Tuesday, 25 November 2014

مراد پندراڻي

                  سارين جا اگهه، سگهارا واپاري ۽ هيڻا هاري


سنڌ صوبو قدرتي وسيلن سان ته هونئن ئي مالا مال آهي پر هتي زرعي پوک پڻ تمام ججهي نموني پوکي وڃي ٿي ۽ خاص طور تي سارين جي پوکي بابت ملڪان ملڪ مشهور آهي، سنڌ جي اترين علائقن جن ۾ شهدادڪوٽ، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، شڪارپور، دادو ضلعن سميت گهوٽڪي، سکر ، خيرپور ۽ نوشهروفيروز جي ڪجهه حصن ۾ سارين جا مختلف جنسون پوکيون پييون  وڃن، جن ۾ ڪجهه آڳاٽيون ۽ ڪجهه پاڇاٽيون هونديون  آهن، تنهن هوندي به هن پوري پٽي اندر سارين جا فصل تمام زبردست ٿين ٿا ۽ پاڻي جي کوٽ سبب ڪجهه علائقن ۾ آبادگار پاڇاٽي جنس ڊي آر_6 ۽ روسي جي نالي سان سڃاڻپ رکندڙ جنسون پوکي به پنهنجي زمينن کي غير آباد ٿيڻ کان بچائين ٿا، گذريل ڪجهه سالن کان واپارين جا پيٽ ايترا ته ڀرجي ويا آهن جو جڏهن چاهين تور جي مد ۾ ڪٽوتي ڪن ته ڪڏهن وري چوڪيداري جي نالي تي 50 روپيا ڪٽي هارين ۽ آبادگارن کي بليڪ ميل ڪرڻ تي مجبور ڪن، ان باوجود مختلف ضلعن اندر انهن ڪٽوتين خلاف ڀرپور نموني تحريڪون به هليون پر آفيسر شاهي سان ملي ڀڳت سبب واپارين جي ڪن تي جونءِ به ڪانه چري، اها ويڌن ته ڏهاڪو کن سالن کان به وڌيڪ عرصي کان جاري آهي ته وري گذريل سال کان چانورن جي ملن جا واپاري ته صفا هوڏ تي لهي آيا آهن ۽ سارين جي اگهن ۾ هٿرادو لاٿ ڪري من ماني شروع ڪري ڇڏي آهي، گذريل سال ته آبادگارن ۽ هارين جي امڪاني احتجاجي تحريڪ هلائڻ واري اعلان کانپوءِ اگهه ڪجهه مناسب رهيا پر هن سال ڪيترا ئي جواز ڄاڻائي في مڻ تي 500 کان 700 روپيا هٿرادو لاٿ ڪري سارين جي فصلن مٿان تمام گهڻو خرچ ڪندڙ آبادگار ويچارا مڪمل طور تي تباهه ۽ ڪنگال ٿي رهيا آهن، انهي جي نتيجي ۾ مجبور ٿي ڪري شهدادڪوٽ ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي 17 نومبر تي ڀرپور احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ ٻن ڪلوميٽرن تائين پيادل مارچ ڪري شهر جي مين چوڪ تي 3 ڪلاڪن کان به وڌيڪ ڌرڻو هنيو ويو، تنهن کان پوءِ خميس ڏينهن 20 نومبر تي شهدادڪوٽ جي اناج منڊي کي پڻ مڪمل طور تي بند ڪرايو ويو ۽ آبادگارن ساريون نه آڻڻ جو اعلان ڪندي سومر واري ڏينهن تمام وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ڀرپور احتجاج ڪيو.
احتجاج ڪندڙن مطابق ته چانورن جي واپارين جي هڪ هٽي سبب اسان هارين ۽ آباد گارن سان تمام گھڻي ناانصافي ٿي رهي آهي جنهن جي ڪري اسين فاقا ڪشي جو شڪار آهيون، پر ڀرپور احتجاج باوجود به رائيس مل مالڪ پنهنجي هوڏ تي قائم آهن، هاري ۽ آباد گار پنهنجي جائز مسئلي لاءِ سراپا احتجاج آهن ۽ حڪمرانن کي ڪابه پرواهه ناهي ته هاري ۽ آبادگار ڪهڙن تڪيلفن سبب روڊن تي نڪري آيا آهن، شهدادڪوٽ ۾ چانورن جي واپارين جو اهو بهانو هوندو آهي ته هو هر سال نقصان ڪن ٿا پر ڏسجي ته هر سال ڏهه کان به وڌيڪ نيون رائيس ملون کوليون ٿيون وڃن ۽ جيڪڏهن نقصان ٿئي ها ته پوءِ نيون رائيس ملون ڇو لڳن ها.؟ واپارين جي ملي ڀڳت سبب هر سال هارين ۽ آبادگارن جو اربين روپين جو نقصان ٿئي ٿو ۽ واپاري وري هر سال اڃان وڌيڪ ڪمائڻ باوجود به نقصان ڄاڻائين ٿا، ضلعي انتظاميا جي گهٽ دلچسپي سبب واپارين کي جيڪو وڻي ٿو اهو اگهه مقرر ڪن ٿا، هارين ۽ آبادگارن جو مطالبو اهو رهيو آهي ته سارين جي اگهن ۾ هٿرادو لاٿ ختم ڪري مناسب اگهه مقرر ڪيو وڃي ته جيئن هاري ۽ آبادگار جي حقن جي استحصال نه ٿئي، شهدادڪوٽ پوري ملڪ ۾ سارين جي پيداوار جي حساب سان شاهوڪار شهر آهي پر هتان جا آبادگار ۽ هاري معاشي بدحالي سبب تمام پوئتي پيل آهن، جيڪڏهن سارين جا اگھ نه وڌيا ته هتان جا مزدور، هاري ۽ ابادگار معاشي طورتي ڪنگال ٿي ويندا، تنهن ڪري سارين جا اگهه بلترتيب سپر باسمتي 2300، ڊي آر_9 باسمتي 1600، روسي 2000، ايري_6 1200 روپيا مقرر ڪيا وڃن،
هڪ اندازي مطابق شهدادڪوٽ پاڪستان اندر اها چانورن جو منڊي آهي جتي هڪ سو کان به مٿي رائيس ملن ۾ چانورن جي سيزن واري ڏينهن ۾ روزاني هڪ هزار کان پنج هزار مڻ تائين چانور خريد ٿين ٿا، پر ان باوجود به اتان جي واپاريم جي اها دانهن هوندي آهي ته هنن کي ڪا به سهولت موجود ناهي جو هو پنهنجي ملن جي چانورن کي سڌو سئنون ٻاهرين ملڪن ڏانهن خاص طور تي ايران ۽ هندوستان جهڙي ملڪ ڏانهن برآمد ڪري سگهن، واپارين مطابق ته ملڪ اندر لڳندڙ ڌرڻن سبب معاشي طور تي جتي ملڪ کي نقصان پهتو آهي ته اتي وري رائيس ملن جي واپار کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي،  هنن چواڻي ته هن ڀيري گذريل سال جو اسٽاڪ به نه نڪتو آهي تنهن ڪري هو پوئتي پئجي ويا آهن، اهڙي صورتحال اندر ڏسجي ته واپاري جيڪڏهن ڪمائين ٿا ته پوءِ تمام ٿورڙي حد تائين آبادگارن کي اگهن جي مد ۾ فائدو ڏين ٿا پر جيڪڏهن ملڪي حالتن سبب اهي چانور ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلڻ ۾ ناڪام وڃن ٿا ته وري اهو سڄو نزلو آبادگار ۽ هاري ويچاري تي ڪري ٿو پوي، تنهن ڪري اهو جواز ڄاڻائي اگهن ۾ هٿرادو لاٿ ڪرڻ هارين ۽ آبادگارن جو معاشي استحصال ڪرڻ آهي ۽ آفسر شاهي سان گڏ چانورن جي واپارين جي ملي ڀڳت سبب اهو سڄو معاملو پيدا ڪيو پيو وڃي،
موجوده دور ۾ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ هن مهنگائي ۾ مٿين طبقي جو ته گذر سفر ٿي وڃي ٿو پر هارين ويچارن جي زندگي تمام ڏکئي نموني گذري رهي آهي، تنهن ڪري حڪمرانن طبقي کي گهرجي ته هن ڏتڙيل طبقي جي زخمن تي مرهم رکي کين پنهنجائپ جو احساس ڏيارين ته جيئن هنن جي بچڙن جون مرڪون واپس ٿي سگهن، جيڪڏهن اڃان به حڪمرانن اک نه پٽي ته پوءِ شايد ايندڙ وقت کين لاءِ تمام گهڻو ڏکيو به ثابت ٿي سگهي..!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو