موروثي سياست جي ڄار ۾ ڦاٿل عوام
جمع 3 مئي 2013ع
جمع 3 مئي 2013ع
ماسي خديجه ماڻهن جي گهرن ۾ ڪم ڪندي آهي ۽ ان مان ملندڙ اجرت مان پنهنجو ۽ پنهنجي گهر وارن جو پيٽ پاليندي آهي. ڪجهه ڏينهن پهرين ماسيءَ کان مون پڇيو ته، ”ووٽ ڪنهن کي ڏيندئين؟“ چيائين، ’امان، اڃا ڪا خبر ناهي، پر تون جو بيٺي آهين اليڪشن ۾، مون ٻڌو آهي، آئون ووٽ توکي ڏينديس.“ مون چيو مانس، ”ماسي آئون ته اليڪشن ۾ڪانه بيٺي آهيان ۽ منهنجو سياست ۾ ڇا وڃي؟“ چيائين: ” نه امان، تنهنجي پاڙيوارن مون کي ٻڌايو آهي، باقي آئون ٻين کي ووٽ ڪونه ڏينديس.“ مون چيو مانس،”ڇو ماسي؟“ چيائين: ”امان، هميشه پيرن کي ووٽ ڏنوسين، ووٽ وٺڻ کانپوءِ سائين گهران ڪونه نڪرن، ٻوڏ ۾ تباهه ٿي وياسين، هڪ خيمو به ڪونه ڏنائون، سر بچائي اسڪول ۾ ويٺاسين. سڄو سم نالو اٿلي پيو، مجال آهي جو سائين ڪو نظر اچن. امان اسان کي لاچار ڪونهي جو ووٽ ڏيون. هر اليڪشن ۾ چار چار ڪوڙا ووٽ ڏيئي کين کي کٽايون، پر هو اسان جي سار لهن ئي نٿا.. ٻڌو اٿئون ته سو اسان ڏي به سنڀرن پيا اچڻ لاءِ، پر هيل کين ووٽ ڪونه ڏينديس“ مون چيو مانس،” ماسي، پوءِ ووٽ ڪنهن کي ڏيندينءَ؟“ چيائين، ”امان آئون ووٽ ان کي ڏينديس، جيڪو اسان کي پئسا ڏئي، باقي پوءِ هي نظر ڪونه ٿا اچن. اسان اڳ ئي وٺي ڇڏينداسين.“ مون چيو مانس،”ماسي، اها ته صحيح ڳالهه ڪانهي. ووٽ وڪبو ته ڪونهي،“ چيائين:” امان تون ڪهڙيون ٿي ڳالهيون ڪرين، هنن ته اسان جو رت ست وڪڻي ڇڏيو، مئلن جا هڏا وڪڻي ڇڏيائون، غربت ۾ مري ويا آهيون، هنن جا پيٽ وڏا ٿيندا وڃن، ٻڌاءِ اڃا هنن کي ووٽ وڪڻي نه ڏيون! اسان کي پوءِ ڪهڙو اَن پهچائيندا؟“
اها ته هڪ عام عورت جي سوچ آهي، جيڪا پڙهيل لکيل ناهي، پر هوءَ سمجهي ٿي ته جيڪي ماڻهو هاڻي لامارا پيا ڏين، پوءِ وري نظر نه ايندا، ان ڪري هينئر انهن سان حساب ڪتاب ڪجي. 2008ع وارين چونڊن ۾ صورتحال مختلف هئي ۽ ان کان پهرين به اليڪشن ۾ ماڻهو چوندا هئا ته ووٽ ته پي پي کي ڏينداسين، ٻيو ڪنهن کي نه، پر هاڻي ماڻهو چون ٿا ته پئسن سان ووٽ ڏينداسين. چاچي قادر بخش جي ڳوٺ وياسين ته مون کانئس پڇيو:”چاچا، ووٽ ڪنهن کي ڏيندا؟“ چيائين،” امان، اڃا ڏسون پيا.“ چاچو قادر بخش 91 سالن جو بزرگ آهي، هن ڪيترائي دور ڏٺا. پاڻ اڳ يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو آهي. چيائين، ”امان، اڳي اسان سڀ پ پ کي ووٽ ڏيندا هئاسين، پر سدائين اسان جا ڪم ٿين ڪونه. نه مير ملي، نه پير ۽ نه وري ڪامورا اسانجي ڪا ٻڌن. هر دفعي اچن ۽ چون ٿا ته ووٽ اوهان تي قرض آهي شهيدن جو، ووٽ اسان کي ڏيو. بابا هيڏا ووٽ ڏناسين، پر قرض ته لهي ئي ڪونه ٿو. مون چيو:”چاچا، ڀلا ٻيا ماڻهو ڪنهن کي وُٽ ڏيندا؟“ چيائين:”امان، ماٺ اٿئي ڀلي، اڳي ته زميندار، هارين نارين کي گاڏين ۾ چاڙهي ووٽ ڏياريندا هئا، هاڻي ته اليڪشن ڪميشن پابندي هنئي آهي، سو ماڻهن جي جان ڇٽي پئي، جنهن کي کپي ووٽ ڏين.“ مون چيو: ” چاچا، پوءِ ته ووٽ گهٽ پوندا.“ چيائين، ”امان، ماڻهو ٿا بک مرن، ويچارا هاڻي ڪٿان پنڌ ڪري ووٽ ڏيڻ ويندا ۽ اهي کٽي وري اسان کي ڪهڙيون پڳون ٻڌرائيندا؟“ مون چيو: چاچا توهان ڀلا ماڻهن کي سمجهايو ته ماڻهو ووٽ وجهڻ وڃن ۽ ڪي چڱا ماڻهو اچي ڪم ڪن،“ چيائين:” امان، اهي چڱا ماڻهو ٿي چوين، جيڪي پڙهيل لکيل آهن، توکي وري انهن جا ڪارناما ڇا ٻڌايان، رڳو فائلن تي به ٿا رشوت وٺن، منهنجي ڇوڪري جي بدليءَ لاءِ ڏوڪڙ پيا گهرن، ٻڌاءِ ته اسان ڪٿان آڻيون” گذريل حڪومتي دور ۾ رڳو ٺيڪن تي جهيڙا هئا، نوڪريون کپايائون، بدلين تي پيسا ڪمايائون، ڦرون، ڌاڙا، هنيائون، هاڻي وري ساڌو سنت ٿي ويٺا آهن، اچن ته ٻڌايون ته ڇا ڪيو اٿن 5 سالن ۾. ٻوڏ ۾ تباهه ٿي وياسين ته ڏنائون ته ڪجهه ڪونه، پر لڙيا به ڪونه. اسان پولنگ اسٽيشن تي ڪونه وينداسين. ڀلو ٿئي انهن اليڪشن ڪميشن وارن جو، الائي ڇو اهو خالي خانو ڪڍي ڇڏيائون، نه ته آئون ان تي ووٽ ڏيان ها.“
هن مهل جيڪا اليڪشن جي صورتحال ڪافي پيچيده نظر اچي رهي آهي، پي پي پي 5 سالن ۾ عوام کي ڪجهه ڏيئي نه سگهي آهي ۽ عام ماڻهو صرف ٽي ويلا ماني، اجهي ۽ لٽي جي ڳالهه ڪن ٿا. مهانگائي چوٽ تي چڙهيل آهي، بدامني وڌي وئي آهي، هاڻي جيڪڏهن ڪو اهو سوچي ٿو ته هو عام ماڻهن کي جذباتي ڪري ووٽ وٺندو ته اهو ڏاڍو ڏکيو آهي. ماڻهو هڙتالون ڏسي ڏسي پريشان ٿي ويا آهن. ٻوڏ متاثرين اڃا تائين رلن پيا. ڏهه هزار روپين جي وطن ڪارڊ تي خانداني جهيڙا پيدا ٿيا. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ صرف پنهنجن جا پيٽ ڀريا ويا. غريبن کي خواري الڳ کڻڻي پئي. اتحادين جون فرمائشون پوريون ڪري ملڪ جي صورتحال خاص طور تي سنڌ جي صورتحال کي تباهه ڪيو ويو. لوڪل سطح تي ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو. ڪامورن به تمام گهڻا ڏوڪڙ ڪمايا.
مان سمجهان ٿي ته سنڌ کي بهتر ڪرڻ لاءِ هڪ مشن ۽ ويزن جي ضرورت آهي، جنهن سان سنڌ اندر ڪا مثبت تبديلي اچي سگهي. ٻيو نه ته ماسي خديجه ۽ چاچي قادر بخش وانگر ٽي ويلا ماني، اجهو ۽ لٽو ته عزت سان ملي. اسان سنڌي ماڻهو هميشه جذباتي بليڪ ميلنگ جو شڪار ٿيندا رهيا آهيون، تن کي هن دفعي پارٽي ڇڏي اميدوار جي چونڊ ڪرڻي پوندي ته ڪهڙو اميدوار سٺي ساک رکي ٿو ۽ سڀاڻي هنن جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن اسان تبديلي ڏسڻ چاهيون ٿا ۽ هن سڄي ڪوريئڙي جي ڄار مان نڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن ۾ 8 خاندان ڌيئرن، ڀيڻن، ڀائرن، پٽن سميت سڄي ملڪ کي محڪوم بڻايو بيٺا آهن ته اسان کي صحيح نمائندا چونڊڻا پوندا.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو