. بجلي ڀر وارن ملڪن کان ڪنڊيڪٽر ذريعي سڌي طرح سستي اگهه ۾ به خريد ڪري سگهجي ٿي. ڀارت، ايران ۽ چين اهڙيون آفرون به ڏئي چڪا آهن. چائنا 300 روپيا في ڪلو واٽ بجلي 24 ڪلاڪ تائين ڏيڻ جي آفر به ڏئي چڪو آهي. اهڙن منصوبن تي ان ڪري به نه ويچاريو ويو آهي جو ان سان عوام کي سڌو ۽ سستو فائدو رسڻ جو امڪان آهي هتي ڪم اهڙو ڪرڻو آهي جنهن سان انهن کي فائدو پهچندو هجي جن وٽ ڪم ڪرڻ جا اختيار آهن
بجلي توانائي جو اهڙو ذريعو آهي جنهن سان افرادي صلاحيت روزگار، پيداوار ۽ ترقي جڙيل آهي. 24 ڪلاڪن ۾ 12 ڪلاڪ بجلي بند رهڻ جو مطلب هر ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جي رفتار 50 سيڪڙو گهٽجي وڃڻ جي برابر آهي. ترقي ۽ تبديلي جي هن نئين ۽ نرالي ڊوڙ ۾ هڪ قدم به پوئتي رهجي وڃڻ تاريخ ۾ ميسارجي وڃڻ واري راهه آهي جنهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. سرڪار ۽ سرندي وارن کي انهن منصوبن طرف سوچڻ گهرجي جيڪي ملڪ ۽ ان جي ماڻهن کي دنيا جي ملڪن ۽ ماڻهن سان گڏ بيهارڻ وارا منصوبا ٿي سگهن ٿا
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو