Showing posts with label نسيم بخارِي. Show all posts
Showing posts with label نسيم بخارِي. Show all posts

Tuesday, 16 December 2014

نسيم بخارِي

پشاور ۾ المناڪ واقعي کانپوءِ عمران خان جي ايجنڊا ڪهڙي هئڻ گهرجي؟

پشاور ۾ اسڪول ۾ ٿيل دهشتگردي سئو کان وڌيڪ حياتيون ڦري ورتيون آهن، ڇهن کان وڌيڪ دهشتگرد اسڪول پويان قبرستان واري پاسي کان داخل ٿيا. هڪ خودڪش بمبار ڪلاس ۾ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو ۽ گلن جهڙن ٻارڙن جا عضوا ٽڪرن جي صورت ۾ پکڙجي ويا ـ

واقعي کانپوءِ وزيراعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ عمران خان پشاور پهچي متاثر خاندانن ۽ زخمين جي داد رسي ڪئي آهي واقعي. کي المناڪ ۽ افسوسناڪ قرار ڏنو آهي ـ

پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو المناڪ واقعن مان وڏو دردناڪ واقعو آهي، جنهن جي ٿوري دير کانپوءِ عالمي سطح تي ردعمل آيو آهي. برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون جو چوڻ آهي ته هن لاءِ اها خبر شاڪنگ نيوز ثابت ٿي آهي، اهڙا ئي احساس ٻين عالمي سربراهن جا به سامهون آيا آهن ـ

وفاقي ۽ صوبائي حڪومت پي ٽي آءِ، طاهر القادري ۽ ٻين سياسي سماجي ۽ مذهبي ڌرين ٽي ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. عمران خان 18 تاريخ تي ملڪ گير هڙتال ۽ طاهر القادري 17 تاريخ تي احتجاج وارو سڏ واپس وٺي ڇڏيو آهي ـ

هنن سٽن لکجڻ تائين فقط 36 ڄڻن جي لاشن جي شناخت ٿي چڪي هئي. ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ ٻارڙن ۽ استادن جا لاش جنهن حالت ۽ جهڙي حال ۾ آهن اهي انتهائي ڏکوئيندڙ آهن ـ

آرمي پبلڪ اسڪول ڪينٽومينٽ ايريا ۾ اچي ٿو جنهن جي ٿوري فاصلي تي گورنر هائوس ۽ وزيراعليٰ هائوس آهي ۽ هن اسڪول جي سيڪيورٽي به آرمي حوالي آهي. هن اسڪول ۾ استادن کي به ٽن چئن هنڌن تي چيڪ ڪرڻ کانپوءِ اندر وڃڻ ڏنو ويندو آهي. اهڙي سيڪيورٽي واري اداري ۾ آساني سان ٿيل دهشتگردي ڪيترائي سوال اُٿاري ڇڏيا آهن ـ

پشاور جو آرمي پبلڪ اسڪول مين روڊ تي واقع آهي، جنهن ۾ دهشتگردي لاءِ آيل دهشتگردن پهريائين پنهنجي گاڏي کي باهه ڏئي سيڪيوٽي جو ڌيان ڇڪايو ۽ بعد ۾ پنهنجي ٽارگيٽ تي ڌيان ڏنو ۽ هو پنهنجي ناپاڪ ارادي ۾ باقاعده ڪامياب ويا. هنن فائرنگ جو مينهن وسايو ۽ معصوم ٻارڙن کي قتل ڪيو. هڪڙي شاگرد جو چوڻ آهي ته دهشتگرد ڏاڙهين وارا هئا ۽ هو پاڻ ۾ عربي ٻولي ڳالهائي رهيا هئا ـ

وزير اطلاعات مشتاق غني جو چوڻ آهي ته متاثر اسڪول ۾ اڍائي هزار ٻار پڙهندا هئا ۽ مقتول ٻارڙن جون عمريون تيرهن سالن کان ارڙهن سالن جي وچ ۾ هيون ـ

پشاور گذريل ڪيترن سالن کان افسوسناڪ واقعن جو ڳڙهه رهندو آيو آهي. هن ڀيري به اسڪول جي امتحان واري موقعي تي ايف سي جون ورديون پاتل هٿياربندن حياتيون کسيون آهن، جن کي ڪاري رنگ جا ڪپڙا پاتل هئا ـ

وزيراعليٰ پرويز خٽڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ 126 ٻار اجل جو شڪار ٿيا آهن، مقتول ٻارڙن جي وارثن لاءِ پنج پنج ۽ زخمين لاءِ ٻه ٻه لک امداد جو صوبائي حڪومت پاران اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 122 زخمي ٻڌايا ويا آهن ـ

واقعي بعد پي ٽي آءِ ۽ سرڪار وچ ۾ اعلانيل ڳالهيون ملتوي ڪيون ويون آهن ۽ سڄو ملڪ ان ڏک جي لهر ۾ غمگين ٿي ويو آهي. عمران خان انقلاب ۽ تبديلي جو چيمپين تصور ڪيو ويندو آهي پر عمران خان جي تحريڪ انصاف حقيقي معنيٰ ۾ خيبر پختونخواهه ۾ انتهاپسنديءَ خلاف اهو عَلم بند نه ڪري سگهي آهي جنهن جي سخت ضرورت آهي ۽ ان حوالي سان جيڪڏهن تحريڪ انصاف پنهنجون پوريون توانايون ۽ صلاحيتون دهشتگردي جي پاڙ اکيڙڻ ۽ پاڙ پٽڻ ۾ لڳائيندي اچي ها ته اڄ پڪ سان ڪي ٻيا ئي نتيجا هجن ها پر افسوس ته ان حوالي سان عمران خان جي تحريڪ انصاف ڪن لاٽار ڪندي آئي ۽ نتيجي ۾ اڄ دهشتگردن جو ايترو من وڌيو ۽ پيٽ ڀرجي ويو آهي جو هو ڏينهن ڏٺي جو کلي عام سوين ماڻهو ماري رهيا آهن. ان ڪري اهو سوال به وڏي اهميت اختيار ڪري ويو آهي ته خيبر پختونخواهه مان انتهاپسندي مان ڇوٽڪاري لاءِ عمران خان ڪهڙي ايجندا جوڙي آهي. حقيقت ۾ هو ان حوالي سان ڪا زبردست حڪت عملي جوڙي ۽ ان تي عمل ڪري پاڻ کي ۽ تحريڪ انصاف کي تمام وڏي عزت ڏياري سگهي ٿو ـ

مسلم ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف تنقيدن ۽ الزامن کان ٻه وکون اڳتي وڌندي جهڙيءَ ريت جارحاڻي لهجي سان ڪردار ڪشي تي لهي آيون آهن تنهن مان نه ٿو لڳي ته حڪومت ۽ عمران خان ۾ هلندڙ ڳالهيون ڪو نتيجو ڏينديون يا وري ڪنهن نتيجي تي پهچنديون. لاهور ۾ تحريڪ انصاف (40) هنڌن تي ڌرڻا هڻي، جهڙيءَ ريت شهر بند ڪرائي اتي پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ وارو تاثر ڏنو آهي. اهو پڪ سان شريف ڀائرن لاءِ پريشانيءَ جو سبب بڻيو آهي. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن بار بار اهو بيان پئي ڏنو ته تحريڪ انصاف جي ڌرڻن ۾ سندن ڪارڪن ڪا رنڊڪ ۽ رڪاوٽ نه وجهندا. هنن اِهو پڻ چيو هو ته ان ڏينهن تي ڪارڪن گهرن ۾ رهندا ۽ ٻاهر ئي نه نڪرندا پر ان جي باوجود لاهور جي ڪجهه علائقن ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون ٿيون، جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٻنهي پارٽين جي قيادت توڙي ڪارڪن هڪ ٻئي لاءِ ڪهڙو احساس ۽ اهميت رکن ٿا؟

بابو صابو چوڪ تي ٻنهي پارٽين جا ڪارڪن آمهون سامهون ٿيا، نعرن جو مقابلو ٿيو ۽ شهرين سان پڻ ٽڪراءُ ٿيو. شاهه عالم مارڪيٽ ۽ ٺوڪر نياز بيگ ۾ به پي ٽي آءِ ڪارڪنن جا شهرين ۽ واپارين سان جهيڙا رپورٽ ٿيا آهن. چورنگي امر سنڌو وٽ ميٽرو بس تي پٿراءُ ڪيو ويو آهي. ٽائر ساڙڻ سبب ميٽرو بس معطل ٿي ۽ ان ڇڪتاڻ جي ڪري عمران خان چورنگي امر سنڌو نه وڃي سگهيو. قانون لاڳو ڪندڙن پاران سيڪيورٽي خدشن ڄاڻائڻ سبب، عمران خان ٺوڪر نياز بيگ به نه ويو. لبرٽي چوڪ کانپوءِ عمران خان کي مٿين علائقن جو دورو ڪرڻو هو پر پوليس جي مشوري سبب قافلي جو روٽ بدلايو ويو. وزيراعظم نواز شريف پي ٽي آءِ جي سياست کي غنڊه گردي قرار ڏنو ۽ چيو ته ڊي سان ڊولپمينٽ ۽ ڊيسٽريڪشن به ٿئي ٿي ـ

لاهور ۾ ايمبولينس کي رستو نه ڏيڻ تي چئن مريضن جي فوت ٿيڻ واريون خبرون تحريڪ انصاف لاءِ خواريءَ جا اطلاع ثابت ٿيون آهن. شاهدره ۾ پندرهن ورهين جو نينگر ۽ 17 ڏينهن جي ٻارڙي فوت ٿي آهي. جوڙي پل تي ڌرڻڻ سبب رستو نه ملڻ تي 60 سالن جو پوڙهو دل جو مريض امانت رڪشا ۾ دل جي دؤري سبب فوت ٿيو. احتجاج دوران انساني جانين جي ضايع ٿيڻ واري معاملي تي شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ٽريفڪ جام ٿيڻ سبب ڪا انساني جان ضايع ٿي آهي ته معذرت ٿا ڪيون پر سوال اهو آهي ته ڇا رڳو معذرت ڪافي آهي؟ جن جا پيارا ڌرڻن سبب وقت سر اسپتال نه پهچڻ ۽ علاج نه ٿيڻ سبب رستي تي فوت ٿيا آهن، تن جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي؟ انهن جي دلين مان ڪهڙيون آهون نڪرنديون هونديون؟ ڇا اها صورتحال ۽ اهو احساس تحريڪ انصاف جي لاءِ ڪنهن سنجيده سوچ ويچار جو سنيهو نه ٿو سانڍي؟ سوال اهو آهي ته عمران خان عوام جي زندگين ۾ انقلاب ۽ خوشگوار تبديلي آڻڻ وارا جيڪي تصور پيش ڪري رهيو آهي يا جيڪي خوبصورت خواب ڏيکاري رهيو آهي، انهن جي حاصلات لاءِ ابتدا ئي غلط طور طريقن سان ٿي رهي آهي! ڇا احتجاج جا سائنسي بنيادن تي ۽ نقصانن کان مٿانهان ٻيا ڪي طور طريقا بچيا ئي ناهن؟ شهر بند ڪرائڻ ۽ ڌرڻن هڻڻ سان ٿي سگهي ٿو ته اهڙا عمل ڪندڙ ڌر کي پنهنجي طاقت جو احساس اجاگر ڪرڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڪنهن ڪاميابيءَ جو تاثر ڏسڻ ۾ ايندو هجي پر ان سڄي مشق دوران جيڪا عوام تي مصيبت وقت جي وڄ جيان ڪڙڪي ٿي ڇا ان کي ڪنهن حساب ڪتاب يا ليکي چوکي ۾ نه آڻجي؟

ڌرڻا سياست بلڪل تباهيءَ ۽ بربادي وارو رخ اختيار ڪري ورتو آهي ۽ گذريل اڍائي مهينن کان عمران خان جهڙيءَ ريت روڊن رستن تي نڪتل آهي. ان مان لڳي ٿو ته اهو معاملو هاڻ جلد ڪنهن منطقي انجام طرف وڌندو! حڪومت ۽ عمران خان هڪ ٻئي جي ڳچين ۾ جيڪي هٿ وڌا آهن، اُهي هاڻ اڃا وڌيڪ خطرناڪ نتيجن جي گواهي ڏئي رهيا آهن. عمران خان جو اُهو بيان ته آئون تنگ ٿي ويو آهيان جن خلاف ٽربيونل ۾ ڪيس پيا هلن اُهي اسٽي آرڊر پويان لڪي وڃن ٿا. پرويز رشيد جو وري چوڻ اهو آهي ته عدالتي ڪميشن لاءِ عمران پاڻ رڪاوٽ آهي. لاهور ۾ چار حياتيون عمران جي سياست جي ور چڙهيون آهن هو بني گالا مان نڪرندي لاشن تي قدم رکي ٿو. پلان سي لاشن جي سياست آهي. جنگين ۾ به ايمبولينسن تي حملا نه ٿيندا آهن. لاشن جو تحفو ڏيڻ عمران جي سياسي سڃاڻپ ٿي وئي آهي ۽ ان جي جارحاني رويي سبب بيگناهه شهري مري رهيا آهن ـ

پرويز رشيد جي اهڙي پريس پڌرائي کان هٽي ڪري پاڻ جيڪڏهن تحريڪ انصاف پاران شروع ڪيل احتجاج جي جوازن کي ڏسون ته اُهي بي سبب يا بيڪار نه ٿا لڳن، انهن ۾ دم آهي ۽ اُهي عام ماڻهو جي نمائندگي ڪن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تحريڪ انصاف جا ڪارڪن مسلسل جدوجهد جي نتيجي ۾ هاڻ ڪنهن حد تائين چڙچڙا، جوشيلا، باغي ۽ ڪاوڙيل به ٿي ويا آهن پر سوال اهو آهي ته انهن کي ان سطح تائين پهچڻ جو جواز ڪنهن پيدا ڪري ڏنو آهي. ظاهري ڳالهه آهي ته اها نواز حڪومت آهي جنهن جي مسلسل سستي، نااهلي ۽ لاپرواهي ماڻهن جي غصي کي سياسي طور اڀارڻ واسطي عمران خان کي ماحول ٺاهي ڏنو ـ

عمران خان موٽروي تي جڏهن تنقيد ڪري ٿو ته اهو ماڻهن کي پنهنجي پاڙيسري ملڪن ۾ ٺهيل موٽروي جا مثال ڏيئي ٻڌائي ٿو ته هُتي اُهي اسڪيمون ڪيتريون سستيون ۽ سهنجون ٺهيون آهن ۽ اسان وٽ اُهي ڪيئن ٻيڻ ٽيڻ يا اڃا به چئوڻ تي ٺاهيون ويون آهن. عمران خان جا انگ اکر ۽ تنقيدي حوالا ماڻهن کي سوچ ويچار تي مجبور ڪن ٿا ۽ اهو ئي نقطو حڪمرانن کي پنهنجي پيرن هيٺان، ڌرتي کسڪڻ جا به اطلاع ڏئي ٿو. عمران خان کي پنهنجي مقصد ۽ منشور جي ڪاميابي لاءِ مستقبل جي حڪمت عملين بابت جهڙي ريت واضح ايجنڊا ۽ رٿابندي خلق اڳيان پيش ڪرڻ گهرجي، هو ان ڏس ۾ اڃا تائين ڪا مؤثر ۽ واضح پاليسي پڌري نه ڪري سگهيو آهي. پڇڻ وارا اهو به پڇن ٿا ته جيڪڏهن عمران خان جون سموريون ڳالهيون مڃيون به وڃن ته ڇا ملڪ ۾ چونڊ سسٽم ۾ ڪو غريب غربو ۽ مسڪين ماڻهو اُميدوار بيهي ۽ اليڪشن وڙهي سگهندو؟ اسان وٽ صوبائي اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽ جي اُميدوار کي هر پولنگ تي ايجنٽ ڏيڻا ۽ ويهارڻا پوندا آهن، انهن جي چانهه پاڻي ۽ کاڌي پيتي کان خرچي پاڻي تائين يا ووٽرن کي ٽرانسپورٽ مهيا ڪرڻ ۽ اليڪشن مهم کي اثرائتي بڻائڻ لاءِ جن ڪارنر گڏجاڻين، پمفليٽس، پينا فليڪس، پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي پروپئگنڊا ڪرڻ، ووٽر لسٽن جي هر علائقي ۾ رسائي، هر پاڙي ۽ محلي ۾ اليڪشني ڪئمپ قائم ڪرڻ توڙي عام ماڻهو تائين ووٽن جون پرچيون پهچائڻ اهو سڄو ڪم بهترين ٽيم کانسواءِ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي ۽ ان کان علاوه انهن سمورن مرحلن ۾ جنهن وڏي پئسي جي ضرورت هوندي آهي سو عام ماڻهو يا مڊل ڪلاسي جي وس کان چڙهيل آهي ـ

خبر آئي آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڏهه ارب روپين ۽ ٽن سالن جو عرصو گهربل آهي. 2018ع کان پهريان اليڪٽرانڪ ووٽنگ ممڪن ئي ناهي ۽ ايندڙ اليڪشن جا خرچا هڪ اندازي مطابق ويهه ارب روپيا ٻڌايا ٿا وڃن. مشينن جي خريداري تي چيف اليڪشن ڪمشنر کي ايندڙ اجلاس ۾ بريفنگ ڏيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ان شيءِ کي يقيني به بڻايو وڃي ته ماڻهو هڪ ووٽ کان وڌيڪ ڏيئي نه سگهي ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پاڻ وٽ ووٽ ڏيڻ جو جيڪو ۽ جهڙو رجحان ڏسڻ ۾ ايندو آهي ان سڄي سرگرميءَ ۾ عام ماڻهو پنهنجي راءِ جو اظهار آزادي جي حوالي سان بااختيار ئي ڪيترو هوندو آهي. اسان وٽ 60 کان 70 سيڪڙو ووٽ اڄ به يرغمال آهن. اُهي تر جي وڏيري راڄ جي چڱي مڙس يا قبيلي جي سردار توڙي مرشد جي مرضي سان ڏنا ويندا آهن سو سوچڻ جي ڳالهه اها اهي ته عمران خان جنهن نئين پاڪستان جو نعرو هڻي رهيو آهي اهو عملي طور تي عوام ڪڏهن ڏسي به سگهندو؟ سو اهم ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ چونڊن کي عوام دوست بڻائڻ لاءِ جن بنيادي تبديلين جي ضرورت آهي انهن کي يقيني بڻايو وڃي. ڇو ته جيستائين ائين نه ٿو ٿئي، تيستائين اسلام آباد جي ايوان ۾ ايندڙ ۽ وزيراعظم جي ڪرسي تي ويهندڙ هر حڪمران پنهنجي سسٽم جي هٿان مجبور آهي، جيستائين اهو سسٽم پنهنجي بُڻ بنياد ۾ ڪا نواڻ نه ٿو آڻي، تيستائين عوام دوست خواب فقط خواب ئي هوندا. اُهي حقيقت ۾ بدلجي نه سگهبا ـ

پي ٽي آءِ ڪارڪنن لاهور ۾ شهرين ۽ واپارين کانسواءِ صحافين کي به ڪٽڪو چاڙهيو آهي، انهن تي پٿراءُ ڪيو آهي. اينڪر ثنا مرزا سان بدتميزي ٿي آهي. ان جو گهيراءُ ٿيو آهي ۽ ان خلاف اڻ وڻندڙ نعرا لڳا آهن جنهن جي ردعمل ۾ هوءَ رُني ۽ رڙي آهي. سهيل وڙائچ، امين حفيظ، احمد نواز ۽ جواد ملڪ سان به بدتميزيون ٿيون آهن. پي ايف يو ۽ ٻين صحافتي تنظيمن طرفان ملڪ ۾ تحريڪ انصاف خلاف احتجاج آڏو آيا آهن، سو غور طلب ڳالهه اها آهي ته هاڻ سان ئي عمران خان جا متوالا جيڪڏهن پنهنجي اهڙي مهانڊي سان آڏو اچڻ شروع ٿيا آهن ته اُهي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ته ليگين ۽ جيالن کي پٺ تي ڇڏي گوءِ کٽي ۽ ملهه ماري ويندا ـ

تنهن ڪري وقت جي اها ضرورت آهي ته عمران خان پنهنجي ڪارڪنن جي تشدد پسنديءَ واري پاسي کي نگاهه ۾ رکي، انهن جي ڪن مهٽ ڪري ته جيئن سندس ساک پت خراب نه ٿئي. ساڳئي وقت اها به ڇنڊڇاڻ ڪري ته ڪٿي انهن جي صفحن ۾ ڪن ٻين جا ڪانڍيل ماڻهو ته نه گهڙي آيا آهن! اُهي ننڍڙيون پر بنيادي ڳالهيون آهن جن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته سياسي پارٽين ۾ ڊسيپلين نه هئڻ ڪري ڇڙواڳيون وڌنديون آهن ۽ ڇڙواڳ ماڻهو جيڪو ڪجهه ۽ جنهن رفتار سان ڪندا آهن تنهن سان قيادتن جا پٽڪا لهن يا نه پر ڌوڙ ضرور ٿيندا آهن. عمران خان کي لاهور ۾ جيڪا پذيرائي ملي آهي، اُها پذيرائي هن لاءِ غرور نه پر ڌيان، احتياط ۽ سنجيدگيءَ جو سنيهو ثابت ٿيڻ گهرجي. اهو لاهور جتي ماڊل ٽائون واري واقعي چوڏهن انسانن جون زندگيون ڳڙڪايون ۽ جنهن جي بنياد تي طاهر القادري ملڪي سطح تي شريف ڀائرن جو گهيرو تنگ ڪيو. ان لاهور ۾ عمران خان اڄ آزاد مست ۽ الست آهي. هن جا ڪارڪن اڇي ڪاري جا مالڪ بڻجي ويا آهن. انهيءَ لاهور ۾ جڏهن معذور ماڻهن احتجاج ڪيو هو ته پوليس کين لٺيون هڻي ڀڄايو هو. انهيءَ لاهور جي رستن تي جڏهن نرسن احتجاج ڪيو هو ته ڪو انهن کان حال احوال وٺڻ نه آيو پر اڄ اهو لاهور جن چئن مريضن جا لاشا مٽي ۾ دفن ڪري رهيو آهي، تن جي موت جي ذميوارن خلاف ڪا ايف آءِ آر نه ڪٽي آهي. ناليواري کڻي نه پر نامعلوم ماڻهن خلاف ئي ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي ها پر هنن سٽن لکجڻ تائين اهڙي ڪنهن به ڪيس داخل ٿيڻ جو اطلاع نه آيو آهي. حقيقت اها آهي ته اسان وٽ جيڪو جيترو ڏاڍو آهي حڪومت ان آڏو اوتري بيوس آهي جيڪو جيتري قانوني ڀڃڪڙين جي طاقت رکي ٿو. قانون ان کي اوتري ئي ڇوٽ ڏئي ٿو. احتجاج، ڌرڻا، هڙتالون انهن سمورن عملن ماڻهن جي رت ۾ رات ڪري ڇڏي آهي. ان ڪري عوام کي بيزار ڪرڻ وارن عملن کان بچڻ جي ضرورت آهي ۽ جدوجهد جا ڪي اهڙا نت نوان لاڙا متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي، جن سان ماڻهن جي دلچسپي، شوق ۽ اتساهه وڌي. عمران خان جيترو زور ڌرڻن ۽ شهرن بند ڪرائڻ تي ڏنو اوترو زور پنهنجي ڪارڪنن جي تربيت، علمي ۽ اخلاقي بلندين تي ڏي ها ته اڄ صورتحال ڪا ٻي هجي ها!ـ

تحريڪ انصاف چاهي ته هر شهر ۾ وڏا وڏا تعليمي ۽ تربيتي توڙي فڪر انگيز پروگرام ڪرائي سگهي ٿي، جنهن سان ماڻهن ۾ سياست کان بيزاري وارو تاثر ختم ٿئي ۽ عام ماڻهو نظرياتي هٿيار سان اڳتي وڌي. تحريڪ انصاف رعايتي ڪتابي ميلن ذريعي سياست جي افق تي ڪا نئين نواڻ متعارف ڪرائي سگهي ٿي. تحريڪ انصاف هر علائقي ۾ اتان جي ضرورتن آڌار تي ڪي فلاح بهبود جا پروجيڪٽس به هلائي سگهي ٿي. تحريڪ انصاف بدعنوانين، بدانتظامين جا سمورا رڪارڊ مقامي سطح تي منظرعام تي آڻي سگهي ٿي. اها نوجوانن کي ٻڌائي سگهي ٿي ته ادارن ۾ ڪيتريون نوڪريون ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت وڪرو ڪيون وڃن ٿيون؟ ادارا ڪيئن ڀڙڀانگ ٿين ٿا ٺيڪن ۾ ڪنهن جا ڀڀ ڪيئن ڀرجن ٿا؟ ترقي جي آڙ ۾ خلق جا ڪيئن ترا ڪڍيا وڃن ٿا؟ تحريڪ انصاف هر ضلعي ۾ ڏهن کان پندرهن ٽيمون جوڙي هنن کي سوشل ميڊيا جي سمورن ذريعن سان ڳنڍي اهڙو ته متحرڪ ڪري سگهي ٿي، جو اُهي تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ ادارن جي هر چرپر جو ڀانڊو ڦاڙي سگهن ٿا! تحريڪ انصاف تعلقي سطح تي لائبريرين جو ڄار وڇائي، عام پڙهندڙن جو ڌيان ۽ همدرديون حاصل ڪري سگهي ٿي. سوال اهو آهي ته اهي ڳالهيون عمران جي ايجنڊائن ۾ به شامل آهن؟

Saturday, 13 December 2014

نسيم بخارِي

عمران خان جو ڪراچيءَ ۾ ڪامياب احتجاج   
   سنڌ ۽ سنڌين جي ڪيتري مفاد ۾ آهي              

ڪوئي مڃي يا نه پر اهو سچ آهي ته عمران خان جي تحريڪ انصاف ڪراچي بند ڪرائڻ ۽ اُتي جي مڙني مک شاهراهن تي ڌرڻا هڻي هر قسم جي آمدرفت بند ڪرائڻ ۾ ڀرپور ڪاميابي ماڻي آهي ـ

عمران خان کي ڪراچي ۾ نسل پرستي به وڏي ڪم اچي وئي آهي. وڏي تعداد ۾ پٺاڻ 
نوجوانن جي تحريڪ انصاف ۾ عمران خان جي ڪري شموليت ۽ ڌرڻن ۾ شرڪت عوامي نيشنل پارٽي جي قيات جا ڪن کڙا ڪري ڇڏيا آهن. ڪراچي ۾ اڳ جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم، اي اين پي ۽ پ پ جي اهميت هوندي هئي، وقت جي گذرڻ سان مٿين پارٽين جي ووٽ بئنڪ ۾ لاٿ ۽ واڌ به ڏٺي وئي آهي پر هاڻوڪن ڏينهن ۾ تحريڪ انصاف جنهن تيزي سان ڪراچي ۾ اُڀري ۽ اُسري آئي آهي، تنهن جي ڳالهه ئي نرالي آهي. تحريڪ انصاف ڪراچي ۾ 11 مئي 2013ع وارين عام چونڊن ۾ هتان جي عوامي مينڊيٽ کي جاگير ۽ ملڪيت سمجهندڙ ڌرين کي جهڙيءَ ريت ٽانڊا ڏنا آهن ۽ سياسي وڏيرن جي اوطاقن ۾ جيئن ٽاڪوڙا وڌا آهن اها ڪمال جي ڳالهه آهي ۽ ائين به ناهي ته اهو ڪمال ڪنهن معجزي جي نتيجي ۾ سامهون آيو آهي، پڪ سان ان ڪمال جي پٺيان به ڪن ڪرتبن ۽ حرفتين جي محنت ۽ خدمت جو عمل دخل آهي. اهو پيغام جنهن نينهن نياپي کي نروار ڪري ٿو، سو به هڪ سنجيده بحث جي دعوت ڏئي ٿو ۽ ان رخ ۾ گفتگو ڪرڻ ۽ حقيقتن کي سمجهڻ ۽ انهن بابت سوچ ويچار ڪرڻ جي ضرورت به آهي، ڇو ته رڳو اهڙن ئي سلسلن سان ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو، پر جڏهن معاملو کوڙ سارن نتيجن وارو هجي ته پوءِ ته وري اڃا ڳالهه وڌيڪ ڳري ٿي ٿي وڃي. سو پاڻ ڳالهه پئي ڪئي عمران خان جي ڪراچي بند ڪرائڻ ۽ اُتي ڪامياب ڌرڻن جي ـ
عمران خان ڪراچي اچڻ کان اڳ ڪراچي جي عوام کي چيو هو ته توهان هڪ ڏينهن ڪراچي بند ڪيو ۽ هميشه واري آزادي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو جنهن جو مطلب اهو آهي ته هڪ ڀيرو اعتماد ڪيو سدائين جي چين سڪون واري توهان کي ضمانت مان ڏيندس ـ
ڏٺو وڃي ته ڪراچي جي عوام عمران خان جي تحريڪ انصاف سان نڀائي پاڻ ملهائي ڇڏيو آهي. هاڻ عمران خان کي ڪراچي جي عوام جي اميدن تي پورو لهڻو آهي، نه رڳو ڪراچي پر سنڌ جي عوام جي توقع تي پورو لهڻو آهي. ڪراچي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي تحريڪ انصاف جي ڪئمپن ڌرڻن ۾ جڏهن زبردست سائونڊ سستم تي ڪن هنڌن ۽ علائقن ۾ احمد مغل جي آواز ۾ ڳايل ”جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن، سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن“ گيت تي خلق جهمريون پائي رهي هئي ته ڪراچي جي فضا ئي ڪو ٻيو روپ ۽ ڏِک ڏئي رهي هئي ـ
عمران خان جي ڪراچي ۾ ڌرڻن ۽ شهر جي آمدرفت معطل ڪرائڻ واري عمل کي الطاف حسين عمران جو جمهوري حق قرار ڏنو آهي. سنڌ سرڪار، عمران خان سان ڪٿي به ۽ ڪنهن به حوالي سان اٽڪڻ ۽ اُچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. اي اين پي يا جماعت اسلامي به ڪنهن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو اظهار نه ڪيو آهي، انهن مڙني ڌرين عمران خان کي خير خوبي سان پنهنجي پروگرام تي عمل ڪرڻ ڏنو. ڇو؟ ڇو ته هنن ان ۾ ئي پنهنجي ڀلائي پئي ڄاتي. هنن کي خبر هئي ته جيڪڏهن ڪا ٽرڙائپ ۽ اڳرائي ڪنهن ٽڪراءُ وارو ماحول جوڙيو ته اهو ٽڪر ڪنهن کي ڪيترو مهانگو پوندو.
ڪراچي تي راڄ ڪندڙ ۽ عوام جي ووٽ کي يرغمال رکندڙ عمران جي ڪراچي ۾ زبردست حد تائين نمائندگيءَ کيدل سان نه قبوليو هو نه قبوليندا. هو ته دل ئي دل ۾ ان ويسوري ۾ آهن ته هنن سان آخر اهڙي ملهه ڪيئن وڙهي وڃي ۽ ڪيئن هنن جي پيرن هيٺيان ڌرتي کسڪائي وڃي. هنن کي اعتبار ئي نه ٿو اچي ته هنن جو وجود لوڏن ۾ آهي. هنن ته ڪراچي تي هميشه راڄ ڪرڻ جو رٿيو ۽ سوچيو هو پر هاڻ ان ڪراچي جي قيادت ۽ مينڊيٽ ۾ جنهن سطح سان ڦيرو اچي رهيو آهي سو مستقبل جي ٻن ٽن چوندن ۾ ته سئو سيڪڙو تائين تبديلي آڻي چڪو هوندو ۽ اڄ جون طاقتور ڌريون سڀاڻي فقط هڪ ياد يا حوالو بڻجي آڏو اينديون ـ
عمران خان جماعت اسلامي جي ميئر نعمت الله خان جي ڪمن کان به واقف آهي ته ايم ڪيو ايم جي مصطفيٰ ڪمال پاران ڪراچي لاءِ ڪيل ڪوششن کان به واقف آهي. ڪراچي جو مينڊيٽ جيڪڏهن عمران کي ميسر ٿي ٿو وڃي ته هن جو ٽارگيٽ مصطفيٰ ڪمال ۽ نعمت الله کان به مٿانهون هوندو. عمران خان ڪراچي کي پاڪستان جو دنيا ۾ ماڊل سٽي قرار ڏيارڻ لاءِ پڪ سان پنهنجا پنهنجا پورا هٿ پير هڻڻ چاهيندو ۽ ان حوالي سان هو پنهنجا سمورا حيلا وسيلا ڪتب آڻيندو پر اها اڃا پري جي ڳالهه آهي. اڃا ان جي حقيقت ٿيڻ ۾ وقت لڳندو پر جيڪي آثار ڏسڻ ۾ اچن ٿا اهي ايتري خاطري ضرور ڪرائين ٿا ته هاڻ تبديلي واري انهيءَ عرصي لاءِ ڪي صديون انتظار نه ڪرڻو پوندو. تحريڪ انصاف جو ڪراچي ۾ اُڀري اچڻ ۽ باقاعدگي سان اثرانداز ٿيڻ انهن سڀني پارٽين، ڌرين لاءِ پنهنجي پنهنجي جائزي وٺڻ جو نياپو کڻي آيو آهي. اهي جيڪڏهن تحريڪ انصاف وڌندڙ اثر جي ردعمل ۾ پنهنجون ڪمزوريون ۽ اوڻايون دور ڪن ٿيون ته اها به هڪ سٺي ۽ صحتمند ڳالهه ٿيندي پر سوال اهو آهي ته پاڻ وٽ تلخ تجربن مان سکڻ ۽ سمجهڻ جي روايت ئي ڪهڙي ۽ ڪيتري رهي آهي؟
عمران خان جو ڪراچي ۾ ڪامياب احتجاج سنڌ ۽ سنڌين جي وڏي مفاد ۾ آهي. ڇو ته اهو احتجاج پيپلزپارٽي جون اکيون کولي سگهي ٿو. اهو کين ٻڌائي ٿو ته هو هاڻ غفلت جي ننڊ مان جاڳن، ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي واري سلسلي تي بريڪ هڻن، ادارن جا فنڊ گم ۽ هضم نه ڪن، ماڻهن جا مسئلا ٻڌن. سمجهن ۽ حل ڪن، نه ته عمران خان جي سونامي، جنهن ڪراچي جي ڀائو لوڪن جا ڏند کٽا ڪيا آهن ائين سائين جن جا سک آرام به ڦري سگهي ٿي ـ
عمران خان جو اُڀري اچڻ ڪراچي ۾ متحده جي مٿي جو سور وڌائي ڇڏيو آهي. هو جهڙي ريت سنڌ ۽ سنڌين جي حوالي سان وڌندا هئا دهمان ڪندا هئا انهن اڃا به جيڪڏهن اهو غرور ۽ اهڙي مڳي ڏيکاري ته اها مستقبل ۾ هنن جو مڻڪو ڀڃي سگهي ٿي. عمران خان جهڙي تيزي سان گونجي ۽ گرجي رهيو آهي ان پويان به ڪا اُميد ۽ آسرو آهي. عمران خان جو عزم ڪو شيخ چليءَ جو خواب نه آهي. هن کي ڀل ڪو ڪيترو به تنقيد جو نشانو بڻائي پر اها حقيقت آهي ته اهو هڪڙو ئي آهي، جنهن حاڪمن جي رڌڻي ۾ رولو وڌو آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اڌواڌ اگهه لهڻ جي ڪري پاڻ وٽ به ڪنهن حد تائين انهن ۾ لاٿ آئي آهي، پر تاثر اهو آهي ته حڪومت اهو سڀ ڪجهه عوام جي مفاد ۾ نه عمران جي دٻاءُ تحت ڪري رهي آهي. اڄ بجلي جي اگهن ۾ لاٿ جون خبرون آيون آهن. ايندڙ مهيني پيٽرول اڃا سستي ٿيڻ جا آسرا ملي رهيا آهن، اها ڳالهه عمران خان جي موقف ۽ اهميت ۾ واڌ آڻي رهي آهي ـ
عمران مستقبل ۾ حڪمران بڻجي عوام جو آئيڊيل ثابت ٿي يا نه پر هن وقت هو هڪ آپشن بڻجي چڪو آهي، جنهن جي چونڊ ماڻهو پنهنجو حق سمجهن ٿا ۽ عوام کان اهڙو حق ڪو به کسي نه ٿو سگهي. حقيقت ۾ عمران جون تقريرون لٽيرن ۽ ڦورو حڪمرانن جو سياسي آپريشن ثابت ٿي رهيون آهن. عمران خان سان عام ماڻهو مڪمل طور اتفاق ڪري نه پر عوامي احساسن جي نمائندگي ڪندڙ عمران خان جي ڳالهين سان خلق سئو سيڪڙو سهمت آهي. عمران عملي طور تي پنهنجي قول ۽ فعل جي حوالي سان اڳتي هلي ڪيترو ثابت قدم رهي ٿو؟ اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر هاڻ هو جيڪو ڪجهه ۽ جهڙيءَ ريت چئي رهيو آهي تنهن کي رد به نٿو ڪري سگهجي ـ
عمران سنڌ ۾ سگهاري حيثيت اختيار ڪري وٺڻ کانپوءِ جيڪڏهن سنڌ جو ڀرجهلو ثابت نه به ٿي، تڏهن به هو پنهنجي سياسي مفاد ۾ سنڌ جو ڀڳڙن مٺ تي سودو نه ڪندو. هو سنڌ جي اشوز تي ائين ڪن لاٽار نه ڪندو، جيئن هميشه حڪمران ڪندا آيا آهن ـ
سنڌ ۾ عمران خان جو مضبوط ٿيڻ جو مطلب ايم ڪيو ايم ۽ پ پ جو ڪمزور ٿيڻ آهي ۽ اهو عوام چاهي ٿو ته انهن ٻنهي ڌرين کي ڪا عبرت حاصل ٿي.
عمران سان محبت ۾ نه پر حڪمرانن سان نفرت ۾ ئي ماڻهو عمران جي ڪڍ آهن ۽ ان سان گڏ آهن. عمران جهڙي قسم جون جذباتي ۽ جوشيليون تقريرون ڪندو آهي، ان ئي جذبي سان جيڪڏهن عمران خان جا متوالا ۽ متواليون به مهاڏو اٽڪائڻ لڳيون ته پاڻ سوچيو ته بعد ۾ ڇا ٿيندو.
عمران سنڌ ۾ سياسي حوالي سان ڪيترو سگهارو ٿي آڏو اچي ٿو؟ اهو ته ايندڙ وقت کي ئي طئي ڪرڻو آهي پر عمران خان جي سنڌ ۾ سياسي اڳڀرائي قومپرستن لاءِ به هڪ ڪوٺ آهي. هڪ سوچ جو سنيهو آهي. چوڻ وارا چئي سگهن ٿا ته عمران وٽ وسيلا آهن. قومپرست مولائي ۽ مسڪين آهن جذبو ۽ جدوجهد به ڪا معنيٰ رکندي آهي. هتي هنن سٽن جو لکڻ ڪنهن جي جدوجهد کي غل يا درست قرار ڏيڻ نه آهي، مقصد رڳو ايترو آهي ته عوامي ضرورتن ۽ نفسيات جي آڌار تي ٿيندڙ هر اڳرائي ۽ اڳڀرائي کي خلق مانُ ڏيندي آهي پوءِ ان جي آڏو عمران خان ئي ڇو نه هجي. عمران جي اها ذميواري آهي ته هو سنڌ لاءِ پنهنجي صحيح پاليسي ۽ پروگرام واضح ڪري ـ

Thursday, 27 November 2014

نسيم بخارِي

                       ۽ 17 هين گريڊ جون سڌيون ڀرتيون 16
               سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تي سڌو وار


قانون واري صوبائي کاتي پاران قاعدن ۾ ترميم لاءِ اماڻيل سمري وڏي وزير منظور ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ هڪ اڌ ڏينهن ۾ نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو، جيڪو قانون تصور ڪيو ويندو. قاعدن ۾ ترميم سان پبلڪ سروس ڪميشن جي دائري ۾ ايندڙ مختيارڪارن، اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊي ايس پيز، ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن آفيسرن، ليڪچرارن، ڊاڪٽر، ليبر آفيسرن، سيڪشن آفيسرن ۽ تعلقه ايجوڪيشن آفيسرن سميت 16 هين ۽ 17 هين گريڊ جون ڀرتيون ڪميشن کانسواءِ ڪرڻ لاءِ، سنڌ سرڪار بااختيار ٿي ويندي. 24 آڪٽوبر 2014ع تي سيڪريٽري قانون مير محمد شيخ 16 هين گريڊ جي سڌين ڀرتين ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير کي سمري اماڻي، جنهن تي وزيراعليٰ 17 گريڊ جي به سڌين ڀرتين ڪرڻ جي تجويز ڏني 
سنڌ سول سرونٽس (اپائنٽمينٽ، پروموشن، اينڊ ٽرانسفر) رولز 1974 جي عنوان سان سنڌ جي وڏي وزير وٽ پهتل سمري جي رول نمبر 10 (اي) موجب صوبائي حڪومت جي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي دائري ۾ گريڊ 16 کان 22 وارن عهدن جي بنيادي ڀرتي ڪميشن کي امتحان يا ٽيسٽ ذريعي ڪرڻي آهي پر سمري ۾ عوامي مفاد ۾ حڪومت پاران اهڙي عمل کي جائز ۽ مناسب قرار ڏنو ويو آهي. اها سمري چيف سيڪريٽري سنڌ کي باءِ پاس ڪندي سڌو سائين قائم علي شاهه ڏانهن موڪلي وئي، جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير 17 هين گريڊ جي بنيادي ڀرتي سليڪشن ڪاميٽي ذريعي ڪرڻ جي صلاح ڏني. سي ايم هائوس 28 آڪٽوبر تي اها سمري آئوٽ ورڊ نمبر 1859 لڳائي، چيف سيڪريٽري سنڌ ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. چيف سيڪريٽري سجاد سليم هوتيانه، صوبي جي گورننس سان تعلق رکندڙ هن اهم ترين انتظامي معاملي تي ڪا به راءِ ڏيڻ يا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ميرٽ جي بنياد تي ڀرتيون ڪرڻ واري عمل ڪمزور ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ ڪوششن جي مخالفت ڪرڻ يا انهيءَ اهم معاملي تي سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن جي کاتي وارن قانوني ماهرن ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي راءِ وٺڻ بنا، ساڳئي ڏينهن تي صحيح ڪري اها سمري سي ايم ڏانهن اماڻي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته 17 هين گريڊ جي ڀرتي سڌيءَ ريت ڪرڻ جو چيو ويو آهي! جنهن تي عمل ڪرڻ لاءِ قانون واري سيڪريٽري کي سمري اماڻي وئي آهي. قانون واري سيڪريٽري ڊائري نمبر 10404 لڳائي 5 نومبر 2014 تي اها سمري فيصلي لاءِ ٻيهر وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي، جيڪا وڏي وزير کان منظور ٿي قاعدن ۾ ڄاڻايل ترميم جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ جي دفتر ۾ پهچي وئي آهي
ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي فنڪشن رولز ۽ صوبائي حڪومت جي ڪجهه ٻين قاعدن ۾ به ترميمون اڻٽر آهن پر سوال اهو آهي ته آئين ۾ ميرٽ جي بنياد تي ڀرتي ڪرڻ لاءِ سڀني اُميدوارن کي برابري وارو حق ڏيڻ ۽ ڀرتي وارو شفاف طريقو اختيار ڪرڻ جي ڏنل ضمانت جو ڇا ٿيندو؟ ائين ناهي ته پيپلزپارٽي 16 هين ۽ 17 هين گريڊ جي سڌين ڀرتين لاءِ ڪا پهرين ڪوشش ڪئي آهي. پ پ جي اڳين حڪومتن ۾ به ائين ٿيندو آيو آهي ۽ تن ڏينهن ۾ جيڪي سفارش، رشوت يا تعلقاتن ۽ مٽي مائٽي جي بنياد تي همراهه ڀرتي ڪيا ويا هئا، سي اڄ ضلعن جا مالڪ بڻيا ويٺا آهن ۽ سچ ته اهو آهي ته جن ڪرسين تي اهي ويٺل آهن، سي جيڪڏهن ساهه واريون هجن ها ته ضرور لڄي ۽ شڪي ٿين ها!

اهڙين ڪوششن جي حوالي سان ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت دوران 11 هين گريڊ جي ڀرتين بابت به ڪميشن جي دائري کان ٻاهر سڌين ڀرتين واريون حقيقتون خلق ڏسي ۽ پسي چڪي آهي. مان سوچيان ٿو ته عوام جي مفاد ۾ جيڪا سرڪار اڄ 16 هين ۽ 17 هين گريڊ جي سڌين ڀرتين واري سنجيده حڪمت عملي جوڙي آهي. انهيءَ ساڳئي سنڌ سرڪار کي سڀاڻي جيڪڏهن عوامي مفادن ۾ 18 کان 22 گريڊ تائين جي ڀرتين جو به سڌو سنئون اختيار استعمال ڪرڻ جو خيال آيو ته انهن کي ڪير روڪيندو؟ ۽ کانئن ڪير پڇاڻو ڪندو؟
ان سڄي پس منظر ۾ جيڪا اهليت ۽ انصاف جي لتاڙ ٿيندي آئي آهي، اهي لقاءُ لوڪ سالن کان ڏسندو آيو آهي ۽ صبر ڪندو آيو آهي ڇو ته انهن جي هٿ وس ڪجهه به نه آهي، اُهي سياستدانن جي ڄار ۾ اهڙا ته ڦاٿل آهن جو مجبوريون، مصلحتون ۽ بي وسيون ماڻهن کي دل جي دانهن ٻاهر ڪڍڻ جي اجازت ئي نه ٿيون ڏين. اسان وٽ نوڪريون هاڻ وڪري جو اهڙو وکر بڻجي چڪيون آهن، جو ان هڪ زبردست صنعتي درجو اختيار ڪري ورتو آهي. اها جيڪا ونڊ ورڇ ٿئي ٿي تنهن خلق جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن
سنڌ ۾ اڳ ئي نوڪرين جو وڪرو وڏي پئماني تي هر اداري، هر ضلعي ۽ هر سطح تي سامهون ايندو رهيو آهي. اهڙي حال ۾ هاڻي جيڪڏهن 16 هين ۽ 17 هين گريڊ جون نوڪريون به سرڪاري گرهه بڻبيون ته پوءِ چٽاڀيٽيءَ وارن امتحانن وسيلي غريب گهراڻن سان تعلق رکندڙ ذهين ۽ باصلاحيت نوجوانن ۾ سخت اداسي ۽ مايوسي اڻٽر آهي ۽ اهو ذهين شاگردن جي لاءِ موت جي برابر آهي. ائين ناهي ته پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ورتل امتحانن ۾ ڪا سفارش يا رشوت ٿي هلي پر گهٽ ۾ گهٽ نوڪريءَ جي حاصلات جو هڪ محنت جوڳو رستو ۽ وسيلو ته موجود آهي نه؟ جيڪي پبلڪ سروس ڪميشن جا چيئرمين يا ميمبر ٿيندا آيا آهن، سي سئو سيڪڙو اهليت جي بنياد تي ناهن ايندا پر اُهي جيئن ۽ جهڙي حال ۾ ايندا ۽ هوندا آهن، گهٽ ۾ گهٽ ٽڪو پئسو يا اٽي ۾ لوڻ برابر اهليت جو احساس ته ڪندا آهن ني
اسان جي آڏو اهڙا ڪيترا نوجوان آهن، جن پنهنجي محنت ۽ جستجو سان نوڪريون حاصل ڪيون آهن ۽ انهن جي حاصلات سندن خوشحاليءَ جو سبب ته بڻي ئي آهي پر ان سان گڏوگڏ ٻين بيروزگار نوجوانن ۾ ان همٿ ۽ حوصلي جا جواز به پيدا ڪيا آهن. اهو اتساهه ۽ اها اُميد هنن کي زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ وڌ کان وڌ پاڻ تي ڀاڙڻ جو احساس ۽ اعتماد ڏياريندي آئي آهي ۽ هو جيئڻ جا نوان جتن ڪندي ڏٺا ويا آهن. هنن کي هڪ دلاسو ۽ آسرو هجي ٿو ته هڪ ڏينهن هوندو، جڏهن سندن ڪوششون رنگ لائينديون ۽ هو به پنهنجي علم، عقل ۽ لياقتن جي آڌار تي سکيا ستابا ٿيندا
پر سنڌ سرڪار جا سانباها، جيڪي چغليون هڻي رهيا آهن، انهن واضح طور تي بيروزگار ۽ باصلاحيت نوجوانن جي اُميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي. اخبارن ۾ خالي آسامين جا ڌڙا ڌڙ اشتهار شايع ٿي رهيا آهن پر سوال اهو آهي ته انهن ۾ جن قانونن، قاعدن ۽ گهرجن جي گهر ڪئي وڃي ٿي، ڇا اهڙن ضابطن جو تقدس سرڪار خود پاڻ برقرار رکي سگهندي. اسان وٽ اڳ ۾ به اهڙا اشتهار مايوس نوجوانن ۾ زندگيءَ جي نئين اُمنگ طور ڏٺا ويا آهن پر انهن خوابن سان جيڪو حشر هتي پاڻ وٽ ٿيندو آيو آهي، سو به ڪنهن کان لڪل يا ڳجهو ناهي! اسان وٽ اشتهار حقيقت ۾ پنهنجن ماڻهن کي نوازڻ لاءِ ڪتب ايندا رهيا آهن. اشتهارن ۾ جيڪي تقاضا ٿيل هوندي آهي، سچائي وري ان جي ابتڙ سامهون ايندي آهي. ماڻهو هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ درخواستون جمع ڪرائيندا آهن پر نوڪريون پوءِ به ايم پي اي، ايم اين ايز يا صاحب اقتدار پارٽي جي عهديدارن ۾ ورهايون وينديون آهن ۽ انهن جي بنگلن تي جڙيل لسٽن جي آڌار تي سرڪاري ادارا آرڊر جاري ڪندا آهن ۽ ان سڄي عمل ۾ جيڪا قائدن ۽ ضابطن جي لتاڙ ٿيندي آهي. اهڙن ڀڃڪڙين کي ڏسندي دنيا دنگ رهجي ويندي آهي. نيتجي ۾ نااهل، هڏ حرام ۽ ڪوڙين ڊگرين ۽ ڪوڙين عمرين ذريعي بدنام ڏوهاري به سرڪاري ملازم بڻجي رهيا آهن، جيڪو ماڻهو لکين روپيا ڀري نوڪري وٺي ٿو، سو گهر ويٺي پگهار ته کڻندو آهي پر نوڪري نه ڪندو آهي! ۽ ان سڄي نتيجي ۾ جيڪو ادارن جو توازن بگڙي ٿو، تنهن جا جڳ جهان اڳ ئي کٽيا کاڌيون ويٺو آهي
سياسي مداخلت سنڌ جي بيورو ڪريسي کي يا ته بيوس ڪري ڇڏيو آهي يا وري پاڻ سان ملائي ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سمورن ادارن جو تمام خراب حشر ٿيو آهي. جڏهن اسان (NTS) نيشنل ٽيسٽنگ سروس جي ويب سائيٽ ڏسون ٿا ته اُتي فقط وفاقي ادازرن جون ۽ ٻين ٽنهي صوبن جي نوڪرين جا پراجيڪٽ ڏسجن ٿا. ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ته پوليس ۾ ساهين جي ڀرتين لاءِ به اين ٽي ايس جون خدمتون ورتيون وڃن ٿيون ۽ ميرٽ جي بنياد تي اُتي ڀرتيون به ٿين ٿيون پر سنڌ ئي اهو صوبو آهي، جيڪو مٿين مڙن ئي ساراهه جوڳين سرگرمين کان بي نياز آهي
ان کان علاوه سي ايس ايس جي امتحانن لاءِ تياري ڪندڙ ۽ ان حوالي سان تجربا ڪندڙ نوجوان جن جي من ۾ هزارين خواهشون ۽ ارادا هوندا آهن، انهن مٿان سنڌ حڪومت پاران آفيسرن جي سڌيءَ ريت ڀرتي ڪرڻ واري خبر وڄ بڻجي ڪڙڪي ۽ ڪري آهي. حڪومت جي سڌي ڀرتين واري عمل سان باصلاحيت ۽ ذهين بيروزگار نوجوانن ۾ اداسيءَ جو احساس ته وڌندو ئي وڌندو پر هاڻ سنڌ جون سرڪاري توڙي پرائيويٽ لائبريريون به ويران ٿيڻ جا اهڃاڻ ۽ جواز وڏي پئماني تي پيدا ٿي ويا آهن. ڇو ته انهن ۾ وڏو انگ انهن نوجوانن جو هوندو آهي، جيڪي اتي ويهي چٽاڀيٽي وارن امتحانن جي تياري ڪندا رهيا آهن. گڏوگڏ، پبلشنگ ادارا پڻ بند ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. جڏهن پڙهڻ وارا ئي نه هوندا ته ڪتاب ڪير وٺندو؟ ۽ جڏهن ڪتابن جي خريداري زبردست حد تائين گهٽجي ويندي ته پوءِ نوجوانن جي رهنمائي لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري تحريرون ۽ سٺا ڪتاب لکندڙ ليکڪ به ڪنهن ٻي ڪرت سان لڳندا
نتيجو اهو ٿيندو جو زمينون به وڏيرن وٽ، ڪارخانا به انهن جا ۽ آخرڪار اهم نوڪريون به انهن جون! پوءِ ادارن جي اهڙي ڀينگ ڏسبي جيئن اڄڪلهه پاڻ وٽ بدنام زمانه بلديات واري کاتي جو حال ڏسجي ٿو، جنهن ۾ 16 هين ۽ 17 هين گريڊ جون اهم نوڪريون به سڌيءَ ريت سنڌ سرڪار ورهايون هيون ۽ نتيجي طور هاڻي سنڌ جي شهرن جي روڊن رستن جا حال، جيڪي گواهيون ڏئي رهيا آهن يا جيڪا غلاظت ۽ گندگي شهرن جي زينت بڻيل آهي، اها گهڻو ڪجهه وائکو ڪري رهي آهي
گذريل هڪ هفتي کان سڄي شهر شڪارپور سيلابي ريلن جا منظر پيش ڪري رهيو آهي، چنگچين ۽ رڪشائن وارن پنهنجو ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو آهي. روڊن، رستن تان گذرڻ ماڻهن لاءِ وڏي ۾ وڏو مسئلو بنيل آهي پر ڪنهن کي ڪا پرواهه ئي ناهي
جيڪڏهن ائين ئي ٻين ادارن ۾ نالائق، نااهل ۽ سفارشي يا رشوتي ماڻهو 16 هين ۽ 17 هين گريڊ ۾ سڌيءَ ريت ڀرتي ٿيا ته پوءِ سنڌ صوبي جو ته الله ئي واهي آهي ۽ لڳي ٿو ته سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي ڪن ٻين صوبن يا ڪنهن ملڪ ڏانهن ڳڀي جي ڳولا لاءِ نڪرڻو پوندو. سنڌ کانسواءِ باقي مڙن ئي صوبن ۾ اتان جي پبلڪ سروس ڪميشن جو واءُ سواءُ گهڻي حد تائين تسلي جوڳو ڏسڻ ۾ اچي ٿو پر سنڌ ۾ ان حوالي سان ڪاري وارا ڪک آخر ڇو ڏسبا آيا آهن؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جيڪو سنڌ جي هزارين ۽ لکين بيروزگار باصلاحيت نوجوانن جي ذهن ۾ سدائين گونجندو ئي رهي ٿو پر ان جو سنڌ سرڪار اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به تسلي جوڳي جواب ڏيڻ ۾ ڪا دلچسپي نه ڏيکاري آهي. ها ايترو ضرور آهي ته هن اهليت جي آڌار تي روزگار جي تلاش ۾ مصروف ماڻهن جون پريشانيون ضرور وڌايون آهن ۽ 16 هين 17 هين گريڊ ۾ سڌين ڀرتين واري خبر به اهڙيءَ ئي سلسلي جو تسلسل آهي