Showing posts with label امتياز ابڙو. Show all posts
Showing posts with label امتياز ابڙو. Show all posts

Tuesday, 25 November 2014

امتياز ابڙو

                            ٻڪرا  پڙي
                        ڇنڇر 28 نومبر 2009ع

اڄڪلهه ٻڪريون ايتريون مهانگيون آهن جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪا ٻڪري خريد ڪري گهر پيو موٽندو ته هام اهڙي پيو هڻندو ڄڻ  اين آر او معاف ڪرايو پيو اچي...ائين ئي ٻڪرا پڙيءَ ۾ هڪڙو ٻڪرو ۽ هڪ ٻڪري پاڻ ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئا، جيڪا ڪجهه هن طرح هئي:
ٻڪرو:  ٻڌاءِ ، اڄ توکي ڪير ڪير خريد ڪرڻ آيا ؟
ٻڪري: صبح هڪڙو همراهه آيو...ان هڪ هزار روپين جيترو ٻڪرو گهريو ته منهنجي مالڪ چيس، ”هڪ هزار ۾ ته تون رڳو ٻڪر جي سـڱن تي چڙهي ويهي سگهين ٿو!‘‘
ٻڪرو: اڇا، تنهنجو مالڪ ڳالهائڻ جو شينهن لڳو پيو آهي!
ٻڪري: ها، همراهه به يڪدم چيس، ”مون توهان کان سستو ٻڪرو پڇيو آهي پر توهان ڪاوڙ ۾ ائين پيا ڳالهايو ڄڻ مون توهان کي کنڊ جو اگهه گهٽ ڪرڻ لاءِ چيو هجي!“
ٻڪرو: ۽ ڪر خبر چا ر...هُو  واپاري، جنهن توتي هٿ پئي ڦيرايا...انهي ۾ ته ٽڪي
جو به شرم نه هو!
ٻڪري: ها...مئو...رڳو هٿ ڦيرائي هليو ويو!
ٻڪرو: هي انسان ڪهڙي قسم جا آهن، ڪنهن پرائي نياڻي سياڻيءَ جو خيال ڪونه ٿا ڪن!
ٻڪري: ها، پورا ڏهه منٽ منهنجي پٺيءَ تي هٿ ڦيرائيندو رهيو...پر خريد ڪونه ڪيائين!
ٻڪرو: بلڪل پاڻ واري هن جهنگلي ٻڪر وانگر پئي لڳو، جيڪو توکي آسرن ۾ رکي وري هڪ ٻي ڀوري ٻڪريءَ سان ڀڄي ويو هو!
ٻڪري: ها...هن منهنجا ڏند به ائين پئي ڏٺا ڄڻ آئون سگريٽ پيئندي هجان!
ٻڪرو: اوهه...نو.....شِٽِ!
ٻڪري: هڪڙو دڪاندار آيو، انهي اچڻ شرط پڇيو ته ٻڪريون مهانگيون يا ٻڪرا...؟پر منهنجي مالڪ چيس، ”اسان وٽ ٻڪرن جا به ايترا ئي پئسا آهن جيترا ٻڪرين جا...بس، ٻڪرين جي مئڪپ جو خرچ رڳو ٿورو وڌيڪ ٿيو وڃي.‘‘
ٻڪرو:  واهه.....پوءِ؟
 ٻڪري: پوءِ وري هوءَ پوڙهي ٻڪري ڏيکاريائينس، جنهن جا ٻه  پير قبر ۾ آهن ...ته همراهه چيو ته هيءَ مري پوندي ...مون واري مالڪ به چيس، ”عيد جي رات مري وڃي ته صبح جو سوير ڪُهي ڇڏجوس....ڪهڙو هن جو پوسٽ مارٽم ٿيندو!“ همراهه  ٻڪريءَ جي خوبين جي باري ۾ پڇيو ته چيائينس، ”هن کي توهان عورتن واري سيٽ تي بيهاريندئو  ته ڪنهن کي خبر به ڪانه پوندي!“
ٻڪرو: خبر اٿئي مونکي وري هڪڙو سنڌي اديب  ڏسڻ آيو هو!
ٻڪري: پر سنڌي اديبن تي ته قرباني جائز ئي ڪانهي!
ٻڪرو: خبر ناهي...پر منهنجي مالڪ هن کي چيو ته، ”توهان کي اهڙو ٻڪرو ٿو ڏيکاريان جو توهان کي پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي ويندو!“ ائين چئي هن  کي منهنجي اڳيان بيهاري چيائين، ”هي ڏسو...هي هڪ  تاريخي ٻڪرو آهي!“ اديب حيران ٿي پڇيو، ”ڇا، هن جنگِ آزاديءَ ۾ حصو ورتو هو ؟“ مون واري مالڪ چيس، ”توهان کي خبر ناهي...پر بهادر شاهه ظفر جي  چاليهي جي ڀَت ۾، هن ٻڪري جي مائيٽن جو گوشت هو...۽ ان کانسواءِ مرزا  غالب ته هن جي ابن ڏاڏن جا پاوا کائي پوءِ غزل لکندو هو!“  اديب  کي ڳالهه ڪانه وڻي ته منهنجي مالڪ منهنجي نازڪ ڪن کي زور سان پڪڙي چيو، ”هيءُ کڻو...ٻه جِي بِي جو ڪارڊ ، رات جو ٽارچ وانگر ٻرندو....ايم پي ٿري  آواز ٿو ڪڍي ....۽ ايف ايم فري !“ اديب به منهنجي بي عزتي ڪندي چيو، ”ڀلا هن جا ڏند اصلي آهن يا اسان جي هڪڙي پوڙهي دانشور وانگر ٻٽيهو لڳايو اٿس!“ مالڪ به ٺهه پهه چيس، ”توهان  ٻڪرو  قربانيءَ لاءِ پيا خريد ڪريو يا ٻڪري کان اکڙوٽ ڀڃائيندئو؟“
ٻڪري : توکي خبر آهي ٻنپهرن مهل مون کي هڪڙو ڊاڪٽر ڏسڻ آيو هو. 
ٻڪرو : ڇو تنهجي طبيعت خراب هئي ڇا؟
ٻڪري :نه نه...مون کي خريد ڪرڻ آيو هو....ڇا ته ڊيشنگ ڊاڪٽر هو....منهنجي پٺيءَ تي هٿ لاٿائين ته راتوڪي آيل کنگهه به لهي ويئي!
ٻڪرو :  پوءِ خريد ڇو نه ڪيائين؟
ٻڪري : نڀاڳو... ڪنجوس هو...منهجي مالڪ کي چيائين، ’’ دراصل اسانکي پئسا ڏيئي سامان وٺڻ جي عادت ئي ڪانهي....انهي ڪري اها ڪميشن ۾ ڏي....پئسا آئون هڪڙي دوائن جي ڪمپنيءَ کي چوندس...اها ڏيئي ويندئي!“
ٻڪرو : ۽ توکي خبر آهي....مونکي به هڪڙو پروفيسر ڏسڻ آيو هو!
ٻڪري: ٽيوشن پڙهائڻ لاءِ....؟
ٻڪرو:  نه....خريد ڪرڻ لاءِ....
ٻڪري:  اڇا....!
ٻڪرو:  ها...ڪلاڪ کن ته منهنجا ڏند پئي ڏٺائين، جيتوڻيڪ خود  سندس ٻه اڳيان ڏند ڀڳل هئا!...۽ توڀان....منهنجين پاسراٽين کي ته ائين جانچي پئي ڏٺائين ڄڻ مونکي ڪا خود ڪش جيڪٽ پاتل هجي!
ٻڪري: اوهه نو....!
ٻڪرو: ها، منهنجي مالڪ کان سوال ايترا پڇيائين، جو نيٺ منهنجي مالڪ ڪاوڙ ۾ چيس، ”توهان کي ٻڪرو قربانيءَ لاءِ کپي يا انهي کي سپلا جو صدر بنائيندئو؟“
ٻڪري: انهن ڳالهين جي ڪري ته منهنجي مالڪ آغا خان مان منهنجيون ٽيسٽون ڪرائي رکيون آهن.....۽ جيڪو سوال پڇندو آهي انهيءَ کي رپورٽون ڏيکاريندو آهي!
ٻڪرو:  انهي کان ته پاڻ به انسان هجون ها!
ٻڪري: شڪر جو ڪونه آهيون...
ٻڪرو: ڇو؟
ٻڪري: ڏس، پاڻ کي گهٽ ۾ گهٽ  اٽو وٺڻ لاءِ  قطار ۾ ته بيهڻو ڪونه ٿو پوي!
ٻڪرو: پوءِ اي ڪاش ...آئون اٺ هجان ها!
ٻڪري: اهو به صحيح ناهي...اٺ وري اهو جانور آهي جنهن کي ٻارَ به اُٺ چوندا آهن! 
ٻڪرو: پوءِ اُٺڙيون پنهنجن مڙسن کي ڪيئن ڪري سڏينديون هونديون؟
ٻڪري: شايد هن طرح ته، ”آ، اُٺ....صبح جا ٿيا اٿئي اَٺَ....ڇا، آفيس ڪونه اٿئي وڃڻو؟ مونکي ياد آهي، هڪ اٺڙيءَ پنهنجي مڙس کي چيو، ”هيڏو سارو اٺ ٿيو آهين...گٽر ۾ ڌڪو کائي آيو آهين؟“
 ٻڪرو: ڇا،تنهنجو مالڪ عيد جي ڏينهن گوشت پنڻ ويندو آهي؟
ٻڪري: ها، منهنجو مالڪ ته عيد جي ڏينهن ڄڻ گوشت گڏ ڪرڻ واري مقابلي لاءِ نڪري پوندو آهي...جيرانڊين کي ته ائين گڏ ڪندو ڄڻ انهي مان ڪڊني سينٽر کوليندو!
ان ئي مهل هڪڙو سياستدان اچي ٿو ۽ مالڪ سان ڳالهائي ٿو. مالڪ هن کي ٻڪرو ڏيکاريندي چوي ٿو:
مالڪ: سائين، پوري هڪ سال جو آهي، اڃا ڪالهه هن جي برٿ ڊي ملهائي اٿئون!
سياستدان:  چڱو، سالگرهه جي ڪيڪ جي قيمت سميت ٻڌاءِ ته هن جو گهڻو وٺندين...؟
مالڪ:  صرف سٺ هزار رپيا!
سياستدان: ايترو مهانگو...مونکي هيءُ  قربانيءَ لاءِکپي..مونکي هن کان  حڪومت خلافت ريلي ڪانهي ڪڍائڻي...!
مالڪ: سائين، هن ۾ وڏيون خوبيون آهن؟
سياستدان: ڪهڙيون؟
مالڪ: هن تي نيب جو هڪڙو به ڪيس ڪونهي!
سياستدان: ٻي خوبي؟
مالڪ:  هي هڪڙي ئي رنڀ ۾ ايترو آواز ٿو ڪڍي ڄڻ اسيمبليءَ ۾ پنجاهه ميمبر گڏجي ڊيسڪون وڄائي رهيا هجن! 
سياستدان: ٻي ڪهڙي خوبي آهي؟
مالڪ:  هن جي قرباني ڪرڻ کانپوءِ توهان اهو به چئي سگهو ٿا ته توهان پارٽيءَ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن!
سياستدان:  ٺيڪ آهي...هيءُ ٻڪرو ٿيو منهنجو!
 مالڪ:  پر مهرباني ڪري ٻڪري کي ائين زوريءَ ڪن کان نه ڇڪيو...!
سياستدان: ٻيو...ٻڪري کي آئون درخواست لکان ته بخدمت ۾ جناب ٻڪرا صاحب...سائين جن کي نيڪ روشن هجي ته مون توهان کي خريد ڪيو آهي انڪري مهرباني ڪري مونسان گڏ هلو!
مالڪ:  جي نه ...دراصل ائين ٻڪرو احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿيندو!
سياستدان:  ٺيڪ آهي، هيءُ ٻڪرو ٿيو منهنجو...آئون هن کي دهل ۽ توتارين سان ائين ٿو وٺي وڃان ڄڻ مون پنجاهه هزارن جي لِيڊ تان اليڪشن کٽي هجي! 

امتياز ابڙو

                      !  عيد عجيب
                     سومر 21 سيپٽمبر 2009ع

عيد اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن ٻه ڄڻا پاڻ ۾ ملي وري ٻي عيد تي ملڻ جي ڌمڪي ڏيندا آهن. اڃا ته اسان وٽ ايتري جهموريت به ناهي آئي جو جنهن اسٽائيل ۾ ٻه مرد عيد ملندا آهن انهي اسٽائيل ۾ جيڪڏهن عورت ۽ مرد عيد ملن ته ٻنهي کي اتي جو اتي ڪارو ڪاري ڪري مارين...اسان وٽ ته ويچارا زال مڙس به کُلي نموني عيد نه ملي سگهندا آهن، سدائين انتظار پيا ڪندا ته هاڻي ماڻهو ٽرن  ته عيد ملون!    
عيد اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن توهان کي انهن ماڻهن سان به ملڻو پوندو آهي جن جي لاءِ توهان سڄو سال حزبِ مخالفت ۾ هوندا آهيو...يا جن سان ملي پوءِ  ڪنهن سان به ملڻ تي دل نه چوندي آهي...ڪجهه ماڻهو عيد ملندا ڪونه آهن پر عيد وڙهندا آهن، ڀاڪر ائين پائيندا ڄڻ  يڪو انهن ويهن پنجويهن عيدن جو به ڀاڪر پائي ڇڏيندا، جن عيدن تي اسين هنن کي لڀجي نه سگهيا هئاسين....ڪي مسلمان ڀائر وري ايترو وڏو ڀاڪر پائيندا ڄڻ سڀني کان وڏي ڀاڪر پائڻ واري کي عيد جو فلم وارو شو مفت ڏيکاريو ويندو...نوجوان  ويچارا ته ڀاڪر پائڻ سکندا ئي عيد عيد جي ڏينهن تي آهن!
عيد ٿيندي آهي ته وڏي عمر وارا پوڙها ٻار ٿي پوندا آهن ۽ ٻار پاڻ کي وڏو سمجھڻ شروع ڪندا آهن....جن جا وارَ اڇا هوندا آهن، اهي ويهين ويهين رپين ۾ پنهنجا ويهه سال گھٽائڻ لاءِ حجامن جي دڪان تي پهچي ويندا آهن. جن روڊن تي بيوٽي پارلر هوندا آهن، اتان ته گس ئي ڪو نه ملندو آهي...چوندا آهن ته ٻئي پاسي کان ڦري وڃو!...بيشڪ، بيوٽي پارلر اهو ’’جادو ئي گھر‘‘ آهي ، جنهن ۾ جيڪا مائي اندر ويندي آهي،گھٽ ۾ گھٽ اها ساڳي مائي ته اسان ڪڏهن به ٻاهر نڪرندي نه ڏٺيون...اسان ته جڏهن به ڏٺو هميشه نيون نيون مايون نڪرندي ڏٺيون...خبر ناهي ايتريون مايون اندر وڃن ٿيون ته ڪيڏانهن غائب ٿيو وڃن؟ پوءِ اهي مڙس وري اجايو پيا خوش ٿيندا آهن ته هلو جيڪا ٿلهي ۽ پوڙهي بيوٽي پارلر ۾ ڏيئي آيو هوس، انهي جي بدران هيءَ ڪيڏي نه سهڻي عورت ملي آهي....پر خبر تڏهن پوندي  اٿن، جڏهن سندن ڀر ۾ بيٺل ٻار، انهي عورت کي ”اَمِي اَمِي“ ڪري سڏڻ لڳندا آهن!
عيد جو ڏينهن کائڻ جو ڏينهن هوندو آهي (هڪٻئي کي کائڻ جو نه)....مٺائيءَ جي دڪان تي اهي ماڻهو به چڙهي ويندا آهن جن کي سڄو سال کنڊ مهانگي هئڻ جي شڪايت رهندي آهي...عورتون ته عيد تي به ڊائيٽنگ ڪنديون، مٺائي ايتري ٿوري کائينديون جو خود مٺائيءَ کي به خبر نه پوندي ته آئون کاڌي پئي وڃان يا نه...؟ باقي مرد ته اهو جانور آهي جو جيڪڏهن ڪسٽرڊکائڻ ويهندو ته پهرين اهو ئي چاهيندو ته هڪڙي چمچي ۾ به ٻن چمچن جيترو مال وجھي کائجي...شگر جي مريضن کي به ڏسبو ته عيد جي ڏينهن رڳو مٺيون مٺيون شيون پيا کائيندا...بلڊ پريشر وارا به عيد جي ڏينهن ڳولي ڳولي اهڙيوين شيون پيا کائيندا، جن کي کائڻ کانپوءِ وري الائي ڪيترا ڏينهن دوائون پيا کائيندا...!
جيڪڏهن ٻه ٿلها همراهه عيد ملي رهيا هجن ته سنهڙن کي التماس  آهي ته انهن جي وچ مان لنگھڻ کان پاسو ڪن، نه ته پوءِ  انهن جا پاسا ڪو نه هوندا...جيڪڏهن توهان خود ٿلها آهيو ته پوءِ سنهڙن دوستن سان ملڻ کان پرهيز ڪريو...يا ته عيد کان اڳ هلڪا هلڪا ڀاڪر پائڻ جو ڇهن ڏينهن جو ڪورس ڪريو....جيتوڻيڪ اسان ڪڏهن به ڪنهن ٿلهي جي ڀاڪر هٿان ڪو سنهڙو مرندي نه ڏٺو آهي، پر اسين خود به مرڻ جي ڳالهه ڪونه پيا ڪريون....اسين چاهيون ٿا ته هن ويچاري سنهڙي جيڪو کاڌو آهي اهو هن جي پيٽ ۾ ئي رهي...ٻاهر نه نڪري اچي!
جيڪڏهن توهان پاڻ سنهڙا آهيو ته عيد جي ڏينهن الرٽ رهو، پري کان ڪو ٿلهو ايندي ڏسو ته گس ئي ٻيو وٺو....اهو مشورو اسين توهان کي انڪري پيا ڏيون جو توهان کي به ننڍڙا ننڍڙا ٻچا هوندا...يا وڏيون وڏيون زالون هونديون...يا جيڪڏهن هروڀرو توهان ضد ڪري ڪنهن ٿلهي سان عيد ٿا ملو ته پوءِ پهرئين توهان پنهنجيون پاسراٽيون ڳڻي ڇڏيو ۽ پوءِ ملو....هاڻي وري توهان پاسراٽيون ڳڻيو....جيڪڏهن پوريون آهن ته ٺيڪ آهي، جيڪڏهن هڪ ٻه کٽل آهن ته ٿلهي کان ڀرائي وٺو!
غريب  ته  اها عظيم شئي آهي جو عيد جي ڏينهن وري اهڙو سهڻو  ٿيو پيو هلندو جو باقي سڄو سال اهڙي شڪل کڻي هلي ته ماڻهو انهيءَ کي وزير سمجھي نوڪريءَ جون درخواستون ڏين. سڄو سال اٽي جي قطارن ۾ بيهي بيهي پاڻ به جهڙو اٽو ٿيو پيو هوندو آهي، پر عيد جي ڏينهن نئون نڪورو خوش خوش....بازارن  ۾ پنهنجي اندر جو درد لڪايو ائين مسڪرائي پيو هلندو ڄڻ ڪنهن منسٽر وٽان کنڊ جي ٻوري تحفي ۾ ملي هجيس!
شاعر وري اها قوم آهي جو ڪير هنن سان انهي ڊپ ۾ ڪونه پيو ملندو متان ڪو ڳاٽي وارو غزل  نه ٺڪاءُ ڪرائي  وجهي...ڊاڪٽر ته عيد جي ڏينهن به خاموش نه هوندا آهن...ڪنهن سان ڀاڪر پائي ملندا ته ڇاتيءَ تي هٿ رکي ائين ملندا ڄڻ انفيڪشن ڏسي رهيا هجن...ماسترن جون هونئن به ٻه ڪيٽيگريون آهن....هڪڙا اهي جيڪي عيد ملهائيندا آهن ۽ ٻيا اهي جن کي عيد ملهائيندي آهي...عيد جو ڏينهن شادي شدهه مڙسن لاءِ وڌيڪ خوشيءَ وارو هوندو آهي، ڇوته هن ڏينهن تي اڪثر زالون پنهنجن مائيٽن ۾ هليون وينديون آهن!
پوليس وارا، حجام ۽ فقير هن ڏينهن کي ٻين ماڻهن جي مقابلي ۾ وڌيڪ برڪت وارو سمجھندا آهن...ٻارن ۽ پوليس وارن ۾ ته اها ئي هڪجهڙائي آهي ته اهي رڳو عيدي وٺندا آهن...بازار ۾ به ڏسبو ته ٻيا مرد عيد جا بُوٽ پيا جانچيندا، پر گنجو رڳو ٽوپين جا اگھه پيو پڇندو!...جيئن هڪ ٻار کان ماستر پڇيو، ”سمنڊ، چنڊ ۽ گنجي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“ ته چيائين، ”سمنڊ ڇوليون هڻندو آهي، چنڊ چمڪندو آهي‘‘
هن عيد تي ته حڪومت آرڊيننس ڪڍيو آهي ته ڪنهن به گنجي کي عيد جي رات ڪنهن به گھر جي ڇت تي چڙهڻ کان منع ڪجي ٿي ڇو ته پوءِ ”ڪميٽيءَ“ کي چنڊ ڏسڻ واري عمل ۾ رنڊڪ ٿي پوي، ڇو ته انهن جون دوربينون انهيءَ دور جون آهن جڏهن چنڊ ڇت تان نه پر هيٺان زمين تان ئي ڏسڻ  ۾ اچي ويندا هئا...پر جڏهن کان موبائيل فون نڪتي آهي چنڊ کي الائي ڪيئن خبر پئجيو وڃي....نتيجي ۾ چنڊ ڳولبو پيو هڪڙي ڇت تي ۽ ملندو پيو وري ٻي ڇت تان....!

امتياز ابڙو

                     ڪاوش جا پڙهندڙ
                          سومر 3 آگسٽ 2009ع

ڪجهه ڏينهن اڳ مون  سنڌ جي ڪيترن ئي اديبن، دانشورن، فنڪارن کان ڪاوش جي باري ۾ سندن رايا ورتا...هنن جيڪي ڪوڙ ڳالهايا، اهي هيٺ پيش  ڪجن ٿا. اديبن کي دعوتون ڪرائي ادب ۾ نمايان حيثيت حاصل ڪندڙ نامياري ڪهاڻيڪار ريٽائرسنڌيءَ چيو ته، پهرين ته ڪاوش جي سالگرهه تي کوڙ ساريون واڌايون. ان کان پوءِ مان اهو چوندس ته اسان جي پوري فيملي ڪاوش جي پڙهندڙ آهي. اسان وٽ ته ماسِي ڪم واري به پهرئين ڪاوش پڙهندي آهي ۽ پوءِ ٿانون ۾ هٿ وجھندي آهي. آئون  وري جنهن ڏينهن ڪاوش نه پڙهندو آهيان، انهي ڏينهن مونتي غشيءَ جا دورا پوندا آهن. ڪاوش مون کي ايتري ته وڻندي آهي جو آئون ته ماني به اخبار تي رکي پوءِ کائيندو آهيان. جيئن هڪڙي دفعي اخبار جي ايڊيٽوريل پيج مٿان ٻوڙ هارجي پيو....ڏٺم ته اسان جو هڪڙو ڪالم نگار سڄو ڍڪجي ويو هو...۽ انهي جي نڪ مٿان ٻوٽي وڃي ڪري هئي...مون به ڏاڍي پيار سان ٻوڙ اگھي  ڇڏيو. هڪڙي دفعي مڇي کائي منهنجي پٽ ڪنڊو اڇليو ته اهو هڪڙي سياستدان جي مُڇن مٿان وڃي ڪريو...انهي ڏينهن کانپوءِ مون اخبار وڇائي ماني کائڻ واري ڪم  خلاف هڪڙو خط به  لکيو جيڪو ڪونه ڇپيو...ڇوته ايڊيٽر جو خيال هو ته انهي سان ملڪ مان ٻوڙ هارڻ  وارو رجحان ختم ٿي ويندو!نامياري ڊرامانگار قادر جوڻيجي  چيو ته، ڪاوش  جڏهن نئين نئيننڪتي هئي ته ماڻهو انهي کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندا هئا...جيئن منهنجا ساهرا  مون کي شڪي  نگاهن سان ڏسندا آهن. ان مهل جنهن مهل آئون شڪي حالت ۾ هوندو آهيان. اخبار نيٽ تي اچڻ کانپوءِ ان کي نائيجريا جا شيدي به پڙهندا آهن، چاهي انهن کي سنڌي سمجھه ۾ اچي يا نه....پر ويب سائيٽ ضرور کولي ڏسندا آهن. هاڻي سنڌي ٻوليءَ کي ڪو به خطرو نه آهي، ڇو ته اها هاڻي نائيجيريا ۽ يوگنڊا جي شيدين جي ڊرائنگ رومن تائين به وڃي پهتي آهي...۽ اهو  ڪاوش جو  سنڌي ٻوليءَ تي احسان آهي!  سنڌي ٻولي  جي بي اختيار اداري واري جهونيءَ  چيو ته، ڪاوش اديبن ۾ وڌ کان وڌ پڙهي ويندڙ اخبار آهي، جيڪا هنن ڪڏهن به پنهنجن پئسن سان وٺي ڪانه پڙهي آهي. هميشه ڪنهن نه ڪنهن کان  وٺي پوءِ پڙهندا آهن. آئون  ڪاوش  جي شروعاتي پڙهندڙن مان آهيان...يعني اڃا ڪاوش ايجاد به ڪانه ٿي هئي، آئون تڏهن کان پڙهي رهي آهيان!....ڪجھه ماڻهو ڪاوش  جي ٻوليءَ  تي  سر عام تنقيد ڪندا  آهن، جيڪو صحيح ناهي. آئون خود به تنقيد ڪندي آهيان  پر ان مهل، جنهن مهل منهنجي سامهون ڪيربه نه  هجي!                                                                      
سنڌي ٻوليءَ  جي صفا جهوني دانشور ۽ برک اديب  (اصل ۾ بک اديب)   ڦوڪڻي ٽونگڙائيءَ چيو ته ڪاوش اخبار سنڌي ماڻهن ۾ سجاڳي آندي آهي....يعني جيڪي ستا پيا هوندا آهن، انهن لاءِ  اهڙيون خبرون لڳايون وينديون آهن جو انهن جي ننڊ غائب ٿي وڃي...پوءِ جن سنڌين کي صبح جو سوير آفيس لاءِ  اٿڻو هوندو آهي....اهي رات جو ڀر ۾ اخبار رکي سمهندا آهن ته جيئن صبح جو سوير سجاڳي ٿئي ... ائين ڪاوش سنڌي ماڻهن ۾ سجاڳي آندي، جيڪا اسان لاءِ فخر لائق آهي. سنڌي اجائي سنگت جي  ميجر جنرل سيڪريٽري نان سنڌيءَ  چيو ته، سالگرهه واري موقعي تي مان ڪاوش سٿ کي دل جي ...جيتوڻيڪ منهنجو اندر سڙي ٿو  ڇو ته منهنجا ڪالم ڇاپيا نٿا وڃن...انڪري دل جي ساڙ منجهان واڌايون ڏيان ٿو. منهنجا  اهي سڀ ڪالم ڪاوش وارن رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلي ڇڏيا، جن کي ذري گھٽ ايوارڊ ملڻ جو ڊپ هو. جيئن منهنجا ٽي مشهور ڪالم هئا،  ’’لوڊ شيڊنگ  جي گرمين ۾ عشق‘‘، ’’سنڌي ڪهاڻيءَ  کي ٻيهر جيئرو ڪندڙ نجوميءَ  جي تلاش‘‘ ۽ ’’سنڌي شاعريءَ مان  اديبائن جي گمشدگي‘‘.ڪي ٽي اين جي ڊائريڪٽر فيوز   محترم ڪنفيوز  چيو ته، ڪاوش ۾ ڪم ڪندي نون ماڻهن سان ملاقات ٿي. موٽ ۾ مون کي گهڻو ڪجهه مليو ۽ جيڪو به مليو، هميشه کلئي عام ورتوسين. ڪاوش منهنجي جان آهي. مونکي ته اداڪارا نجمه ڪاوش به رڳو ان ڪري وڻندي آهي ڇو ته انهي جي نالي پٺيان ڪاوش آهي! ڪي ٽي اين جي نيوز ڪاسٽرياڻي عاملا پگھر چيو ته، جڏهن به ڪاوش جي سالگرهه ايندي آهي ته خوشي ٿيندي آهي ته اڄ وري هڪ ڪيڪ کائڻ لاءِ ملندو...ڇو ته سالگرهه ۾ مهمان گھرائجن يا نه، پر ڪيڪ کي ضرور گھرائڻو پوندو آهي. ڪي ٽي اين نيٽ ورڪ جون سالگراهون ايتريون ٿيون ٿين جو اسان هاڻي سالگرهه جي ڪيڪ تي لڳل ميڻ بتيون وسائڻ لاءِ به هڪ ماڻهو رکيو آهي. باقائدا هڪ ٿلهو متارو حبشي اسٽائيل جو همراهه آهي جنهن جي هڪڙي ئي ڦوڪ جهڙي اسرافيل جي ڦوڪ هوندي آهي...اهڙي ته زور سان ڦوڪ ڏيندو آهي، جو اهي ميڻ بتيون وري مهينن تائين ٻري نه سگھنديون آهن! ڪي ٽي اين جي گھوسٽ خاليءَ  چيو ته، صبح جو اک کلڻ سان منهنجي اک ٻن شين تي پوندي آهي...هڪڙي مائيءَ تي ۽ ٻي ڪاوش تي ...پوءِ آئون  يڪدم ڪاوش پڙهڻ لڳندو آهيان ته هوءَ دانهون ڪري چوندي آهي ته، مون کان وڌيڪ توکي انهي جو خيال آهي....اها روز صبح جو اچيو ٺڪا ڪري...ٻارن کي اسڪول به ڪونه ٿو ڇڏيو اچين...سو منهنجا ادا، ڪاوش  اهڙو نشو آهي جو چئن دفعا اسانجي طلاق ٿيندي ٿيندي بچي آهي!
شاعر ۽ گلوڪار  واحد تڪڙي چيو ته، مان ان وقت کان ڪاوش اخبار پڙهندو پيو اچان جڏهن هڪ روپئي ۾ ملندي هئي ۽ اڄ  ڏهين روپين جي ٿي وئي آهي پوءِ به پڙهان پيو. ۽ توهان سوچيو ته مون ڪاوش جي پٺيان ڪيترو خرچ ڪيو آهي...ايترو خرچ جيڪڏهن آئون پنهنجي محبوبا جي پٺيان ڪريان ها ته هينئر ڇهن ستن ٻارن جو پيءُ هجان ها....! اداڪارا خُفيه گُل چيو ته، شوبز جي باري ۾ سڀ کان پهرئين ڪاوش ئي خبر ڏيندي آهي ته ڪهڙو فنڪار ڪهڙي فنڪارڻ سان، ڪيتري فنڪاريءَ سان، پيچ پيو اڙائي ۽ ڪنهن ڪنهن کي آسرن ۾ پيو رکي....جيستائين مان ڪاوش کي نه پڙهندي آهيان ، پاڻيءَ مان نڪتل مڇيءَ وانگر ڦٿڪندي رهندي آهيان...پوءِ جيئن ئي ڪاوش  ملندي آهي ته اهڙو سڪون  اچي ويندو آهي  ڄڻ  ڪنهن ڊائريڪٽر ڇهن مهينن جا روڪيل پئسا مَس مَس ڏنا هجن! گلوڪارا گجريلا ڪاليءَ  چيو ته، جڏهن مون کي منهنجي  پهرئين مڙس طلاق ڏني ته اها ڪاوش ئي هئي جنهن سڀ کان پهرئين خبر ڏني....خود مون کي به اخبار مان ئي خبر پئي ته  انهي  نڀاڳي مڙس مون کي طلاق ڏيئي زندگيءَ ۾ ڪو پهريون سٺو ڪم ڪيو آهي...انهي کانپوءِ  اها ڪاوش ئي هئي جنهن سڀ کان پهرئين  منهنجو افيئر فاش ڪيو  ته آئون  اداڪار انب باغائيءَ سان لڪي لڪي ڪالا باغ  ۾ ملڻ وڃان ٿي.نيٺِ  سَلهجي پوڻ جي ڊپ کان  مون کي  ٻي شادي به ڪرڻي پئي...سچ ته ڪاوش فنڪارن جي وڏي مدد ڪئي آهي!
گلوڪارا گلابي گُل چيو  ته، مان  انهن ڏينهنِ کان ڪاوش  جي هائيڊ پارڪ جا خط پڙهي رهي آهيان، جڏهن اڃا مون کي  پڙهڻ ئي رڳو پرايا خط  ايندا هئا...ننڍپڻ کان ڪاوش ۾ لکيل خط پڙهڻ جو اهو فائدو ٿيو جو  پوءِ  جيڪي ’’لو ليٽر‘‘ مونکي ايندا هئا،  اهي به  مان آسانيءَ سان پڙهي ويندي هئس...نه صرف پنهنجا پر مميءَ جا، ’’لو ليٽر‘‘ به ان کي پڙهي ٻڌائيندي هئس...سچ ته  ڪاوش  جو اسان  فنڪارن تي  وڏو احسان آهي. اسپتال ۾ بيماريءَ جي بستري تي پيل  صفا جهوني  اداڪار غريب محمد ماکي چيو ته، پوڙهو آهيان، اخبار جا اکر ايترا ته ننڍڙا هوندا آهن جو  نرسن کان اخبار پڙهائي ٻڌندو آهيان...نرسون سُوئي هڻڻ اينديون آهن ته انهن کي چوندو آهيان، پهرئين اخبار ٻڌايو پوءِ سوئي هڻائيندس....جيڪڏهن ڪاوش وارا منهنجي بيماريءَ جي خبر شايع نه ڪن ها ته اڄ مان مري چڪو هجان ها.آئون ته رڳو جيئرو ئي انڪري آهيان ته جيئن ڪاوش  ۾ پنهنجي وفات جي خبر پڙهي پوءِ مران...هونئن آئون لهان ته ٽَڪو به ڪونه، پر پنهنجي بيماريءَ  جي باري ۾ وڏا وڏا آرٽيڪل  ڏسي في الحال مون مرڻ جو پروگرام ئي ملتوي ڪري ڇڏيو آهي...۽ قسم کنيو آهي ته جيستائين ثقافت کاتي جي خزاني کي اڌ خالي نه ڪندس ...تيستائين مرڻ ته ڇا ڪوڙو بيهوش به ڪونه ٿيندس!

امتياز ابڙو

             اونداهه جو وزير ۽ لوڊ شيڊنگ
                     ڇنڇر 20 جون 2009ع

خوشخبري اها آهي ته ملڪ جي فائدي ۽ ڀلائيءَ لاءِ لوڊ شيڊنگ ۾ اضافو ڪري هاڻي لوڊ شيڊنگ پوري جا پورا 24 ڪلاڪ ڪئي ويئي آهي...اهڙو اعلان ڪالهه اڌ رات جي وقت اونداهه جي وزير هڪڙي قبرستان جو افتتاح ڪندي ڪيو ته، ’’خدا جو شڪر آهي ته اڄ اسان ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اونداهه پهچائڻ جو واعدو پورو ڪيو آهي...۽ پنهنجي نانيءَ سان ڪيل وچن کي پاڻي ڏنو آهي....انشاءَالله هاڻي ملڪ جو ٻچو ٻچو روشنيءَ جو ننڍڙو ذرو به نه ڏسي سگهندو!“ اهو اعلان هن هڪ لالٽين ٻاريندي ڪيو. اونداهه جي وزير وڌيڪ چيو ته، ’’ملڪ ۾ غريبن جي خاتمي تائين  لوڊ شيڊنگ جاري رهندي...۽ هلندڙ مالي سال جي پڄاڻيءَ تائين ملڪ کي اونداهون ڪرڻ وارين سڀني رٿائن کي مڪمل ڪيو ويندو. قوم واپڊا ۽ پيپڪو کي دُعائون ڏي، جن ٿوري وقت ۾ ملڪ مان  روشنيءَ جهڙي لعنت ختم ڪرڻ ۾ ماڻهن جو ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو آهي...اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن اسان وٽ بلڪل انڌوڪار ڇائنجي ويندي ۽  ماڻهن کي اها به خبر نه رهندي ته هوا به ڪنهن شئي جو نالو ٿيندي هئي...!‘‘
اونداهه جي وزير اهو به چيو ته،’’هن بجيٽ ۾ ملڪ مان هوا جي کوٽ پوري  ڪرڻ لاءِ پنج هزار ونجڻين جا نوان ڪارخانا کوليا ويندا....جن ماڻهن کي اوجاڳن جي ڪري اڌ مٿي جو سور ٿي پيو آهي...انهن جي باقي اڌ مٿي جي لاءِ  لوڊ شيڊنگ جو ٽائيم چوويهن ڪلاڪن مان وڌائي اٺاويهه ڪلاڪ ڪيو ويو آهي....اسان جو هوا ۽ روشنيءَ سان مقابلو جاري آهي، فتح لوڊ شيڊنگ جي ٿيندي...اسان کي انڌن کان سکڻ گھرجي ته اهي ڪيئن ٿا روشنيءَ جي بغير زندگي گذارين!‘‘ اها ڳالهه هن اکين تي ڪارو چشمو پائيندي ڪئي. اونداهه جي وزير وڌيڪ چيو ته، ’’جن خاندانن جي گھرن  ۾  پگھر وهائڻ جي باوجود گھر جا سڀ ڀاتي اڃا جيئرا آهن...انهن ۾ في گھر جي حساب سان هڪ سئو ميڻ بتيون ۽ 8 وال پوسٽر انعام طور ڏنا ويندا...جن پوسٽرن مان هر ڪنهن تي هڪ سمنڊ جو فوٽو هوندو، جنهن ۾ ڇپيل هوندو ته هوا لڳي رهي آهي ۽ پکي اڏامي رهيا آهن...گرميءَ جي ٽائيم ۾ انهن تصويرن کي ڏسي توهان هوا جو لطف وٺي سگھو ٿا....اهڙيون تصويرون اسان ملڪ جي هر باشندي لاءِ فري مهيا ڪنداسين ته جيئن گرميءَ کان بچڻ لاءِ عوام اهي تصويرون ڏسي سمنڊ جي ٿڌي ٿڌي هوا کان لطف اندوز ٿي سگھي....متان چئو ته حڪومت اسان لاءِ ڪجهھ به نه ڪيو....‘‘
ان موقعي تي وزير صاحب هڪ روشني ميوزيم قائم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ۽ چيو ته، جن ماڻهن کي بجليءَ جا سامان  ڏٺي  مهينن جا مهينا ٿي ويا آهن اهي هن ميوزيم ۾ اچي بلب، راڊون ۽ پنکا ڏسي سگھن ٿا....ته ڪنهن وقت ۾ هتي جي ماڻهن جي استعمال ۾ هوندا هئا...توهان هن ميوزيم ۾ پنهنجي فيمليءَ سان گڏ اچي ٽيويون ، فرجون، واشنگ مشينون  نه صرف پنهنجن  ٻارن کي ڏيکاري سگھو ٿا پر انهن سامانن کي هٿ به لائي سگھو ٿا...پنهنجن ٻارن کي ٽيويون ڏيکاري اهو به ٻڌائي سگھو ٿا ته هي اهي ٽيويون آهن جن ۾ ڪنهن زماني ۾ سئو سئو چئنل هلندا هئا....هڪ صحافيءَ جي سوال ته موبائيل فون تي ڪال ۽ ايس ايم ايس اچڻ مهل جيڪا روشني نڪري ٿي، اها ڪيئن ختم ڪندئو؟...ته چيائين، انهيءَ جي لاءِ اسان ملڪ جي نامور ستن انڌن تي مشتمل هڪ ڪاميٽي جوڙي آهي....جيڪا موبائيل مان نڪتل روشنيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن کوهه جي تري ۾ ويهي ميٽنگ ڪندا ته اهڙي روشنيءَ جي خلاف ڪهڙا ”لوُلا ۽ لنگڙا“ اپاءَ ورتا وڃن. هڪ ٻئي اونڌي سوال جو جواب ڏيندي چيائين ته، اسان ملڪ ۾ موجود سڀني گرميءَ جي دشمن قوتن کي هڪڙي جاءِ تي گڏ ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي....ته جيئن سڀئي گرميءَ جون دشمن قوتون هڪ جاءِ تي گڏ ٿي روشني ۽ هوا جي خلاف جدوجهد ڪن....پڇيو ويو، ’’اهي گرميءَ جون دشمن قوتون ڪهڙيون آهن؟‘‘ ته چيائين، ’’هڪڙو ته آهي نوراني شربت....جيڪو سنڌ جي هر ميلي ملاکڙي تي گرميءَ خلاف عوامي جدوجهد ڪندي ڏٺو ويو آهي...ٻي آهي سنڌي ٿاڌل...حڪومت اهڙن عظيم مشروبات کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ جو سوچيو آهي....انهيءَ سان ملڪ جي تقريبن ٻه هزار ميگا واٽ گرمي گھٽ ٿي سگھندي.....!‘‘  هوڏانهن ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڪالهه شاهراهه فيصل تي ڪجهه اسيمبلي ميمبرن پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ لوڊشيڊنگ ۽ ان جا فائدا جي عنوان هيٺ سيمينار ۽ ورڪشاپ ڪرائڻ لاءِ  جلوس ڪڍيو...جنهن کانپوءِ ميمبرن اتفاق راءِ سان هڪ قرارداد منظور ڪندي گهر ڪئي  ته سنڌ جي هر شهر ۾ هڪڙو ميڻ بتين ۽ لالٽينن جو اسٽال مفت لڳايو وڃي...بعد ۾ ميمبرن لوڊ شيڊنگ زندهه باد جا نعرا هڻندي روڊن ۽ رستن تي لڳل بلب، راڊون ڀڃڻ شروع ڪيون، هو پاڻ سان گڏ وڏا وڏا بينر به کڻي آيا هئا، جن تي لکيل هو، ”اوندهه اڄ به زندهه آهي”....”ملڪ جي تقدير، پگهر جي زنجير‘‘ ....’’تون ڪيترا جنريٽر ٻاريندين، هر گهر ۾ اونداهه آڻينداسين!‘‘
احتجاج ۾ ايترا ته وزير هئا جو سڄو  ايم اي جناح روڊ مڪمل طور تي بند ٿي ويو ۽ ائين پئي لڳو ڄڻ اهي سڀ صدر صاحب سان گڏ ڪنهن ٻاهرين ملڪ جي دوري تي پيا وڃن....پوليس جون ساڻن چڪريون به ٿيون يعني پوليس اڳيان ۽ ميمبر  پٺيان....نيٺ ميمبرن پوليس مٿان آنسو گئس وسائڻ شروع ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سڀ پوليس وارا ڇڙ وڇڙ ٿي ويا...ائين ميمبر ’’ملڪ جي تقدير، پگهر جي زنجير“ جا نعرا هڻندا پوليس جو گهيرو ٽوڙي صفا ننڍڙي وزير هائوس پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا...جتان وري صفا ننڍڙي وزير، ننڍڙي هئڻ جو فائدو وٺندي هڪڙي وڏي دريءَ مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي...پر ٻئي پاسي ميمبرن هن کي زبردستي ڪلهي تي کڻي هڪ يادداشت نامو پيش ڪيو...جنهن کي ڏسي ننڍڙي وزير چيو ته منهنجي خود يادداشت صحيح ڪانهي...ميمبرن جو مطالبو هو ته مسلسل لوڊشيڊنگ سبب واپڊا، ڪي اي ايس سي ۽ نيپرا  ۾ گولڊ ميڊل ورهايا وڃن. انهي کان اڳ سنڌ جي اڻ رٿابندي، ڦيٽاڙي ۽ تنزليءَ واري کاتي طرفان اونداهه جي وزير جي مان ۾ هڪ آجياڻو ڏنو ويو، جنهن ۾ سڄي ملڪ کان آيل ڪامياب ۽ بهترين رشوت خور آفيسرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي...سڀ کان پهرئين لوڊ شيڊنگ جي گرميءَ هٿان شهيد ٿي ويلن جي مان ۾ ٻن منٽن جي اونداهه ڪئي ويئي...جنهن کانپوءِ اقوام متحدا کان آيل وفد اونداهه جي وزير کي ٻن ڪروڙ ڊالرن جا ڏيئا امداد طور ڏنا...ان موقعي تي بلڪه موقعي مان فائدو وٺندي اونداهه جي وزير چيو ته....هي ڏيئا رڳو اسانجي ملڪ ۾ ئي ٻري سگھن ٿا...ڇو ته هي ڏيئا دنيا جا واحد ڏيئا آهن جيڪي انساني تيل مان ٻرن ٿا.....۽ اسين واپڊا جا شڪر گذار آهيون جيڪي پنهنجي محنت ۽ جفا ڪشيءَ سان هر سال ماڻهن مان اهڙو تيل ڪڍي رهيا آهن. اونداهه جي وزير وڌيڪ چيو ته، لوڊ شيڊنگ در اصل ماڻهن ۾ سماجي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ  هڪ خوبصورت منصوبو آهي...لوڊ شيڊنگ هوندي ته ماڻهو سمهي نه سگھندا....ائين اسان ڀٽائيءَ جي پوئواري ڪنداسين ته ستا اٿي جاڳ....۽ ا ئين هن موجودهه اونداهي جمهوري دور ۾ پنهنجي عوام کي فراهم ڪيل اوجاڳي جي عادت اهڙي وجهنداسين جو هو پنهنجي عمر ۾ ننڊ جي نالي کان به سڪندا...عوام  ۾ سجاڳيءَ جي هيءَ مهم تڏهن ڪامياب ويندي جڏهن راتين جو بجلي بند ڪري ماڻهن کي هر وقت سجاڳ رکيو وڃي...لوڊ شيڊنگ سجاڳيءَ جو نالو آهي....پوءِ جيترو عوام جاڳندو، اوتري قوم جاڳندي....قوم کي جاڳائڻ اسان جي منشور ۾ شامل آهي.
تازو هڪ رسالي پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ اسان جي پياري ملڪ کي صبر جي شرح ۾ پهرئين نمبر تي ڏيکاريو آهي...رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ پاڪستانيءَ جا جنت ۾ وڃڻ جا چانسز ٻين ملڪن جي ماڻهن کان وڌيڪ آهن....ڇو ته هتي ماڻهن وٽ لوڊ شيڊنگ جي سهوليت موجود آهي...جنهن ڪري هتي جو هر مرد صبر جو  شهزادو ۽ هر عورت صبر جي ديوي آهي....مئگزين ۾ هڪ نظم به ڇاپيو ويو آهي، جنهن جو ترجمو ڪجهه هن طرح آهي ته، ”ها، توهان ڏسو.....لوڊ شيڊنگ توهان جي دلين ۾ هڪ صبر جو درياءُ ٺاهي رهي آهي، پوءِ اهو درياءُ جڏهن وهي ٿو ته، توهان کي خبر پوي ٿي ته اهو درياءُ نه پر...اهو پگھر آهي. اي منهنجا غريب هم وطنو، يقين سان اهو عظيم پگھر، توهان لاءِ هڪ نوڪريءَ جي تحفي جيان آهي. اها نوڪري، جيڪا توهان پئسا ڏيڻ جي بغير حاصل ڪئي هجي!“ اسان جي خيال ۾ ته لوڊ شيڊنگ ملڪ  کي کڻي ڪيترا به فائدا ڏنا هجن...پر هڪڙو ئي فائدو ڇا گھٽ آهي ته اونداهه جي ڪري هاڻي اسان جا نوجوان پڙهڻ جهڙي زهر کان بچي ويا آهن، جنهن جي ڪري امتحان ۾ ڪاميابي ايتري ضروري ناهي رهي، ۽ جنهن جي ڪري بي روزگاريءَ  ۾ اضافو ٿيڻ کان پيارو ملڪ بچي ويو آهي...خدا جو شڪر آهي ته لوڊ شيڊنگ ملڪ ۾ آدمشماري  جي اضافي کي به روڪي ڇڏيو آهي...اسان هڪڙي دوست کان پڇيو، ”توهان کي اولاد ڇو نٿو ٿئي؟“ چيائين، ”لوڊ شيڊنگ جي ڪري....!“ وڏي ۾ وڏي پريشاني ته رڳو  اولاد جي شادي ڪرائيندڙ مائٽن سان آهي...جيئن هڪڙي ڪنوار پنهنجي مائٽن کي چيو ته، ”يا ته شادي نه ڪرايو...جيڪڏهن  ڪرايو ٿا ته پوءِ  ان سان گڏ يو پي ايس به ڏيو!“
سرحد ۽ بلوچستان ۾ ته پٺاڻ ئي ايترا آهن جو اتي بجليءَ جي ايتري ضرورت ناهي جيتري نسوار جي ضرورت آهي....اتي ته احتجاج ئي ان ڳالهه جي ڪري ٿيندو آهي ته، صوبي مان نسوار جي کوٽ پوري ڪريو!...وڏي ۾ وڏو مسئلو ته آهي ئي باقي ٻن صوبن جو...جتي مئڪپ جي انڊسٽري گرميءَ جي ڪري تباهه ٿي ويئي آهي...مائي اڃا مئڪپ ڪرائي گهر ٿي موٽي ته ساڳي جي ساڳي...هاڻي ته بيوٽي پارلرن پگھر فري مئڪپ جي ايجاد ڪئي آهي....هڪڙي بيوٽي پارلر ٻاهران لکيل هو، ”اسان جو ڪيل فيشل ۽ ماسڪ لوڊ شيڊنگ کان پاڪ آهي....اسان وٽ ڪنوار جو مئڪپ  گرمي پروف اصولن  تحت ڪيو وڃي ٿو...ٻارنهن ڪلاڪن تائين پگھر نه نڪرڻ جي گارنٽي...مڙس سڃاڻي وڃي ته پئسا واپس!“                      

امتياز ابڙو

                                       ! جي ناجيا
                                  جمع 17 سيپٽمبر 2010ع

* ناظرين آئون آهيان ناجيا تِير....اڄ جي بليٽن ۾سڀ کان  پهرئين هيڊ لائينز....!
* سنڌ جو ننڍڙو وزير يتيم آباد  جي بند تي ٻوڏ جو افتتاح ڪرڻ لاءِ  پهچي ويو.....سنڌ جي نقشي جي بلڪل مٿان پئسن جو شديد مينهن جاري، ڪيترن ئي آفيسرن جي پيٽن کي گهارا ...۽ ٻوڏ ۽ لڏپلاڻ جي صوبائي وزير چيو آهي ته  اسان هڪڙو اهڙو فارمولو ٺاهيو آهي، جو سنڌ جي سڄي تباهيءَ جو خرچ هڪڙي منٽ ۾ نڪري ايندو....هي هيون هيڊ لائينز....تفصيلي خبرون ٻڌندا هڪڙي ننڍڙي ٻوڏ کان پوءِ....
* ۽ ناظرين بليٽن جي شروعات هن خبر سان ته ، اڄ سنڌ جي ننڍڙي وزير کي يتيم آباد ۾ پهچي هڪڙي بند کي گهارو لڳائي ٻوڏ جو افتتاح ڪرڻو هو...اسان سان ٽيليفون لائين تي آهي....ممتاز آخري ...جي ممتاز !  
- ها ناجيا....اڄ سنڌ جي ننڍڙي وزير کي يتيم آباد  پهچي هڪڙي بند کي گهارو لڳائي ٻوڏ جو افتتاح ڪرڻو هو...پر سنڌ جو ننڍڙو وزير جنهن بتيلي ۾ چڙهيل هو، اهو ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جو هو، جنهن ۾ ايترا ته سوراخ هئا...جيئن ڪنهن انجنيئر جي نيت ۾ سوراخ هوندا آهن...انڪري بتيلي ۾ پاڻي اچي ويو...۽ ناجيا آئون توهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته  ان کانپوءِ ننڍڙو وزير اڃا به وڌيڪ ننڍڙو ٿي ويو....۽ پاڻيءَ ۾ لڙهي ايندڙ هڪ مينهن جي لاش تي ٽپ ڏيئي اچانڪ غائب ٿي ويو...
* ممتاز ...ڪجهه خبر پئجي سگهي ته صفا ننڍڙو وزير حفاظت سان آهي يا نه ؟
- جي ناجيا....هتي جي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته  ڪجهه ڪلاڪ اڳ اسان هن کي هڪڙي بيوروڪريٽ جي کيسي مان ٻاهر نڪرندي ڏٺو هو...جنهن  جي اڃا تصديق نه ٿي سگهي آهي ته هو انهي کيسي ۾ ڪيئن وڃي لڪو هو...!
* ڇا، توهانجي ساڻس ملاقات ٿي؟
 -جي ناجيا....ان کان اڳ ۾ منهنجي ساڻس ملاقات ٿي هئي ته مون کانئس پڇيو هو ته، ’’ڇا بند ڪمزور آهن؟‘‘ ته چيائون، ’’ها، ڏند ڪمزور آهن...اها پيريءَ جي نشاني آهي!‘‘ مون وري کانئس زور ڏيئي پڇيو ته ، ’’ڇا سنڌ جو هر بند کاڌل آهي؟‘‘ ته چيائون، ’’ها،  سنڌ  جو هر بند ٿاڌل آهي!‘‘....جنهن کان پوءِ يڪدم سندس هڪ پي اي وچ ۾ ڳالهائيندي چيو ته، ’’سائينءَ جو اشارو امداد ڏي آهي....امداد ملندي ته سڄي سنڌ ٿاڌل وانگر سرسبز ۽ سائي ٿي ويندي!‘‘
- ۽ ناجيا آئون توهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته  سائين آهي ته ننڍڙو وزير، پر دل جو ايترو وڏو آهي جو جيڪو به صحافي انٽرويو وٺڻ ايندو آهي ته ان کي چوندو آهي...PPP...پهرئين ته مون سمجهيو ته اهو انگريزيءَ واري PP پيو چوي.....پر پوءِ ڪنهن ٻڌايو ته اهو توهان کي سنڌيءَ ۾ پيو چوي ته...پي پي پي ...۽ پوءِ مون رڳو ٿوري سَوائي پيتي ته منهنجي دماغ جو جهڙو سج ئي لهي ويو ...جي ناجيا!    
* ممتاز اوهان جي وڏي مهرباني....ناظرين، هاڻي اسين هلون ٿا سنڌ جي نقشي مٿان، جتي  پئسن جو شديد مينهن پئجي رهيو آهي...ٽيليفون لائين تي آهي  اسان جو نمائندو سرڪش اڌارو! 
* جي سرڪش، اسان کي اپ ڊيٽ ڪريو ته توهان ڪٿي آهيو؟
- جي  ناجيا...آئون هتي  سنڌ جي  نقشي جي بلڪل نرڙ مٿان چڙهيو بيٺو آهيان.....جتي  پئسن جو شديد مينهن پيو آهي! 
* سرڪش....اسان کي ٿورو سمجهايو ته انهي پئسن جي مينهن ۾ ڪير ڪير وهنجي رهيو آهي ....؟
-ناجيا....هتي منهنجي اڳيان ملڪ جون ڪافي مشهور ڳجهون آهن، جيڪي وهنجڻ لاءِ اچي رهيون آهن...۽ آئون توهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته هتي جيئن ته ڪيترن ئي سالن کانپوءِ اهو پئسن جو شاندار مينهن پيو آهي...جنهن لاءِ  اسلام آباد  کان به ڪافي جانور هتي پهچي  ويا آهن....جي ناجيا!
* سرڪش،  ڇا توهان جي ڪنهن ڳجهه سان ملاقات ٿي آهي؟
-جي ناجيا....هنن مون کي به امداد سان ڀريل هڪ ٽرڪ کارائڻ جي آفر ڪئي...۽ منهنجي دل به چيو پئي...پر ناجيا آئون جيئن ئي ٽرڪ جي ويجهو پهتس....ته خبر ناهي ڪٿان...هڪڙو وڏو ڊائنا سور آيو ۽ هڪڙي ئي ڌڪ ۾ سـڄي ٽرڪ  ڳڙڪائي ويو....
* سرڪش...اهو ڊائنا سور سرڪاري هو يا غير سرڪاري؟
- جي ناجيا ، اهو سوال مون  به انهي ڊائنا سور کان  پڇيو ته ، ’’ادا، تون ڪٿان آيو آهين؟‘‘ ته ڪاوڙجي پيو ۽ مرڳو مونکي ٿي کاڌائين!
* سرڪش، توهان اهو ٻڌائي سگهو ٿا ته هيستائين ڪيترو پئسن جو مينهن پئجي چڪو آهي؟
-جي ناجيا....هتي اسان کي جيڪي ڪوڙا انگ اکر ٻڌايا ويا آهن، انهن مطابق ، هيڊ آفيس وٽ ڏهن کان يارنهن لک ڪيوسڪ رپين جي امداد  نوٽ ڪئي ويئي آهي...۽ ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته ٻه ارب ڪيوسڪ رپين جو هڪڙو ٻيو ريلو  ٻن ڏينهن جي اندر پهچڻ وارو آهي! 
* سرڪش، انهي پئسن جي ٻوڏ کان بچڻ لاءِ  ڇا اڳواٽ اپاءَ نه ورتا ويا هئا؟ 
-جي ناجيا...جن آفيسرن جا کيسا ڦاٽل هئا، انهن پنهنجا نوان جوڙا درزين کي ڏيئي ڇڏيا هئا...جن کي هاڻي اهي وڏن کيسن وارا جوڙا ملي ويا آهن ...!
* سرڪش...هيتري پئسن جي ٻوڏ کان پوءِ ڇا  ايريگيشن ۾ ڪنهن سڌاري جو اعلان ٿيو آهي يا نه...؟
-جي ناجيا....اهو سوال مون به هتي  ايريگيشن جي آفيس ۾ دفنايل هڪڙي ڊريڪولا کان پڇيو، جنهن جو چوڻ هو ته ڊپارٽمينٽ کي بچائڻ لاءِ ٻين شهرن مان ماهر رشوت خور گهرايا آهن....جن سان ميٽنگون ڪنداسين...۽ ناجيا آئون توهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته، ڊپارٽمينٽ کي بچائڻ لاءِ ڪجهه آفيسرن جا پيٽ خالي ڪرايا ويا آهن...!
* سرڪش، ڪهڙن آفيسرن جا پيٽ خالي ڪرايا ويا آهن؟
- ناجيا....هتي جي مسڪينن جو چوڻ آهي ته  ايريگيشن جي هر آفيسر  جو پيٽ  سنڌو درياءَ جي پيٽ کان به وڏو پيٽ آهي! پر ان جي باوجود به پئسن جي مينهن ۾ ڦاٿل هڪڙي روينيو جي آفيسر جي پيٽ کي هٿ سان ڪٽ هڻايو ويو آهي، جنهن مان ٽي سامان سان ڀريل سوزوڪيون ۽ ڇهه ڪپڙن جون ٽرڪون نڪتيون آهن....ان کانسواءِ  ناجيا سنڌ  جي  هڪ وڏي اين جي او جي  مالڪ جي پيٽ کي دُ نَ وٽان ٽي گهارا لڳايا ويا آهن، ۽ آئون توهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته انهن گهارن منجهان ڌڙا ڌڙ ڊالرن جو وهڪرو  اڃا تائين جاري هو...
* سرڪش اسان کي اپ ڊيٽ ڪريو ته...توهان هينئر ڪٿي آهيو؟
-ناجيا....اسين ٻوڏ سان گڏ آهيون....ٻوڏ اسان جي اڳيان آهي، اسين ٻوڏ جي بلڪل پٺيان پٺيان پيا هلون! ۽ ناجيا...آئون توهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان….
 * سرڪش مهرباني ڪري توهان ٻڌائيندا هلو نه، پر ڪٿي ويهي رهو...!
- ها، ناجيا...آئون توهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان....
* سرڪش اوهان جي وڏي مهرباني...ته ناظرين هي هو سرڪش اڌارو...۽ هاڻي اسان سان لائين تي آهي ٻوڏ ۽ لڏپلاڻ جو صوبائي وزير جناب غلام سنڌي....جي  غلام صاحب....        
- آواز ڪونه پيو اچي....
* جي غلام صاحب...توهان پنهنجي ڪن تي فون رکو ته آواز اچي!
- جي ....هاڻي فون ڪن تي رکيم...هاڻي ٻڌڻ ۾ اچي پيو!
* غلام صاحب، پهرئين ته اهو ٻڌايو ته توهان امداد کي پهچائڻ لاءِ ڪهڙا عجيب و غريب طريقا روشناس ڪرايا آهن؟
-جي اسان ميٽنگ ڪئي آهي ...۽ سڀ انهي ڳالهه تي متفق آهن ته طريقا ايترا ته ڏکيا هجڻ گهرجن، جو اصل ماڻهو بيزار ٿي هليا وڃن ۽ پئسا بچي پون!
* حڪمت بي عملي توهان ڪهڙي طئه ڪئي آهي؟ 
-پهرئين ته اسين اهي مئل پيا ڳوليون جيڪي ٻڏي مري ويا هئا....انهي کان پوءِ اسان انهن مئلن کان ثبوت گهرنداسين ته واقعي ٻوڏ ۾ مئا آهن يا ائين ڪنهن ڊاڪٽر جي دوا سان مئا آهن يا ڪنهن قبيلائي جهيڙي ۾ مئا آهن...جيئن هڪڙي ڳوٺاڻي چيو ته، اسان جون ٽي ٻڪريون لڙهي ويون...اسان هن کي چيو آهي ته اسان امداد رڳو انهن کي ڏينداسين جيڪي ٻڪرين جا شناختي ڪارڊ ڏيکاريندا!
* توهان سمجهو ٿا ته سنڌ جي هيتري  نقصان کي ڪيئن پورو ڪندئو؟
- انهي لاءِ اسان اهڙو ته فارمولو ٺاهيو آهي، جو سڄي تباهيءَ جو خرچ هڪڙي منٽ ۾ نڪري ايندو!
* غلام صاحب، نقصان تمام گهڻو آهي...اهو توهان ڪيئن پورو ڪندئو؟  
-اسان وڏي صاحب کي اهو لکي موڪليو آهي ته انهيءَ نقصان کي پورو ڪرڻ لاءِ پاڪستاني ڪرڪيٽرن سان  جلد کان جلد ڳالهايو وڃي....جيڪي صرف چار پنج مئچون فڪس ڪندا ته ٻوڏ جو سڄو نقصان پورو ٿي ويندو!
abro-imtiaz@hotmail.com

امتياز ابڙو

                           صحافي
                       اڱارو 3 آگسٽ 2010ع

اسانجي ملڪ کي جيڪي بيماريون لڳل آهن، انهن ۾ صحافت به هڪ آهي.
 جيتوڻيڪ هتان ڪجهه خوشنصيب چاڪ چڱا ڀلا به ٿي ويندا آهن...
پر انهيءَ کانپوءِ وري ڪٿي ڏسڻ ۾ ئي نه ايندا آهن!
صحافي ٿيڻ لاءِ ذهن جو هئڻ ضروري نه آهي....
بس جيئن ئي صحافي ٿي وڃبو آهي ته ذهن به اچي ويندو آهي! جيئن اسانجو هڪڙو صحافي
دوست آهي، هن وٽ ڏهه سال اڳ به هڪ گاڏي، هڪ زال ۽ اهو ئي منهن هو ته هاڻي به
 ساڳي گاڏي، ساڳيو منهن ۽ ساڳي زال اٿس، البته ٻار پهرين ايترا هئس جو ٻار آڱرين تي ڳڻيندو
 هو، هاڻي آڱريون ٻارن تي رکي ڳڻيندو آهي... حرام جو ڪتاب ڪنهن کي پڙهڻ لاءِ ڏئي،
 دوستن کي ڏسي ڪتاب جهٽ پٽ ۾ ائين لڪائي ڇڏيندو، ڄڻ اهو ڪتاب’’ پلي بواءِ ‘‘
جو هجي. چوندو، ’’منهنجو خود دڪان تان کنيل آهي!‘‘ ۽ ائين لڪائيندو جو ڏسڻ وارو
 سمجهندو ته اهو ڪتاب ڪونهي پر ڪتاب  اندر ڪو ٻيو ڪتاب آهي! چهري تي هر وقت
 اهڙو رنگ ٺاهيو پيو هلندو جو موبائيل تي ڪو  ايس ايم ايس پيو پڙهندو ته به  لڳندو ڄڻ
 ڪنهن کي چندي ڏيڻ جي اَپيل پيو ڪري.... هڪڙي ڏينهن ڪنهن دوست وٽ گهمڻ ويو
 ته ان چيس، ’’اڄ ڪيئن رستو ڀلجي آيا آهيو؟‘‘ جواب ڏنائين، ’’ صحافي ڪڏهن به رستو
 ڪونه ڀلجندو آهي... هُو صرف هڪڙي جاءِ تي ڀلجي پهچندو آهي ۽ اهو هوندو آهي .....
هن جو گهر..‘‘!
جيئن هڪڙو ٻيو به اسانجو صحافي دوست آهي... جيڪو هر خبر تي نظر ته رکندو، پر انهيءَ
سان گڏ هر ملازم تي به نظر رکندو ته ڪيڏانهن ٿو وڃي ۽ ڪنهن سان ٿو وڃي ۽ ڪيتري دير
 لاءِ ٿو وڃي. هن کي جاسوس ايڊيٽر چيو ويندو آهي... رنگ جو گهڻو ته نه پر ايترو ڪارو
ضرور آهي جو لڳندو آهي پريس مان نڪرڻ مهل ڪاري مس ڪجهه زياده لڳي ويئي هئس...
 انڪري طبيعت به اهڙي ئي اٿس، جهڙو رنگ... هن جي زندگيءَ ۾ ايتري صحافت آهي جو
ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ ويندو ته ان کي به چوندو ته، ’’دوائون ٻه ڪالميون لکي ڏي!‘‘. مانيءَ مهل
 ڪنهن کي ڪوڙي صلاح به ڪونه ڪندو ۽ ماني کائڻ مهل جيڪڏهن ڪير سندس ويجهو به
ايندو ته ان ڏي ائين نهاريندو جيئن وئايل ٻلي انهن ماڻهن ۾ نهاريندي آهي، جيڪي هن جي پونگڙن
 ۾ اچي هٿ وجهندا آهن!

هونئن اسانجي خيال ۾ بهترين صحافت اڄڪلهه صرف اها ئي آهي، جنهن کي ڪير به بهترين
 نه چوي. جيئن اسانجو هڪ ٻيو صحافي دوست آهي، هن جيتري ترقي صحافت ۾ ڪئي آهي،
 اوتري ترقي رڳو صحافت ۾ ئي ڪري سگهجي ٿي. گلائون ڪرڻ هن جي پسند جي  ڊش آهي...
     جنهن ڏينهن ڪنهن  ٻئي جي گلا  نه ڪندو آهي، انهيءَ ڏينهن مجبوريءَ ۾ هن کي
هاضمي جون گوريون کائڻيون پونديون آهن. ڊاڪٽر هن کي  آرسي ڏسڻ کان منع ڪندا آهن،
پر پوءِ به هي ڏسندو آهي، انڪري سدائين بيمار رهندو آهي.... هن پنهنجي گهر ۾  اخبارن
واري الماڙيءَ  تي لکائي ڇڏيو آهي ته، ’’سڀ اخبارون زال جي پهچ کان پري رکو!
 (نه ته اهي پڪوڙن واري وٽ هونديون).صحافت ادارن جي ڪنجي آهي... جيڪڏهن توهان
 وٽ اها ڪنجي آهي ته پوءِ ست هزار پاڪستاني رشوت خورن کي مفت ديڳ جو ڀت کارائڻ
جيترو ثواب به توهان کي ملي سگهي ٿو.... جيئن ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ اهو  نوٽيفڪيشن ڪڍيو
 ته، ’’صحافين کي پنهنجين آفيسن ۾ داخل ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ دروازن، درين ۽ روشن دانن تي
 ڄاريون لڳايو....!‘‘ ائين ئي هڪڙو منسٽر ڪاوڙ ۾ چئي رهيو هو ته، ’’صحافين جي ڪري
 مليريا پکڙي آهي...‘‘ ڪنهن پڇيو، ’’ڇا ڪنهن صحافيءَ جي چڪ سان  پکڙي آهي...؟‘‘
چيائين، ’’ نه...اسان مليريا جي خلاف واڪ پئي ڪئي، پر ڪنهن به صحافيءَ ان جي خبر
 نه ڏني. نتيجي ۾جيڪا مليريا پکڙي، اها صحافين جي ڪري پکڙي‘‘!
’’سب ايڊيٽر‘‘ وري اهڙي پوسٽ آهي جو هڪڙي ڪرسي ڇڏي، جنهن ٻي ڪرسيءَ تي
اچي ويهندو ته اتي به اهڙو ئي لڳندو جهڙو پهرين ڪرسيءَ تي هو.... جيئن اسانجو هڪڙو
 سب ايڊيٽر دوست، جيڪو آفيس جو هر اهو ڪم ڪندو آهي، جيڪو هن کان ٿي سگهي ٿو....
انڪري اسين هن کي ’’سڀ ايڊيٽر‘‘ چوندا آهيون... جو هو آفيس ۾ اهي سڀ ڪم ڪندو آهي،
جن کي ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه سهڻو پوندو آهي.... آخر ۾ نيوز ايڊيٽر جا ٻار اسڪول مان وٺي
گهر به ڇڏي ايندو آهي، نتيجي ۾ ڪير هن سان ڀوڳ ڪندو ته سڀني کي چوندو، ’’مون سان
مذاق نه ڪريو، ڇو ته منهنجا سڀني جا گهر ڏٺل آهن ‘‘!
جيڪي صحافي گٽڪو کائيندا آهن، توهان انهن جي آواز لاءِ پيا سڪندئو، ڇو ته انهن جي
وات ۾ گٽڪو ايترو وقت رهندو آهي، جيئن آمريڪا جون فوجون افغانستان ۾ ويهي رهيون آهن.... انهن جون زالون به ڪيترا ڪيترا ڏينهن پنهنجي مڙس جو آواز نه ٻڌي سگهنديون آهن.... جيڪي صحافي سمجهندا آهن
 ته انهيءَ سان ڪم جو بار لهندو آهي ته بيشڪ پر انهيءَ سان وري گٽڪي جي پڙين جو بار
وڌندو آهي. نيٺ هڪڙو ڏينهن اهڙو ايندو آهي، توهان رڳو هڪڙو ڳاڙهو ڊرم پيا ڏسندئو...
 پوءِ انهيءَ تي شاور ڪندئو ته اندران صحافي صاحب نڪرندو!...

جيئن اسانجو هڪڙو دوست گٽڪي جون پڙيون کيسي ۾ ايتريون رکندو آهي جو
 چانهه واري کي پئسا  ڏيڻ لاءِ کيسي ۾ هٿ وجهندو ته پهرين ته پيون رڳو پڙيون
نڪرنديون... آخر ۾ جيڪو  نوٽ نڪرندو،  انهيءَ ۾ به نوٽ ايترو ڳاڙهو هوندو جو
 چانهه وارو پيو پڇندو ته، ’’سائين، هي  نوٽ  ته آهي، 
پر اها خبر نٿي پوي ته گهڻن رپين وارو نوٽ آهي.....‘‘!
abro-imtiaz@hotmail.com