Showing posts with label الطاف شيخ. Show all posts
Showing posts with label الطاف شيخ. Show all posts

Tuesday, 9 December 2014

الطاف شيخ

اسان جا سادڙا ماڻهو  


اسان جي ماڻهن جي به عجيب سوچَ آهي، بلڪه آئون ته اهو چوندس ته، هو ايتري ته سادي طبيعت جا آهن، جو هر هڪ جي ڳالهه تي آسانيءَ سان اعتبار ڪريو وڃن. هن ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دور ۾ به هنن کان اها تڪليف نٿي پڄي ته، کڻي صحيح معلومات حاصل ڪن ۽ پنهنجو پاڻ کي نقصان کان بچائين. مثال طور ڪجهه ڏينهن اڳ گهوٽڪي کان هڪ همراهه فون ڪيو ته، هو ايم بي اي پڙهڻ لاءِ ملائيشيا وڃڻ ٿو چاهي. مونکي اهو ٻڌي حيرت ٿي ته، MBA ياB.E ۽ MBBS جهڙيون معمولي ڊگريون ته هِتان پاڪستان مان به ڪري سگهجن ٿيون. انهن بيچلر وارين ڊگرين کي آئون معمولي ان ڪري چوان ٿو جو اڄ جي دور ۾ انهن جيValue ئي ڇا آهي. اِيئن ته جن ڏينهن ۾ آئون پنجين ڪلاس ۾ هئس يعني 1954ع ۾، انهن ڏينهن ۾ ته مئٽرڪ به وڏي ڳالهه هئي. مئٽرڪ پاس ڪرڻ وارن کي هالا جي هاءِ اسڪول ۾ ماستري ملي وئي ٿي پر هاڻ ته PhD ڪرڻ بعد به معمولي ماستري مشڪل سان ٿي ملي. پاڪستان ۾ سرڪاري ڪاليجن کان علاوه ڪيترائي خانگي ڪاليج آهن، جن ۾ انجنيئرنگ يا ڊاڪٽري پڙهائي وڃي ٿي. انهن جي في سرڪاري ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کان کڻي وڌيڪ آهي پر ته به ڪنهن سستي کان سستي ملڪ جي ڪاليج جي خرچ کان وري به گهٽ آهي.... اهو ملڪ ڀلي کڻي بنگلاديش هجي، ايران هجي يا چين ۽ ملائيشيا يا ڪو ٻيو ايشيائي ملڪ.... جِتي ڪٿي ٻاهرن ملڪن کان آيل شاگردن لاءِ ڳريون فيون آهن ۽ کاڌي پيتي ۽ رهائش جو به وڏو خرچ آهي. ۽ اهو شاگرد جنهن انٽر ۾ سٺي پوزيشن نه کنئي آهي (تڏهن ته هن کي پنهنجي ملڪ جي سرڪاري ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ داخلا نه ملي آهي، اهو پڙهائيءَ ۾ ڪمزور ئي چئبو ۽) ان کي جڏهن ولايت ۾ ڪو ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ڪاليج داخلا ٿو ڏئي، ته اهو پڪ ڪو اعليٰ معيار جو درسگاهه نه پر ٺڙڪ ٺڳيءَ وارو ئي هوندو، جنهن جي ڊگريءَ کي بين الاقوامي طور گهٽ ئي قبول ڪيو ويندو هوندو

مون گهوٽڪيءَ جي همراهه کي سمجھايو ته، ”ان بنيادي ڊگري MBA لاءِ ڇو ٿو ٻاهر وڃين. اهو سوچ ته ان تي تنهنجو ڪيڏو خرچ ايندو!“ ”نه مونکي اسڪالرشپ ملي رهي آهي، ملائيشيا ۾ پڙهڻ جي“، هن ٻڌايو، جنهن تي مونکي ويتر حيرت ٿي. خير اها ته مونکي خبر آهي ته، ڪجهه ملڪن جون يونيورسٽيون ڌارين ملڪن، خاص ڪري پٺتي پيل ايشيائي ۽ آفريڪن ملڪن جي شاگردن کي پڙهائي ۽ رهائش وغيره جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ڏين ٿيون. پر اها اڪثر انهن کي ڏني وڃي ٿي، جيڪي پڙهائيءَ ۾ هوشيار آهن ۽ ٻي ڳالهه ته جپان وارا ڏين يا ملائيشيا وارا..... اسڪالرشپ اُن کي ملي ٿي، جنهن جي پوسٽ گريجوئيشن ٿيل آهي، يعني هو پنهنجي فيلڊ ڊاڪٽري، انجنيئرنگ يا ڪنهن ٻي فيلڊ ۾ فقط بيچلر نه پر ماسٽرس ڊگري يافته آهي. ان کي PhD لاءِ گهرايو وڃي ٿو.... نه ڪيMBA وغيره لاءِ. ان تي هن ٻڌايو ته ڪو ايجنٽ آهي جيڪو 80 هزار رپين جي بدلي ۾ ملائيشيا ۾ پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ وٺرائي ڏئي ٿو ۽ سوا لک رپين ۾ يورپ جي ڪنهن به ملڪ ۾. پر هو چوي ٿو ته، ”ان لاءِ ان ملڪ جي سفارتخاني طرفان ورتل انٽرويو ۾ ان کي مطمئن ڪرڻ توهانجو ڪم آهي. سو ان سلسلي ۾ آئون اهو پڇڻ ٿو چاهيان ته، توهان جي ملائيشيا جي قونصل خاني ۾ ڄاڻ سڃاڻ آهي جو منهنجو ڪم ٿي سگهي.“ مون هن کي سمجھايو ته، ڌارئين ملڪ جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي خرچ يا مليل اسڪالرشپ تي پڙهڻ لاءِ پهرين پوسٽ رستي يا انٽرنيٽ ذريعي ان تعليمي اداري ۾ داخلا لاءِ apply ڪرڻو پوندو آهي. داخلا ملڻ بعد هنن کي اسڪالر جو ٻڌائڻو پوندو آهي يا پنهنجي خرچ تي پڙهڻ جي صورت ۾ هنن جي پهرين سيمسٽر جو خرچ بئنڪ ذريعي آن لائين ادا ڪبو آهي يا ويسٽرن يونين جهڙي اداري ذريعي ڪيش پئسا موڪلبا آهن. پوءِ اها يونيورسٽي ان شاگرد کي داخلا ڏيڻ جي رضامنديءَ جو خط موڪليندي آهي ته، جيئن پاسپورٽ سان گڏ اهو خط ان ملڪ جي قونصل خاني يا سفارتخاني ۾ جمع ڪرائي ان تي Study Visa جو ٺپو لڳرائي ۽ پوءِ ٽڪيٽ خريد ڪري اچي. اهي تعليمي ادارا ان خط جي نقل جي ڪاپي ڊائريڪٽ سفارتخاني کي به موڪلين ٿا، جيئن هو ٻنهي خطن جي خاطري ڪري اُميدوار کي ويزا جو في الحال مهيني يا اڌ جو ٺپو هڻي ڏين، جيئن اهو شاگرد في الحال يونيورسٽيءَ ۾ هلي داخلا وٺي. هفتو کن ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ بعد يونيورسٽيءَ وارا ان شاگرد کان پاسپورٽ وٺي سال جي ويزا جو ٺپو هڻائي. پوءِ پاسپورٽ پاڻ وٽ رکن ٿا. اڳ ۾ اهو پاسپورٽ شاگرد حوالي ڪري ڇڏيندا هئا پر پوءِ ڪيترا شاگرد تعليم جاري رکڻ بدران نوڪريون ڳوليندا وتيا ٿي

مون اها ڳالهه هن گهوٽڪيءَ جي شاگرد کي سمجهائي ته ويزا حاصل ڪرڻ جو اهوئي طريقو آهي. ۽ سفارتخانن ۾ ايڏي سختي آهي جو انهن جي ملڪ ۾ نوڪري ملڻ يا پڙهڻ لاءِ داخلا ملڻ بعد به ڪو اميدوار سنئون سڌو ڪنهن سفارتڪار سان نٿو ملي سگهي. ويزا جو ٺپو لڳرائڻ لاءِ پاسپورٽ، يونيورسٽي طرفان آيل خط (يا نوڪري جي صورت ۾ نوڪري ڏيندڙ اداري جو خط) ۽ ٻيا ڊاڪيومينٽ ڪنهن ڪوريئر سروس ذريعي سفارتخاني/قونصل خاني موڪلڻا پون ٿا سفارتخانن کي، خاص ڪري اسان جهڙن ملڪن ۾، نه وقت آهي نه سڪيورٽي کين اجازت ٿي ڏئي ته ويزا وٺندڙ سان روبرو ملن. اهي ڳالهيون ٻڌائي مون هن ان همراهه کي چيو ته، ”مونکي لڳي ٿو ته، اهو ايجنٽ اوهان سان ٺڳي ڪري رهيو آهي.“ پر مون ڏٺو ته هو ان ايجنٽ جي ڳالهين ۾ اهڙو ته ڦاسي چڪو هو ۽ خوابن جي دنيا ۾ پنهنجي اڏيل پروگرام ۾ ايڏو ته منڊيل هو، جو هن کي ٻي جي ڳالهه نه پئي وڻي

مون چيومانس ته، ڀلا هڪ ڪم ڪر! جيڪڏهن اهو ايجنٽ توهان جي ڳوٺ جو آهي، ته هن کي چئن چڱن اڳيان ڪرينس ته جيئن تنهنجو ڪم نه ٿئي ۽ تنهنجو پئسو غرق ٿي وڃي يا اتي پهچي توکي ڪا سزا اچي وڃي، ته هن ايجنٽ جي پويان وٺ پڪڙ ته ٿي سگهي. ”هو اسانجي ڳوٺ جو ناهي. پر سکر ۾ رهندڙ منهنجي هڪ دوست جو سڃاڻو آهي.“ هن ٻڌايو. ”چڱو ڀلا هڪ ٻيو ڪم ڪر،“ مون هن کي صلاح ڏني، ”جيڪڏهن تون سمجھين ٿو ته ايئن لک سوا لک رپيا ڏيڻ سان ٻاهر پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ ۽ ويزا ملي ويندي، ته هن ايجنٽ کي چئه ته هو توکي انهن ٻن ٽن شاگردن جا فون نمبر ڏئي، جن کي هن ٻاهر پڙهائيءَ لاءِ داخلا ۽ اسڪالرشپ وٺي ڏني آهي. پوءِ تون انهن شاگردن کي فون ڪري پڪ ڪر ته ان ڳالهه ۾ ڪا سچائي آهي يا نه. باقي گهر وٺرائي ڏيڻ واري دلال وانگر هن جو ڪم تومان ڪميشن ڪڍڻ آهي. پوءِ ڀلي توکي بعد ۾ خبر پوي ته اهو گهر ڦڏي جو آهي ۽ تنهنجي حوالي ٿي نٿو سگهي.“ سوچڻ جي ڳالهه آهي ته لک رپيا ڏيڻ سان جي ٻاهر پڙهڻ جي اسڪالرشپ ملي وڃي، يعني سال جي پڙهائيءَ جو ڏهه ٻارنهن لک خرچ ملي وڃي، ته هرڪو ائين نه ڪري! پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته، اهڙن ٺڳ ايجنٽن جو شڪار اڄڪلهه گهڻو تڻو سنڌ صوبي جا ماڻهو آهن، هو هر وقت ٻين جي مٺين ڳالهين تي جھٽ پٽ وسهجيو وڃن

الطاف شيخ

پنهنجن ٻارن کي گهڻو ’’لاڏلو‘‘ نه بڻايو 
خميس 20 مارچ 2014ع


حيدرآباد ۾ سنڌين جو هڪ نئون ڪلاس رهي ٿو. جنهن آسپاس جي ضلعن جي ننڍن توڙي وڏن شهرن مان، ٻارن جي تعليم يا نوڪري ڌنڌي لاءِ اچي قاسم آباد وسايو آهي. هنن مان ڪيترن کي واقعي پنهنجن ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جو فڪر آهي. هو پنهنجن ٻارن کي سٺن اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا.... اها ٻي ڳالهه آهي ته، هنن لاءِ سٺو اسڪول معنيٰ انگريزي نالي وارو اسڪول، جنهن ۾ ٻار حيدرآباد جهڙي ڪاڙهي جي گرميءَ ۾ به رسيءَ جهڙي ٽائي ٻڌي وڃي. مائٽن کي جِتي ٻار جي مستقبل جو فڪر آهي، اُتي هو ڪن ڳالهين تي منجھيل به آهن. هو سمجھن ٿا ته، ٻارن لاءِ ٽيوشن ضروري آهي. آئون کين اهو ئي چوندو آهيان ته، توهان جي چونڊيل اسڪول ۾ جيڪڏهن پڙهائڻ وارا ٽيچر يا مِسون قابل آهن، ته پوءِ ٻار کي ٽيوشن لاءِ ڇو ٿا موڪليو؟ ڪٿي ايئن ته نه آهي ته ٻار ڪلاس ۾ ڊيسڪ تي مٿو رکي ننڊون ٿو ڪري؟ ۽ جي نه تو پوءِ اهوئي ڪلاس ۾ ورتل سبق گهر ۾ اچي پڙهي ۽ پڪو ڪري. ان جي ٿوري گهڻي چڪاس يا مدد (رهنمائي) ڪرڻ ماءُ جو ڪم آهي... خاص ڪري جي هوءَ هائوس وائيف آهي پر اسان وٽ ڪيترين مائرن کان اهڙا ڪم نٿا پڄن، جو هنن کي ٽي وي ڏسڻ ۽ ننڊون ڪرڻ کان واندڪائي ناهي. هو اهوئي سمجهن ٿيون ته ڪلاس ۾ مِس هنن جي ٻارن کي پڙهائي قابل ڪري.... يعني ڏٺو وڃي ته، هڪ سڳي ماءُ ٿي ڪري کيس پنهنجي هڪ ٻار تي نظر رکڻ جي نه خواهش آهي ۽ نه توفيق .... باقي ڪلاس روم جي مس ڪلاس ۾ پڙهندڙ ٽيهن ٻارن جو خيال رکي. اسان وٽ مائرن جو زور رڳو پنهنجن ٻارن کي ٽيوشن لاءِ موڪلڻ تي رهي ٿو

اسانجي هڪ ڄاڻ سڃاڻ واري فئمليءَ جي گهر حيدرآباد ويس ته هنن مون کان صلاح پڇي ته، هو پنهنجي ٻار کي 15 ڏينهن جي سمر ڪئمپ ۾ موڪلڻ ٿا چاهين ....بلڪه هو پاڻ ته نٿا چاهين جو ان جي وڏي في آهي پر جيئن ته پاڙي جو هڪ امير ٻار وڃي رهيو آهي، سو هنن جو ڇوڪرو به ضد ڪري رهيو آهي. ڏسو نه اڄ ڪلهه نئين ٽهيءَ جو دور آهي، جنهن ۾ هي سڀ ڳالهيون ضروري ٿي پيون آهن. مونکي خاموش ڏسي ڇوڪر جي ماءُ مونکي پاڻ ڏي ڌيان ڇڪائيندي هڪ دفعو وري پڇيو ته، ان بابت منهنجو ڇا خيال آهي؟ ”توهان صلاح ڏيو ته آئون ڇا ڪريان؟“ هن پڇيو. ”منهنجي جي ڳالهه مڃو ته گرمين جي هنن موڪلن ۾ ڇوڪر کي رڌ پچاءُ ويهي سيکارينس. پٽاٽا بصر ڪٽرائينس، ٿانوَ ڌوئارائينس، ڀت رڌڻ سيکارينس.....“ ”سر! توهان ته اسان سان چرچا ڪري رهيا آهيو يا ٽوڪي رهيا آهيو.“ ڇوڪر جي ماءُ چيو. مون کيس ٻُڌايو چرچا بنهه نه ڪري رهيو آهيان پر توهانجي ڀلي ۽ ڇوڪر جي مستقبل لاءِ بهتر صلاح ڏئي رهيو آهيان. ان بعد مون کيس جيڪي وڌيڪَ ٻُڌايو اهو هي پڙهندڙ ٻيون مائرون به هينئين سان هنڊائي سگهن ٿيون

ڳالهه اها آهي ته، اسين غريب ملڪن جا نه فقط غريب ماڻهو آهيون پر فطرتاً سست ۽ ٿوري ڳالهه تي همت هارڻ وارا پڻ آهيون. هي سمر ڪئمپون. جن ۾ ٻارن کي رانديون رونديون، ترڻ، گهمائڻ ڦيرائڻ ۽ نخرن سان پڙهائڻ انهن وڏن ماڻهن لاءِ آهن، جيڪي ڪارخانيدار، جاگيردار ۽ بي انتها دولت وارا هجن، جن کي هڪ طرف وقت ناهي جو ٻارن سان گڏ ڪجهه وقت گهاري سگهن ۽ ٻئي طرف هنن جا ايڏا ڪاروبار سيٽ ٿيل آهن. جو هنن جي ٻارن کي فقط چار اکر پڙهي ڪنهن سبجيڪٽ ۾ BA ڪري پنهنجي اباڻي فرم جو CEO ٿيڻو آهي. هي سمر ڪئمپون يا اهڙي قسم جا نخرا فقط پئسو ڪمائڻ خاطر آهن. آئون ته اهوئي چوندس ته. موڪلن جو فائدو وٺي مائٽ پنهنجن ٻارن کي اسڪول/ڪاليج طرفان هوم ورڪ ڪرائڻ بعد باقي ٽائيم ۾ پنهنجي انگريزي سڌارڻ لاءِ ڪِتاب پڙهائين جو اسان جا ٻار ڊاڪٽري يا انجنيئري ڪرڻ بعد نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ انٽرويو ۾ چڱي طرح انگريزي ڳالهائي انٽرويو وٺڻ وارن کي مُتاثر نٿا ڪريو سگهن. اڄڪلهه پنهنجي توڙي ڌارئين ملڪن ۾ نوڪري ملڻ محال ٿي پئي آهي. ٿورو سوچيو ته، ولايت ۾ اسان جي ڪنهن مائٽ کي نوڪري ملي پر هو ان سبب کان موٽِي اچي ته اتي هن کي ٻوڙ ماني يا ڀت نٿو ملي جنهن جو هو عادي آهي! جپان جي هڪ شهر ۾ پنهنجي هم وطني نوجوان کي ان سبب ڪري نوڪري ڇڏيندو ڏٺم. هو ٻارن (فئملي) کي گهرائي نٿي سگهيو، سو هن لاءِ ماني ڪير پچائي. مون ڏاڍو سمجايومانس ته ڀت يا ٻوڙ رڌڻ ڪهڙو ڏکيو ڪم آهي. بصر ڪٽي ان جو داڳ ڪري ٽماٽا، مسالا ۽ ڪڪڙ جا پيسَ رُڳو سِلو باهه تي ڇڏي ڏيندي ته ٻوڙ تيار ٿي ويندو پر اسانجا ڪي ڪي مرد به عجيب ناز نخرن وارا آهن. کانئن رڌ پچاءُ ته ٺهيو پر پنهنجا ڪپڙا استري ڪرڻ، ٻيڙو ٽانڪڻ جهڙا معمولي ڪم به نٿا پڄن، پوءِ انهن جي جاين تي ساڳيو انڊين، بنگلاديشي، سري لنڪن ۽ ٻيا خوش ٿي نوڪري به پيا ڪندا ته گهر جي اهڙن ننڍن مسئلن کي به پيا منهن ڏيندا.... اهي حالتون ڏسي اڄ جي مائرن کي اها ئي نصيحت ڪندو رهان ٿو ته پنهنجي ٻارن کي لاڏلو نه ڪريو.... اڳتي ڏاڍو ڏکيو ۽ مقابلي جو زمانو اچي رهيو آهي. پنهنجي ٻارن کي تعليم ۽ تربيت (اخلاق) هڪ طرف سيکاريو ته گهر جا ڪم ٻئي طرف. ۽ آرام پسند ”ڪِڪِلو“ بنائڻ بدران کين رَف ۽ ٽَف بَنايو. رڳو ڪَلف لڳل ڪپڙا پائي اوچي برانڊ جو موبائيل فون هٿ ۾ ۽ اکين تي مهانگو چشمو رکي هلڻ ڪا وڏي ماڻهپي يا ڪامياب زندگيءَ جو اهڃاڻ ناهي

Saturday, 22 November 2014

الطاف شيخ

       پرڏيهه جي نوڪري ۽ هزارين مسئلا
          ڇنڇر 3 جنوري 2004ع

1990
  ۾ ملائيشيا ڇڏي اچڻ بعد خبر پيئي ته هاڻ ملائيشيا ۾ رهڻ جي ويزا گهٽ ڏينهن جي ملڻ لڳي آهي ۽ پوءِ خبر پيئي ته گهمڻ جي ويزا فقط انهن مسافرن کي ملي ٿي، جنجو هتان لنگهه ٿئي ٿو، يعني هنن کي اڳتي جي ڪنهن ملڪ، هانگ ڪانگ، جاپان، ڪوريا وغيره جي ويزا ۽ هوائي سفر جي ٽڪيٽ آهي ۽ سو به فقط هڪ يا ٻه ڏينهن ملائيشيا ۾ رهڻجي اجازت ملي ٿي ۽ پوءِ سال ٻن بعد خبر پيئي ته هاڻ ملائيشيا پهچي اتي جي ايئرپورٽ(ڪوالالمپور) تان اسان جي ويزا وٺڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. ملائيشيا جي ڪنهن به شهر۾ رهڻ لاءِ اسان کي پنهنجي ملڪ مان ملائيشيا جي قونصل خاني يا سفارتخاني مان اڳواٽويزا وٺڻ جو بندوبست ڪرڻو آهي. ”اسان کي“ مان منهنجو مطلب آهي ”اسان پاڪستاني.“جاپان، ڪوريا، آسٽريليا، آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن جا رهاڪو ته اڄ به بنا ويزا جي نه فقط ملائيشيا ۽ سنگاپور پر ڪويت ۽ ٻين ملڪن ۾ به اچن وڃن پيا ۽ پوءِ ڪجهه سالن بعد خبر پيئيته ملائيشيا وارن ڪجهه ملڪن جي ماڻهن لاءِ (جن ۾ اسان جو ملڪ به شامل آهي) ملائيشيا ۾اچڻ اڃا به ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي. اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي پنهنجي ملڪ مان اڳواٽويزا حاصل ڪرڻ سان گڏ هڪ ٻيو شرط به لاڳو ڪيو ويو آهي ته اسين ملائيشيا تيسين نٿاوڃي سگهون، جيسين ملائيشيا جو ڪو ماڻهو اسان جي اسپانسرشپ ڪري، يعني ذمو کڻي ته آئون فلاڻي پاڪستانيءَ کي سڃاڻان ٿو ۽ هن کي ملائيشيا آئون گهرائي رهيو آهيان ۽ آئون ئي هن جي جوابداري کڻان ٿو وغيره. ان قسم جون پابنديون ٻڌي پنهنجي ملڪ جي ڪرندڙ ساکجو احساس ٿئي ٿو ته دنيا جو هر ملڪ اسان لاءِ دروازا بند ڪندو وڃي، پهرين آمريڪا ۽يورپ وارن ائين ڪيو، پوءِ عرب ملڪن ڪيو. پوءِ ويندي پاڙيسري ملڪن ايران ۽ ترڪيءَ ڪيو، جن سان اسان جو RCD ذريعي ائين ڳانڍاپو ۽ دوستي هئي، جيئن يورپين ڪميونٽي جيملڪن جي اڄ آهي ۽ 1970ع تائين ته اسين پاڪستاني تهران ۽ استنبول بنا پاسپورٽ جي پئيوياسين. اڄ انهن ملڪن لاءِ به ويزا وٺڻي پوي ٿي ۽ گذريل صديءَ جي آخر کان اهو حال وڃي ٿيو آهي ته ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلينڊ، هانگ ڪانگ لاءِ به اسان کي ويزا وٺڻي پوي ٿي.ويندي آفريقا جا سوڊان ۽ چاڊ جهڙا ملڪ به اسان کي بنا ويزا جي پنهنجي ملڪ ۾ گهڙڻ نٿاڏين. گذريل سال انهن ملڪن ۾ رهندڙ اسان جي سفير ظفر شيخ مون کي سوڊان گهمڻ جي دعوت ڏني ۽ مون کي اهو معلوم ڪري تعجب لڳو ته ان لاءِ ظفر کي سوڊان حڪومت کان منهنجي اچڻ جي ويزا وٺڻي پيئي! انڊيا لاءِ ويزا! بنگلاديش لاءِ ويزا! چرچو مشهور آهي تهڪنهن پاڪستانيءَ بيزار ٿي پنهنجي پاڪستاني دوست کان پڇيو ته، ”اسان لاءِ ڪهڙو ملڪ وڃي بچيو آهي، جتي ويزا بنا وڃي سگهجي ٿو؟“ دوست کلندي وراڻيس: ”فقط پاڪستان،جنهن ۾ ويٺو آهين ۽ جتي هر ڌارئين ملڪ جو هر ماڻهو بنا ويزا جي پهچيو وڃي ۽ وتي ڏوهه ڪندو ۽ انهن جي ڏوهن ڪري اسين پاڪستاني بدنام پيا ٿيون.“ ساڳئي وقت روز بروز ٻاهرينملڪن ۾ جيڪي ڌارين ملڪن جا ڏوهاري جهلجن ٿا، انهن لاءِ اهو اعلان ڪيو وڃي ٿو ته اهي پاڪستاني آهن. اصل ۾ انهن ۾ فقط پنج سيڪڙو پاڪستاني مس هوندا، باقي ٻين وٽ جعليپاڪستاني پاسپورٽ جو هجڻ ئي ثابت ٿئي ٿو، پر اها ڳالهه جيسين ڪورٽن ۾ هلي ثابت ٿئي،تيسين اخبارن وارا پاڪستان کي بدنام ڪريو ڇڏين. گذريل سال ڪراچي ٽي وي طرفان انعام ۽ايوارڊ ڏيڻ واري فنڪشن ۾ منهنجي ڀرسان مهراڻ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽرعبدالرحمان ميمڻ ويٺل هو. عبدالرحمان صاحب نه فقط منهنجو ڳوٺائي ۽ پاڙيسري آهي پرساڻس وڌيڪ ويجهڙائي ان ڪري به آهي، جو هن به مون وانگر ملائيشيا جي هڪ تعليمياداري ۾ هڪ ڊگهو عرصو پڙهائيندي گذاريو آهي. ان رات ملائيشيا بابت خبرون ڪندي وي سي عبدالرحمان مون کان پڇيو ته ملائيشيا سان منهنجو اڃا واسطو هلندو اچي يا نه؟”جيستائين منهنجا شاگرد جيئرا آهن ۽ جهاز هلائيندا اچن، تيستائين هتي ڪراچي يا ڪنهن ٻئيملڪ ۾ (جتي هنن جا جهاز پهچن ٿا) ملاقات ۽ خبرون چارون ٿينديون رهن ٿيون.“ مون ٻڌايو مانس ـ

”ڀلا ڪو ويجهڙائيءَ ۾ ملائيشيا وڃڻ ٿيو آهي يا ٿيندو؟“ عبدالرحمان پڇيو. مون کلندي چيومانس”يار، هڪ دفعو ته ضرور ٿيندو، شايد هن ئي سال داڻو پاڻي هجي. هر سالملائيشيا وڃڻ جو پروگرام ٺاهيندو آهيان. اچڻ وقت چئي آيو هئس ته Saya akan balik (آئون ڄاڻ ته موٽيس) پر اڃا نه وڃي سگهيو آهيان، هتي جي ڊيوٽي جلدي Join ڪرڻ جي چڪر ۾پنهنجو Provident فند به نه ورتم، سڀ سامان خاص ڪري ڪتاب، رسالا هاسٽل جي هڪڪمري ۾ ڇڏي آيس، ته ان کي اڃا تالو لڳو پيو آهي ۽ ملائيشيا حڪومت طرفان جيڪو ايوارڊ مليو هو، ان جي سرٽيفڪيٽ وٺڻ لاءِ به هر سال خط ٿو اچي، سو اهو به وٺڻو اٿم 
”فند وٺي ڇڏ. هنن Expatriates (ڌارين ملڪن جي نوڪري ڪندڙن) لاءِ اهو قانون ڪڍيو آهي ته هنن کي فقط پگهار ملندو، فند نه ملندو ۽ ڌارئين ملڪن جي ڪنهن بهماڻهوءَ جا پئسا ملائيشيا جي بئنڪ ۾ رکي نٿا سگهجن.“ عبدالرحمان ٻڌايو، جنهن جي جواب ۾ مون ڪجهه نه وراڻيو پر دل ۾ سوچيم ته ڳوٺائي ڳالهه صحيح ٿو ڪري. ٿي سگهي ٿو ته هيترا سال گذرڻ بعد منهنجو رکيل فند به ضبط ڪيو ويو هجي يا منجمد ڪيو ويو هجي ـ

ملائيشيا ۾ نوڪري ڪرڻ دوران اتي جي حڪومت اسان جي پگهار مان هڪ تهٽئڪس ڪٽيندي هئي ۽ ٻيو حصو بچت خاطر رکندي ويندي هئي، ته جيئن نوڪري ڇڏڻ وقت اسان وٽ ڪجهه ته پئسو هجي، جنهن مان پنهنجي وطن لاءِ خريداري ڪري وڃون. پگهار تهايترو پورو پنو ملندو هو، جو گهر جي خرچ ۽ ٻارن جي اسڪول في ۾ ئي پورو ٿي ويندو هو.مون جهڙا ٻاهرين ملڪن کان آيل جيئن جيئن نوڪريءَ جو مدو پورو ڪندا ويا، تيئن تيئنپنهنجو فند وٺندا ويا. اسان جي نوڪريءَ واري جاءِ ملاڪا شهر هو ۽ فند ملڻ جي آفيسڪوالالمپور ۾ هئي. مون کي آخري ڏينهن تائين ملاڪا رهڻو پيو ۽ ٻئي ڏينهن ڪراچيءَ لاءِاڏام هئي، ان ڪري پنهنجو فند وٺڻ بنا هليو آيس. اهو سو اڳ واٽ معلوم ڪيو هوم ته اهو فند اسان ڪڏهن به اچي وٺي سگهون ٿا، جيڪو ملائيشيا ۾ امانت طور رهندو. ملائيشيا ۾ ڏهه سالکن رهيو هوس، سو خبر هيم ته هتي جو سسٽم بيحد ايمانداريءَ وارو آهي. قاعدو قانون ايڏو سخت آهي، جو نه ڪو ڪنهن کي دوکو ڏيئي سگهي ٿو ۽ نه ئي حڪومت ڪنهن جو حق ماري سگهي ٿي. هونئن به ملائيشيا ۾ اسان پاڪستانين لاءِ اچڻ وڃڻ سولو هو، ڪا پابندي ياجهل پل نه هئي، هوائي جهاز جي ٽڪيٽ به سستي هئي. ڪراچي ڪوالالمپور رٽرن ٽڪيٽ 6 ست هزار رپيا مس هئي. ان کان علاوه اسان جي فند واري آفيس KWSP (ڪمپولان وانگ سمپانان پيڪرجا) وارن اهو پڻ چيو هو ته هڪ فارم ڀري موڪلڻ سان هو اسان جو گڏ ڪيل فند پاڪستان به موڪلي ڏيندا. سڀ کان وڏي ڳالهه ته منهنجا گڏ ٿيل پئسا به ايترا نه هئا، جو پريشان ٿجي. ان کان علاوه ملائيشيا جي ڏيتي ليتي جو سسٽم ڏسي رهيو هوس ته ايڏو شفاف ۽صاف سٿرو آهي، جو ڪيترن يورپي ملڪن ۽ اسلامي ملڪن ۾ به نه هجي. پر منهنجي خيال ۾اهو منهنجو غلط فيصلو هو، ٻاهر نوڪري ڪندڙ کي ڪڏهن به ائين نه ڪرڻ کپي، ڇو ته ڌاريو ملڪ ڌاريو آهي ۽ ڪنهن به ملڪ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، حڪومت بدلجي سگهي ٿي، حڪومت جي پاليسي بدلجي سگهي ٿي. ملڪ جون معاشي ۽ سماجي حالتون بدلجي سگهن ٿيون يا اسان جي ملڪ ۾ بدلجندڙ حالتون ڌارئين ملڪن جي پاليسين تي اثر انداز ٿي سگهن ٿيون  ـ