Showing posts with label سهيل ميمڻ. Show all posts
Showing posts with label سهيل ميمڻ. Show all posts

Tuesday, 9 December 2014

سهيل ميمڻ

آمريڪي صدر ابراهم لنڪن جو سنڌ جي استادن ڏانهن هڪ خط


گذريل هڪ ڏهاڪي کان جنهن تيزي سان اسان جي تعليم جي تباهي ٿي آهي، ان کان اڳ وارو ڪوبه وقت اهڙو خراب ثابت ناهي ٿيو. وڌيڪ ڏک ۽ ڳڻتيءَ واري ڳالهه اها آهي ته اسان جي بنيادي يعنيٰ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم تباهه ٿي رهي آهي، باوجود ان جي جو انساني ڳانڍاپي جا وسيلا، موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ وغيره وڌيا آهن،ڪمپيوٽر جي ايجاد زندگيءَ جو وهنوار ۽ آفيس جو ڪم ڪار آسان ۽ شفاف بڻايو آهي. ملازمن جون پگهارون، خاص ڪري تعليم کاتي ۾ استادن جون پگهارون بهتر کان بهتر ٿيون آهن، ٻاهرين ملڪن تعليم جي ترقيءَ لاءِ پئسو پاڻي وانگر ڏنو آهي پر سنڌ جي تعليم ترقي ڪرڻ، دنيا سان مقابلو ڪرڻ بجاءِ اڳ واري تعليمي معيار کان به پَستيءَ ۾ ڪِرندي پئي وڃي. جيتوڻيڪ ان سڄي معاملي جو ذميوار عوام آهي، ان ڪري جو هو خاموش آهن ۽ ان تعليمي تباهيءَ خلاف آواز نه ٿا اٿارين. سياستدان، ان ڪري جو هو هر ڪرپشن ۾ نه صرف حصيدار آهن پر هر ڪرپٽ تعليمي عملدار جا پٺ ڀرائي ڪرڻ وارا، تعليمي بجيٽ کي ايمانداري سان استعمال نه ڪرڻ وارا هجڻ سان گڏوگڏ گوسڙو استادن توڙي اوطاقون بڻيل اسڪولن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي خلاف ڍال بڻيل آهن


تعليم جي تباهيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ذميوار استاد بڻجي ٿو، ان ڪري جو استاد ئي آهي، جنهن جو سڌو ۽ ويجهو رابطو شاگرد سان هوندو آهي، استادن جون اڳ پگهارون تمام گهٽ هونديون هيون پر هر شهر ۾ هر اسڪول ۾ ٻه چار استاد ايترا مشهور ۽ نالي وارا هوندا هئا، جو سندن تعليم ڏيڻ جا چرچا شهر جي هر گهر ۾ سالن جا سال رهندا هئا، گذاري ويا آهن، پوءِ به اهڙن استادن جي عزت ۽ نالو آهي. پر اڄ استادن جون پگهارون لک لک رپيا تائين به آهن پر اسڪول ۽ ٻار تباهيءَ ڪناري تي پهچندا پيا وڃن ۽ ڪو به نه ٿو پُڇي، ته ڪير استاد ڊيوٽي ڪري ٿو يا نه. پگهار جا ٻه 4 هزار ماهوار ڏيو ۽ ڀلي نوڪري تي نه وڃو، مان اهڙن ڪيترن استادن کي سڃاڻان ٿو، جن ڏهه ڏهه سال اسڪولن جا دروازا ئي ناهن ڏٺا. هڪ پاسي، اسين پنهنجي سنڌ جي تعليم لاءِ پنهنجي ڊيوٽيءَ جا چار ڪلاڪ به ايمانداريءَ سان نه ڪري تباهه ڪري رهيا آهيون ته ٻئي پاسي ٻاهريان ملڪ اربين روپين جا پراجيڪٽ ڏئي ٻارڙن جي تعليم سڌارڻ ۾ مصروف آهن

اڳ ۾ دنيا جي ترقي يافته ملڪن جو ترقي جي نالي ۾ ٻين ملڪن ۾ پئسو خرچ ڪرڻ جو رجحان گهڻو ڪري صرف وڏن شهرن تائين محدود رهيو آهي. آمريڪي، برطانوي، آسٽريليائي ۽ ٻين ملڪن جا تعليمي سيمينار هجن، شاگردن جون ٽريننگس هجن، اسڪالر شپس هجن. اهي سڀ هن ملڪ ۾ ڪراچي، اسلام آباد ۽ لاهور جي ماڻهن لاءِ رهيون آهن. هينئر ڪجهه سالن ۾ اها تبديلي آئي آهي، خاص ڪري آمريڪي قونصل خاني، سنڌ ۾ اها ڳالهه سمجهي آهي ته تعليم جي شعبي ۾ سندن مدد جا حقدار ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جا ماڻهو وڌيڪ آهن، جيڪي اڳ ۾ ئي سهولتن کان پري آهن. تازو ٻين سرگرمين سان گڏ سنڌ ۾ آمريڪي قونصليٽ وارن لنڪن ڪارنر جي نالي ۾ سينٽر کوليا آهن. جن ۾ هر شاگرد وڃي سگهي ٿو ۽ اتي موجود ڪتابن، ميگزين، ڪمپيوٽرن ۽ انٽرنيٽ مان مفت ۾ سهولت حاصل ڪري پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو، ان جي ڪابه في ناهي. ڪا ميمبر شپ ضروري ناهي، بس انهن سينٽرز تي وڃون، اتي موجود ڪتابن، تحقيقي مواد ۽ انٽرنيٽ وغيره سان پنهنجي تعليم ۾ واڌارو ڪري سگهجي ٿو، اهڙا لنڪن ڪارنر سَر شاهنواز ڀٽو لائبريري لاڙڪاڻو، سچل سرمست لائبريري خيرپور، شمس العلماءِ دائود پوٽو لائبريري حيدرآباد ۾ قائم آهن. سنڌ جي ٻين ضلعن ۽ شهرن ۾ به اهڙا لنڪن ڪارنر کولرائڻ لاءِ انهن شهرن جا تعليم دوست نوجوان، آمريڪي قونصليٽ ڪراچي کي درخواستون ڪندا ته سندن شهرن ۾ هڪ بهترين جديد ۽ مفت تعليمي سينٽر جو اضافو ٿي ويندو

اهو ئي ناهي پر انگريزي زبان جا انگلش ايڪسز پروگرام پڻ آمريڪي قونصليٽ شروع ڪيا آهن. ان ۾ خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته اهي اڳ ۾ وڏن شهرن جي ميراث بڻيل هئا ۽ ننڍن شهرن وارن جي سوچ ۾ به نه هو پر هاڻي ڪنڊيارو ۽ ٺارو شاهه ۾ به اهڙا سينٽر کوليا ويا آهن ۽ 12 کان 14 سالن جي ڄمار جي شاگردن کي انهن سينٽرز ۾ انگلش جي سکيا ڏني وڃي پئي. اها به تمام سٺي ڳالهه آهي جو ”لنڪن ڪارنر“ پنهنجي نالي وانگر آمريڪا جي بهترين مدبر ۽ دانشور صدر ابراهيم لنڪن جي نالي پٺيان آهن، ابراهيم لنڪن تعليم دوست آمريڪي صدر هو ۽ کيس ان ڪري گولي هڻي ماريو ويو هو جو هن ڪارن جي غلامي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ شروع ڪيا هئا

آمريڪا جي سورهين صدر ابراهيم لنڪن جو ذڪر ۽ تعريف نه ڪرڻ ان حوالي سان ناانصافي ٿيندي، جو هن پنهنجي پٽ جي استاد ڏانهن هڪ خط لکي ڄڻ سڄي دنيا جي استادن کي سمجهايو آهي ته ”استاد“ جي معنى ڇا آهي، ۽ استاد جو ڪم ڇا آهي. جيڪڏهن سنڌ جا استاد ابراهيم لنڪن جو اهو خط پڙهي، پنهنجي ضمير جي آواز تي لبيڪ چون ته سنڌ جي تعليم سالن ۾ نه ڏينهن ۾ درست ٿي وڃي. ابراهيم لنڪن جو اهو شاهڪار خط، تعليم جي شعبي جي ڪمال جو دستاويز آهي. ابراهيم لنڪن پنهنجي پٽ جي استاد ڏانهن خط ۾ لکي ٿو ته آئون ڄاڻان ٿو ته هن کي سِکڻو پوندو ته سڀ ماڻهو حق تي ڪو نه آهن، نه ئي سڀ ماڻهو سچار آهن. پر هن کي اهو پڻ سيکار ته هر خراب ماڻهوءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ عظيم هستي هجي ٿي ۽ هو مفاد پرست سياستدان جو به هڪ سچو ليڊر ٿئي ٿو. هن کي سيکار ته هر دشمن لاءِ به هڪ دوست ٿئي ٿو

مان ڄاڻان ٿو ته هن کي وقت لڳندو. پر کيس سيکار جيڪڏهن توکان ٿي سگهي ته، کيس بغض کان پري وٺي وڃ. جيڪڏهن تون ڪري سگهين ته کيس خاموش کِل جا راز سيکار. هن کي جلد ئي سکڻ ڏي ته داداگيرن کي جهڪائڻ نهايت آسان ڪم آهي. جيڪڏهن تون سيکاري سگهين ته کيس ڪتابن جا عجائبات سيکار پر کيس آسمان ۾ پرواز ڪندڙ پکين جي ازلي ۽ ابدي رازن تي سوچڻ لاءِ مناسب وقت ڏجانءِ ۽ سج جي ڪرڻن ۾ اڏرندڙ جيتڙن ۽ سرسبز ماٿريءَ تي ٽڙندڙ گلن لاءِ پڻ. کيس مڪتب ۾ سيکار ته ڌوڪي ڏيڻ کان وڌيڪ معتبر ۽ بهتر عزت سان ناڪام ٿيڻ آهي. هن کي پنهنجي عقيدن ۽ خيالن تي ايمان رکڻ سيکار، کيس شريفن سان شرافت ۽ ڏِنگن سان ڏِنگائي سان پيش اچڻ سيکار.هِن کي ان لوڌ جي پٺيان نه لڳڻ جي قوت عطا ڪرڻ جي ڪوشش ڪر، جنهن ۾ هر هڪ سواريءَ تي چڙهڻ جو خواهشمند هجي. کيس سيکار ته هو هر هڪ ماڻهوءَ کي ٻڌي پر کيس اهو به سيکار ته سمورين ٻڌڻين کي سچ جي پردي ۾ ڇاڻي ۽ صرف ان کي برحق سمجهي، جيڪو ان ڇاڻيءَ مان ڇڻي صاف ٿي سامهون اچي.

(اي استاد) جيڪڏهن توکان ٿي سگهي ته، هِن کي سيکار ته ڏکارو هجي ته ڪيئن کِلي، هِن کي سيکار ته ڳوڙها ڳاڙڻ ۾ ڪو به شرم نه ڪبو آهي. هن کي سيکار ته چاپلوسن ۽ خوشامد ڪندڙن کان پاسيرو رهي. هن کي سيکار ته نقل ڪرڻ کان فيل ٿيڻ بهتر آهي. هن کي اهو به ٻڌاءِ ته هو ڀلجي به ڪڏهن پنهنجي ضمير جي قيمت نه لڳائي ۽ هن کي سيکار ته هو هنبوڇيون هڻندڙ ڇِڙوڇڙ انبوهه ڏانهن ڌيان نه ڌري ۽ جيڪڏهن سمجهي ٿو ته هو حق تي آهي ته کيس مڙس ماڻهو ٿي بيهڻ ۽ منهن ڏيڻ جو هُنر ڏي

(اي استاد) هن سان شفقت سان هل، پر کيس لاڏلو نه ڪجانءِ، ڇاڪاڻ جو صرف باهه جي تپش ئي ڪچي سون کي تيار ڪندي آهي، هن کي ڇڏ ته مقصد، جستجو ۽ منزل جي حصول لاءِ پاڻ ۾ بي صبرو ٿيڻ جي همت پيدا ڪري ۽ ڇڏينس ته بهادر ٿيڻ لاءِ پاڻ ۾ صبر پيدا ڪري، هن کي هميشه اهو سيکار ته هو پنهنجي پاڻ تي جاهه و جلال وارو اعتماد رکي ته جيئن هن جو انسانيت مٿان ايمان هميشه لاءِ پختو رهي

اها هڪ پيءَ جي لاءِ وڏي توقع آهي.هڪ استاد مان پر تون ايترو ضرور ڪر، جيترو توکان پڄي سگهي. ڏسون ٿا اي استاد ته تون هن لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهين. انتهائي نفيس، ننڍڙو ۽ پيارو آهي، منهنجو پٽ

Saturday, 22 November 2014

سهيل ميمڻ

                   شهري سهولتن لاءِ ذميوار
             ادارن جي نااهلي
                     سومر 13 جنوري 2014ع


دنيا ۾ معاشرو ترقي يافته هجي، ترقي پذير هجي يا ترقيءَ کان وانجهيل هجي. ميونسپالٽيءَ جو ادارو هر معاشري ۾ تهذيب يعني رهڻي ڪهڻيءَ جو ذميوار هوندو آهي. جيئن ڪنهن گهر جي صفائي ٿيل نه هوندي، ته ان مان ان گهر وارن جي ’افعالن‘ جي خبر پوندي آهي. ائين ئي ڪنهن ڳوٺ يا شهر جي صفائي نه هوندي، ته ان ڳوٺ ۽ شهر جي ميونسپالٽيءَ جي عملدارن جي افعالن جي خبر پوندي آهي. اسان جو هر ڳوٺ ۽ شهر پنهنجي ڏيک جي حساب سان، ڪنهن ٻاهرئين ملڪ جي مهمان کي ڏيکارڻ جي قابل ناهي. گٽر کُليل، گندگيءَ جا ڍيرَ، بدبودار پاڻيءَ جا تلاءُ، مکين ۽ مڇرن جا آزار، گهٽيون، روڊ رستا، انڪروچمينٽ جي وَر چڙهيل، چڱن ڀلن پاڙن ۾ مينهن جا واڙا، انسان ۽ جانور گڏ پيا رهن. رولو ڪُتا ٻارڙن کي پيا پَٽيندا وتن، ان جي ڀيٽ ۾ هر ميونسپالٽيءَ جا ڪروڙين رپين جا ساليانا بجيٽ ۽ صفائي عملي جي ڀرتي ٿيل نفري، اهو سڀ ڪجهه ڇو آهي؟ ان سوال جو جواب جمعي 10 جنوريءَ جي ڪاوش ۾ سکر جي ڪمشنر سکر ڊويزن جي چار ضلعن جي ميونسپل عملدارن سان گڏجاڻيءَ ۾ ڏنو آهي. 
سکر جي ڪمشنر سکر ضلعي جي چار ضلعن سکر، خيرپور، نوشهرو فيروز ۽ گهوٽڪيءَ جي ميونسپل عملدارن جي گڏجاڻيءَ ۾ چيو آهي ته، اها حد ٿي وئي آهي جو قبرستانن ۽ اسڪولن ۾ گندو پاڻي بيٺو آهي. هن ان کي ”ظلم“ سڏي چيو آهي ته، اهو ظلم حدون اورانگهي ويو آهي. هن واضح چيو ته، ستر لک سکر واسي ڪامورن کي چور سمجهي پِٽين ٿا.....سکر جو ڪمشنر حقيقت پسند ماڻهو ٿو ڏسجي، ان ڪري ڪو حڪم جاري ڪرڻ بجاءِ هن انهن ميونسپل عملدارن کي درخواست واري انداز ۾ چيو آهي ته، توهان پنج لک ’ڪمائيءَ‘ کي گهٽائي ٻه لک ڪريو ۽ باقي 3 لک جا ڪم ڪرايو. ڪمشنر صاحب انهن ميونسپل عملدارن جي ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندي سوال ڪيو ته، جيڪڏهن توهان جو پنهنجو ٻچو رولو ڪتا چَڪيندا وتن، ته توهان جي ڪهڙي حالت هوندي؟! حقيقت اها آهي ته، ڪمشنر سکر سنڌ جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ کاتي لوڪل باڊيز جي بلڪل صحيح منظر ڪشي ڪئي آهي. قبرستان، اسڪول، روڊ رستا ۽ گهٽيون گندي بدبودار پاڻيءَ سان هر ننڍي وڏي شهر ۾ ’سينگاريل‘ آهن. ننڍڙا معصوم ٻار ڪنهن نه ڪنهن شهر جي گٽر ۾ ڪِري فوت ٿيڻ جون خبرون به عام آهن ۽ جي اُهي گٽرن کان بچن ٿا، ته رولو ڪُتن جي حوالي ٿين ٿا.
ٻار قومن جو مستقبل ٿين ٿا، اسين پنهنجي ٻارڙن کي ڪُتن آڏو نِڌڻڪو ڇڏي ڏيون ٿا. جڏهن ته برطانيا جي ٻِي عالمي جنگ ۾ جڏهن هٽلر پيرس فتح ڪري انگلش چينل پار ڪري لنڊن فتح ڪرڻ لاءِ شهر تي بم اُڇلرائي رهيو هو ته، برطانوي وزير اعظم پهريون ڪم اهو ڪيو هو جو سڄي لنڊن جا ٻار، برطانيا جي ڳوٺن ڏانهن موڪليا هئا، ته جيئن اسان جو مستقبل محفوظ رهي! ميونسپالٽيءَ ۾ صفائي عملي جي نفري ڀرتي ته ٿيل آهي، پر صرف پگهار کڻڻ لاءِ....! رشوت ايتري عام جام آهي جو، 50 لکن جي بجيٽ واري رستي تي پنج لک به خرچ نه پيا ٿين. 45 لک سڌا سنوان عملدارن، ٺيڪيدارن، سياسي ڀوتارن ۽ انهن جي واٺن جي نذر ٿيو وڃن !. ترقي يافته ملڪن ۾ انساني رهڻي ڪهڻي ۽ زندگيءَ جي بهترين وهنوار لاءِ چار کاتا انتهائي اهم تصور ڪيا ويندا آهن، جنهن ۾ مڪاني ادارن يا ميونسپالٽيءَ جو ڪم اهو هوندو آهي، ته اهي شهر جي هر هڪ رستي، گهٽي ۽ ديوار توڙي هڪ هڪ سِرَ جي ائين حفاظت ڪن، جيئن ماڻهو پنهنجي گهر جي ڪندو آهي. ٻيو اهم ادارو تعليم جو آهي، تمام بهترين پگهارون ۽ تمام گهٽ وقت نوڪريءَ وارن هزارن نه پر لکين ’ماسترن‘ جي هوندي به سنڌ جي تعليم تباهه آهي! سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائڻ وارا اُستاد، پنهنجن ٻارن کي به پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٿا پڙهائين، ته هزارين ماستر ۽ ماسترياڻيون بنا نوڪريءَ جي پگهارون کڻن ٿا، مان ذاتي طور ڪيترن اهڙن همراهن کان واقف آهيان، جيڪي ڏهه ڏهه سالن کان اُستادن واري پگهار ته کڻن ٿا پر هڪ ڏينهن به هنن اسڪول جو منهن نه ڏٺو آهي!
ٽيون اهم کاتو صحت آهي. هيپاٽائيٽس جي ور چڙهي ويل سنڌ ۾، وڏين ته ڇڏيو ننڍين بيمارين جو به علاج سرڪاري اسپتالن ۾ ممڪن ناهي، چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال پهتل صحافي شان ڏهر جو موت به هڪ تازو مثال آهي. رات جو اسپتال آندل شان صبح جو گذاري ويو، رات جو هڪ ڊاڪٽر به وٽس نه پهتو ۽ نرسز ۽ ميڊيڪل ٽيڪنيشن اُن جي وس آهر مدد ڪندا رهيا. اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، ڊاڪٽرن سان ڀريل لاڙڪاڻو، ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي اسپتال، مريض به ملڪ جي هڪ وڏي چينل جو نالي وارو صحافي، پر پوءِ به ڊاڪٽر ڊيوٽيءَ تان غائب ۽ سڄي رات نه پهتا، نه ميڊيا ۾ خبر اچڻ جو خوف، نه ڪنهن پُڇاڻي جي پرواهه، جڏهن اهڙن شهرن ۽ اهڙن ماڻهن سان زندگي ۽ موت جي مسئلي ۾ ئي اهڙو حشر آهي، ته اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، باقي شهرن ۾ عام ماڻهن سان صحت کاتي جي اسپتالن ۾ ڪهڙو حشر هوندو. چوٿون کاتو امن امان قائم ڪرڻ وارو آهي، جنهن ۾ پوليس مُک ادارو آهي، روزانو اغوائن ۽ ڌاڙن جون خبرون پڙهي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، سنڌ ۾ ڪيترو امن امان آهي. وزير اعليٰ سنڌ جو ضلعو، اغوائن جي تعداد جي حوالي سان ڪيترن سالن کان پهريون نمبر آهي. مطلب ته مڪاني ادارن، صحت، تعليم ۽ پوليس، معاشري ۽ قوم جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ ڪرنگهيءَ جي هڏي سمجهيو ويندڙ ادارا، رشوت، اقربا پروري ۽ سنگدليءَ ۾ ايترو وڌي ويا آهن، جو ڪمشنر سکر کي ان عمل لاءِ لفظ ”ظلم“ استعمال ڪرڻو پيو آهي ۽ واقعي به انهن کاتن جا وس وارا قوم تي، قوم جي ٻچن تي ”ظلم“ ئي ڪري رهيا آهن ۽ انهن ظالمن تي ڪو هٿ ان لاءِ نه ٿو وجهي سگهي، ته ڪنهن ميونسپالٽي عملدار، ڪنهن ماستر، ڪنهن ڊاڪٽر ۽ ڪنهن پوليس جي صوبيدار جي پٺيان ڪو ڀوتار ڪو سياستدان يا ان جو واٺو ٽيڪ بڻيو بيٺو آهي، اها ٽيڪ ڳري رشوت يا ووٽ وٺڻ عيوض فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ نتيجي ۾ اهڙن آفيسرن کي کُليو ڇڏيو ٿو وڃي، ته ڀلي وڃي ڀِينگَ ڪريو ۽ اها ڀِينگَ في الحال بند ٿيندي نظر نه پئي اچي!.