Showing posts with label ايڊيٽوريل. Show all posts
Showing posts with label ايڊيٽوريل. Show all posts

Saturday, 13 December 2014

ايڊيٽوريل

سنڌ جي اهم ضرورت

  ممتاز علي جويو






گذريل صديءَ جي ستين ڏهائيءَ ۾ آفريڪا جي ليکڪ فرانز فينن پنهنجي ڪتاب Les Dcimnes de la Terre ۾ لکيو آهي ته “نئون آبادياتي نظام تشدد جي ذريعي قائم ٿيو هو ۽ تشدد جي ذريعي ئي قائم رهيو، ان کي ختم به صرف جوابي تشدد جي ذريعي ڪري سگهجي ٿو” فرانز فينن جي ان ڪتاب جي مهاڳ ۾ پال سارتر لکيو ته “جڏهن ڪو محڪوم ڪنهن يورپيءَ کي قتل ڪري ٿو ته اُهو هڪ تير سان ٻه شڪار ڪري ٿو، اُهو نه صرف ظالم کي ماري ٿو پر پنهنجي مسخ ٿيل شخصيت کان به نجات حاصل ڪري ٿو، جيڪو نئين آبادڪاريءَ پنهنجي نظام جي ذريعي قائم ڪيو آهي”. جيجل سنڌ ۾ هونءَ ته اهڙن ڪيترن ظلمن جي تاريخ شاهد آهي، جيڪي مختلف وقتن تي هتان جو هڪ نظام بڻجندا رهيا ۽ سنڌ جي سٻاجهڙن ماڻهن تي مختلف طريقن جا تشدد ڪري کين لٽيندا ڦريندا رهيا آهن ـ پر ويجهڙائيءَ واري گذريل صديءَ جي پوئين ۽ هن صديءَ 2000ع جي شروعاتي ڏهاڪن ۾ سنڌ سان جيڪي وهي واپري ٿو، ان جي هڪ الڳ تاريخ لکجي رهي آهي ـ جن تاريخي واقعن کان منهنجو شعور واقف آهي، ان ۾ سواءِ سنڌ تي بربريت ۽ غاصبيت جي ٻيو ڪجهه به نه آهي ـ جديد دؤر جا جديد طريقا هلائي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڀينگ ڪرڻ لاءِ هر طاقتور قوت مختلف پاسن کان حملا ڪري رهي آهي ـ نه رڳو ٻاهريون قوتون پر اندروني طور به سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن تي کاٽ لڳي رهيا آهن ـ سنڌي قوم جيڪا پنهنجو تاريخي تهذيبپڻي وارو مزاج رکندڙ آهي، اڄ هڪ اهڙي قهر ۽ ڏاڍ جي وَر چڙهي وئي آهي، تنهن جو اندازو ڪرڻ لاءِ مؤرخن کي اڻڳڻيا تاريخي ڪتاب لکڻ لاءِ کوڙ سارا موضوع ملي سگهندا ـ ون يونٽ، ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ ان جا ڪارڻ ۽ ان کان آجپي ۽ آجپي لاءِ برداشت ڪيل قهري ڪاروايون ۽ وري 1980ع واري ڏهاڪي کان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مهاجر سنڌي ويڙهه ۽ ان جي نتيجي ۾ سنڌي ماڻهن جي قتلام، سنڌين جي ڪراچي ۽ حيدرآباد مان لڏپلاڻ ، لساني تعصب جي ويڇي هيٺ سنڌي ماڻهن جا ڪراچي حيدرآباد خالي ڪيل علائقا ۽ ان تي ڌاري آبادي ڪالاباغ ڊيم اڏي سنڌ سڪائڻ جي سازش، ذولفقار آباد ۾ امڪاني ڌارين جي آبادڪاري، ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن مان سنڌي شاگردن جي داخلائن تي پابنديون، ٿر واسين کي ههڙي جديد دؤر ۾ بک وگهي بيمار ٿي مرڻ لاءِ ڇڏي ڏيڻ ۽ پيرن ۽ ميرن جي ويساهه گهاتين کان پوءِ آجپي لاءِ هڪ آس هر سنڌي ماڻهوءَ جي من مسجد ۾ دعا بڻجي رهجي وئي آهي، ڇاڪاڻ جو فرانز فينن ۽ سارتر جي مضبوط راءِ جي باوجود سنڌي ماڻهوءَ جي مزاج ۾ اهڙي ڳالهه ڪونه آهي ـ سنڌي ‘عام’ ماڻهو ته بس اهو ئي سوچي رهيو آهي ته تشدد جي حالت ۾ ڪنهن انقلاب اچڻ کان بهتر آهي ته صاف شفاف سياست وسيلي انقلاب اچي وڃي، ڇاڪاڻ جو هن قوم پنهنجي سموري تاريخ ۾ تشدد ئي ته سَٺو آهي. جڏهن قومن مٿان پريشانين جا ڪارا ڪڪر وسڻ لڳن، ۽ قومون مايوسين جي ٻوڏ ۾ ٻڏڻ لڳن ـ مستقبل ۽ حال اونداها بڻجي ويندا هجن، حوصلا ڪِرندڙ جهڳين جيان ڍير بڻجڻ لڳندا هجن ۽ هر طرف سوڳ ۽ نراسائيءَ جي موسم ماڻهن جي من ۾ خوف پيدا ڪري ڇڏيندي هجي، جڏهن هر ماڻهو افراتفري ۽ ڊوڙ ڊڪ سبب ٿڪجي پوندو هجي، هر آس نراس بڻجي ويندي هجي ـ ماڻهو پاڻ کي اڪيلائيءَ ۽ ويچارگي جي حوالي ڪري ڇڏيندو هجي ۽ جڏهن ڪوبه واهر ڪرڻ وارو نه هجي تڏهن قوم جي نوجوانن کي وقت ۽ موقعي جي مناسبت سان سندن حوصلو وڌائڻ لاءِ منجهائن ڪو مرد مجاهد پيدا ٿيندو آهي، جيڪو پنهنجي ڊگهي سوچ ويچار ۽ منظم پرچار سان نوجوانن کي چڱي دڳ لائڻ جا درس ڏئي قوم جو مستقبل بچائڻ لاءِ قائل ڪندو آهي ـ اهڙو دڳ جنهن تي هلي ڪري منجهن ‘ڪجهه ڪرڻ’ جي سگهه پيدا ٿئي ـ برابر اهڙا دڳ جن جي منزل ڏور سهي پر ان تائين پهچڻ جي اُميد روشن سج وانگر چٽي هجي، جنهن تائين پهچڻ ۽ پنهنجي بقا جو چٽو پٽو يقين هجي، اهڙو دڳ جنهن تي هلڻ منجهه منزل تائين پهچڻ ۾ ڪو ‘شڪ’ نه هجي، پوءِ ان دڳ تي جونءَ پير هلجي يا ڪميءَ وانگر، باز وانگر جهڙپ هجي يا شينهن وارو حملو پر راهه جو تعين ۽ ان تي هلڻ جا اُصول ايترا ته پختا ۽ يقين سان ڀرپور هجن جو بنا تذلذل جي انهن کي موت تي به ترجيح ڏئي مهڻي کان بچي وڃجي، اسان سنڌي ماڻهن جون اکيون ڪنهن اهڙي مرد مجاهد جي راهه نهاري رهيون آهن، جيڪو دنيا جي تبديلن سان جديد فڪر ڏئي قوم جي نوجوانن جي توانائيءَ جو ٺيڪ استعمال ڪري، جيڪو مدارين وانگر ڊٻڪي وڄائي ڀولڙن جيان ناچ ڪرائڻ بدران نوجوان نسل ۾ اهڙو روح ڦوڪي جو ڦوڪڻي جيان اُڏامڻ بدران زمين تي پير کوڙي عمل جي ميدان تي انهن کي هر چئلينج سان منهن مقابل ٿيڻ جي قابل بڻائي، جيڪو محدود سوچ جي دائري ۾ ڦري سطحي بڻجي وقت ضايع ڪرڻ بدران ان جي اهميت کان باخبر رکي سگهي. جيتوڻيڪ هتي اهڙي مرد مجاهد هئڻ کان انڪار ڪونه آهي پر ان جي باوجود هن قوم جي مٿي ڄاڻايل ڪيفيت منجهان، گمان رهي ٿو ته حوصلو هاري ويٺي آهي ۽ اهڙن مرد مجاهدن جي سموري مجاهدي غير عملي محسوس ٿي رهي آهي ـ جڏهن سنجيدگيءَ سان ويهي ويچارجي ٿو ته اهڙو اونو پيدا ٿي پوي ٿو، هن خِطي ۾ سياست کي جيترو خوار ۽ ذليل ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي ايتري ٻئي ڪنهن هنڌ نظر نه ايندي ، سياست ته پاڻيءَ جيان پاڪ ۽ کير جيان اڇي اُجري هوندي آهي پر هتي ان ۾ واپار لَسي بڻجي ان ۾ ولوڙجي رهيو آهي ۽ اُهو کير ڦٽي ويو آهي، اڳي مرلي وڄندي هئي ته نانگ نڪري ايندا هيا، هاڻي مرلي وڄي ٿي ته ماڻهو نڪري اچن ٿا، “دوسو” هڪ ناهي جيڪو دهل وڄڻ تي نڪري پوي، اسان جي قوم جي اڪثريت دوسو بڻجي وئي آهي، ماڻهن جي جذبن سان راند ڪرڻ، انهن سادن سودن ماڻهن کي ڏٽا پوزيون ڏئي کائن ڪم ڪڍي وري رفو چڪر ٿي وڃڻ ۽ انهن جي جيئڻ وارن سمورن بنيادي حقن کان لاتعلق ٿي رهڻ جيڪڏهن سياست آهي ته پوءِ ان کي سڌن لفظن ۾ ‘منافقي’ جو نالو ڏيڻ بهتر رهندو، هي سياست نه آهي پر ذاتي مفادن جي جنگ آهي ۽ اهڙي شطرنج آهي جنهن جا مُهرا بڻجي بيگناهه ماڻهو مارجي رهيا آهن ۽ هيڏانهن اسان جا ڪٺ پتلي حڪمران آهن، جيڪي ڪيترن ڏينهن کان پوءِ به سواءِ ڪنهن ڪميشن جوڙڻ، قرارداد پاس ڪرڻ ۽ ٽهڪ ڏئي فڪر مندر رهڻ کان سواءِ ڪو ٻيو عملي قدم کڻڻ لاءِ تيار ئي نه آهن. سنڌي ماڻهن سان ذيادتن جي جيڪڏهن اُها روش جيئن جو تئين رهي ته پوءِ ان حوالي سان هاڻي نظرياتي قومپرست سياست ۾ دلچسپي رکندڙ هر نوجوان کي مرد مجاهد بڻجي ميدان تي اچڻو پوندو.. (نوٽ؛ ليکڪ جي راءِ اداري جو متفق هجڻ لازمي ناهي)

Wednesday, 26 November 2014

ايڊيٽوريل



امير سنڌ جي غريب بجيٽ


بجيٽ کي بظاهر ته مالياتي معاملن کي درست رخ ۾ طئي ڪرڻ ۽ هلائڻ واري رٿابنديءَ جو نالو ڏبو آهي. بجيٽ کانسواءِ ظاهر آهي ته ملڪي وفاقي توڙي صوبائي نظام جو هلڻ ناهي هوندو. سو بجيٽ بظاهر هڪ نج انتطامي مالي منصوبا بندي ۽ فنڊن جي خرچ، حساب ڪتاب ۽ چڪاس جو معاملو هجي ٿو پر حڪومتن وزارتن ۽ ملڪي ادارن کانسواءِ بجيٽ ۾ جيئن ته عوام لاءِ سڌي يا اڻ سڌي نموني فنڊ رکيا ويندا آهن. سرڪاري ملازمن جي پگهار، پينشن عوام جي تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ، زراعت، ثقافت، ترقياتي رٿائن ۽ عام شين جا اگهه مقرر ٿيندا آهن، تنهن ڪري بجيٽ مان عوام کي ڪنهن ريت به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي
بجيٽ ۽ بجيٽ ۾ ظاهر ڪيل کوٽ مان مجموعي طور تي ملڪ ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي توڙي حڪومتن جي مالي پاليسيءَ جو به پتو پئجي سگهندو آهي
وڏن وڏن ملڪن ۾ رڳو حڪومتون ئي بجيٽ پيش ناهن ڪنديون پر اتان جون مخالف پارلياماني پارٽيون ۽ پارليامينٽ کان ٻاهر موجود پارٽيون به پنهنجون پنهنجون بجيٽون پيش ڪنديون آهن. اسان وٽ ايم ڪيو ايم ڪجهه سالن کان پنهنجي بجيٽ ٺاهڻ شروع ڪئي آهي. جيڪا انتهائي مثبت ڳالهه آهي
اسانجو خيال آهي ته بجيٽ ڏانهن سياسي پارٽين ۽ عوام جي جيڪا سنجيدگي ۽ دلچسپي هئڻ گهرجي سا جڙي ناهي سگهي يا ايئن به چئي سگهجي ٿو ته جيئن ته پنهنجي ملڪ اندر جمهوريت ئي پنهنجي حقيقي روح ۾ لاڳو نه ٿي سگهي آهي تنهن ڪري ئي بجيٽ پاڻ ڏانهن اها سنجيدگي ۽ ڌيان وٺرائي نه سگهي آهي جيڪا ان کي ملڻ گهرجي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته وفاقي يا صوبائي بجيٽ پيش ٿيڻ کان اڳ اپوزيشن پارٽيون به پنهنجي پنهنجي بجيٽ ٺاهن ها ۽ اها حڪومتي بجيٽ کان اڳ نه رڳو پارليامينٽ ۾ پيش ڪجي ها پر انهيءَ تي بحث ٿئي ها ۽ انهيءَ بحث جي روشنيءَ ۾ وقت جي حڪومت پنهنجي بجيٽ ٺاهي ها. انهيءَ عمل سان عوام ۽ ميڊيا آڏو به بجيٽ جو هڪ خاڪو ٺهي ها ۽ ان روشنيءَ ۾ پوءِ اهي به بجيٽ تي واضح هجن ها. ايئن ميڊيا کي به پرو بجيٽ هڪڙا پروگرام ڪرڻ گهرجن ها ۽ معاشي ماهرن کي ويهاري مختلف شعبن ۽ کاتن لاءِ فنڊ مختص ڪرائڻ تي زور ڀرين ها. مثال طور اهو بحث هلي ها ته تعليم، صحت، ترقياتي منصوبن ٽرانسپورٽ ۽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن لاءِ ڪيترا پئسا رکيا وڃن. انهيءَ بحث مباحثي ۾ ممڪن آهي ته ڪي نيون ڳالهيون نيون تجويزون به آڏو اچن ها جيڪي حڪومت لاءِ اصلاحي ثابت ٿين ها. مطلب ته بجيٽ ۾ هر مڪتبه فڪر کي شامل هئڻ گهرجي.عام ماڻهوءَ کان به بجيٽ کانپوءِ ۽ اڳ راءِ وٺڻ گهرجي ته اهو ڪهڙي ٿو بجيٽ چاهي. اهو ڪم اصولي طور تي حڪومتن کي ڪرڻ گهرجي ۽ حڪومت کي پاڻ ٻين پارٽين ۽ عوام کان تجويزن وٺڻ گهرجن ۽ ان روشنيءَ ۾ پنهنجي بجيٽ ٺاهڻ گهرجي
ڪاش ايئن بجيٽ ٺاهڻ جو رواج پئي ۽ ڪاش ايئن بجيٽ کان اڳ سياسي پارٽيون ۽ عوام پاڻمرادو بجيٽ ٺاهڻ لڳن. جڏهن اهڙو ماحول ٺهندو ته پوءِ غير سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ به پنهنجو ڪيس تجويز طور رکي سگهن ٿا ۽ پڇي سگهن ٿا ته ڀلا ايئن ڇو آهي ته رڳو سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌن ٿيون؟ ڇا نجي ادارن ۾ ڪم ڪندڙن جون پگهارون وڌائڻ لاءِ وقت جي حڪومت ڪجهه نٿي ڪري سگهي
بجيٽ کان اڳ جيڪڏهن بحث ٿئي ها ۽ ان ۾ اها به تجويز رکجي ها ته سرڪاري ملازمن جون پگهارون ڪيترو سيڪڙو وڌڻ گهرجن يا ڪهڙي طبقي کي وڌيڪ رليف ڏيڻ ۽ ڪهڙين شين مٿان ٽيڪس وڌيڪ يا گهٽ رکڻ جي گهر آهي. عام طور ڏٺو ويو آهي ته پنهنجي ملڪ اندر اپر ڪلاس ٽيڪس کان لاپرواھ ۽ آجو هوندو آهي، جڏهن ته عام ماڻهو ان جي ڀيٽ ۾ اڻ سڌي طرح ئي سهي پر تمام گهڻو ٽيڪس ادا ڪندو آهي. عام ماڻهو جيڪي شيون خريد ڪندو آهي تنهن تي جيڪي ٽيڪس لڳل هوندا آهن سي خريدار جي صورت ۾ هو هر قيمت تي ادا ڪندو آهي
جڏهن ته اهي ئي شيون جيڪڏهن ڪو امير ماڻهو خريد ڪندو ته ان لاءِ اهي ٽيڪس نه جي برابر هوندا ۽ وڏين شين مٿان نه هو ٽيڪس ادا ڪري ٿو ۽ نه ئي حڪومتون انهن تي ٽيڪس لاڳو ڪن ٿيون
سو عام طور تي اهو تاثر هوندو آهي ته بجيٽن ۾ عوام کي غربت ۽ ظلم جي جنڊ ۾ پيسيو وڃي ٿو. پنهنجون ملڪي بجيٽون غريب عوام لاءِ آزار ۽ امير طبقي لاءِ عياشي هجن ٿيون. بجيٽ جيئن ته سرمائيدار ۽ امير طبقو ٺاهيندو آهي ان ڪري اهو غريب عوام بدران سرمائيدار طبقي آڏو جوابده هوندو آهي ۽ ان جي مفادن کي آڏو رکي بجيٽ ٺاهيندو آهي. تنهن ڪري ان ۾ امير طبقي کي رليف هوندو آهي
اهو ئي سبب آهي جو اسانجين بجيٽن مان عوام جي دلچسپي گهٽجندي ٿي وڃي ۽ اهو ويڳاڻپ ۽ لاتعلقي جو شڪار ٿيندو پيو وڃي. جنهن سبب حڪومتون بجيٽون ٺاهڻ ۾ خودمختيار ۽ عوام کان لاپرواھ ٿينديون پيون وڃن
ٿيڻ ائين گهرجي ته عوام ۽ عوام جون نمائنده پارٽيون بجيٽ ۾ دلچسپي وٺن، ان کان لاتعلقي جواظهار نه ڪن ۽ اهو تاثر نه ڏين ته ڪو بجيٽ نج حڪومتي ۽ مالي انتظامي معاملو آهي پر اهو تاثر ڏيڻ گهرجي ته هي اسانجيون بجيٽون آهن، اسان لاءِ آهن ۽ اسان کي ئي ٺاهڻيون آهن. اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته بجيٽ ٺاهيندڙن کي اسان ئي ووٽ ڏئي ان پوزيشن تي آندو آهي ته اهي بجيٽون ٺاهن ۽ نه رڳو ٺاهن پر اسانجي معاشي نبض تي هٿ رکي بجيٽ ٺاهن جيڪا اسانجي ئي ترجمان هجي ۽ اسانجن مفادن کي ئي پورو ڪري ۽ اسان کي ئي رليف ڏئي. جيستائين ان روح ۽ جذبي سان بجيٽ کي نه ڏسنداسين ۽ پاڻ کي ان ۾ شامل نه ڪنداسين، ان جو حصو نه بڻجنداسين تيستائين بجيٽ ۾ اسانکي ڪو رليف نه ملي سگهندو
انهيءَ احساس وچان جيڪڏهن اسان سنڌ جي بجيٽ کي ڏسنداسين ته اسانکي احساس ٿيندو ته سنڌ جيڪا معدني حساب سان انتهائي شاهوڪار آهي ۽ جيڪا ملڪي ڪمائي ۾ 70 سيڪڙو حصو ڏئي ٿي، تنهن جي غريب بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي ۽ 14 ارب رپين کان مٿي جي کوٽ واري بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي؟ اها بجيٽ ٻڌائي ٿي ته سنڌ جي معدني وسيلن تي سنڌ جو حق ناهي. يعني سنڌ جي دولت سنڌ مٿان خرچ نٿي ٿئي. هيءُ صوبو ڪمائي ملڪ جي ٻين صوبن کي پالي رهيو آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته سنڌ جا معدني وسيلا جيڪڏهن سنڌ تي خرچ ڪيا وڃن ته سنڌ ڪنهن ريت به دبئي کان گهٽ ناهي، سو دبئي جهڙي ۽ سراپا سون سنڌ جي بجيٽ ايڏي غريب ڇو آهي؟ شاهوڪار سنڌ جي عوام غريب ڇو آهي؟ ايئن ڇو آهي ته بجيٽون امير طبقي کي رليف ڏين ٿيون، امير کي امير تر ۽ غريب کي غريب تر بڻائن ٿيون. ايئن ڇو آهي ته غريبن لاءِ گهليل مهانگائي جو طوفان ختم ٿيڻ جو ڪو نانءُ ئي نٿو وٺي.انهيءَ ڪري جو امير طبقو ۽ سرمائيدار ٽيڪسن کان آجا آهن. مٿن گهٽ ۾ گهٽ ۽ عوام مٿان ٻارهوئي ٽيڪس آهن
اڳي سال ۾ صرف هڪ ڀيرو بجيٽ پيش ٿيندي هئي پر هاڻي هر ڏينهن بجيٽ جو ڏينهن آهي. پيٽروليم ۽ گيس جي اگهن وڌڻ جي معني ئي مهانگائي آهي. جڏهن تيل ۽ گيس جا اگهه وڌن ٿا ته ان جو اثر اڻ سڌي نموني هر شئي تي پوي ٿو ۽ پوءِ هر شئي مهانگي ٿي وڃي. مخالف ڌر، عوام ۽ ميڊيا جي عتاب کان بچڻ لاءِ بظاهر ڀلي ”ٽيڪس فري بجيٽ“ ٺاهڻ جي جادوگري ڪجي پر جڏهن ڪابه بجيٽ خسارو ڏيکاري ته ان جي معني ئي اها آهي ته ٽيڪس ذريعي کوٽ ختم ڪجي ۽ اهو وسارڻ نه گهرجي ته ان جو نزلو عوام تي ئي ڪرڻو آهي

ايڊيٽوريل



جُمهوري بَدحُڪمراني عرف آمِريتَ جو ٻِجُ


پاڪستان ۾ سياسي ۽ سماجي نظامن جي حوالي سان آهستي آهستي ٻه رايا ۽ ٻه رويا ملڪ جي عوام ۾ پاڙون هڻي رهيا آهن، جيڪي ڪنهن به حوالي سان ملڪ جي جمهوري سرشتي لاءِ ڪا مناسب ڳالهه ناهن ۽ اهي ڪنهن ”اسم اعظم“ وسيلي نه پر هتي جي موجود سماجي ۽ انتظامي مشينري جي ڪري پيدا ٿي رهيا آهن. انهن روبوٽي مشينن کي وري اها اهليت مليل آهي ته اهي ڪهڙي به وقت تي، ڪنهن به صوبي ۾، ڪنهن به ڳالهه، ڪنهن به نظرئي، ڪنهن به ليڊر ۽ ڪنهن سماجي ۽ اقتصادي نظام جي باري ۾ رات پيٽ ۾ اهڙي صورتحال پيدا ڪري سگهن ٿيون جو ماڻهو سج اُڀرڻ سان ئي ”نئين پيدا ٿيل صورتحال“ وٽ گروي ٿي پاڻ ئي ان نئين وياج ڀرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو جيڪو قرض هنن کنيو ئي ڪونه هيو 
لاهور جو تازو واقعو ان جو هڪڙو مثال آهي. نون ڄڻن ڪارڪن مرد ۽ عورتن جي مارجڻ سان ڏسندي ڏسندي سڄي ملڪ ۾ اهي تصور سامهون اچڻ شروع ٿيا ته ”سرڪار پنهنجي مُدي کان اڳ ئي هلي ويندي“ ان تاثر سان گڏ ٻه اهم ڳالهيون پڻ سامهون آيون جنهن ۾ ان واقعي جي ايف آءِ آر علامه طاهر القادري جي فرزند تي داخل ڪئي وئي جڏهن ته پوليس هڪ سادن ڪپڙن پهريل بي لغام شخص “گلو بٽ” جي اڳواڻي ۾ لاهور واقعي سان منهن ڏيندي نظر آئي
قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي سربراهه سيد خورشيد احمد شاهه ڪالهه تقرير ڪندي چيو آهي ته ”هاڻوڪي جمهوري دور ۾ ”گُلو بٽ“ جهڙن جي صلاحڪاري جي ڪري جمهوريت جو نالو خراب ٿي رهيو آهي، اسان هن سرڪار جي ان ڪري مدد ڪري رهيا آهيون جيئن جمهوريت کي ڪير به پٽڙي تان لاهي نه سگهي“ پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو ته پنجاب سرڪار جي عدالتي ڪميشن ٺهڻ کان اڳ ئي تڪراري بڻجي وڃڻ ڪري ان کي سپريم ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل اڻ ڌري ڪميشن هٿان جاچ ڪرائڻ گهرجي. بچاءَ ۽ پيداوار جي مملڪتي وزير نواز ليگ جي رانا تنوير حسين چيو ته ملڪ جي سمورين سياسي قوتن کي ڳُجهن هٿن کي وائکو ڪرڻ لاءِ سهمتي رويو ڪتب آڻڻ گهرجي
ملڪ جي اندر هڪ پاسي اترين علائقن ۾ فوجي آپريشن سبب فوج رڌل آهي، ان جو روزانو ڪيترو نقصان ٿيندو هوندو ان کان لاعلمي حڪمتي پاسو به ٿي سگهي ٿو پر آپريشن ۾ جيڪي ڪجهه نتيجا نڪرن ٿا يا نڪري رهيا آهن يا نڪرندا ان جي باري ۾ به پاڪستان جي عوام کي سوچڻو آهي ته ساڳئي وقت ملڪ جي جمهوري سرشتي جي بچاءَ لاءِ ڪوششون ۽ حفاظت پڻ سياست ۽ سياسي پارٽين کي ڪرڻي آهي
پنجاب جي سرڪار پاران ٻه ڏينهن اڳ منهاج القران جي دفتر تي ٿيل خوني واقعي تي سنجيدگي بدران جيڪي عملي قدم ۽ اُپاءَ ورتا ويا آهن تنهن مان اها ڳالهه سامهون صاف ٿي بيٺي آهي ته ڊاڪٽر قادري جي فرزند مٿان قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو مطلب موجود باهه کي وڌيڪ ڀڙڪائڻ آهي، ڄڻ ته، هڪ اهڙو اسڪرپٽ آهي جنهن تي عمل به ٿي رهيو آهي ۽ ان کان لاعلمي جو اظهار به ٿي رهيو آهي. پر جمهوري سرشتو انهن روين جي يڪسر ابتڙ آهي
ڪنهن به سرڪار کان، خاص ڪري پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جمهوري سرڪار کان ڪي به غلطيون ٿي سگهن ٿيون. حڪمرانن کان اها ڳالهه وسري وڃي ٿي ته ان جمهوري سرشتي جي خاتمي جي تاڙ هر وقت موجود رهي ٿي، تنهنڪري جمهوريت جي ڪچي صلي هجڻ سبب وڌيڪ غلطين جي نه جاءِ موجود هوندي آهي ۽ نه گهنجائش، پر هتي هڪ وڏي واقعي کان پوءِ وري وري غلطيون ڪرڻ مان اها ڳالهه صاف ٿي پئي ٿي ته ”جمهوريت“ بهتر نظام سهي پر ان ۾ موجود ”بدحڪمراني“ ان جي ڄمار ۽ زندگي جي سمورن سلسلن کي مختصر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي ٿي. جيئن پنجاب جي گادي لاهور ۾ سڄي ملڪ محسوس ڪيو آهي
بهتر حڪمراني ۽ بد حڪمراني اصل ۾ جمهوريت ۽ آمريت لاءِ ڪتب ايندڙ اصطلاح آهن. سڄي دنيا جي عوام وانگر پاڪستان جي عوام ڪڏهن به آمريت کي نه پنهنجو ڪيو آهي، نه پنهنجو سمجهيو آهي، نه ان مان اميد رکي آهي ۽ نه ئي ان مان ڪي حجتون رکيون آهن. عوام پهرئين ڏينهن کي آمريت کي ”بدحڪمراني“ جي فارمولا سان ڀيٽيندي ان جي پئي مخالفت ڪئي آهي. ان جي ابتڙ جمهوريت ڪچي پڪي، ننڍي وڏي، نرم گرم ئي سهي ان سان انگل به ڪيا آهن ۽ ان مان پنهنجون حجتون به پوريون ڪيون آهن. عوام انهن جمهوري سرشتي سان سلهاڙيل ڪمزور ۽مضبوط ماڻهن مان اميدون پئي رکيون آهن، جنهن ڪري سماج انتقام بدران انتظام ڏانهن سفر ڪري ٿو، گڏپ جو تاثر وڌي ٿو ۽ جمهوريت جي ڏيئي کي وڌيڪ روشن ڪرڻ ۽ ان ۾ پائيداري پيدا ڪرڻ جو شوق پيدا ٿئي ٿو
دنيا ۾ جيڪي جمهوريتون آهن اهي ٻيون آهن. پاڪستان ۾ جيڪا جمهوريت آهي سا هڪ مفلوج، محتاج ۽ آمريتي بدحڪمراني جي گهوڙين تي بيٺل جمهوريت آهي. ان ڪري اسان جي ملڪ ۾ جمهوريت هوندي به بدحڪمراني موجود رهي ٿي، نواز شريف هوندي به ”گُلو بٽ“ موجود رهي ٿو. عوام جي روين کي تبديل ڪرڻ واريون نگاهون نواز شريف بدران گلو بٽ تي پون ٿيون. پاڪستان ۾ جمهوريت تڏهن مضبوط ٿيندي جڏهن اسان “گُلو بٽ“ جي هجڻ ۽ ان جي بي لغام ٿيڻ جو امڪان ئي ختم ڪنداسين. جمهوريت بهتر حڪمراني واري سرڪار آهي ۽ آمريت بدحڪمراني واري سرڪار هوندي آهي. ان ڪري اڄ جون حڪومتون اها ڳالهه ياد رکي ڇڏين ته سندن بدحڪمرانيون اصل ۾ آمريت جي اجهاڻيل ڏيئي جو تيل ثابت ٿي رهيون آهن. ان کان بچڻ جي گهرج آهي

ايڊيٽوريل



سنڌ حڪومت: بي مثال ڪارڪردگي، لاجواب سروس


سنڌ ۾بدانتظامي هاڻي ڪا نئين ۽ حيران ڪندڙ ڳالهه نه رهي آهي. ان ۾ گهٽتائي اچڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي. ان جو سبب ڪو جنرل يا ڌاريو نه پر سنڌ جي اجتماعي شعور وسيلي آيل سرڪار آهي، جنهن کي ماڻهو ڀلي ڪيترو پنهنجو چون، پر ان جو عمل ڌارين جهڙو آهي. سنڌي عوام جيئن ته پنهنجو مينڊيٽ پنهنجي سياسي ذهانت ۽ تجربي، گڏيل ڏاهپ هيٺ سيڪيولر قوتن کي ئي ڏيندو رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو هميشه حقيقي حڪمران قوتن جي پاليسين جو نشانو بڻجندا رهيا آهن. پ پ پ سان سنڌ جي ماڻهن جي هڪ طرفي عشق سبب سنڌ جا حڪمران مست هاٿيءَ جيان سنڌ جي ماڻهن کي لتاڙي رهيا آهن ۽ ڪير به انهن کان پڇڻ وارو ناهي. موجوده سنڌ حڪومت وٽ سنڌ جي مفادن جي بچاءَ ۽ حاصلات جي حوالي سان ڪيتريون ئي دعوائون آهن، جن ۾ پاڻيءَ جو مسئلو، مالياتي ايوارڊ ۽ صوبائي خودمختياريءَ وارا معاملا اهم آهن، انهن معاملن تي اڳڀرائيءَ جي پڻ ڳالهه پڪي پختي نموني ورجائي پئي ويئي آهي. سنڌ حڪومت جي هلت چلت ۽ ڪارڪردگيءَ تي نظر وجهجي ٿي ته اها بد انتظامي، انتظامي بيوسيءَ ۽ اختيارن جي وانجهه پڻي جي چٽي تصوير بڻيل آهي. انهيءَ حالت ۾، ان کان اهڙي اميد ڪيتريءَ حد تائين رکجي ته اها سنڌ جي پاڻي پاڻي، ماليات ۽ خودمختياريءَ وارن معاملن تي پنهنجي حق ۾ فيصلا وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيندي! سنڌ حڪومت جي هاڻوڪي حڪومتي بي اختياري ۽ انتظامي ڪسمپرسيءَ مان اهڙو ڪاٿو بنهه سولي نموني ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جا موجوده حڪمران ظاهري طور نظر نه ايندڙ پر انتهائي طاقتور سياسي قيادت آڏو گوڏا کوڙي ويهي رهيا آهن، جنهن سبب سنڌ جي ”عام“ بدران ”خاص“ لاءِ سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي 


حڪمرانن کي ووٽ ڏئي اقتدار جي مسند تي ويهارڻ وارا سنڌ جا ماڻهو بي وس ۽ لاچار بڻيل آهن. حقيقت ته اها آهي ته اقتدار ۾ ويٺل شخصيتون ”پردي پويان ويٺل طاقتن“ آڏو ماٺ جو روزو رکي سر جهڪايو ويٺيون آهن، جنهن جي ڪري سنڌ هر ڏينهن تباهيءَ طرف قدم وڌائي رهي آهي. موجوده سنڌ سرڪار جي اڳئين ۽ موجوده دؤر ۾ ڪو به اهڙو کاتو يا ادارو نه آهي، جنهن لاءِ چئجي ته ان جي ڪارڪردگي مثالي آهي ۽ سنڌ جي عوام کي ان مان لاڀ ملي رهيو آهي. موجوده حڪمرانن جون ترقياتي رٿائون هجن يا نوڪرين جي ورڇ ان ۾ سنڌ جي ماڻهن جي اميدن جي ابتڙ ”پنهنجا نواز“ پاليسي رهي آهي، جنهن سبب ڪاغذن ۾ ته سنڌ اندر اربين کربين رپيا خرچ ٿيل آهن، پر عملي طور ميدان تي ڪجهه به نظر نه ٿو اچي. سنڌ حڪومت جي هلت مان ته اهو ڀائنجي ٿو ته اهي هر ڏينهن کي آخري ڏينهن سمجهي ”مينهن کان اڳ سامان سهيڙڻ“ واري ڪار لڳايو ويٺا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ توڙي سپريم ڪورٽ سنڌ جي حڪمراني ۽ بدانتظاميءَ جي حوالي سان وقت بوقت ريمارڪس ۽ فيصلا ڏيندي رهي آهي، ريمارڪس تي ته سنڌ حڪومت ڪڏهن ڌيان نه ڏنو آهي، پر سپريم ڪورٽ جو شايد ئي ڪو فيصلو هجي جنهن تي سنڌ حڪومت عمل ڪيو هجي. سنڌ جي سروس اسٽڪچر جي تباهيءَ کان ويندي آئوٽ آف ٽرن جي نالي تي شولڊر پروموشن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي تاريخي فيصلن تي سنڌ حڪومت ڪڏهن به عمل نه ڪيو آهي ۽ نه وري اڳتي عمل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. سپريم ڪورٽ جي واضح فيصلي جي باوجود سنڌ حڪومت غير قانوني طريقي سان ٿاڦيل آفيسرن کي هٽائڻ لاءِ تيار ناهي. مختلف کاتن ۾ واپس ڪيل آفيسرن کي گهرائي ٻيهر اعليٰ انتظامي عهدن تي نوازيو پيو وڃي. سنڌ ۾ آفيسرن جي مقرريءَ جو معيار لياقت ۽ تجربو نه پر حڪمران جماعت جي ڪنهن اڳواڻ سان ياري، مِٽي مائٽي يا ”مٺ گرم“ ڪرڻ رهيو آهي. اطلاع آهن ته سپريم ڪورٽ پاران هٽايل پ پ پ جي ايم اين اي اياز سومري جي ڀائرن رياض سومري ۽ رضوان سومري کي ايس ايس پي ۽ ضمير احمد عباسيءَ کي ڊي ايس پي جي عهدي تي بحال ڪيو ويو آهي. جن جي سنڌ جي چيف سيڪريٽريءَ به مخالفت ڪئي هئي. سنڌ حڪومت جي اهڙن فيصلن مان ته اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته جيڪڏهن حڪمران جماعت يا حڪمرانن جا دادلا سڻڀين آسامين تي ويٺل نه هوندا ته ڄڻ سنڌ جو وهنوار نه هلندو يا سنڌ جي ترقيءَ جي ”تيز رفتار ڪانٽو“ بيهجي ويندو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ حڪومت کي پنهنجي سياسي ساک جي انهيءَ تيزيءَ سان ڪرندڙ گراف کي ڏسڻ گهرجي ۽ انهيءَ صورتحال کي اهميت ڏيندي، پنهنجن فيصلن، حڪومتي طريقي ڪار ۽ انتظامي هلت ڪاريءَ تي ٻيهر تنقيدي نظر ڦيرائڻ گهرجي. حڪمرانن کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته کين اڳي پوءِ عوام ڏانهن وڃڻو آهي ۽ پنهنجن ڪيل ڪمن جو وچور پيش ڪرڻو آهي. پڪ سان، هاڻوڪي صورتحال کي اڳيان رکندي آئيندي ۾ هاڻوڪي حڪمران جماعت لاءِ عوامي سطح تي روايتي مقبوليت ۽ پذيرائيءَ جو حال صحتمند ۽ مثبت نه پيو ڏسجي. سنڌ ۾بدانتظامي هاڻي ڪا نئين ۽ حيران ڪندڙ ڳالهه نه رهي آهي. ان ۾ گهٽتائي اچڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي. ان جو سبب ڪو جنرل يا ڌاريو نه پر سنڌ جي اجتماعي شعور وسيلي آيل سرڪار آهي، جنهن کي ماڻهو ڀلي ڪيترو پنهنجو چون، پر ان جو عمل ڌارين جهڙو آهي. سنڌي عوام جيئن ته پنهنجو مينڊيٽ پنهنجي سياسي ذهانت ۽ تجربي، گڏيل ڏاهپ هيٺ سيڪيولر قوتن کي ئي ڏيندو رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو هميشه حقيقي حڪمران قوتن جي پاليسين جو نشانو بڻجندا رهيا آهن. پ پ پ سان سنڌ جي ماڻهن جي هڪ طرفي عشق سبب سنڌ جا حڪمران مست هاٿيءَ جيان سنڌ جي ماڻهن کي لتاڙي رهيا آهن ۽ ڪير به انهن کان پڇڻ وارو ناهي. موجوده سنڌ حڪومت وٽ سنڌ جي مفادن جي بچاءَ ۽ حاصلات جي حوالي سان ڪيتريون ئي دعوائون آهن، جن ۾ پاڻيءَ جو مسئلو، مالياتي ايوارڊ ۽ صوبائي خودمختياريءَ وارا معاملا اهم آهن، انهن معاملن تي اڳڀرائيءَ جي پڻ ڳالهه پڪي پختي نموني ورجائي پئي ويئي آهي. سنڌ حڪومت جي هلت چلت ۽ ڪارڪردگيءَ تي نظر وجهجي ٿي ته اها بد انتظامي، انتظامي بيوسيءَ ۽ اختيارن جي وانجهه پڻي جي چٽي تصوير بڻيل آهي. انهيءَ حالت ۾، ان کان اهڙي اميد ڪيتريءَ حد تائين رکجي ته اها سنڌ جي پاڻي پاڻي، ماليات ۽ خودمختياريءَ وارن معاملن تي پنهنجي حق ۾ فيصلا وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيندي! سنڌ حڪومت جي هاڻوڪي حڪومتي بي اختياري ۽ انتظامي ڪسمپرسيءَ مان اهڙو ڪاٿو بنهه سولي نموني ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جا موجوده حڪمران ظاهري طور نظر نه ايندڙ پر انتهائي طاقتور سياسي قيادت آڏو گوڏا کوڙي ويهي رهيا آهن، جنهن سبب سنڌ جي ”عام“ بدران ”خاص“ لاءِ سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي 
حڪمرانن کي ووٽ ڏئي اقتدار جي مسند تي ويهارڻ وارا سنڌ جا ماڻهو بي وس ۽ لاچار بڻيل آهن. حقيقت ته اها آهي ته اقتدار ۾ ويٺل شخصيتون ”پردي پويان ويٺل طاقتن“ آڏو ماٺ جو روزو رکي سر جهڪايو ويٺيون آهن، جنهن جي ڪري سنڌ هر ڏينهن تباهيءَ طرف قدم وڌائي رهي آهي. موجوده سنڌ سرڪار جي اڳئين ۽ موجوده دؤر ۾ ڪو به اهڙو کاتو يا ادارو نه آهي، جنهن لاءِ چئجي ته ان جي ڪارڪردگي مثالي آهي ۽ سنڌ جي عوام کي ان مان لاڀ ملي رهيو آهي. موجوده حڪمرانن جون ترقياتي رٿائون هجن يا نوڪرين جي ورڇ ان ۾ سنڌ جي ماڻهن جي اميدن جي ابتڙ ”پنهنجا نواز“ پاليسي رهي آهي، جنهن سبب ڪاغذن ۾ ته سنڌ اندر اربين کربين رپيا خرچ ٿيل آهن، پر عملي طور ميدان تي ڪجهه به نظر نه ٿو اچي. سنڌ حڪومت جي هلت مان ته اهو ڀائنجي ٿو ته اهي هر ڏينهن کي آخري ڏينهن سمجهي ”مينهن کان اڳ سامان سهيڙڻ“ واري ڪار لڳايو ويٺا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ توڙي سپريم ڪورٽ سنڌ جي حڪمراني ۽ بدانتظاميءَ جي حوالي سان وقت بوقت ريمارڪس ۽ فيصلا ڏيندي رهي آهي، ريمارڪس تي ته سنڌ حڪومت ڪڏهن ڌيان نه ڏنو آهي، پر سپريم ڪورٽ جو شايد ئي ڪو فيصلو هجي جنهن تي سنڌ حڪومت عمل ڪيو هجي. سنڌ جي سروس اسٽڪچر جي تباهيءَ کان ويندي آئوٽ آف ٽرن جي نالي تي شولڊر پروموشن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي تاريخي فيصلن تي سنڌ حڪومت ڪڏهن به عمل نه ڪيو آهي ۽ نه وري اڳتي عمل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. سپريم ڪورٽ جي واضح فيصلي جي باوجود سنڌ حڪومت غير قانوني طريقي سان ٿاڦيل آفيسرن کي هٽائڻ لاءِ تيار ناهي. مختلف کاتن ۾ واپس ڪيل آفيسرن کي گهرائي ٻيهر اعليٰ انتظامي عهدن تي نوازيو پيو وڃي. سنڌ ۾ آفيسرن جي مقرريءَ جو معيار لياقت ۽ تجربو نه پر حڪمران جماعت جي ڪنهن اڳواڻ سان ياري، مِٽي مائٽي يا ”مٺ گرم“ ڪرڻ رهيو آهي. اطلاع آهن ته سپريم ڪورٽ پاران هٽايل پ پ پ جي ايم اين اي اياز سومري جي ڀائرن رياض سومري ۽ رضوان سومري کي ايس ايس پي ۽ ضمير احمد عباسيءَ کي ڊي ايس پي جي عهدي تي بحال ڪيو ويو آهي. جن جي سنڌ جي چيف سيڪريٽريءَ به مخالفت ڪئي هئي. سنڌ حڪومت جي اهڙن فيصلن مان ته اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته جيڪڏهن حڪمران جماعت يا حڪمرانن جا دادلا سڻڀين آسامين تي ويٺل نه هوندا ته ڄڻ سنڌ جو وهنوار نه هلندو يا سنڌ جي ترقيءَ جي ”تيز رفتار ڪانٽو“ بيهجي ويندو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ حڪومت کي پنهنجي سياسي ساک جي انهيءَ تيزيءَ سان ڪرندڙ گراف کي ڏسڻ گهرجي ۽ انهيءَ صورتحال کي اهميت ڏيندي، پنهنجن فيصلن، حڪومتي طريقي ڪار ۽ انتظامي هلت ڪاريءَ تي ٻيهر تنقيدي نظر ڦيرائڻ گهرجي. حڪمرانن کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته کين اڳي پوءِ عوام ڏانهن وڃڻو آهي ۽ پنهنجن ڪيل ڪمن جو وچور پيش ڪرڻو آهي. پڪ سان، هاڻوڪي صورتحال کي اڳيان رکندي آئيندي ۾ هاڻوڪي حڪمران جماعت لاءِ عوامي سطح تي روايتي مقبوليت ۽ پذيرائيءَ جو حال صحتمند ۽ مثبت نه پيو ڏسجي 

ايڊيٽوريل



سنڌ کي لاوارث بيواهه سمجهڻ جي درديلي ڪٿا


اربع 15 آڪٽوبر 2014ع، 19 ذوالحج 1435هه

سنڌ ۾ ڪرپشن جا ڪيئي رنگ ۽ انهن جا رشتا ۽ سنگ موجود آهن. ڪنهن به ڪرپٽ آفيسر جا ڪيئي رشتا موجود آهن، جيڪي انهن کي بچائڻ ۾ به اوترا ئي سرگرم رهن ٿا جيترو کين ڪرپشن لاءِ شهه ڏيئي انهن کي ٽيڪ ڏيڻ وارا موجود آهن. پوءِ جڏهن ۽ جيڪڏهن اهي پڪڙجن ٿا ته يا ته ”ٺوڙهو خير“ ڪرائي معاملي کي ختم ڪيو وڃي ٿو يا وري نسلن تائين ڪيس هلائي هلائي ماڻهن کان ڳالهه وسارائي ان سرڪار جي ختم ٿيڻ جو انتظار ڪيو وڃي ٿو جنهن ۾ سنڌ جي خزاني سان اهي بي درديون ٿيون هيون. تازو هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي تعليم کاتي ۾ اهڙي وارتا جو انڪشاف ڪيو ويو آهي 
سنڌ جي تعليم کاتي جي انهن بي ايمان آفيسرن جي نه اها پهرين بينچ آهي نه وري آخري. ان کانپوءِ نوان نوان سانگ رچائي نوان نوان ڪرپشن جا آفيسر معطل ڪري انهن تي ڪيس داخل ڪرڻ جي وڏيون ڪهاڻيون ۽ داستان سامهون ايندا رهندا. ان ڪري اها نه نئين ڳالهه آهي ۽ نه وري عجب جهڙي ڳالهه آهي. ان ڪري جنهن جي به ڏندن ۾ آڱريون ڦاسڻ واريون آهن انهن کي پنهنجون آڱريون بچائڻ گهرجن 
اصل ڳالهه هي آهي ته سنڌ جو ڪوبه ڌڻي سائين ڪونهي، جو انهن ڏوهن جي باري ۾ ڪنهن جي مٿي ۾ ڪا جونءَ به چُري سگهي. ڏوهارين کي به خبر آهي ته سنڌ جو ناڻو ڄڻ ته بنا ور جي اهڙي بيواهه جو ورثو آهي، جنهن تي سڀني جي نظر هجي ۽ هرڪو ڦرلٽ ۾ پورو هجي. چون ٿا ته هڪڙي کاتي جو هڪڙو سيڪريٽري پنجاهه ڪروڙ کاتي جي اڪائونٽ مان ڪڍائي هميشه لاءِ ڪيناڊا هليو ويو. نه ڪنهن خبر چار ورتي نه وري ان تي ڪو نوٽيس ورتو ويو. ان کي ڏسندي ساڳئي اداري جي هڪ ٻئي آفيسر اول پنهنجي بدلي پنجاب ڪرائي ۽ ڪوشش ڪئي ته 35 ڪروڙ رپيا ڪڍائي رفو چڪر ٿي وڃي. سنڌ جي اڪائونٽنٽ جنرل جڏهن ان ڳالهه جو نوٽيس ورتو ۽ لاڳاپيل کاتي کان خبرچار ملڻ تي جاري ڪيل چيڪ روڪي ۽ هيڏي ساري هڪ ارب جو ٽيون حصو بچي ويو 
سنڌ ۾ ڪرپشن هر ڏينهن ، هر هفتي ۽ مهيني جي بنيادن تي ٿئي ٿي. اها هزارن لکن ۾ نه پر اربين رپيا ٿئي ٿي. اها هر هنڌ ٿئي ٿي. اها اٽڪل سمورين سطحن تي ٿئي ٿي. سمورا ڪرپٽ ماڻهو ان ڳالهه تي سهمت آهن ته جيتري به مال کائڻ ۾ ” بي رحمي“ ڪري سگهجي اها ضرور ڪرڻ گهرجي. ان ڪري ”مال مفت ۽ دل بي رحم“ جي بنياد تي سڀ ڪجهه هر قسم جي ننڍي وڏي ڪرپٽ ۽ بي ايمان کي هضم ٿي رهيو آهي 
تازي وارتا ۾ سنڌ تعليم کاتي جي سيڪريٽري موجب جيڪب آباد، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ، قمبر-شهدادڪوٽ، سانگھڙ، حيدر آباد ۽ بينظير آباد ضلعن ۾ تعليم کاتي جي ڪجهه ڊائريڪٽرن، ڊي اوزتعليم، ناڻي، نيشنل بئنڪ ۽ اڪائونٽنٽ جنرل جي ڪجهه عملي جي ملي ڀڳت سان هزارين ڪوڙين آءِ ڊيز تي تدريسي ۽ غير تدريسي عملو ڀرتي ڪري 14-2013 ۾ 3 ارب 17 ڪروڙ 29 لک 14 هزار 133 رپيا ڪرپشن ڪئي آهي. جنهن تي تعليم کاتي جي سيڪريٽري مٿين رقم پگھارن جي مد ۾ مقرر اسامين کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ جي ڏوهه واري الزام ۾ تعيلم کاتي جي مٿين ضعلن جي 10 سپرنٽينڊنٽ، 9 اسسٽنٽ اڪائونٽ آفيسرن، هڪ هيڊ ڪلارڪ سميت ٻئي عملي کي نوڪرين مان برطرفي واري خاص قانون 2000 تحت شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. انهن کي 14 ڏينهن ۾ سيڪريٽري جا آفيس ۾ روبرو اچي جواب داخل ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو آهي 
اهي رقمون انهن ڪوڙين آءِ ڊي تي ڀرتي ٿيل ملازمن کي 14-2013 ۾ پگھارن جي مد ۾ مقرر اسامين کان وڌيڪ جاري ڪيون ويون هيون.. تعليم کاتي جي ضلعي آفيسرن اهي جيڪي ملازم ڀرتي ڪيا آهن، اهي اڳ تعليم کاتي جا ملازم نه رهيا آهن. انهن کي پراڻين تاريخن ۾ غير قانوني طريقي سان ڀرتي ڪيو ويو آهي. انهن ملازمن جي نوڪري جو ڀرتي ڏيکاريل تاريخ جو ڪٿي به رڪارڊ موجود ناهي، رڳو انهن آفيسرن جو بئنڪ اڪائونٽ کولي، ضلعن جي ٽريزري آفيسرن اي جي آفيس جي عملي سان ملي ڀڳت ڪري پگهارون جاري ڪرايون آهن
ان کان اڳ سنڌ سرڪار جي سڀ کان وڏي يعني تعليم کاتي ۾ هزارين نوڪريون بنا ميرٽ ۽ بنا سبب ۽ رڳو ڏوڪڙن عيوض ڏنيون ويون. اربين رپيا غريبن کان ڦري انهن کي ڪوڙيون نوڪريون ڏنيون ويون. ڳالهه آئي ويئي. کيل ختم پئسا هضم 

سرڪار جي ادارن ۾ انڪوائريون وري ڪجهه ان طريقي سان ٿين ٿيون ته جيڪي ”ملزم ڏوهي“ آهن انهن تي نوٽيس جاري ڪيا وڃن ٿا، ملزم وري ڪورٽن ۾ پنهنجي ”دادرسي“ لاءِ دروازو کڙڪائين ٿا، ڪورٽون دادرسيءَ جي ٿيل فرياد هيٺ ”اسٽي آرڊر“ جاري ڪن ٿيون. هلندي هلندي فائيل پراڻا ٿي وڃن ٿا، ٽيڪ ڏيندڙ پهچي وڃن ٿا ۽ انهن آفيسرن کي ڪنهن سڻڀي جاءِ بدران ڪُنڊ ۾ اڇليو وڇي ٿو يا کين پوسٽنگ کان الڳ رکي بنا ڪم جي کين پگهارون جاري رکيون وڃن ٿيون. وزير بدليو ته ڳالهه ئي ختم. لالا مال خلاص 

ايڊيٽوريل



صوبائي خودمختياريءَ تي ڪابه سوديبازي نه ٿيڻ کپي

اربع 19 نومبر 2014ع؛ 25 محرم الحرام1436 هه

پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻ ۽ سينيئر پارليامينٽرين سينيٽر رضا ربانيءَ خبردار ڪندي چيو آهي ته ارڙهين ترميم سان کيڏيو پيو وڃي، ترميم رول بيڪ ٿي ته پاڪستان ۾ رهي سياسي جدوجهد ڪندڙ بلوچستان جي قومپرستن جو موقف ڪمزور ٿي ويندو ۽ هٿياربند جدوجهد ڪندڙ ڪامياب ٿي ويندا. هن چيو آهي ته مرڪز جي حامي سول توڙي فوجي ڪامورا شاهي نه ٿي چاهي ته وفاق جا کاتا ۽ اختيار صوبن کي ملن، ڇو جو ان سان سندن عياشيون بند ٿي وينديون 
اهڙيون ڳالهيون هن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين سي) ۽ يو اين ڊي پي جي سهڪار سان ٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي چيون آهن. سيمينار کي خطاب ڪندي ٻين مقررن چيو آهي ته ملڪ ۾ چار صوبا نه پر قومي ايڪا آهن، جن کي تسليم ڪرڻو پوندو، گڏوگڏ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته ملڪ جون ٻه وڏيون جماعتون پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ نواز ملڪ کي گهڻ قومي ملڪ مڃڻ لاءِ تيار ناهن 

ڏٺو وڃي ته 1973ع واري متفقه آئين کانپوءِ ارڙهين ترميم جي منظوري، سياسي ڌرين جي وڏي ڪاميابي آهي. 18 هين ترميم 8 اپريل 2010ع تي قومي اسيمبلي ۽ 15 اپريل 2010 تي سينٽ مان منظور ٿي. جڏهن ته ملڪي صدر آصف علي زرداريءَ 19 اپريل 2010ع تي هن ايڪٽ تي صحيح ڪئي، جنهن کانپوءِ هيءُ هڪ قانون ٿي ويو، جنهن تحت 37 سالن کانپوءِ ڪنڪرنٽ لسٽ جو خاتمو ٿيو ۽ مڪمل نه ئي سهي پر ڪجهه نه ڪجهه خودمختياري صوبن کي ضرور ملي. هن ترميم کي مڪمل صوبائي خومختياريءَ ڏانهن اهم اڳڀرائي چئي سگهجي ٿو 
نه رڳو ايترو پر ارڙهين آئيني ترميم جي منظوريءَ سان صدر کي اسيمبلي ٽوڙڻ جا مليل اختيار ختم ڪيا ويا، نتيجي ۾ چونڊيل حڪومتن ۽ پارليامينٽ تي جيڪا تلوار هر وقت ٽنگيل هوندي هئي، تنهن جو خوف ختم ٿيو. ٻيو ته ائين به چئي سگهجي ٿو ته هن ترميم ذريعي پاڪستان نيم صدارتي راڄ کان مڪمل پارلياماني نظام ڏانهن وڌيو، هن ترميم ذريعي ئي پختونن کي پنهنجي سڃاڻپ ملي، يعني نارٿ ويسٽ فرنٽير صوبي کي خيبرپختونخواهه جو نانءُ مليو، جيڪو سندن پراڻو مطالبو هو. پاڪستان اندر سياسي استحڪام جا بنياد به هن ترميم تحت ئي پيا. ماضيءَ ۾ ڪابه حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري نه سگهي هئي پر هن ترميم تحت گذريل حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪيو. رهي ڪارڪردگيءَ جي ڳالهه ته اُهو هڪ الڳ مسئلو آهي، ڇو جو پاڪستان ۾ جيئن ته آمريتن جي ڊگهن دورن جو تسلسل رهيو آهي، ائين ئي جيڪڏهن جمهوريت کي به تسلسل جي جلا بخشي وڃي ته نظام مان سموريون خاميون ۽ خرابيون ختم ٿي وينديون 
ارڙهين آئيني ترميم کي ان ڪري به سياسي قوتن جي ڪاميابي چيو پيو وڃي جو هن تحت آئين مان اڳوڻي آمر جنرل ضياءُ ۽ جنرل مشرف جو نالو ڪڍي، ليگل فريم ورڪ آرڊر (ايل اين او) کي ختم ڪيو ويو. گڏوگڏ آئين معطل ڪرڻ جي ڏوهه کي ”سنگين غداري قرار ڏنو ويو.. ارڙهين آئيني ترميم جي ذريعي 17 وفاقي وزارتن جا اختيار ۽ کاتا وفاق کان صوبن کي منتقل ٿيا، جن ۾ قديم آثار، صحت، تعليم، ثقافت، سياحت، عورتن جي ترقي، ماحوليات، رانديون، پورهيو ۽ افرادي قوت توڙي ٻيا به ڪيترائي کاتا، انهن جا ملازم ۽ وسيلا صوبن کي منتقل ٿيا 
اُهي اختيار جن لاءِ پاڪستان جي قيام کان وٺي صوبا رڙندا ۽ سياسي قوتون جدوجهد پئي ڪنديون رهيون آهن، سي وفاق کان وٺي صوبن کي ڏيڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي. يقينن اهي ڌريون جيڪي مضبوط مرڪزيت جون حامي رهيون آهن، تن لاءِ هي ترميم ۽ انهيءَ تحت صوبن کي مليل خودمختياري قطعي طور برداشت جوڳي نه هوندي. هڪ ته تعليم کاتي کانپوءِ هائير ايجوڪيشڻ ڪميشن جڏهن صوبن کي منتقل ٿي ۽هر صوبي پنهنجي پنهنجي صوبائي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪوششن اڳيان طرحين طرحين جون رنڊڪون پيدا ڪيون ويون. مطلب ته ارڙهين ترميم رول بيڪ ڪري يا وري نئين ترميم آڻي ”هيڪ“ واپس وفاق کي ڏيارڻ جي سازش کان وسان نه گهٽايو ويو آهي. نه رڳو تعليم پر ماحولياتي، توڙي توانائي ۽ ٻيا کوڙ سارا کاتا، جيڪي مضبوط مرڪز ۽ وفاق ۾ يقين رکندڙن لاءِ سڻڀو گِرَههُ بڻيل رهيا آهن. تن جي منتقلي لازمي طرح اک ۾ ڪنڊي وانگر کين چُڀي رهي آهي 
ٻئي پاسي وري صوبن جي اهليت جي کوٽ چئجي جو کين هلڪي ڦلڪي جيڪا خودمختياري يا اختيار مليا آهن، سي به سنڀاليا نٿا ٿين. بجاءِ ان جي جو جيڪي کاتا، اختيار ۽ ملازم صوبن کي مليا آهن، تن کي فوري طور هڪ نظام ۽ مڪينزم تحت پنهنجي هٿ ۽ اختيار هيٺ آڻي ڇڏين. اجائي سجائي جون رڪاوٽونڏ وجھي انهيءَ سلسلي ۾ ٽال مٽول کان ڪم ورتو پيو وڃي. هئڻ ته ائين کپي ته منتقل ٿيل اختيار استعمال ڪندي وفاق کان موڪليل ملازمن کي انهن کاتن ۾ فوري طور ضم ڪري صوبائي سرڪار جي اختيارن آڌار انهن کي به معمول تي آڻي باور ڪرايو وڃي ته صوبا پنهنجي صوبائي خودمختياريءَ ۽ وسيلن جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻ ٿا پر ان جي ابتڙ ٽال مٽول کان ڪم ورتو ويندو رهيو ته يقينن انهن ڌرين جي ان موقف کي هٿي ملندي ته صوبا اڳ ئي وٽن جيڪي کاتا ۽ وسيلا موجود آهن، سي ئي سنڀالي نه ٿا سگهن ته وڌيڪ وزارتن، کاتن ۽ ملازمن جو بارُ سَهي ئي نه سگهندا 
پنجاب تي هميشه مضبوط مرڪزيت جو حامي هئڻ ۽ ننڍن صوبن جا حق ڦٻائڻ جو الزام پئي لڳندو رهيو آهي پر چيو وڃي ٿو ته ارڙهين ترميم تحت وفاق کان صوبن کي منتقل ٿيل اختيارن جو جيترو فائدو پنجاب ورتو آهي. اوترو باقي ٽنهي صوبن حاصل نه ڪيو آهي. سو سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي به حڪمرانيءَ جي انداز ۾ بهتري آڻيندي کين مليل واڌو اختيارن، وسيلن ۽ کاتن کي استعمال ۾ آڻيندي معاشري ۾ بهتريءَ جا نت نوان مثال قائم ڪرڻ گهرجن. سنڌ جيڪا وسيلن سان مالا مال آهي ۽ وٽس اهل ماڻهن جي ڪابه ڪمي ناهي. تنهن ڪري اميد ڪري سگهجي ٿي ته وقت جي حڪومت ننڊ مان جاڳندي ارڙهين ترميم مان فائدو وٺڻ لاءِ ضرور ڪو طريقيڪار جوڙيندي، ٻي صورت ۾ هي خدشا پنهنجي جاءِ تي موجود رهندا، جن جو اظهار جناب رضا ربانيءَ ڪيو آهي 


ايڊيٽوريل


                                                   ڇا ايم ڪيو ايم به

 ڪنهن ”اسڪرپٽ“ تحت وکون وڌائي رهي آهي؟؟؟





سنڌ جي گورنر پنهنجي استعيفائون ڏيڻ کانسواءِ ايم ڪيو ايم جي صوبائي وزيرن پاران ڏنل استعيفائون منظور ڪري ورتيون آهن، جنهن کانپوءِ هاڻ ايم ڪيو ايم سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي بئنچن تي ويهڻ جي قابل ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر به ايم ڪيو ايم وارن کي خاطري ڪرائي هئي ته جيئن ئي گورنر سندن جي وزيرن جون استعيفائون منظور ڪندو، تيئن ئي کين مخالف ڌر جي بئنچن تي ويهڻ لاءِ سيٽون الاٽ ڪيون وينديون. ايم ڪيو ايم کي مخالف ڌر جون سيٽون الاٽ ٿيڻ کانپوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ موجوده مخالف ڌر جي اڳواڻ وار عهدو هاڻ ايم ڪيو ايم جي هٿ هيٺ اچڻ جا به امڪان پيدا ٿي ويا آهن، ايم ڪيو ايم سنڌ سرڪار کان ته ڌار ٿي چڪي آهي، ليڪن ايم ڪيو ايم لاءِ اها ڳالهه به مشهور آهي ته اها هڪ اهڙي مڇي آهي، جيڪا پاڻي کانسواءِ رهي نه ٿي سگهي. يعني ايم ڪيو ايم اقتدار کان سواءِ هڪ منٽ به ٻاهر رهي نه ٿي سگهي
شايد اهو ئي سبب آهي جو ڪالهه ايم ڪيو ايم جي وفد وزيراعظم ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ اتان کان وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جو آسرو ملڻ کانپوءِ سنڌ جي گورنر ايم ڪيو ايم جي صو بائي وزير جون استعيفائون منظور ڪري ڇڏيون، چوڻ وارا ته اهو به چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن وزيراعظم ميان نواز شريف کين ڪو آسرو نه ڏي ها تيستائين سنڌ جو گورنر ايم ڪيو ايم جي صوبائي وزيرن جون استعيفائون ڪڏهن به منظور نه ڪري ها. هاڻ وزيراعظم ميان نواز شريف ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل ڪري ٿو يا نه ٿو ڪري تنهن جو فيصلو به ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سامهون اچي ويندو، هونئن به ڪنهن به سياسي پارٽي لاءِ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ يا ڌار ٿيڻ کي ڪڏهن به خراب نه سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت کان ڌار ٿي آهي، تڏهن به اهو ان جو پنهنجو فيصلو آهي ۽ جيڪڏهن اها وفاقي سرڪار ۾ شامل ٿي رهي آهي تڏهن به اهو ان جو پنهنجو فيصلو هوندو، جڏهن ته وزير اعظم ميان محمد نواز شريف چونڊن کان اڳ سنڌ ۾ ڪجهه قومپرست جماعتن سان لکت ۾ هڪ معاهدو ڪيو هو ته ن ليگ اقتدار ۾ اچي ايم ڪيو ايم کي ڪڏهن به اقتدار ۾ شامل نه ڪندي 
هاڻ وزيراعظم ميان نوازشريف جيڪڏهن پنهنجي ڪيل ان معاهدي کي پٺي ڏي ٿو ته پوءِ کيس پيپلز پارٽي جي قيادت جي مخالفت ته برداشت ڪرڻي پوندي، پر ان کي سنڌ ۾ موجود قومپرستن جي به مخالفت سان منهن ڏيڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته معاهدي جي ڀڃڪڙي کي ڪو به معاشرو چڱي نظر سان نه ٿو ڏسي، جيئن ته ايم ڪيو ايم ماضيءَ ۾ مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي ٻنهي سان ڪم ڪري چڪي آهي. جن دورن ۾ ايم ڪيو ايم ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي سان گڏ حڪومتن ۾ شامل هئي، تڏهن هن جي سياست جو رخ ٻيو هو، ايم ڪيو ايم سان سوين اختلاف هوندي به عوام جي اها ئي راءِ هئي ته ”نٺر ٻار“ کي ريجهائي ۽ پرچائي سنئين رستي آڻي سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن ايم ڪيو ايم اڄ هوش ۾ ناهي ته سڀاڻي ضرور هوش ۾ اچي ويندي. ليڪن عوام جي مختلف حلقن جي اها خوشفهمي هئي. ايم ڪيو ايم هر دور ۾ پنهنجي سياسي حڪمت عملين کي تبديل ڪرڻ لاءِ جيڪي حربا اختيار ڪندي رهي آهي، ان هن ڀيري به هڪ خطرناڪ حربو اختيار ڪري نه رڳو سڄي سنڌ کي ڪاوڙائي وڌو آهي، پر هاڻ سنڌ واسين کي اها ڳالهه سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي هاڻ ڪنهن به ڳالهه تي اعتبار ڪري نه ٿو سگهجي. سنڌ ۾ پيدا ٿيل انهي تاثر ايم ڪيو ايم جا پنهنجا ڪيترا رستا سوڙها ڪيا آهن، تنهن بابت اڃا ايم ڪيو ايم کي شايد احساس نه ٿيندو هجي پر ايم ڪيو ايم مهاجريت وارو نعرو هڻي پاڻ کي هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي خول ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ”خول“ خود ايم ڪيو ايم لاءِ پڻ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.
ايم ڪيو ايم سنڌ کي ورهائڻ واري ڳالهه ڪري هن سنڌ جي سڀني ماڻهن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته آخر ايم ڪيو ايم ڪنهن جي اشارن تي اهو سڀ ڪجهه ڪري رهي آهي، هونئن به پاڪستان ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ وارو تصور ڪو نئون ناهي، جنرل ضياءَالحق جي دور ۾ پاڪستان ۾ 80 صوبا ٺاهڻ واري ڳالهه بحث هيٺ آندي وئي هئي ۽ پوءِ پيپلز پارٽي کان 80 صوبا ٺهرائڻ لاءِ بينظير ڀٽو کي نئين سماجي معاهدي وارو دستاويز هٿ ۾ ڏنو ويو هو، جنرل ضياءَالحق جي مرتيئي کانپوءِ ٿيل عام چونڊن ۾ بينظير ڀتو نئين سماجي معاهدي جي ڀرپور وڪالت ڪئي هئي، نئين سماجي معاهدي ۾ ضلعن ۾ گورنر مقرر ڪرڻ جي ڳالهه ڪيل هئي، ليڪن بينظير ڀٽو عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوءِ سماجي معاهدي کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو هو 
ياد رهي ته نئون سماجي معاهدو سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڪمال اظفر جي نگرني ۾ تيار ڪيو ويو هو، بينظيرڀٽو کانپوءِ پرويز مشرف پنهنجي دور ۾ ضلعي حڪومتن جو سرشتو لاڳو ڪيو، جيڪو نئين سماجي معاهدي کان ڪجهه مختلف هو، ان سرشتي هيٺ ضلعن۾ گورنر ته مقرر نه ٿيا، ليڪن ضلعي ناظمن کي وڏي وزير کان به وڌيڪ اختيار حوالي ڪيا ويا، جن کي مرڪز مان هلايو ويندو هو ۽ موجوده صوبن جي حيثيت ثانوي ٿي ويئي هئي. هن ڀيري اها ساڳي رٿا هڪ ڀيرو ٻيهر طاهر القادري ۽ ايم ڪيو ايم حوالي ڪئي وئي آهي. طاهرالقادري يا ايم ڪيو ايم جي جوڙجڪ بابت عوام کي جيڪي شڪ آهن تن کي هتي بحث هيٺ آڻڻ ان ڪري به ضروري ناهي ڇاڪاڻ ته ان سلسلي ۾ هر ڪنهن سياسي ماڻهو وٽ چڱي چوکي ڄاڻ اڳ ئي موجود آهي. هن وقت جيتوڻيڪ سياسي صورتحال مونجهاري جو شڪار ٿيل نظر اچي ٿي، ليڪن اسلام آباد ۾ لڳل ڌرڻن سياسي صورتحال کي ڪنهن حد تائين واضح ڪرڻ ۾ مدد ڏني آهي. عمران خان پاران امپائر جي آڱر مٿي کڄڻ ۽ طاهرالقادري پاران انقلاب جي ڪاميابي لاءِ ڪجهه ڪلاڪن جو ورجائي ورجائي وقت ڏيڻ واريون ڳالهيون ڪرڻ سياسي قوتن جي آڱرين کي پنهنجي طرف کڄڻ لاءِ مجبور ڪنديون رهيون آهن 
ويتر قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد احمد شاهه ۽ اعتزاز احسن پاران پارليامينٽ جو تحفظ ڪرڻ واري زوردار موقف ۽ جاويد هاشمي پاران سڄي ڊرامي جا پول پڌرا ڪرڻ کانپوءِ جيتوڻيڪ ميان نواز شريف جي حڪومت ته بچي ويئي آهي، ليڪن ڊرامي جو اسڪرپٽ لکندڙ قوتن جاويد هاشمي کي تاريخي شڪست ڏياري ڇڏي آهي ته ٻئي طرف خورشيد شاهه کي ”واجب القتل“ واري لسٽ ۾ آڻي بيهاريو آهي ۽ اعتزاز احسن کي به سزا ڏيڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کي ميدان تي لاٿو ويو، ويتر جڏهن سنڌ جي ورهاست واري ايم ڪيو ايم جي مطالبي تي خورشيد شاهه ملڪ جي ”مقتدر حلقن“ کي اپيل ڪئي ته اهي ان خوفناڪ رٿا بابت ايم ڪيو ايم کي جهلين تنهن کانپوءِ هاڻ سياسي ويڙهه نوان رخ اختيار ڪرڻ شروع ٿي وئي آهي. طاهرالقادري کي سياسي ويڙهه جي ميدان مان آئوٽ ڪيو ويو آهي، ن ليگ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺاهڻ جو اعلان ٿي چڪو آهي ۽ ميان نواز شريف پارٽي جي اندران ٿيندڙ حملي کان بچڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کي پنهنجين صفن ۾ شامل ڪرڻ جون تياريون ڪري ورتيون آهن 

ليڪن ڇا اڳوڻي اسڪرپٽ جي A پلان جي ناڪام ٿيڻ کانپوءِ هاڻ اسڪرپٽ جو شروع ٿيندڙ B پلان ڪامياب ٿي سگهندو يا وزيراعظم ميان نواز شريف پنهنجي حڪومت بچائي سگهندو؟ ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم کي شامل ڪرڻ جي صورت ۾ ن ليگ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيپلز پارٽي جي حمايت وڃائي سگهي ٿي. ان ڪري شروع ٿيل B پلان وزيراعظم ميان نواز شريف لاءِ هڪ وڏو امتحان هوندو، باقي جيستائين ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ يا سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ وارو سوال آهي، ايم ڪيو ايم کڻي سوين پريس ڪانفرنسون ڪري روڊ رستا بلاڪ ڪري ۽ هڙتالون ڪرائي ليڪن، پاڪستان جو 1973ع وارو آئين جيستائين موجود آهي، تيستائين هڪ صوبو ته ڇا پر ڪنهن صوبي جي هڪ يوسي کي به هيڏانهن کان هوڏانهن ڪري نه ٿو سگهجي، ان ڪري سنڌ جي ماڻهو کي رڳو اکيون کولي رکڻ جي ضرورت آهي، جذباتي ٿيڻ جي في الحال ڪا به ضرورت ناهي 

ايڊيٽوريل


                                 وفاقي کاتن ۾ ڀرتين جي جاري ٿيل     

       نئين پاليسي ۽ ميرٽ جي لتاڙ وارو سوال

اسٽيبلشمينٽ ڊويزن وفاقي ادارن خودمختيار باڊين ۽ ڪارپوريشنن لاءِ ڀرتين جي نئين پاليسي جاري ڪئي آهي. جنهن موجب گريڊ 3 کان 13 تائين جي ملازمن جون ڀرتيون ڪرڻ لاءِ اخبارن ۾ اشتهار جاري ڪيا ويندا، جڏهن ته 16 گريڊ ۽ ان کان مٿي واريون جايون فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن معرفت ڀريون وينديون. جنهن لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏنا ويندا ۽ درخواستن لاءِ 15 ڏينهن جو وقت ڏيئي 60 ڏينهن اندر ا هو عمل مڪمل ڪيو ويندو. ان پاليسي ۾ ميرٽ تي سختي سان عمل ڪرڻ ۽ علائقائي،صوبائي ڪوٽا سميت اقليتن ۽ معذور ماڻهن لاءِ رکيل ڪوٽائن تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻ جي به ڳالهه ڪئي وئي آهي جيئن ته وفاقي سرڪار 25 سيپٽمبر کان نوڪرين تان پابندي ختم ڪري ڇڏي هئي، ليڪن ڀرتين بابت ڪا واضح پاليسي نه هجڻ ڪري اهي ڀرتيون اڃا نه ٿي سگهيون هيون ۽ هاڻ جڏهن ڀرتين بابت نئين پاليسي جو اعلان به ٿي چڪو آهي، تنهن کانپوءِ اميد ڪجي ٿي ته نوڪرين ۾ ڀرتي لاءِ جلد اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرايا ويندا، جنهن کانپوءِ ڪيترن ئي بيروزگارن کي نوڪريون حاصل ڪرڻ جو موقعو حاصل ٿي ويندو، جيئن ته اسان وٽ نوڪرين ۾ ڀرتي لاءِ شفافيت وارو عمل سدائين تڪراري رهيو آهي، ان ڪري هن ڀيري به ڀرتين واري معاملي تي ڪيترائي سوال پيدا ٿي سگهن ٿا.


مثال طور جاري ٿيل نئين پاليسي ۾ ان ڳالهه جو ڪو به ذڪر ناهي ته آخر انهن ڀرتين لاءِ ٽيسٽ وٺڻ جو ڪهڙو طريقو هوندو ۽ ڇا اها ٽيسٽ ٿرڊ پارٽي ذريعي ورتي ويندي يا اهو ساڳيو ادارو پاڻ ئي ٽيسٽ ۽ انٽرويو وٺي اميدوارن کي مقرر ڪندو، اسان جي خيال ۾ جيڪڏهن نئين پاليسي ۾ اها واضح ڳالهه ڪئي وڃي ها ته يقينن ڪنهن کي اها ڳالهه سوچڻ تي مجبور ٿيڻو ئي نه پئي ها ته ڀرتين ۾ ڪنهن سان ناانصافي ٿيندي، جيتوڻيڪ ڀرتين لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ته ڏنا ويندا ۽ درخواستون به گهرايون وينديون پر جيڪڏهن اميدوارن جا انٽرويو ۽ ٽيسٽ ڪنهن ڀروسي جوڳي ٽيسٽنگ سروس فراهم ڪندڙ اداري پاران نه ڪرائي وئي ته پوءِ امڪان آهن ته ادارن ۾ اهي ئي ڀرتي ٿي ويندا، جن جا چاچا، ماما اڳ ئي ادارن ۾ ويٺل هوندا. اهڙي ريت ”ميرٽ“ بابت به عوام کي ڪيئي شڪ موجود آهن ڇاڪاڻ ته بيروزگارن جو انگ ايترو ته گهڻو آهي جو انهن مان ميرٽ تحت چونڊ ڪرڻ ڄڻ ته ناممڪن ئي آهي. مثال طور جيڪڏهن ڪنهن اداري ۾ ڪنهن پوسٽ لاءِ 10 جايون آهن ته گهٽ ۾ گهٽ انهن پوسٽن لاءِ 10 کان 15 هزار درخواستون ضرور پهچنديون، جن مان گهٽ ۾ گهٽ 500 ڄڻا ته ايم اي يا ڊبل ايم اي ضرور هوندا، يا انهن اي ون گريڊ ۾ پاس ڪيو هوندو ته پوءِ ان لاءِ ڪهڙو طريقو اختيار ڪيو ويندو ۽ اها ڪٿ ڪيئن ڪئي ويندي ته ڪهڙو اميدوار ميرٽ تي پورو لهي ٿو يا نه ٿو لهي


بهرحال حڪومت کي گهرجي ته ”ميرٽ“ تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ ڪا واضح پاليسي جاري ڪري ته ميرٽ تحت اميدوارن چونڊ ڪيئن ڪئي ويندي، جيڪڏهن ان ڏس ۾ ڪو واضح طريقو اختيار نه ڪيو ويو ته پوءِ امڪان اهي ئي آهن ته هر اداري ۾ ٿيندڙ ڀرتي تي هر طرف کان اعتراض اٿڻ شروع ٿي سگهن ٿا، جن جو وفاقي سرڪار کي جو اب ڏيڻ ڏکيو ٿي پوندو. اسان هتي سنڌ سرڪار مان به اميد ٿا ڪريون ته سنڌ سرڪار به اهڙي واضح پاليسي جو اعلان ڪندي ته جيئن سنڌ ۾ به ميرٽ جي بنياد تي ڀرتيون ٿي سگهن ۽ سنڌ ۾ به وڌندڙ بيروزگاري واري انگ ۾ ڪنهن حد تائين لاٿ اچي سگهي 

ايڊيٽوريل


ڪراچي واٽر بورڊ ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سنڌي ملازمن کي ڌمڪيون ڪير پيو ڏئي؟


سنڌ اسيمبلي جي جمع ڏينهن واري اجلاس ۾ فنڪشنل مسلم ليگ ۽ مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن طرفان ڪراچي واٽر بورڊ ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جي سنڌي ملازمن ۽ آفيسرن کي ڌمڪين ڏيڻ جو جيڪو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهو انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي. اهو رجحان انتهائي خطرناڪ آهي ۽ جيڪڏهن ان کي بروقت ٻنجو ڏيئي ملوث دهشتگردن ۽ ڀتا خورن کي ڪيفر ڪردار تائين نه پهچايو ويو ته ان جا منفي اثر سنڌ جي هر هڪ شهر ۽ ٻهراڙين تائين به پهچي سگهن ٿا ۽ پوءِ سرڪاري ادارن ۾ جيڪا بيقاعدگي آهي، اها ويراني ۾ به بدلجي سگهي ٿي. سنڌ ۾ پي پي جي حڪومت آهي ۽ ان پارٽي جا اڳواڻ مفاهمت واري پاليسي تي گامز ن آهن ۽ ان نام نهاد مفاهمت واري پاليسي گذريل 7 سالن ۾ سنڌ صوبي کي جيڪو نقصان رسايو آهي اهو سڀني جي آڏو آهي ۽ هاڻي صورتحال ان حد تائين خراب ٿي چڪي آهي جو ڪراچي ۾ ڪم ڪندڙ مختلف ادارن ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جا سنڌي ملازم نوڪريون ڇڏي وڃڻ جون ڌمڪيون ٻڌي رهيا آهن اسان جي سنڌ صوبي جي حڪمرانن وٽ سڀني مسئلن جو حل هڪ پريس ڪانفرنس هوندو آهي ۽ ان لاءِ گهڻو ڪري ڪابينه جو هڪ وزير مخصوص نظر ٿو اچي جڏهن ته عملي طور ڪنهن به اهم معاملي بابت باريڪ بيني سان جاچ جو تصور محدود آهي. سنڌ جي اقتدار ڌڻين کي هن معاملي بابت سنجيدگيءَ سان سوچڻ ۽ ملوث دهشتگردن ۽ ڀتا خورن کي بنا ڪنهن دٻاءَ جي انصاف جي ڪٽهڙي تائين پهچائي اهي ثبوت عدالتن آڏو پيش ڪرڻ گهرجن جن جي بنياد تي اهي سزائن جا مستحق ٿين. رڳو اهو چوڻ ته عدالتن مان سزائون نه ملڻ سبب ڏوهه ختم نه ٿا ٿين، پنهنجو بار ٻين مٿان اڇلائڻ جي مترادف آهي. عدالتون ڏوهارين کي ثبوتن ۽ شاهدين جي بنيادن تي ڪيفر ڪردار تي پهچائڻ لاءِ پابند آهن جڏهن ته استغاثا جو پيش ڪيل ڪيس ئي ڪمزور هوندو ۽ شاهدن کي قتل جي ڌمڪين جي پسمنظر ۾ ڪو به سرڪاري تحفظ نه هوندو ته اهي يا ته عدالتن ۾ پيش ئي نه ٿيندا يا وري پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي سلامتي کي نظر ۾ رکندي اهڙي شاهدي ڏيندا جنهن سان ڏوهاري جو يقيني بچاءُ ٿي وڃي ٿو. ان ڪري عدالتن تي الزام هڻڻ بجاءِ پراسيڪيوشن کي فعال ۽ مضبوط ڪيس پيش ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي ته جيئن هر قسم جا ڏوهاري ڪيل ڏوهه تي سزاياب ٿي سگهن. ان طرح رائج قانون تي به پوريءَ طرح عمل ٿيو ته هر هڪ دهشتگرد، ڀتا خور ۽ ڌمڪيون ڏيندڙ ڏوهه ڪرڻ کان اڳ پنهنجي انجام بابت ضرور سوچيندو، جيڪا سوچ هن وقت بلڪل اڻلڀ ان ڪري به آهي ته جزا ۽ سزا جو تصور ختم ٿيندو پيو وڃي. اسان سنڌ حڪومت کان سنڌي ملازمن کي ڌمڪين ملڻ بابت سختي سان وٽيس وٺڻ ۽ ان ڏس ۾ تاديبي ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ سان گڏ ڪراچي جي نمائندگي ڪرڻ جي دعويدار پارٽي جو پڻ هن اهم معاملي طرف ڌيان ڏياريون ٿا ڇو ته صوبي جي مجموعي حالتن ۽ سنڌ ۾ نئين صوبي واري شوشي جي پسمنظر ۾ سنڌ جي عوام جون نظرون انهن ڏانهن ئي کڄنديون ان ڪري اهي نه فقط ڌمڪيون ڏيندڙ عناصرن کي پنهنجي پڪڙ ۾ آڻي قانون جي حوالي ڪن ۽ گڏوگڏ سنڌ جي عوام آڏو پنهنجي پوزيشن به واضح ڪن. آخر ۾ اسان فنڪشنل مسلم ليگ ۽ مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن کي خراج تحسين ٿا پيش ڪريون جن هن اهم معاملي کي سنڌ اسيمبلي جي فلور تان سنڌ جي عوام آڏو پيش ڪيو. سنڌ جي حڪمران جماعت کي ته اها به توفيق نه ٿي ته اها ڪراچي ۾ سنڌي ملازمن کي ملندڙ ڌمڪين بابت ڪا لب ڪشائي ڪري ڇو ته ان عمل سان به شايد مفاهمت وارو عمل ڊانوانڊول ٿيڻ جو انديشو هو 

ايڊيٽوريل


              ٿرواسي نانگ ته ناهن جو مٽي کائيندا؟؟؟؟؟؟؟


سنڌ جي خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير جيتوڻيڪ حيدرآباد مٺي ۽ ٻولهاڙي جي گدام انچارجن کي معطل ڪري ميڊيا ۾ آيل انهن خبرن کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ٿر جي رليف انسپيڪٽنگ جج گذريل ڏينهن مٺي جي ڪڻڪ جي گدام تي اوچتو ڇاپو هڻي معائنو ڪيو ته خبر پئي ته گدام ۾ پيل ڪڻڪ جي سوين ٻورين ۾ اڌواڌ مٽي ۽ ڀتر ملايل هئا. ان سلسلي ۾ هن جڏهن خوراڪ کاتي جي عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته کيس ڪو به تسلي جوڳو جواب ڏيئي نه سگهيا جڏهن ته ٿرپارڪر جي ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ هو ته مٺي جي گدامن ۾ هن وقت امدادي ڪڻڪ جون چار هزار 885 ٻوريون پيل آهن، جن مان 302 ڪڻڪ جي ٻورين ۾ مٽي ملايل آهي. جڏهن ته خوراڪ کاتي عملدارن جو چوڻ آهي ته اهي ٽي سئو ٻوريون هڪ ٽرڪ ۾ آيون هيون، جن کي ڌار ڪري رکيو ويو آهي.


هوڏانهن صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر جو چوڻ آهي ته ٿر جي متاثرن کي 3 ارب رپين کان وڌيڪ رقم جي ڪڻڪ مفت فراهم ٿي چڪي آهي، ٿرپارڪر جو ضلعو اڄڪلهه ميڊيا جي نظرن ۾ آهي، حڪومت يا عملدارن جي معمولي ڪوتاهي به هڪ پل ۾ ميڊيا ذريعي عوام تائين پهچي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن اها خبر سامهون اچي ته ٿر جي امدادي ڪڻڪ ۾مٽيءَ ملائي وئي آهي ته پوءِ ڇا سمجهجي ته اها ڪوتاهي آهي، سازش آهي يا ڪرپشن جي انتها جو ڪو مثال آهي، جيڪڏهن موجوده صورتحال ۾ به ڪامورا خيرات ۾ ٿرين کي ڏيڻ لاءِ آندل ڪڻڪ ۾ مٽيءَ ملائي پنهنجا گهر ڀرڻ جي ڪوشش ڪندا نظر اچن ته پوءِ ان ڳالهه جي ڪهڙي ضمانت آهي ته عام ڏينهن ماضي ۾ انهن ڪامورن ٿر واسين سان ڪيڏي نه وڏي ويساهه گهاتي ڪئي هوندي. ٿرپارڪر ۾ هن وقت جيڪي امدادي سرگرميون هلي رهيون آهن، تن جو مرڪز في الحال مٺي شهر ئي آهي، جڏهن ته مٺي جو شهر هاڻ ٿر ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر ته ضرور آهي، پر اهو شهر هاڻ سنڌ جي ٻين شهرن جهڙو هڪ شهر بڻجي پيو آهي ۽ اهو شهر هاڻ سڄي ٿر جي صورتحال جي نمائندگي به نه ٿو ڪري ان ڪري مٺي شهر ۾ جيڪڏهن ڪا صورتحال خراب ٿيندي نظر اچي ٿي ته پوءِ ائين سمجهڻ گهرجي ته سڄي ٿر ۾ اها صورتحال مٺي شهر جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻ تي وڌيڪ خراب هوندي.


هن وقت ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واريون خبرون زورن تي آهن، جڏهن ته جيڪي به ٻار فوت ٿيا آهن، اهي مٺي جي سول اسپتال ۾ فوت ٿيا آهن. ليڪن اونهائي سان ويچار ڪيو وڃي ته اهي ٻارڙا اهڙا هئا، جن جي مائٽن کي ايتري مالي سڪت هئي جو اهي ڏورانهن هنڌن تان پنهنجي ٻارن کي علاج لاءِ مٺي اسپتال تائين کڻي آيا، پر اهي ٻار وري به بچي نه سگهيا. پر ڇا مٺي جي سول اسپتال سڄي ضلعي جي ٻارن جو علاج ڪرڻ جي اهل آهي يا نه آهي، تنهن بابت به ضرور سوچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ضلعي ٿرپارڪر جا ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جو اتان کان جيڪڏهن مريض کي ڪنهن سواري ۾ کڻي مٺي اسپتال پهچائجي ته ان لاءِ به گهٽ ۾ گهٽ چار کان پنج ڪلاڪ ضرور لڳي ويندا، اهو به تڏهن جڏهن ان علائقي ڏانهن رستي جي سهولت ۽ سواري لاءِ گاڏي جو ڪو فوري بندوبست ٿي سگهندو هجي جڏهن ته ٿرپارڪر جا اهڙا سوين ڳوٺ آهن، جن کي پڪي رستي تائين پهچڻ لاءِ به 10 کان 15 ڪلوميٽرن جو پنڌ ڪرڻو پئي ٿو، تڏهن وڃي اهي پڪي رستي تي چڙهن ٿا ۽ اتان کان اهي مٺي جي هيڊڪوارٽر اسپتال پهچن ٿا. هاڻ جڏهن ٿر ۾ اچ وڃ واري ايڏي خراب صورتحال هجي، اتي رڳومٺي جي اسپتال ۾ مري ويل ٻارڙن جو انگ ڪيترائي درجن ٿي چڪو هجي ته پوءِ ٿرپارڪر جي باقي علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڪهڙي حالت هوندي يا انهن وٽ جيڪي ٻارڙا اجل جو شڪار ٿيندا هوندا، اهي ته اڃا ڳاڻيٽي ۾ ئي نه ايندا هوندا. ضلعو ٿرپارڪر هن وقت قدرتي آفت جو شڪار آهي، هڪ طرف ڏڪار آهي ته ٻئي طرف انساني غفلت ڪوتاهي ۽ ڪرپشن هٿرادو آفت بڻجي ٿرين تي ڪڙڪي پئي آهي. ڪٿي ٿرين لاءِ آيل ڪڻڪ ۾ مٽي ملائڻ جون خبرون منظر عام تي اچن ٿيون ته ڪٿي مدي خارج ۽ 2 نمبر دوائون استعمال ڪري ٿرواسين کي موت جي منهن ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.


اسان کي خبر ناهي ته ٿر ۾ جيڪاڪوتاهي نظر اچي رهي آهي اها سازش آهي يا هلندڙ ڪرپشن جو تسلسل آهي، جيڪا ڪرپشن هڪ ڊگهي عرصي کان ٿر ۾ هلندڙ هئي. مثال طور ٿر۾ ٿرواسين کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ جيڪي منرل واٽر جون هزارين بوتلون اماڻيون ويون هيون، اهي بوتلون مدي خارج ٿي ويون، ڪجهه منرل واٽر جي بوتلن مان ڪامورن غسلخانن ۾ وهنجڻ واري عياشي ڪئي، پر اهي بوتلون اڃايل ٿرواسين ۾ ورهائڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي وئي، ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته هٿ وٺي ٿر ۾ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون پيون وڃن ته جيئن ماڻهو بغاوت تي لهي اچن ۽ اهي به ائين پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪن جيئن وڏن شهرن ۾ ماڻهو ڪندا آهن. ليڪن اهڙي سازش ڪندڙن کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ٿرپارڪر ضلعو ڀارت جي سرحد سان گڏوگڏ آهي ۽ اهڙي حساس ضلعي ۾ ٿرواسين کي بکيو رکڻ يا ٿرواسين کي انتهاپسند بڻائڻ جو ٻنهي صورتن ۾ خطرناڪ نتيجو نڪري سگهي ٿو، ان ڪري حڪومت کي اهو نه ڏسڻ گهرجي ته اهي ڪنهن عام علائقي ۾ امدادي سرگرميون ڪري رهيا آهن.


پر کين اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن ٿر جي امداد ۾ بدعنوانين واريون خبرون عام ٿينديون رهيون، اسپتالن ۾ ٻارڙن جي مرڻ وارن واقعن ۾ ٺاپر نه آئي، سرڪار موجب ٻارن جي مرڻ جون ذميوار داين کي قرار ڏنو ويو ته پوءِ پڪ سمجهو ته جڏهن رياست ناڪام ٿيندي، نظر آئي ته پوءِ انتهاپسند قوتون انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ٿر جو رخ ضرور ڪنديون ۽ جهڙي ريت انتهاپسند اتروزيرستان ۽ وانا ۾ داخل ٿي سڄي ملڪ لاءِ خطرو بڻيا، اهي ٿر ۾ به داخل ٿي سڄي ملڪ لاءِ هڪ خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته اهو به نه وسارڻ گهرجي ته ٿر ۾ جيڪا به ڪوتاهي ٿيندي يا ڪجهه ٻين انتها پسند قوتن ٿر ۾ پنهنجيون سرگرميون شروع ڪيون ته پوءِ ڀارت به اهڙين سرگرمين کان ڪڏهن به لاتعلق رهي نه سگهندو، ان ڪري حڪومت تي پهريون فرض آهي ته اها ٿر جي صورتحال کي ميڊيا۾ ايندڙ خبرن کان پوءِ متحرڪ ٿيڻ بجاءِ انهن خبرن اچڻ کان اڳ ئي ٿر ۾ انهن حالتن تي نظر رکي جيڪي حڪومت لاءِ بدنامي جو باعث بڻجي سگهن ٿيون، ٿر ۾ ڪڻڪ ۾ جن به ڪامورن مٽي ملائي آهي، انهن هڪڙو تاريخي ڏوهه ڪيو آهي.


ٿر ۾ انسان رهن ٿا، انسانن کي مٽي کارائڻ وارن جوابدارن لاءِ کڻي قانون جي ڪتابن ۾ ڪي قلم موجود نه به هجن ۽ اهي قانوني طور تي آزاد به ٿي وڃن، پر سرڪار کي ڪرپشن، بي ايماني، سرڪاري ڪڻڪ ۾ گهوٻيون هڻڻ ۽ انسانن جي زندگين سان کيڏڻ وارن قلمن تحت ڪارروائي ڪندي کين سخت سزا ڏيڻ گهرجي، جيڪامثالي هجي باقي ڪامورن کي ڪجهه عرصي لاءِ معطل ڪري معاملو ٿڌو ٿيڻ جو انتظار کڻي حڪومت کي ڦٻي به وڃي پر قدرت اهڙن ڏوهن جي سزا ضرور ڏيندي ۽ قدرت جي لٺ بي آواز ٿيندي آهي، جيڪا ڪنهن به وقت اهڙن ظالمن تي ڪڙڪي سگهي ٿي.

ايڊيٽوريل

لاڙڪاڻي ۾ عمران خان سنڌي ماڻهن کي جاڳائي سگهيو يا نه؟؟؟



عمران خان لاڙڪاڻي ۾ پنهنجو جلسو ڪري واپس اسلام آباد پهچي چڪو آهي، لاڙڪاڻي وارو جلسو ڪيترو ڪامياب ٿيو، اهو جلسو ننڍو هو يا وڏو، تنهن تي بحث اڃا هڪ ٻه ڏينهن تائين هلندا ۽ پوءِ ماضي ۾ ٿيندڙ مختلف جلسن وانگر اهو جلسو به عوام جي بحثن جو موضوع بڻجڻ کان پري ٿي ويندو. عمران خان واري جلسي بابت جيڪا اميد ڪئي پئي ويئي اها اميد ڪيتري قدر پوري ٿي سگهي، تنهن بابت پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۽ عمران خان جي مخالفن وچ ۾ هلندڙ بحث اڃا ڪو آخري نتيجي تائين پهچي نه سگهيا آهن. اسان عمران خان پاران ڪراچي کانپوءِ سنڌ ۾ اهو ٻيو جلسو منعقد ڪرڻ تي سندس آجيان ڪندي ان ڳالهه ۾ سرهائي محسوس ڪئي هئي ته تحريڪ انصاف جي قيادت جمهوري انداز اختيار ڪندي ملڪ ۾ سياسي جلسا ڪري نه رڳو پنهنجي سگهه جو اندازو لڳائي رهي آهي، پر تحريڪ انصاف هيلتائين جيڪي به جلسا ڪيا آهن، تن جلسن ۾ سواءِ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه ۽ماراماري جي ٻئي ڪنهن به جلسي ۾ ڪا به اڻ وڻندڙ صورتحال پيدا نه ٿي آهي، جنهن مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته پاڪستان جو عوام جمهوري قدرن ۾ نه رڳو ويساهه رکي ٿو پر ملڪ جو عوام ڪنهن به پارٽي پاران ڪوٺايل جلسي ۾ نه رڳو لکن جي تعداد ۾ شريڪ ٿيئي ٿو پر اهي ماڻهو پرامن طريقي سان پنهنجي اڳواڻ جو خطاب ٻڌڻ اچن ٿا ۽ خطاب ختم ٿيڻ کانپوءِ پرامن نموني ڇڙوڇڙ ٿي وڃن ٿا.

تاريخ ساز شهر لاڙڪاڻو جتي سال ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا وڏا وڏا جلسا ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ڪونهي، ان ڪري لاڙڪاڻي جي انتظاميا تحريڪ انصاف جي جلسي جهڙا يا ان کان به وڏن جلسن جا حفاظتي انتظام ڪرڻ ۾ ماهر بڻجي چڪي آهي ۽ ان انتظاميا عمران خان واري جلسي جا بهتر حفاظتي انتظام ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته جيڪڏهن اراده مضبوط هجن ۽ انتظاميا جي فردن ۽ عوام ۾ جمهوري قدرن جو احساس هجي ته پوءِ جمهوريت کي ڪنهن به طرف کان ڪو به خطرو نه ٿو ٿي سگهي. لاڙڪاڻي واري جلسي ۾ عمران خان خيبر پختوانخواهه جي پوليس جي ته واکاڻ ڪئي پر هن کي سنڌ جي پوليس خاص طرح لاڙڪاڻي جي پوليس جي لاءِ به ٻه اکر ضرور ڳالهائڻ گهرجن ها جن انهي جلسي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ اهي سڀيئي حفاظتي انتظام ڪيا جنهن ڪري اهو جلسو شروع کان وٺي آخر تائين هڪ پرامن ماحول ۾ خير خوبي سان پڄاڻي تي پهتو، سنڌ جي پوليس ۾ کڻي ڪيتريون ئي ڪاريون رڍون شامل هجن، پر ائين به ناهي ته ڪجهه ڪارين رڍن جي بنياد تي سڄي پوليس کاتي کي تنقيد جو نشانو بڻائي، ان کي هيٺانهون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪجي پر جنهن صوبي ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت هجي تنهن جي واکاڻ ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏجي. اهڙي ريت عمران خان لاڙڪاڻي ۾ جلسو ڪندي شايد اها ڳالهه وساري ويٺل نظر آيو ته اهو لاڙڪاڻي ۾ جلسو ڪري رهيو آهي يا پنجاب جي ڪنهن شهر۾ جلسو ڪري ر هيو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس تقرير سياسي گهٽ ۽ ڪنهن اسڪولي ماستر پاران ڪلاس روم ۾ شاگردن اڳيان پڙهيل ”واهه ڙي تارا گول تارا“ وڌيڪ نظر آئي. جيتوڻيڪ هن اها دعويٰ ڪئي ته هو سنڌ کي جاڳائڻ آيو آهي، ليڪن شايد هن کي اها ڳالهه ياد ئي نه رهي ته سنڌ ته صدين کان اڳ ئي جاڳيل آهي. سنڌين جي جاڳرتا جو پهريون مثال اهو موئن جو دڙو آهي، جنهن جو پينا فليڪس هن جي اسٽيج جي پٺيان لڳل هو ۽ جڏهن هو پاڻ به خاص هوائي جهاز ذريعي موئن جو دڙو هوائي اڏي تي پهتو هوندو، تڏهن به اهي آثار هن جي اکين اڳيان ٻيهر ضرور لنگهيا هوندا.

سنڌ جا اهي قديم آثار شاهدي ڏين ٿا ته سنڌي ماڻهو 5 هزار سال اڳ اهڙي جديد ميگا سٽي ۾ رهندا هئا، جنهن جو گهٽيون پڪيون، هوادار گهر، شاندار ڊرينيج سرشتي سميت اهي وڻج واپار ۽ هنرمندي ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هئا. اهي ماڻهو ايترا ته پرامن هئا جو موئن جو دڙو جي کوٽائي دوران ڊانسنگ گرل جو مجسمو ته مليو آهي پر ڪو به موتمار هٿيار يا ان جو ڪو اهڃاڻ نظر نه آيو آهي، جنهن دور ۾ موئن جو دڙو دنيا جي گولي تي هڪ شاندار شهر جي حيثيت ۾ قائم هو، تنهن وقت ۾ دنيا جا هاڻوڪا وڏا وڏا شهرنيويارڪ، لنڊن ۽ فرانس سميت ڪنهن شهر جو نانءُ نشان به نه هو، 5 هزار سالن کان تهذيب يافتا هوندڙ قوم کي جڏهن غلام هجڻ وارو طعنو ٻڌڻ ۾ آيو، تڏهن سنڌ جي ڪيترن ئي حلقن کان هڪ ڊگهي رڙ نڪري وئي ته اسان کي غلام چوڻ وارو طعنو هڻڻ کان اڳ اهو ضرور سوچڻ گهرجي ها ته جيڪڏهن سنڌي ماڻهو ستل هجن ها يا غلام هجن ها ته پوءِ اها ڪهڙي سنڌ اسيمبلي هئي جنهن ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان اڳ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ وارو ٺهراءَ پاس ڪيو هو، جيڪڏهن سنڌ جو ماڻهو ستل هجي ها ته ماضيءَ ۾آمرن سان ورجائي ورجائي ٽڪرون کائڻ بجاءِاهي انهن جا درٻاري بڻجي ائين ئي مال ٺاهين جيئن اڄڪلهه ڪيترائي پڇ ڍايا نظر اچي رهيا آهن. جڏهن ته ڪجهه حلقن کي رڳو ان ڳالهه ۾ به دلچسپي هئي ته ڏسون ته عمران خان سنڌ ۾ غلام بڻيل ماڻهن مان ڪيترن کي آزاد ڪرائي ٿو، ليڪن ان ڳالهه کانپوءِ ڪيترن ئي ماڻهن کي ان وقت وڏي حيرت ٿي ته هو پنهنجي جلسي ۾ نه ته ڪنهن وڏي سياسي قدآور شخصيت کي پارٽي ۾ شامل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ نه ئي آزاد ٿيڻ وارن کي اسٽيج تي آڻي اهو پنهنجن ڪارڪنن کي ڏيکاري سگهيو ته سنڌ جا اهي غلام اڄ مون آزاد ڪرايا آهن،جڏهن ته خبر اها پئي ته رڳو الطاف انڙ جي پٽن عادل ۽ عدنان انڙ تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسان سمجهون ٿا ته سڄي سنڌ ڪنهن جو ”نجي جيل“ هرگز ناهي، جنهن مان ماڻهو آزاد ڪرايا وڃن يا ڪو ڪنهن ريلوي اسٽيشن جو مسافر خانو ڪونهي جو ڪو پوليس وارا ننڊ پيل ماڻهن کي لٺ جو ٺڙڪو ڪري جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري، سنڌ هڪ سجاڳ ۽ ساڃاهه وند ماڻهن جو اهو ديس آهي، جنهن جو هر هڪ ماڻهو سنڌ سان ڪمٽيڊ آهي.”اي نه مارن ريت جو سيڻ مٽائين سون تي“ يقين رکن ٿا، جڏهن ته سنڌي ماڻهن سان ماضي ۾ ايتريون ته ناانصافيون ٿيون آهن جو هاڻ سنڌي ماڻهو جو ڪنهن به واعدي تي اعتبار نه رهيو آهي، ڪو سياستدان ڪيڏا به وڏا جلسا ڪري، ڪيترائي رنگين خواب ڏيکاري يا مستقبل لاءِ وچن ڪري سنڌي ماڻهن وٽ انهن سڀني جو حق هڪ ئي جواب آهي ته ”جڏهن وسندا مينهن تڏهن ڪبيون ڳالهڙيون“ جيڪا به پارٽي يا سياستدان جيڪا به ڳالهه ڪري ٿو، تنهن ڳالهه جي پرک تڏهن ٿيندي، جڏهن اهو سياستدان پاڻ اقتداري ايوانن ۾ اڏامندو نظر ايندو. في الحال ته زمين تي رهڻ وارن کي خواب ڏيکارڻ وارو سلسلو هلندڙ آهي. عمران خان جي لاڙڪاڻي ۾ ڪيل سڄي تقرير سنڌ جي ماڻهن لاءِ رڳو ٻن لفظن تي ئي ٻڌل هئي ته ڪالاباغ ڊيم سنڌ جي مرضي کانسواءِ نه ٺهندو ۽ سنڌ کي ورهائڻ نه ڏينداسين. ڪجهه حلقن جي راءِ آهي ته عمران خان کي لاڙڪاڻي واري جلسي لاءِ جنهن به شخص بريف ڪيو.
تنهن بابت ائين معلوم ٿيئي ٿو ته هن جي پنهنجي ڄاڻ به اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرن کان شايد مٿي واري نه هئي. ڇاڪاڻ ته سنڌي ماڻهن کي خبر آهي ته سنڌ جون سڀيئي پارٽيون ڪالاباغ ڊيم خلاف پنهنجو موقف واضح ڪري چڪيون آهن، ڪالاباغ ڊيم سنڌي ماڻهن جي ٻاراڻي هوڏ ناهي، پر اهو هڪ ٽيڪنيڪل معاملو آهي. جنهن جو اسٽيج تي بيهي حمايت يا مخالفت ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو ان ڪري ان لاءِ جيڪڏهن ڪير ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪري ٿو يا مخالفت ڪري ٿو ته ان لاءِ ساڻس ٽيڪنيڪل بنيادن تي بحث ڪري سگهجي ٿو. هتي اسان اها ڳالهه ان ڪري لکي آهي ته عمران خان جيتوڻيڪ لاڙڪاڻي واري جلسي ۾ ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت جو اعلان ڪيو آهي، ليڪن تحريڪ انصاف جي ”پارٽي منشور“ ۾ اها ڳالهه واضح نموني لکيل آهي ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ گهرجي. اهڙي ريت هن جڏهن اها ڳالهه ڪئي ته سنڌ کي ورهائڻ نه ڏنو ويندو، تڏهن به اها ڳالهه رڪارڊ تي آڻڻ ضروري آهي ته سندس پارٽي جي منشور ۾ نوان صوبا ۽ انتظامي يونٽ ٺاهڻ جو واضح ذڪر ڪيل آهي.
هاڻ اهو منشور جيڪڏهن ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي ته پوءِ ياد رکڻ گهرجي، جن ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ اهو منشور ٺاهيو ويو هو ٿي سگهي ٿو ته اهي عمران خان جي حمايت ۾ آڱر کڻڻ ته پري جي ڳالهه آهي هاڻ شايد اهي پنهنجو هٿ ڇڪڻ به شروع ڪري ڇڏين بهرحال اڪثر حلقن کي اميد هئي ته عمران خان پنهنجي جلسي ۾ سنڌ ۾ ڌارين جي آيل لوڌ بابت به ضرور ڪجهه ڳالهائيندو ڇاڪاڻ ته هن وقت ڪراچي ۾ گهڻي مان گهڻا ماڻهو ”هزارمشڪل گذارا“ وارن تي مشتمل آهن ۽ جيڪڏهن عمران خان وزيراعظم ٿيو ته انهي آمد ۾ ائين واڌارو ٿي سگهي ٿو جيئن هزارا سان واسطو رکندڙ جنرل ايوب خان پاران حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ ان جي 10 سالن واري دور ۾ واڌارو ٿيو هو ۽”چل ڪراچي مڇ ڪمائي“ وارو نعرو هڻي ڪراچي۾ سوين ڪچيون وسنديون آباد ڪيون ويون هيون، جيڪي هاڻ وڌي شهر بڻجي چڪيون آهن ۽ انهن جي ئي ووٽن تي ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي، بهرحال سنڌ کي خطرو جيترو ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت سان آهي، ان کان ٻيڻو خطرو ٻاهرين صوبن کان ايندڙ ماڻهن کان آهي، جيڪي روزانو هزارن جي تعداد م اترين علائقن کان سنڌ۾ داخل ٿي رهيا آهن.
عمر ان خان پنهنجي تقرير ۾ سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو ته ذڪر ڪيو، پر ڌاڙيلن جي هٿن ۾ جهليل انهن هٿيارن جي ڳالهه وري به نه ڪئي ته اهي هٿيار خيبر پختونخواه مان سنڌ ڏانهن اچڻ جو ذميوار ڪير آهي، جيڪڏهن ڪي پي ڪي جي پوليس ايتري ايماندار بڻجي چڪي آهي ۽ اها هاڻ ڪنهن کان ٽڪو به رشوت نه ٿي وٺي ته پوءِ ڪروڙين ر پين جا اهي هٿيار سنڌ ۾ ڪنهن جي آشيرواد سان پهچي رهيا آهن ۽ انهن کي ڪو به ڇو جهلڻ وارو ناهي. اسان سمجهون ٿا ته عمران خان پاران سنڌ ۾ زمينون ورهائڻ واري ڳالهه يقينن حوصلو ڏيندڙ آهي، پر جيڪڏهن ان لاءِ به هو لاڙڪاڻي ۾ اسٽيج تي بيهي اهو اعلان ڪري ها ته سنڌ ۾ انعام ۽ نيلام ۾ ڏنل لکين ايڪڙ زمينن کي رد ڪري اها مقامي هارين کي ڏني ويندي ته يقينن سنڌي ماڻهو اها ڳالهه سمجهن ها ته تبديلي جي ڳالهه ڪرڻ وارو واقعي ڪو هوم ورڪ ڪري نه رڳو ميدان تي لٿو آهي پر سندس پاران گو زرداري گو ۽ گو نواز شريف گو واري نعري مان تبديلي جي به ڪا اميد رکي سگهجي ٿي.باقي هوم ورڪ کانسواءِ جيڪڏهن ڪو سياستدان سياست جي ميدان ۾ پير پائي ٿو ته کيس ياد رکڻ گهرجي ته اهڙن سياستدانن کي اڳڀرو ڪرڻ واراڪم ڪڍڻ کانپوءِ ائين ئي واپس گهر اماڻين ٿا جيئن شوڪت عزيز، معين قريشي معراج خالد ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي ٽن ٽن مهينن لاءِ اقتدار ۾ آندا ويا ۽ انهن کان ڪم وٺي کين ائين چلتو ڪيو ويو، جو اڄ انهن جو ڪنهن کي نالو به ياد ناهي.0

ايڊيٽوريل

ذوالفقار مرزا ڪرپشن يا 

سنڌ سرڪار خلاف ڌرڻو لڳايو آهي

هندستان جي مغل بادشاهه جهانگير حڪمراني دوران عوام کي انصاف ڏيارڻ لاءِ شاهي محل کان وٺي 12 ميلن تائين سون جي ٺهيل هڪ ڊگهي زنجير ٽنگائي ڇڏي هئي جيڪا شاهي محل ۾ لڳل هڪ وڏي گهنڊ سان ڳنڍيل هوندي هئي، ان سلسلي ۾ جهانگير بادشاهه سڄِي ملڪ ۾ پڙهو ڏياري ڇڏيو هو ته جنهن کي پنهنجي ڪا دانهن ڏيڻي هجي ته اهو انهي زنجير کي اچي لوڏي ته پوءِ جيئن ئي گهنڊ وڄندو ته بادشاهه گهنڊ جو آواز ٻڌي زنجير کي ڇڪڻ واري سائل جو فرياد ٻڌندو ۽ فوري طور تي هن کي انصاف فراهم ڪندو، جهانگير بادشاهه جي انهي عمل کي درٻاري تاريخدانن واکاڻيندي نه رڳو پنهنجا پنا ڪارا ڪيا، پر جهانگير کي هڪ عادل بادشاهه قرار ڏيندي سندس انهي عمل کي ”عدل جهانگير“ قرار ڏنو، جڏهن ته اها به حقيقت آهي ته انهن درٻاري تاريخدانن اها ڳالهه ڪٿي به نه لکي آهي ته ان زنجير کي ڪيترن ماڻهن لوڏيو يا ان زنجير کي لوڏڻ وارن مان ڪيترن کي انصاف مليو چيو وڃِي ٿو ته جهانگير بادشاهه عوام کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سوني زنجير ته ٽنگائي ڇڏي هئي، پر بادشاهه جي وانٺن ان زنجير جي آس پاس سوين ٻيا پهريدار مقرر ڪري ڇڏيا هئا ته جيئن ڪو به اها زنجير ڇڪڻ جي همت ئي نه ڪري سگهي. اسان کي اهو مثال ان ڪري ڏيڻو پيو آهي جو گذريل ڏينهن سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا بدين ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس آڏو ڪرپشن جي خلاف ڌرڻو لڳايو، جيڪو ڌرڻو بعد ۾ کلي ڪچهري ۾ تبديل ٿي ويو.
ان موقعي تي ذوالفقار مرزا ميڊيا سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر مختيارڪار ۽ تپيدار ڪاسائي بڻجي ويٺل آهن، رشوت کانسواءِ ضلعي ۾ ڪنهن جو به ڪم نه ٿو ٿئي، سندس چوڻ هو ته ڪرپشن جي حالت اها آهي جو ڄم سرٽيفڪيٽ ۽ ڊيٿ سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جا به پئسا ورتا وڃن ٿا، هن جو اهو به چوڻ هو ته ٽي ايم ايز ۾ڪرپشن عروج تي آهي، هن دعويٰ ڪئي ته مون وٽ انهن عملدارن خلاف ثبوت آهن. جيڪڏهن آئون غلط آهيان ته پوءِ اهي ڪامورا منهنجي خلاف عدالت ۾ وڃي سگهن ٿا. هن چيو ته جيڪي به ڪرپٽ ڪامورا نه سڌرندا تن کي جوتن جا هارا پارائي روانو ڪيو ويندو. هن اهو به چيو ته منهنجي ڌرڻي جو مقصد عوام کي انصاف ڏيارڻ آهي، جنهن جو ڪم نه ٿو ٿئي اهو اڄ مون سان رابطو ڪري، جنهن جو ڪم پئسن کانسواءِ نه ٿو ٿئي، ان کي پئسا آئون ڏيندس. جيڪو مون کان وٺي وڃي پنهنجو ڪم ڪرائي، ان لاءِ آئون 10 کان 15 لک رپيا ساڻ کڻي آيو آهيان، جيڪا رقم هن وقت منهنجي گاڏي ۾ پيل آهي. ذوالفقار مرزا بدين ۾ جيڪو ڌرڻو لڳايو، جنهن جو مقصد عوام کي انصاف ڏيارڻ هو، تنهن ڌرڻي دوران عوام جا ڪيترا ڪم ٿيا يا رشوت ڏيڻ لاءِ هن عوام کي ڪيترا پئسا ڏنا، جنهن کانپوءِ پئسا وٺي انهن پنهنجا ڪم ڪرايا، تنهن بابت ڪا به خبر پئجي نه سگهي باقي ”عدل جهانگير“ وانگر ”عدل مرزا“ واري هاڪ هنڌين ماڳين ضرور پکڙجي وئي.
اسان کي خبر ناهي ته ذوالفقار مرزا اهو ڌرڻو پنهنجي حڪومت خلاف لڳايو هو يا هن اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته مخالف ڌر سميت سنڌ جا اڪثر حلقا موجوده حڪومت کي ملڪ جي ڪرپٽ ترين حڪومت ثابت ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽي جا زور ته لڳائيندا رهن ٿا، ليڪن هاڻ هن به ڪرپشن خلاف ڌرڻو لڳائي اها ڳالهه ثابت ڪري ڇڏي آهي ته واقعي سنڌ حڪومت ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. اسان سمجهون ٿاته ذوالفقار مرزا جيڪو قدم کنيو آهي يا جنهن ڪرپشن جي نشاندهي ڪئي آهي، اها رڳو بدين ضلعي ۾ ناهي، پر سنڌ جو هاڻ ڪو به ضلعو ڪرپشن کان آجو ناهي، سنڌ ۾ ڪنهن به ماڻهو جو ڏوڪڙن کانسواءِ ڪو به ڪم نه ٿو ٿئي، ايتري تائين جو پ پ تي نوڪريون وڪرو ڪرڻ وارا جيڪي به الزام لڳا آهن، تن الزامن جي جاچ لاءِ سنڌ سرڪار اڄ ڏينهن تائين ڪا به جاچ نه ڪرائي آهي، ايتري تائين جو نوڪري لاءِ”پيپلز فارمولو“هر ڪنهن جي وات وائي آهي، يعني ته هڪ گريڊ واري نوڪري هڪ لک رپين ۾ 7 گريڊ واري 7 لک رپين۾ 17 گريڊ واري نوڪري 17 لک رپين ۾ وڪرو ڪرڻ واريون خبرون عام آهن. اهڙي ريت بدلين لاءِ به اها رقم گريڊ جي حساب سان ٻيڻ تي وٺڻ وارا الزام کڻي اقتداري ايوانن تائين نه پهچندا هجن، پر عوام جي عام حلقن ۾ اڄڪلهه اهي ئي نرخ ٻڌايا وڃن ٿا، جيڪي نرخ ڪڏهن به ٻاڙائي جو شڪار نه ٿياآهن، پر اهي ڏينهون ڏينهن وڌندا نظر آيا آهن. چيو وڃي ٿو ته سنڌ سرڪار ڪرپشن کي هٿ وٺي جيڪا ڇوٽ ڏني آهي، تنهن موجوده حڪومت لاءِ ڪاٽو مارڪن ۾تمام گهڻو اضافو ڪيو آهي. بهرحال ذوالفقار مرزا کي ڌرڻو لڳائڻ جي نوبت ڇو پيش آئي آهي، تنهن بابت ته هن اندروني وضاحت ڪا به نه ڪئي آهي، ليڪن اهو سوال ضرور پيدا ٿيئي ٿو ته ڇا سندس وني ايم اين اي فهميدا مرزا ۽ سندس پٽ ايم پي اي حسنين مرزا جي هوندي به عوام جا ڪم نه ٿين ۽ ڪامورا ايترا زور ٿي وڃن جو اهي رشوت ذريعي پنهنجا گهر ڀريندا نظر اچن ۽ ڪنهن جو وار به ونگو نه ٿيئي ته پوءِ ڇا سمجهجي ته اهي ڪامورا آخر ڪنهن جي ڏڍ ۽ هشي تي عوام کي لٽي ۽ ڦري رهيا آهن.
اسان جي خيال ۾ ذوالفقار مرزا ڌرڻو لڳائي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ضلعي ۾ ڪرپشن ڪندڙ ڪامورا سنڌ جي اعليٰ قيادت جي سهڪار سان اهو سڀ ڪجهه ڪري ر هيا آهن؟ اهي ڪامورا جيڪو ڪجهه ڪرپشن ذريعي ڪمائي رهيا آهن، اهي مٿئين سطح تي سڀني کي پنهنجو حصو پتي پابندي سان پهچائي رهيا آهن؟ جيڪڏهن اها ڳالهه ائين ناهي ته پوءِ ذوالفقار مرزا ثبوت هوندي رڳو هڪ فون تي ڪنهن به ڪاموري کي ضلعو بدر ڪرائي پئي سگهيو، پر هن ائين ڪرڻ بجاءِ ڌرڻو هڻڻ وارو دڳ ورتو، جيڪو ڪامورن لاءِ ته خواري جو ايترو وڏو سبب نه بڻبو جيترو اها خواري سنڌ سرڪار جي کاتي ۾ لکي ويندي. ٿي سگهي ٿو ته ذوالفقار مرزا اهو سڀ ڪجهه نيڪ نيتي سان ڪيو هجي، پر سندس خلاف سازشون ڪندڙ مٿس اهي به الزام لڳائي سگهن ٿا ته هن اهو سڀ ڪجهه پنهنجي پٽ حسنين مرزا کي مستقبل ۾ وڏ وزارت جو سگهارو اميدوار ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪيو آهي. اسان جي خيال ۾ جيڪڏهن اهو الزام اڳتي هلي ائين ئي ثابت ٿيئي ٿو ته پوءِ ذوالفقار مرزا جيڪو حڪومتي حلقن ۾ ڏينهون ڏينهن تڪراري بڻجي رهيو آهي، اهو وڌيڪ تڪراري بڻجي سگهي ٿو.