Showing posts with label عاجز جمالي. Show all posts
Showing posts with label عاجز جمالي. Show all posts

Saturday, 17 January 2015

عاجز جمالي

سنڌ ۾ تعليم جي ٻيڙي تاري سگهجي ٿي؟


ننڍي هوندي هڪ آکاڻي پڙهي هُئي، ان جو مفهوم هن ريت هو. هڪ پوڙهو ۽ سندس پُٽ جهنگ ۾ گڏهه کي لغام مان جهلي پنڌ وڃي رهيا هئا. هڪ هنڌان گذريا ته ماڻهن ٽوڪ ڪندي چَينُ ته اڙي ٻئي پنڌ پيا وڃو گڏهه تي ڪوبه نه ٿو چڙهي. ان تي پٽ پنهنجي بزرگ پيءُ کي چيو ته بابا هاڻي تون گڏهه تي چڙهه ته مان لغام کان جهلي اڳتي هلان ٿو. ٿوري پنڌ تي ڪجهه ماڻهو مليا. چوڻ لڳا پوڙهو ڏسو پاڻ گڏهه تي چڙهيو وتي، نوجوان پٽ کي پنڌ پيو ماري. طعنو ٻڌي پوڙهو هيٺ لهي پيو، پٽ کي چيائين ته پٽ هاڻي تون گڏهه تي چڙهه، مان پنڌ ٿو هلان. ڪجهه پنڌ تي وري ماڻهو گڏيا، چوڻ لڳا ڇا زمانو اچي ويو آهي، وڏن جو احترام ئي ختم ٿي ويو، جوان ماڻهو گڏهه تي ۽ پوڙهو پنڌ. نيٺ ٻئي ڄڻا گڏهه تي چڙهي پيا. اڳتي جيڪي ماڻهو مليا اهي چوڻ لڳا ماڻهن کي جانورن تي رحم ئي ڪو نه ٿو اچي، ٻئي ڄڻا بي زبان جانور تي سواري پيا ڪن. ٻنهي ڄڻن گڏهه کي ٻڌي ڪلهن تي کنيو، اڳتي هلي گڏهه ئي واهه ۾ ڪري پيو. حاصل مطلب اهو ٿيو ته دنيا ۾ ماڻهن کي ٻين تي صرف تنقيد ڪرڻ اچي ٿي، ٻئي کي چريو بڻائڻ اچي ٿو. دنيا جي ڳالهين تي هلي ماڻهو ڪو به ڪم نه ٿو ڪري سگهي. ڇو ته آڱر کڻڻ سڀ کان سولي ڳالهه آهي. سنڌ ۾ ڪجهه ماڻهن جو اسان جهڙن ڪجهه ماڻهن لاءِ اهو خيال آهي ته اسين ڪي ٺپ چريا آهيون جو اسان کي لکڻ لاءِ، ڳالهائڻ لاءِ، ڪجهه ڪرڻ لاءِ، هر وقت گوسڙو ماسترن کانسواءِ ڳالهائڻ لاءِ ٻيو ڪو موضوع ڪو نه ٿو ملي. پر اسين سوشل ميڊيا تي مهيني ڏيڍ کان ماٺ ٿي وياسين ته هر پاسي کان اها تنقيد ٻڌڻ ۾ پئي اچي ته اسين به ڪي موسمي پکي هئاسين. ڪنهن مقصد لاءِ لکيوسين پئي. ڪو پروجيڪٽ هو، پورو ٿي ويو ـ

سنڌ جي علم جي بُري حالت بابت اڄ لکندي مون کي اها ڪهاڻي ياد اچڻ لڳي، جيڪا مٿي بيان ڪيم ۽ پنهنجو ڏوهه صرف اهو ٿو لڳيم جو مان گهڻي وقت کان سنڌ جي تعليم بابت نه رڳو لکندو پيو اچان پر عملي طور به پنهنجي حال آهر جيڪو ڪجهه ڪري سگهان پيو، اهو ڪيان پيو. سنڌ جي تعليم بابت عبرت ۾ لکڻ جو سلسلو مون تڏهن کان شروع ڪيو هو، جڏهن 2008ع جي چونڊن کانپوءِ پيپلزپارٽيءَ جي سرڪار ٺهي هئي ۽ سنڌ ۾ پير مظهر الحق تعليم جو وزير بڻيو. ان کانپوءِ هر ٻئي ٽئين مهيني مان تعليم جي صورتحال بابت ڪجهه نه ڪجهه لکندو رهيس. نه رڳو لکندو رهيس پر پنهنجا ڇپيل ڪالم تعليم کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽريءَ ڏانهن موڪليندو رهيس. پير مظهر الحق پاڻ مون کي ٻڌايو ته هُن منهنجي ڪالمن تي ٻه ٽي ڀيرا نوٽيس ورتو هو. جڏهن هن سرڪار ۾ نثار احمد کهڙو تعليم جو وزير بڻيو ته مان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري تعليم بابت پنهنجا ڪجهه ڪالم کيس پيش ڪيا ۽ اهو به چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي ڀلائي خاطر هو اڳتي اچي. سنڌ جا سڄاڻ ماڻهو ضرور سندس ساٿ ڏيندا. مون کيس چيو ته مان رضاڪاراڻي طور تي تعليم خاطر پنهنجو ٿورو گهڻو وقت ڏيڻ لاءِ حاضر آهيان، جيڪڏهن تعليم کاتو ڪو مثبت ڪم ڪري سگهي. ان کانپوءِ نثار احمد کهڙي سان ڪجهه پروگرامن ۾ ملاقاتون ٿيون پر ظاهر آهي ته سرڪاري سطح تي ڪجهه ٿيو هوندو ته ٿيو هوندو، پاڻ کي خبر ناهي. ڪجهه اين جي اوز به تعليم جي ڀلائي جي نالي تي ضرور پروجيڪٽ ورتا هوندا. الف اعلان ۽ ڪجهه ٻين اين جي اوز جا ان ڏس ۾ نالا ورتا پيا وڃن پر اين جي اوز جي ڇٽيءَ ۾ کوڙ ماڻهن تعليم جي ڀلائي جي نالي تي مراعتون حاصل ڪيون هونديون، پئسا کاڌا هوندا، پر عوامي سطح تي يا سڄي سماج سان گڏجي سڄي سنڌ ۾ تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪو اهڙو ڪم نظر نه آيو جو تعليمي نظام ۾ سُڌارو آيو هجي. هڪ صحافي يا ليکڪ ناطي ظاهر آهي ته منهنجو فرض لکڻ ۽ مامرن جي نشاندهي ڪرڻ آهي. پر اسين ان کان ٻه قدم اڳتي وڌي سوشل ميڊيا تي هلندڙ ان مهم جو حصو بڻياسين، جيڪا مُهم تعليمي سڌاري، تعليم کاتي ۾ ڪرپشن ۽ گوسڙو ماسترن جي خلاف هئي. ان مهم جو حصو بڻجندي ڪراچي پريس ڪلب آڏو هڪ ڏينهن جي علامتي بک هڙتال به ڪئي هئي پر ان سڄي مهم يا جدوجهد ۾ اسان جي حالت ان پيءُ پٽ واري هُئي جيڪي گڏهه سان گڏ جهنگ ۾ وڃي رهيا هئا. ائين محسوس ٿي رهيو هو ته سنڌي سماج جو وڏو حلقو اسان کي چريو، مفادپرست سمجهي رهيو آهي. سڀ ان گڏهه کي مظلوم قرار ڏيئي رهيا هئا، جيڪي اسان جي آڏو ”تعليم دشمن“ هئا ۽ اسان جو اهو نقطئه نظر هئو ته اهو گڏهه جيڪو بظاهر اوهان کي مظلوم نظر اچي رهيو آهي، تعليم جي خرابين ۾ هڪ وڏو حصو ان جو آهي پر ساڳئي وقت اسان اهو به چيو هو ته ”پرائمري اسڪول کان وٺي سنڌ سيڪريٽريٽ تائين“ ڪرپشن جي بازار گرم آهي. هر هنڌ ڪارو منهن آهي ۽ ان گڏهه کي هر سطح تي حمايت حاصل آهي. ڇو ته گڏهه هر هنڌ پنهنجي مظلوميت جي ”دانهن“ ڏيندي نظر پيو اچي. سوشل ميڊيا تي تعليم دشمنن خلاف مُهم ڪنهن به اين جي او شروع نه ڪئي هئي، نه اسان شروع ڪئي هئي پر سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ”فيس بوڪ“ استعمال ڪندڙ انهن نوجوانن شروع ڪئي، جيڪي پنهنجي پنهنجي شهرن جي ماسترن جا فوٽو ڪڍي فيس بوڪ تي هڻي چوندا رهيا ته هي آهي گوسڙو ماستر فلاڻي اخبار، فلاڻي ٽي وي جو نمائندو. هاڻي پاڻ سڀ چڱي ريت ڄاڻون ٿا ته سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ هلو ته اتي ڪم ڪندڙ ٽي وي چينل جو رپورٽر اوهان کي بي تاج بادشاهه معلوم ٿيندو. اُهو پنهنجي تر جو وڏيرو لڳندو. هاڻي جڏهن تر ۾ ان جي بدنامي ٿيندي ته اُهو همراهه ته هٿن مان ويندو نه! سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙ نوجوانن سنڌي اديبن، دانشورن، صحافين، پريس ڪلبن، تعليم کاتي ۽ سڀني ماڻهن کي للڪاريو ته آخر اوهان گوسڙو ماسترن خلاف آواز ڇو نه ٿا اٿاريو ۽ اسين ايمانداريءَ سان ان آواز کي درست سمجهڻ لڳاسين. ان کان اڳ ۾ لياقت ميراڻي، واجد لغاري ۽ ڪجهه ٻيا دوست پنهنجي پنهنجي انداز سان گوسڙو ماسترن خلاف مهم هلائي رهيا هئا. اسلام آباد مان صحافي دوست سهيل ميمڻ ۽ ڪراچيءَ ۾ مون سميت ڪجهه دوستن سنڌ ۾ تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي بچائڻ خاطر ان مُهم جي حمايت جو اعلان ڪيو. ڪجهه اسيمبلي ميمبرن سان ملياسين ڪراچي پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئيسين. مون کي ته ذاتي طور ان جي وڏي سزا اها ملي جو ڪراچي ۾ تعليم کاتي جي هڪ ڊائريڪٽر جي سمري، تعليم کاتي جي سيڪريٽري ذريعي وڏي وزير تائين پهتي جنهن ۾ ڊي او تعليم لاءِ لکيل شوڪاز نوٽيس ۾ منهنجو به نالو شامل ڪيو ويو ۽ وڏي وزير به ان تي صحيح ڪري ڇڏي. اڃا تائين به تعليم کاتي جا ڪرپٽ ڪامورا منهنجي خلاف مختلف سازشن ۾ رُڌل آهن. ان عرصي دوران سرڪار به ڏيکاءَ خاطر گوسڙو ماسترن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا. کين عدالت ۾ وڃڻ جو موقعو ڏنو. ڪجهه ماستر عدالت ۾ پهچي ويا، ڪورٽ کين ”اسٽي آرڊر“ ڏيئي ڇڏيو ۽ لڳي ائين ٿو ته سرڪار ڪيس جي پوئيواري ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي ـ

سنڌ ۾ تعليم جي تباهي ۾ گوسڙو ماسترن جو نالو وٺجي ٿو ته ان جو مطلب آهي اُهي هزارين ماستر جيڪي اسڪولن ۾ ڪو نه ٿا وڃن، گهر ويٺي پگهارون کڻن ٿا، انهن ۾ صحافي ماستر به شامل آهن پر ڪجهه همراهن پنهنجي طرفان ڪهاڻيون لکيون ته اسان ڪو صحافي ماسترن خلاف مهم هلايون پيا. هاڻي چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک جو مثال آهي. چور چور آهي، ان کي ڏاڍي پريشاني ٿي. انهيءَ وٺي واويلا ڪئي، ڪجهه ماڻهن وري هن بنياد تي پنهنجا ذاتي اڪائونٽ به سيٽ ڪيا. ڪجهه ماڻهن دشمنيون پاڙيون ۽ نيٺ اسين به مايوس ٿي ويهي رهياسين ته آخر ڇا ڪيون؟ هڙان وڙان ڏيئي کيسي جا پئسا خرچ ڪري، مار ڌاڙ واري زندگيءَ مان ڪجهه وقت ڪڍي تعليم جي ڀلائي لاءِ ڪجهه ڪرڻ ٿا چاهيون پر سنڌي سماج ۾ ان جي حمايت ۽ واکاڻ بدران آڱريون به اسان تي کڄن. نيڪيءَ بدران گلا کڻون. الزام سهون، ذاتي ساک خراب ڪريون پر ضمير جي عدالت جو چوڻ هو ته پنهنجي حال آهر جيترو به ڪري سگهجي ٿو، اُهو ڪرڻ گهرجي. مسڪين جهان خان کوسو به ته هو. محمد عثمان ڏيپلائي به ته هو. حسن علي آفندي ۽ چاچو سچل جنجهي به ته هو. شايد انهن تي به پنهنجي دور ۾ الزام لڳا هوندا. مخدوم بلاول ۽ منصور بن حلاج بابت گهر ۾ پيل ڪتاب ٻيهر پڙهيا. اتفاق سان گذريل هفتي ڪٽنب سميت شاهه لطيف ڀٽائي جي مزار تي وڃڻ ٿيو ـ

”اکر پڙهه الف جو ٻيا ورق سڀ وسار.“

فيس بوڪ تي واجد لغاري شڪ جي لهجي ۾ سدائين پڇندو آهي ته سائين گوسڙو ماسترن خلاف ماٺ ڇو ٿي ويا؟ گذريل ڏينهن دوست دودي چانڊئي جي تعليم بابت مضمون ۾ هي لفظ پڙهڻ لاءِ مليو ته گوسڙو ماسترن خلاف هلندڙ مُهم خود ”گوسڙو“ بڻجي وئي. هي سڀ تقاضائون آهن ته سنڌي سماج ۾ تعليم جي ڀلائي لاءِ ماڻهن ۾ هڪ وڏي پيڙا موجود آهي. مون وانگر هزارين ماڻهو هڪ ئي وقت اهو سوچين پيا ته سنڌ ۾ تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي بچائڻ ۽ تارڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پر مون اڳي به لکيو ته اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن، سنڌ دوست سياسي ڌرين، عوام جي حقيقي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سول سوسائٽيءَ کي اڳيان اچڻو پوندو. عاجز جمالي، سهيل ميمڻ، واجد لغاري، لياقت ميراڻي، ڪجهه صحافي دوست ۽ ڪجهه نوجوان ڪافي ناهن. ڇو ته سنڌ جي تعليم کاتي ۾ هر مهيني ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ٿيندي آهي. ڪرپشن جي ان چين ۾ ماستر، سپروائيزر، ايس ڊي او، ڊي او ۽ ڊائريڪٽر کان وٺي سيڪريٽري ۽ وزير تائين سڀ جو سڀ سڌي يا اڻ سڌي ريت شامل آهن. ڪجهه مافيائون بڻجي ويون آهن. ڪجهه ٺيڪيدار آهن. ڪجهه هٿ ٺوڪيا دانشور، اديب، اخبار ۽ ٽي وي وارا به آهن. ڪجهه صحافي به آهن. ڪجهه دڪانداريون شامل آهن. مفادن جي هڪ مضبوط ڊگهي زنجير آهي جنهن تعليم جي ٻيڙيءَ ۾ گڏجي سوراخ ڪيو آهي ۽ هي سلسلو ڪيترن سالن کان هلندڙ آهي. هن نئين سال کي سڀ گڏجي سنڌ جي تعليم جي ڀلائيءَ جو سال ڪري ملهايون، گڏجي ٿورو ٿورو ڪم ڪريون تڏهن به شايد سنڌ جي تعليم بچي پوندي ـ




Tuesday, 16 December 2014

عاجز جمالي

اچو ته تاريخ مان ڪجهه سکون 

منهنجي عمر بنگلاديش کان ٿوري وڏي هوندي. بابا ٻُڌائيندو رهيو آهي ته جڏهن پاڪستان ۽ هندستان جي جنگ هلي رهي هُئي، گهرن ۾ بتيون ۽ باهه ٻارڻ جي اجازت نه هوندي هُئي، (بليڪ آئوٽ هو) اُنهن ڏينهن ۾ تون پيدا ٿيو هُئين. منهنجو اڻ پڙهيل والد به چوندو هو ته بنگالين تي وڏو ظلم ڪيو ويو هو، نه ته پاڪستان ڪڏهن نه ٽُٽي ها ـ

جڏهن اسان هوش سنڀاليو ته دُڪانن تي هڪ پوسٽر لڳل ڏٺو، جنهن ۾ اندرا گانڌي کي ٻڪري ۽ ذوالفقار علي ڀُٽو کي شينهن ڏيکاريو ويو هو. اسان ٻار هُئاسين، اسان جي دلين ۾ ڀارت خلاف نفرت ويهاري ويندي هُئي. صبح جو قطار ۾ بيهي پاڪ سرزمين شاد باد پڙهندا هُئاسين ته اِئين لڳندو هو ته اسان ئي پڪا پاڪستاني آهيون. اسان ٻُڌو هو ته شيخ مجيب پاڪستان جو ڪٽر مخالف هو، اُن لاءِ هو انڊيا سان ملي ويو هو ۽ هُن پاڪستان کي ٽوڙيو. جيئن جيئن وڏا ٿيندا وياسين ڪجهه نيون ڳالهيون ٻُڌڻ لاءِ مليون، مڪتي باهني، حمود الرحمان ڪميشن، جنرل نيازي، نوي هزار پاڪستاني فوجي ڀارت ۾ قيد، شمله معاهدو، جنرل نيازي جو هٿيار ڦٽا ڪرڻ، وغيره وغيره. بابا چوندو هو ته ”انڊيا، بنگلاديش کي آزاد ڪرائي پاڪستان کان بدلو ورتو آهي،“ پر اُنهن پيچيده ڳالهين کي سمجهڻ اُن عمر ۾ وس جي ڳالهه نه هُئي. ڪاليج جي زماني ۾ جوهي (ضلعي دادو) جي ننڍي لائبريريءَ ۾ مون کي هڪ اردو ڪتاب هٿ لڳي ويو هو. ’مون ڍاڪا کي ٻُڏندي ڏٺو‘، اُهو هڪ پاڪستاني جرنيل جو لکيل ڪتاب هو. پوءِ ڪجهه سوال به ذهن ۾ هٿوڙي جيئن لڳڻ لڳا. مثال ٻه قومي نظريو ڇا آهي، جيڪڏهن پاڪستان، ڀارتي مسلمانن جي لاءِ جُڙيو هو ته پوءِ بنگلاديش ڇو ٺهيو؟ ڇا بنگالي مسلمان ناهن؟ صحافت ۾ اچڻ کان پهريان ڪيترائي ڪتاب پڙهڻ سبب اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ لڳي هُئي.

مان ستن سالن جي عمر ۾ ڪراچيءَ جي اُن رات کي وساري ناهيان سگهيو، جڏهن مون پراڻي ايئرپورٽ تي ڪنهن وٽان اِهي لفظ ٻُڌا هُئا ته ”سنڌين جي حڪومت ختم ٿي وئي.“ اهي لفظ منهنجي اڻ پڙهيل چاچي کي ايئرپورٽ تي ڪو پڙهيل لکيل شهري بابو ٻُڌائي رهيو هو. چاچي کان پُڇيم ته ڇا ٿيو آهي؟ هُن ٻڌايو هو ته مُلڪ ۾ مارشل لا لڳي چُڪي آهي، اسين هاڻ صُبح جو واپس ڳوٺ هلنداسين. في الحال سعودي عرب نٿا هلي سگهون، حالتون خراب ٿي ويون آهن. اسان سعو دي عرب نه وڃي سگهياسين. پوءِ مارشل لا، لانگ بوٽن جي ڪڙڪو، فوجي عدالتون، هر هنڌ فوجي ٽرڪون ڏٺيون. پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو اچي ٿو، جنهن ڏينهن پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ واري ٻار جي دل ۾ نفرت جي هڪ چڻنگ دُکي پوي ٿي. نوابشاهه (اڄڪلهه جو بينظير آباد) هي 4 اپريل اوڻيهه سؤ اوڻياسي جو ڏينهن هو، جڏهن مان پنهنجي والد سان نوابشاهه جي موني بازار ۾ ڪپڙن جي مارڪيٽ ۾ هئس ته ڪپڙي جي دُڪاندارن زور زور سان تاڙيون وڄائي خوشيءَ جو اظهار پئي ڪيو، ”ڀُٽو ڪو ڦانسي هوگئي.“ مُنهنجو پيءُ پريشان ٿي ويو. اباڻو ڳوٺ ٻانڌي، نوابشاهه کان ٽيهه ڪلوميٽر پري هو، بابا خريداري ڇڏي اسٽيشن ڏانهن هلڻ لاءِ چيو، اُتان ٽرين پڪڙي، ٻانڌي پهچي وياسين. ڏٺوسين ته بازار ۾ ڪجهه ماڻهو تمام گهڻو خوش هُئا، اُهي مٺايون ورهائي رهيا هُئا. بابا سختيءَ سان منع ڪيو ته مٺائي نه وٺجانءِ، اهي جماعت اسلامي وارا آهن، اُنهن ڀُٽي کي ڦاسيءَ تائين پهچايو آهي. نوابشاهه ۽ ٻانڌي ۾ جشن ملهائڻ وارا اُردو ڳالهائڻ وارا هُئا، ۽ اُهي جماعت اسلامي جا ڪارڪن هُئا. اُتان کان منهنجي ذهن ۾ ٻه قومي نظريي هڪ زوردار هٿوڙو هنيو. ٻيو هٿوڙو پوءِ اُن وقت لڳو، جڏهن سنڌ جي ڳوٺن ۾ لانگ بوٽن جا آواز ٻُڌا. اها ايم آر ڊي (موومينٽ ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي) جي تحريڪ هُئي. ۽ اسان ڪاليج ۾ هُئاسين. ديوارن تي نعرا لکندا هُئاسين، ڇانوڻي نامنظور، ڪالاباغ ڊيم نامنظور، ڄام ساقي کي آزاد ڪريو، جمهوريت کي بحال ڪريو، جنرل ضياءَ کي گرفتار ڪريو وغيره وغيره. شايد اُنهن ئي ڏينهن ۾ حبيب جالب لکيو هو، ’ظلمت ڪو ضيا، صَر صَر ڪو صبا، .... ڪيا ڪهنا‘. مون کي ڳوٺ احمد خان برهماڻي جا سڙيل گهر اڃا تائين ياد آهن، جن جي ٻاهران پوڙهيون عورتون فوجين کي هٿ کڻي بددعائون ڏئي رهيون هيون. ۽ پوءِ جڏهن صحافت ۾ آيس ته سمورين ڳالهين جو ادراڪ ٿيڻ لڳو ـ

مان ايم آر ڊي جي زماني ۾ ئي بلوچستان جي اُن علائقي ۾ ويس، جتي نواب نوروز خان ۽ اُن جي ساٿين جي خلاف آپريشن ڪيو ويو هو. هي ضلعي خضدار جو علائقو زهري هو. مون مير شاهه بيگ خان کي به ڏٺو، جنهن جو سينو گولين سان پروڻ ٿيل هو، پر هو زندهه هو. بلوچن تي آپريشن هر دور ۾ جاري رهيو. اڄ به جاري آهي. بلوچستان هميشه منهنجي دلچسپيءَ جو مرڪز رهيو آهي. اڄ جڏهن مان ڀارتي جرنيل اروڙا سنگهه جي سامهون پاڪستاني جرنيل اي ڪي نيازي جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ کي ڏسان ٿو ۽ بنگلاديش جي يومِ آزادي کي ڏسان ٿو ته اِهو ئي نظر اچي ٿو ته باغي شيخ مجيب جو بنگلاديش، محب وطن جرنيلن جي پاڪستان کان بهتر آهي، ۽ اڄ اسان بنگلاديش کان ڪيتري به نفرت ڪندا هُجون، پر تاريخ کي نفرت سان رد نٿو ڪري سگهجي. ۽ نه ئي تاريخ بنگالي قوم جي قربانين ۽ پاڪستاني برانڊ محب وطني جي متوالن جي ظلمن کي وساري سگهي ٿي ـ

باقي بچي ويل پاڪستان ۾ جڏهن بلوچستان ۽ سنڌ بغاوتن جا عَلم کنيو بيٺا هجن، ته ٻه قومي نظريو ڪٿي بيٺل آهي؟ قائداعظم جو پاڪستان ڪٿي بيٺو آهي؟ هتي، نوي هزار جوانن کي قيد ڪرائڻ واري جرنيل کان پُڇاڻو ڇو نٿو ٿئي ۽ عوام جي محبوب ليڊر کي جڙتو ڪيس ۾ ڇو ڦاهيءَ چاڙهيو ٿو وڃي. هڪ هٿين خالي ڇوڪريءَ کي ڌماڪن سان اُڏايو ويو، پر هڪ جرنيل غداري جي ڪيس ۾ به مزا ماڻي رهيو آهي. هڪ صوبي جي رياست، هڪ قوم جي وردي، جرنيل به اُتي جا، ڪرڪيٽر به، اسٽبلشمينٽ به اُتان جي، يا پوءِ نفرت ڀڙڪائڻ وارا اُهي ماڻهو، جيڪي اُوڻيهه سو اٺونجاهه کان اڄ تائين مُلڪ جي اقتدار جا شيئر هولڊر آهن. 16 ڊسمبر باقي بچي ويل پاڪستان جي لاءِ سبق سکڻ جو ڏينهن آهي، نفرت ڪرڻ جو نه!ـ

Monday, 8 December 2014

عاجز جمالي

                                  سنڌ وحشين جي نشاني تي   

                                    





سنڌ ۾ هلندڙ هفتي جا واقعا الائي ڇو مون کي جنرل ضياءَ جي آمريت ياد ڏياري رهيا آهن. اُهو اُن ڪري جو جنرل ضياءَ جي آمريت ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران اهم ڪردار ادا ڪندڙ جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي فجر جي نماز مهل مسجد ۾ شهيد ڪيو ويو. ڊاڪٽر خالد محمود جي سياسي نظرئي کان اختلاف هميشه رهندو پر سنڌ ۾ هو هڪ الڳ سڃاڻپ رکندڙ مذهبي اڳواڻ هو. ڇو ته ايم آر ڊي ۾ جنرل ضياءَ جي آمريت کان وٺي سنڌ جي ورهاڱي جي سوال تائين خالد محمود سومري جو ڏاڍو چٽو موقف رهيو. هو هڪ لکيل پڙهيل ۽ بندوق بدران دليل تي يقين رکندڙ عالم هو. سنڌ ۾ قومپرستن ۽ وفاق پرستن ٻنهي سان سندس سُٺا تعلقات هميشه رهيا. ايم ايم اي جي سيٽ تي جڏهن سينيٽر بڻجي رهيو هو ته سندس ڏيڍ ووٽ گهٽ ئي رهيو هو ته پيپلزپارٽيءَ سنڌ سيمبلي ۾ حمايت ڪري کيس سينيٽر چونڊرايو. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو لاڙڪاڻي جي سياست جو اُهو ڪردار هو جنهن شهيد بينظير ڀٽو جي مقابلي ۾ چونڊ وڙهي هئي. مان ڊاڪٽر خالد محمود جي قتل کان اڳ سنڌ جي انهن نوجوانن جي باري ۾سوچي رهيو هوس، جن کي بيدرديءَ سان قتل ڪري چچريل لاش اڇلايا ويا. انٽرنيٽ تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڳڀرو نوجوان آصف پنهور جي سندس امڙ سان گڏ، جيءَ جهوريندڙ تصوير ڏسي، ذهن ۾ اِهو ئي سوال اُڀري ٿو ته آخر هن معصوم نوجوان جو ڏوهه ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ هي رياستي ادارن لاءِ ڪيترو خطرناڪ هوندو؟

اڃا انهن ئي سوچن ۾ ٻڏل هئس ته ڪراچيءَ ۾ سياسي ڪارڪن وحيد لاشاريءَ جي چچريل لاش جي خبر ملي. آصف پنهور کي سنڌ يونيورسٽيءَ مان اغوا ڪري لاش لاڙڪاڻي ۾ اڇلايو ويو ۽ وحيد لاشاريءَ کي لاڙڪاڻي مان اغوا ڪري لاش ڪراچيءَ ۾ اڇلايو ويو. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي وري مسجد ۾ قتل ڪيو ويو. واقعن ۾ عجيب قسم جو تسلسل آهي يعني ”سهپ“ ۽ سياسي مخالفت جو خاتمو. آصف پنهور ۽ وحيد لاشاري قومپرست ڪارڪن هئا، خالد محمود سومرو مذهبي اڳواڻ هو. هڪ هفتي جي اندر ٽن سياسي ڌارائن، ٽن سياسي نظرين سان واسطو رکندڙ سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندڙن جو قتل ”رياست“ لاءِ ڪيترا سوال کڻي آيو آهي. ساڳي ريت سنڌ ۾ بينظير ڀٽو جي شهادت تي ”پاڪستان کپي“ جو نعرو هڻندڙن لاءِ سنڌ ۾ سنڌ جمهوري سرڪار جي ساک ۽ بقا جو سوال کڻي آيو آهي. سنڌ هاڻي اِهو سوال ڪندي ته ڇا سنڌ کي جمهوريت جي معنيٰ لاشن جي صورت ۾ سمجهائي ويندي؟ ڇا بلوچستان کانپوءِ هاڻي سنڌ جو وارو اچي ويو آهي؟ ڳچ سالن کان هنن صفحن تي نشاندهي ڪرائيندو پيو اچان. جيڪڏهن بلوچستان ۾ ماڻهن کي گم ڪرڻ، اغوا ڪري قتل ڪرڻ، اذيت گهرن ۾ ٽارچر ڪري لاشن کي روڊن تي اڇلائڻ جو سلسلو بند نه ٿيو ته ان جا اڳتي هلي سنڌ تي خطرناڪ اثر پوندا ۽ شايد هاڻي اهي اثر پوڻ لڳا آهن. آصف پنهور ۽ وحيد لاشاريءَ کان اڳ به سنڌ کي چچريل ۽ سڙيل لاش ڏنا ويا آهن. بشير قريشيءَ کان وٺي سندس ڀاءُ مقصود قريشيءَ تائين، مظفر ڀٽو کان وٺي آصف پنهور تائين هر قتل بابت سوال اُٿن ٿا پوءِ وري دٻجي وڃن ٿا پر هر قتل تي اهو سوال ضرور ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ گوريلا ويڙهه درست آهي يا غلط. هر قتل تي اهو سوال اڀري ٿو ته سنڌ جي آزاديءَ لاءِ هٿياربند جدوجهد ڪيتري قدر اهم آهي پر هٿياربند سياست هڪ الڳ بحث آهي پر قتل جي اهڙن واقعن سبب سنڌي سماج منجههه رياستي ادارن کان ”پلاند“ وٺڻ جو تاثر ضرور اڀرندو. بلوچستان وانگر سنڌ مان نوجوان کي کنڀي کڻي وڃڻ جو سلسلو ڳچ عرصي کان جاري آهي. ڳجهن ادارن کي شايد سنڌ مان به بلوچستان جهڙي ردعمل جي اُميد آهي. اهڙي ردعمل کانپوءِ سنڌ سان به شايد ڳچ سالن اندر بلوچستان جهڙو حشر ڪرڻ جو ارادو آهي. هي ملڪ جا ٻه اهم صوبا يا ٻه اهم قومون سنڌي ۽ بلوچ جيڪڏهن رياست کان بغاوت جي ميدان تي لهي آيون ته سڀ ڪو ڄاڻي ٿو ته نتيجا ڇا نڪرندا؟ سنڌ جيڪا صدين کان ترقي پسندي، انسان دوستي، جمهوريت پسندي، مذهبي رواداري، سهپ ۽ صوفي ازم جو محور رهي آهي. هاڻي ان سنڌ جو ٻيو نقشو جوڙيو پيو وڃي. هاڻي سنڌ ۾ ڪراچي کان شروع ٿيو ته لسانيت ملندي، ڌار صوبي جو مطالبو ملندو. لياريءَ کان لاڙڪاڻي تائين، ملير کان ماٿيلي تائين، ڪينجهر کان ڪشمور تائين چچريل لاش ملندا. هاءِ ويز جي ڪنارن تي سوين مدرسا ملندا ۽ بند اسڪولن جا ٻار انهن مدرسن ۾ پڙهندي ملندا، جتي ٻارڙن کي کاڌ خوراڪ سان گڏ پئسا به ملندا. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ مذهبي رواداريءَ بدران تنگ نظري ملندي. سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ”انجليون“ مذهبي ٺيڪيدارن جي حويلين ۾ ملنديون. سنڌ کي هٿ وٺي هڪ نئين سُڃاڻپ ڏني پئي وڃي. شايد ئي ڪنهن سوچيو هوندو ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ بم ڌماڪا ٿيندا هوندا. سنڌ جي ٻهراڙين مان کنڀيل ڪنهن نوجوان جو چچريل لاش روڊ ڪناري تي ملندو هوندو. شايد ئي ڪنهن سوچيو هوندو ته مادر علميءَ جو پوزيشن هولڊر نوجوان پنهنجي امڙ جي جهوليءَ کي ويران ڪري بگهڙن  جي رانڀوٽن جو شڪار بڻيو هوندو. آصف پنهور جي لاش تي مون کي 
         شهيد نذير عباسي سان منسوب هي سٽون ياد آيون   

                                     ”رات جي رهزنن هٿان مان جي ماريو وڃان، 
                                   تون نه روئجان امان، تو نه روئجان امان.“

سنڌ کي جمعيت علماءِ اسلام ۽ جيئي سنڌ متحده محاذ جي سياست ۽ نظرين کان اختلاف ٿي سگهي ٿو پر سنڌ بيدرديءَ سان خالد محمود سومري ۽ آصف پنهور جي قتل تي ماٺ ڪيئن رهي سگهي ٿي. ياد رکو 1983ع جي ايم آر ڊي کي لانگ بوٽن جڏهن احمد خان برهماڻي ۽ پنهل چانڊيو تي بمباري ڪئي هئي. ڳوٺن کي باهيون ڏنيون هيون تڏهن به ته اهو چيو هو ته ڳوٺاڻا ڌاڙيل هئا. ٽنڊي بهاول کي به ياد ڪريو، بيگناهه ڳوٺاڻا ڌاڙيل ئي ظاهر ڪيا ويا هئا. اڄ به سنڌ ۾ لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال آهي. سنڌ جي عوام جي ووٽن ذريعي چونڊجي اچڻ جا دعويدار حاڪم، سنڌ ۾ جمهوريت جا چيمپين ڇا ايڏي همٿ ڪندا جو هو پڇي سگهن ته آخر چچريل لاشن ڏيڻ جو ڪارڻ ڇا آهي؟ سنڌ جو چونڊيل وڏو وزير، سنڌ ڪابينا ۽ سنڌ جي چونڊيل اسيمبلي سنڌي عوام آڏو سُرخرو ٿيڻ لاءِ اهو ثابت ڪري ته هو سنڌ جي هڪ هڪ لاش بابت پڇا ڳاڇا ڪري سگهي ٿي. سنڌ ۾ به جيڪڏهن بلوچستان واري صورتحال رهي ته پوءِ ووٽ تان ايمان کڄي ويندو. جڏهن ماڻهن سنڌ ۾ به مسئلن جو حل به هٿياربند ويڙهه بڻيو، جيئن بلوچستان ۾ ٿيو ۽ پاڪستان جي سياستدانن کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ سڄي پاڪستان کي پالي ٿي. سنڌ ۾ درندگي، وحشانيت ۽ ماڻهپي خلاف استعمال ٿيندڙ ڪِريل حرڪتون سياسي ماحول ۾ وڏو طوفان آڻي سگهن ٿيون. نفرتن جو طوفان هميشه بغاوت کي جنم ڏيندو آهي.